لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لوچي لڌم لال

لوچي لڌم لال، سنڌي شعبي جي ليڪچرار محترم رياض حسين ڪلهوڙي جو تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن تي مشمتل ڪتاب آھي. ھِي ڪتاب جنوري 2023ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سنڌسلامت سٿ، ليکڪ جو ٿورائتو آھي جنھن سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھِيءُ ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ سافٽ ڪاپي پڻ موڪلي ڏني.

Title Cover of book لوچي لڌم لال

سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾اصطلاحن/محاورن جو تحقيقي جائزو

سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾اصطلاحن/محاورن جو تحقيقي جائزو

ABSTRACT:
Sachal Sarmast is a renowned saint scholar his poetry was based proficiency technical excellence and artistic studies, it is well known that in Sachal Sarmast’s poetry the features and characteristics of the Sindhi language are well-integrated and well-integrated. In his poetry, He combines the sensibilities of the language with the social sensibilities. The poem of Sachal Sarmast is the embodiment of poetry and indulgence. In the poem of Sachal Sarmast, the phrase and adornment that has arisen with the terminology and idiom is found to be an example. Attraction and the sentimentality are due to myths, sayings, terms, idioms, interpretations, metaphors, interpretations and parables in his Poetry.Idioms, Phrases and Terms are an important part of the language. There may be a language in the world that they do not use. Poetry consisting of words and phrases, recipes and restrictions, expressions and metaphors, the appearance and texture of words; Definitions and languages are used to describe, to convey, to influence, to create emotion.
چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسون ٻوليءَ جو اهم حصو ھوندا آھن. دنيا ۾ شايد ئي ڪا اھڙي ٻولي ھجي، جنھن ۾ انھن جو استعمال نه ٿيندو ھجي. شاعريءَ ۾ صنايع ۽ بدايع، ترڪيبون ۽ بندشون، تشبيھون ۽ استعارا، لفظن جي بيهڪ ۽ بناوت؛ بيان ۽ زبان جو چسڪو، معنيٰ ڏيڻ، اثر وٺڻ، مٺاس ۽ چشڪو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. انجنيئر عبدالوهاب سهتي، ٻوليءَ جي حسناڪين بابت لکيو آهي ته:
”ٻولي، سلاست ۽ بلاغت جي پد تي تڏهن پھچندي آهي، جڏهن منجهس قدامت ۽ جدت جي آميزش سان ڌرتيءَ تي مروج اصطلاح ۽ ورجيسون، استعارا ۽ ڪنايا، تشبيهون ۽ تمثيلون، پھاڪا ۽ چوڻيون، منڊيءَ تي ٽڪ جيان ٽانڪي ۽ ٽوپي سجائجن“.(1)
مهذب معاشري ۽ شاهوڪار ٻولي جي ٻين اهم نشانين سان گڏ اها به هڪ نشاني آهي ته، ان سماج جي ريتن رسمن متعلق اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هجن. سنڌي ٻوليءَ کي ان جي سماج ۾ مٿين معيار موجب پرکڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا اڪيچار اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، جن ۾ سنڌي سماج جون ريتون رسمون نمايان آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آسودگي بيان ڪندي ڊاڪٽر غلام قادر سومري لکيو آهي ته:
”سنڌي انيڪ خوبين سان سنواريل سينگاريل هڪ وسيع زبان آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اڪيچار خصلتن مان ڪهڙيون ڳڻائي ڪهڙيون ڳڻائجن. سنڌي ٻوليءَ کي اهو اعجاز حاصل آهي ته، ان ۾ هر موضوع تي جھجھو مواد ملي ٿو. سچ ته ”وکر“ ونڌيو پيو آهي.“(2)
اساسي شاعريءَ جيان اصطلاح ۽ محاوري جون پاڙون به سماج ۽ فطرت سان جڙيل هونديون آهن. قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جيان سچل سرمست به پنهنجي شاعريءَ ۾ محارون ۽ اصطلاحن کي ڪتب آندو آهي. سچل سرمست سري جو سرموڙ ۽ شاهه لطيف کانپوءِ سنڌي ٻولي جو هڪ عظيم شاعر هو. هن نه رڳو سنڌي زبان ۾ شعر چيو، پر پارسي، سرائڪي، اردو ٻولين ۾ به بلندپايه شاعري ڪئي. هن جو شعر وحدت الوجود ۽ تصوف جو آئينه دار آهي. بيتن ۽ ڪافين ۾ فني گهرائي به آهي ته فڪري وسعت به آهي. اهو ئي سبب آهي جو سچل جو ڪلام عالمن ۽ اديبن جو محور رهيو آهي. پهاڪن ۽ اصطلاحن جي اهميت بيان ڪندي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته:
”سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڳچ جيترو خزانو، سندس اصطلاحن ۽ پهاڪن ۾ سمايل آهي. اڪثر انهن ۾ نج سنڌي ڪم آيل آهي. هن وقت تائين فقط ڏيڍ هزار کن پهاڪا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. مصنف هيستائين ايترا ٻيا به ڪٺا ڪيا آهن، پر پهاڪا اڃا گهڻا آهن ۽ منجهن وڏي فيلسوفي سمايل آهي. پهاڪن ڪم آڻڻ ڪري مضمون سلوڻو ۽ سوادي ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي يا ڌرمي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن“.(3)
سنڌ جي اساسي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسون ڪتب آڻي، سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ اخلاقي پهلوئن جا عڪس چٽيا آهن. سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪي شاعرن سان گڏ سچل سرمست به عوامي ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. سچل به فطرت سان گڏ سماج ۾ موجود ريتون رسمون ڳايون آهن. ڊاڪٽر مهر خادم لکيو آهي ته:
”سچل سائين پوري ڌرتيءَ ۽ آسمان جي حسناڪين کي پنهنجي شاعري ۾ جڳهه ڏني آهي. هو جتي ڌرتيءَ جي ماڻهن، پکين،، گلن، جانورن، رنگن ۽ سونهن جو ذڪر ڪري ٿو، اتي آسماني سج، چنڊ، تارن، سيارن، ڪهڪشائن ۽ عرش ڪرسيءَ کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي ٿو“.(4)
سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ سماجي حسناڪين سان گڏ ٻوليءَ جي حسناڪين کي به سمايو آهي. سچل سرمست جي شاعري صنايع و بدايع جو ڀنڊار آهي. سچل سرمست جي شاعري ۾ اصطلاح ۽ محاوري سان جيڪا زيب و زينت پيدا ٿي آهي، تنهن جو مثال ملڻ محال آهي. سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ جيڪا سحر انگيزي، ڪشش ۽ جاذبيت آهي، سا پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، محاورن، تشبيهن، استعارن، تلميحن ۽ تمثيلن جي بدولت آهي. سچل سرمست جي شاعري ۾ ڪم آيل اصطلاحن ۽ محاورن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو. سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 1995ع ۾ شايع ٿيل ”سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام“ مان سچل جي شاعريءَ جا مثال ڏنا ويا آهن. مثالن سان گڏ صفحي جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. جيئن پڙهندڙ کي پڙهڻ ۽ ڳولڻ ۾ ڪا دقت پيش نه اچي.

