نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شاعري جو اڀياس
Abstract:
نواز علي ”نياز“ جي سفر حيات تي نظر ڪجي ته، سندس نالي سان گڏ سن لکيو وڃي ٿو 1892ع کان 1959ع. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جو دؤر عروضي شاعريءَ جو دؤر هو. ”نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شعر جو اڀياس، سندس دؤر جي ادبي تاريخ جي روشني ۾ پيش ڪجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ۽ سندس شعر جو جائزو وٺڻ ۽ نتيجا اخذ ڪرڻ ۾ سهنجائي ٿيندي. هن دؤر کي جيڪڏهن عروضي شاعريءَ جي تحريڪ جو دؤر چئجي ته بي جا نه ٿيندو. هن دؤر ۾ علم عروض، تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي ۽ جمعيت الشعراءِ ۽ ان سان الحاق رکندڙ مشاعرن، هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.عروضي شاعريءَ جي مختلف صنفن خاص ڪري غزل ترقي جا ڏاڪا چڙهيو. جيڪڏهن هن دؤر جي شاعريءَ جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿئي ٿو ته:
1. هي دؤر جي غزل ۾ قافيه پيمائي جو دؤر هو ۽ قافيا پيمائي تي زور ڏنو ويندو هو. هڪ طرح قافيو ان جو هڪ اعليٰ معيار ۽ اهم پيمانو هو.
2. سنڌي شاعريءَ ۾ اردو شاعريءَ جو عمل دخل هو. ڪيترن ئي شاعرن، اردوءَ جي شاعرن جھڙوڪ طفر، ذوق ۽ داغ جو سڌو سنئون اثر قبوليو. هن دؤر تي اردو شاعرن جو ڌاڪو ڄميل هو.
3. مبالغي آرائي جو حد کان وڌيڪ استعمال ٿيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو، هن دؤر جي شاعريءَ ۾ بي اثر، اڻ سهائيندڙ ڳالهيون عام هونديون هيون ۽ وڏي چاهه سان، چاشني ملائي پيش ڪيون وينديون هيون.
4. هن دؤر جو شعر نفيس مضمون کان عاري ملي ٿو. ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر هئا، جن جو شعر ٻه واٽي تي بيٺل هو، يعني انهن ۾ مٿين ڳالهين جو استعمال به هو، ته انهن کان بغاوت به هئي، يعني، انهن جو شعر قدامت پسند به هو ته منجھن جدت جو عنصر به هو. اهڙا شاعر به وري ٻن قسمن جا هئا. هڪڙن جي شعر ۾ قدامت وڌيڪ ۽ جدت جو عنصر نالي ماتر هو. ٻين شاعرن جي شعر ۾ قدامت ۽ جدت برابر برابر هئا.
چوٿين نقطي موجب، نواز علي ”نياز“ جو شمار ٻئي قسم جي شاعرن ۾ هو، يعني وٽس قدامت به هئي ته جدت هئي. پاڻ جدت کي ترجيح ڏنائين. اڄ به سندس نالو جدت پسند شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو. انهن، ڏينهن ۾ جدت واري واٽ گھڙڻ يا نئون رستو اختيار ڪرڻ وڏي دليريءَ جو ڪم هو، ڪي ٿورا شاعر هئا، جن اهڙو رستو اختيار ڪيو. نواز علي ”نياز“ جعفري اهڙن شاعرن جي پهرين صف مان هو.