”ڪانگ اڏائڻ“
اوسيئڙي يا انتظار ۾ ويهڻ، نياپو موڪلڻ، قاصد روانو ڪرڻ، پيغام موڪلڻ، واجھائڻ، اڪير هئڻ، اوسيئڙي ۾ هئڻ، بدسوڻ لڳڻ، برائيءَ جا آثار نظر اچڻ، بڇڙا سنوڻ هئڻ.
”سيئي سچل آئيا، جن لئه ڪانگ اڏايم“(ص 71)

”پير گھمائڻ“
قدم گھمائڻ، هلڻ، گھمڻ، سير ڪرڻ، اچي برڪت بخشڻ برڪت وارو ڪرڻ. ڪنهن بزرگ شخصيت جو ڪنهن وٽ وڃڻ.
”پاڻئون ڄاڻي پير گھمايم، سرهو ڪيڙم سير“(ص 77)

”جوڳ پچائڻ“
ڏاکڙا ۽ ڪشالا ڪرڻ، تڪليفون وٺڻ. جيڪو رات ڏينھن سر ڌڙ جي بازي لڳائي جوڳ ٿو پچائي اهو به اڄڪلهه مَسَ مَسَ ٿو پنھنجو ننگ ناموس بچائي.
”جوڳي ٿي ڪر جوڳ پچايم، ڏاڍو ڪيم انڌير“(ص 77)

”لاڳاپا لاهي بيهڻ يا لاڳاپا لاهڻ“
آسرو يا ڊپ لاهي بيهڻ، لڄ لاهڻ، بي حيا ٿي بيهڻ، خواري کڻڻ، بدنامي کڻڻ.
”ڇڏ سڀ لاڳاپا لاهي، اهو وڃڻ ته واجب ناهي“.(ص 80)

”ڏونگر ڏورڻ“
جبل جھاڳڻ، تڪليفون سهڻ
”سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪي ڙي ڪنهن لاءِ“ (ص 86)

”منهن ڦيرڻ يا منهن ڦيرائڻ“
منهن ٻئي پاسي ڪرڻ، منهن موڙڻ، بي رخي اختيار ڪرڻ، ناراضپو ڏيکارڻ، ناراضگي ڏيکارڻ.
”ڪهڙي ڳالهيون ويڙيچن ڏنهن، منهن ڦيرايئي مايا“ (ص 86)

”پِير پُڇڻ“
پيرن تي وڃي دعائون گھرڻ، بزرگن جي تلاش ڪرڻ، مراد حاصل ڪرڻ لاءِ روحاني حيلا وسيلا اختيار ڪرڻ.
”اهي اڱڻ منهنجي آيا، جن جي ڪاڻ پِير پچايم ٿي“ (ص 88)

”ورهه وهائڻ“
عشق پرائڻ، عشق ونڊڻ
”ورهه وهايم جيڏيون، پوءِ پرجھڻ پئي“. (ص 96)

”مچ مچڻ“
باهه دکڻ، باهه ٻرڻ، عشق ۽ محبت ۾ گرفتار ٿيڻ، فساد وڌڻ، جھيڙو ٿيڻ، دل ۾ درد جو پيدا ٿيڻ
”اديون آتش عشق جا، من ڪي مچ مچن ٿا“. (ص 100)

”اکين ۾ جايون اڏڻ“
سڪ ۽ سچائيءَ ساڻ آجيان ڪرڻ. گھڻو پيار ڪرڻ، گھڻو ڀانئڻ
”تنهنجي اچڻ جي ڪاڻ مون، جايون سي اکڙين ۾ اڏيون“. (ص 102)

”رت روئڻ“
رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ، تمام گھڻو روئڻ، زارو زار روئڻ، سخت صدمو رسڻ، گھڻو ڏک ڪرڻ، هنجون هارڻ، سخت پشيمان ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ.
”انهن ڪارڻ جيڏيون، اکڙيون رت روئن“. (ص 102)

”هنجون هارڻ“
ڳوڙها ڳاڙڻ، روئڻ، راڙو ڪرڻ، لڙڪ وهائڻ، جھڄڻ
”ويٺي ڳرهيان ڳالهڙيون، هنجون هت هاريون“. (ص 104)

”پيچ پائڻ“
نينھن لائڻ. پيچ پائجي ته توڙ نباهجي ۽ ائين نه ٿئي جو پيچ در پيچ سُڪَ پئجي وڃي ته پوءِ هٿوڙن ۽ مترڪن سان ويٺو ماڻھو ان کي ڀڃي.
”ڪا گھڙي نيباهه نه ڄاڻج، پيچ نه تنهن سان پاءِ وي“ (ص 105)

”اک اڙائڻ“
نينهن لڳائڻ، اک اٽڪائڻ، عاشق ٿيڻ، تڪڻ، ڏسڻ
”دردمنديءَ جي دل توئي سان، اکن اڙائي آڻي“ (ص 117)

”رت ريلا ڏيڻ“
تمام گهڻي خونريزي ٿيڻ، رت ڇاڻ ڪرڻ. چون ٿا ته هلاڪو بادشاهه هلان ڪري هندستان ۾ ايتري ته رتڇاڻ ڪئي هئي جو گهٽي گهٽي ۾ رت ريلا ڏئي پيو وهي ۽ جيڪو ماڻھو پيو اهو واقعوڏسي رڳو رت ۽ رت پيورُئي.
”سچل اکڙين مئون ٿيا، ريلا رت روان“. ( ص 121)

”رنگ لائڻ“
فيض پھچائڻ، جوهر پيدا ڪرڻ. بزرگن جي صحبت پنھنجو نيڪ اثر هرگز نه ٿي وڃائي ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙو ته رنگ ٿي لائي جو انسان کي سج چنڊ کان به وڌيڪ ٿي چمڪائي
”دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو“ (ص 121)

”ڪمر ٻڌڻ“
همت ڪرڻ، ڪمر ڪشڻ، مردانگي ڏيکارڻ، بهادري ڏيکارڻ، جرئت ڏيکارڻ، پاڻ پتوڙڻ، ڪوشش ڪرڻ، سعيو ڪرڻ، سندرو ٻڌڻ، بيٺ ٻڌڻ، آماده ٿيڻ، تيار ٿيڻ، سنبرڻ، ڪمر ڪسڪ (صفت)، ڪمزور چيلهه وارو،نستو، بي ستو، ضعيف، لاغر، هيڻو، اڀرو، ڏٻرو. هن ته ويچاري ڏاڍي ڪمر ٻڌي هئي پر اوچتو جو هن جي ڪمر ٽٽي پئي ته وري سڌي ٿي نه سگهي.
”ڪمر جا ٻڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نيئي سر ڏنائون لاٿائون ميار“. ( ص 122)
”وک وڌائڻ“
پير ڀرڻ، وڌيڪ ڀائيچاري جو قدم ڀرڻ، برادريءَ ۾ وڌي هلڻ
”مي جا پيتائون، سي سهرا ڳيتائون، وڏي وک وڌائون، پاڙيائون قرار“ ( ص 122)

”رنگ رلائڻ“
مزو ڪرڻ، خوشي ڪرڻ، لطف اندوز ٿيڻ، عيش ڪرڻ، رنگ رليون منائڻ
”منجھون حب هلياسي، ماري چوٽ چلياسي، وڃي رنگ رلياسي، تنين هي تنوار“. (ص 122)

”منهن موڙڻ“
منهن ڦيرائڻ، پاسو ڪرڻ، موڙو ڪرڻ، رخ مَٽڻ
نشانا گوڙيائون، منهن نا موڙيائون، ٻئي هٿ ٻڌايون، ڪٺا قرب دار“. (ص 122)

”هٿ ٻڌڻ“
منت سماجت ڪرڻ، عرض يا وينتي ڪرڻ.
نشانا گوڙيائون، منهن نا موڙيائون، ٻئي هٿ ٻڌايون، ڪٺا قرب دار“. (ص 122)

”لنو لائڻ“
عيب لائڻ، ڏوهي ڪرڻ، مياري ڪرڻ
پاڻئون ڄاڻي پاڻ سان هت، لنو تا لائڻ آيو“. (ص 129)

”ورهه وسائڻ“
وڇوڙي جي برسات وسائڻ، زار زار روئڻ، محبت ۾ سور سهڻ، درد ڪاٽڻ، هاءِ دوس ڪرڻ.
”عرش منجھارون الهي هت، ورهه وسائڻ آيو“. (ص 129)

”رنگ رچڻ“
رنگ جو چڱي طرح اثر ٿيڻ، رنگ لڳڻ، رنگ چڙهڻ، رنگ وهڻ، رنگ ڄمڻ، رنگدار ٿيڻ، رنگين ٿيڻ، محفل ڄمڻ، تماشو شروع ٿيڻ، مجلس مچڻ
”سڙن سگھن ڪين ڪي، اهڙي رنگ رچن“. (ص 149)

”چت چائڻ“
دل کڻڻ، منهن موڙڻ،
”پرين ڏسج پاڻ ڏي، چت نه وڃ مون تئون چائي“. (750)

”ٻارڻ ٻارڻ“
اندر ۾ عشق جي باهه ٻاري ڇڏڻ
”ياد ڪريندي تن کي، ٻارڻ ڄڻ ڄاريا“.(ص 353)

”پير ڀرڻ“
قدم کڻڻ، ٿورو ڪرڻ، لائق ڪرڻ، مهرباني ڪرڻ
”ڀلي پير ڀريان انهيءَ ويلي اوڏهين“(ص 372)

”ڏکڙا ڏرڻ“
ڏک ڏسڻ، تڪليون سهڻ، سور سهڻ
”اوهان ٻاجھون سپرين، ويٺي هت ڏکڙا ڏوريان“(75)

”ڏلهي ڇڏڻ“
ڀري ڇڏڻ، پيٽ ڀري کائڻ
”ڏلهي ڇڏيو ڏٿ سان، ڏوٿين ڏيا“. (ص 328)

”گھوڙا گھوڙا ڪرڻ“
پڪار ڪرڻ، دانهن ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ، مدد لاءِ زور سان آواز ڪرڻ، فرياد ڪرڻ، روئڻ پٽڻ، ارمان ڪرڻ
”گھوڙا ڙي گھوڙا، جو مون هن مستانو ڪيو“(پورب)

”لقب لائڻ“
لڄائڻ، ٽڪو لائڻ، عيبدار ڪرڻ، عيب لڳائڻ، گلا ڪرڻ، بدنام ڪرڻ
”هت پنهوارن ريءَ پاڻ کي، ڪيها لقب لايان“.(ص 354)
سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ اصطلاحن ۽ محاورن کي ڪتب آڻي، پنهنجي شاعريءَ کي لساني آسودگي بخشي آهي. اصطلاحن ۽ محاورن، سندس ڪلام کي ظاهري توڙي باطني حسن سان سرشار ڪيو آهي. اساسي شاعرن جِي مالها جي هن موتيءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ انوکا، نيارا ۽ نت نرالا اصطلاح ۽ محاورا ڪتب آڻي سنڌيءَ ٻوليءَ جي آبياري ڪئي آهي.



حوالا:
1. سهتو، عبدالوهاب انجنيئر. ”شاهه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر“. حيدرآباد: رومي پبلشرز 2021ع، ص 13
2. سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر. ”سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو سماجي ڪارج“. حيدرآباد: سنڌي لئينگئيج اٿارٽي، 2003ع، ص 9
3. آڏواڻي، مهرچند، ڀيرومل. ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“. ڃامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2018ع، ص 166
4. مهر خادم، ڊاڪٽر. ”سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ انسان شناسيءَ واريون ڪيفيتون“. حڪومت سنڌ: ثقافت ۽ سياحت کاتو، 2016ع، ص 14