نواز علي ”نياز“ جعفري، ڪيترين ئي مروج روايتن کان باغي ملي ٿو. هن وٽ اردوءَ جي شاعرن جي تقليد نه ٿي ملي، نه وري هو ڪنهن کان متاثر ٿو ملي. سندس انداز پنهنجو اصلوڪو يا داخلي آهي ۽ همعصرن جي ڀيٽ ۾ نرالو آهي. هو مبالغي آرائي کان پاسيرو آهي، جڏهن ته انهيءَ زماني ۾ مبالغي آرائي کي فن جي حيثيت حاصل هئي، تنهن ڪري ان کي هٿان به نه ڇڏيو اٿس. سندس ڪلام نفيس مضمون سان ڀريو پيو آهي. هي شعر ئي کڻي ڏسجي:
“انــصـاف ســان جــنــت جــو مان، حقدار نه آهيان
بــخــشــي نــه ســگهيــن، اهــڙو گنهگار نــه آهيان
هستـي ٿـي سڄـو خـواب، پيان مئي به تڏهن ٿو،
ٿـيــنـدو نــه ڪــڏهــن ڏوهـه جـو، بيـــدار نـه آهيــان”.(1)
شعر ڪيترو نه حقيقت جي ويجھو آهي. روزيءَ جي لاءِ ماڻهوءَ کي ڪيترا نه جتن ڪرڻا پون ٿا. انهيءَ لاءِ انسان کي اهڙا ڪم ڪرڻا پون ٿا جيڪي سندس شان ۽ مان وٽان ناهن. کيس روزي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ ٽنگيندو ڏسي، انسان ۾ سمايل خودي ختم ٿيندي ڀاسي ٿي ۽ هن کان اهو سَٺو نه ٿو ٿئي. سندس انسان دوست دل تڙپي اُٿي ٿي. چوي ٿو ته:
“پاڻ کي ڇو رزق جي لئه ٿو نوائين ايترو،
پنهنجي خود داري نه ڪر برباد دل جا پکي”.(2)
هي مثال ثابت ڪن ٿا ته ”نياز“ جو ڪلام انسانيت جي جذبي سان سرشار آهي. سندس شعر ۾ درد ڀريون ڪيفيتون، آهه و زاري بي انداز آهي. هن جو محبوب ٻيو ڪو نه، پر ڪائنات جو ڪارڻي محمدﷺ آهي. سندس عقيدو آهي ته اها ذات اقدس دنيا جا دک درد، ڏک ڏولاوا، ڏرت ۽ ڏڪر هٽائيندڙ ميٽائيندڙ آهي.
دُور هــڪ دم درد دل وارو ســردار ڪــر،
سار لهه دم دم دولاور، رحم ڪو هڪ وار ڪر.(3)
توڻي جو انهيءَ زماني ۾ گل و بلبل جو ذڪر شعر جو اصل پيمانو سمجهيو ويندو هو، تنهن زماني ۾ ”نياز“ پنهنجي شعر ۾ روايت کان بغاوت به ڪرڻ نه ٿي چاهي، نه وري جدت کان منهن موڙڻ ٿي چاهيو، تنهن ڪري سندس شعر ۾ ٻٽو تاثر آهي. اهو ئي سبب آهي جو وٽس گل و بلبل ۽ نرگس جو مضمون جدت سان ملي ٿو. اهڙو هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو.
دل چيو توبهه ڪيم، پر مون کي ناهي اعتبار
ڇو ته دل کــي مــون جــو آهـي آزمـايـو بار بار
نـــرگس بيـــمــار کي هيـڪر ڏسي جي باغ ۾
ڇا چوان ان دم وڌي ٿو منهنجي دل جو انتطار. (4)
ٻي ڳالهه سا اها آهي ته نواز علي ”نياز“ جنهن دؤر ۾ شعر جي دنيا ۾ کيڙيندي ملي ٿو، اهو، دؤر قومي بيداري جو دؤر هو، آزادي جون ڪيئي تحريڪون زور تي هيون، پوءِ وري ورهاڱو ٿيو. هن خطي ۾ تمام گھڻي اٿل پٿل ٿي، يعني هي دؤر سياسي ۽ سماجي شعور جو دؤر هو. نواز علي ”نياز“ يقينن انهيءَ ۾ حصو ورتو ۽ قومي بيداري جو نوعيت جا شعر سرجيا اٿس. ”نياز“ جي شاعريءَ ۾ فلاح، اصلاح ۽ تنقيد جا ڀنڊار سمايل آهن:
ٿو ٿئي افسوس هر ڪنهن ڳوٺ جي حالت ڏسي،
هڪ طرف هاريءَ جي غربت ٻئي طرف محنت ڏسي،
ٿي لڳي حيرت زميندارن جي ڀي غفلت ڏسي،
عيش عشرت ۾ وڃائيندو سڄي دولت ڏسي،
جن کي ناهي تندرستيءَ سان گذارڻ جو خيال،
ڪئن ڪندا سي ڳوٺ پنهنجي جي سڌارڻ جو خيال. (5)
نواز علي ”نياز“ جعفري جي شاعريءَ ۾ گل و بلبل جو ذڪر به آهي، ته منجهس حسن جي پرشتش جو اظهار به آهي، مجازي عشق جي مام ۽ مهميزون به آهن، پر سندس شعر ۾ جيڪو رس ۽ رچاءُ آهي، سلاست، سنجيدگي۽ اظهار جي توانائي آهي، تنهن کي نظر انداز ڪرڻ نه گھرجي.
ڇڏي ويا مون کي غربت ۾ زمين وارا، زمان وارا
ڏســـي مــون تــي ستــارا ڀي کلــن ٿــا، آســمــان وارا
سدا منهنجي ئي گھر تي ڇو فلڪ بجلي ٿو ڪڙڪائي
رهــــن ٿــــا بـــــاغ عـــــالـــــم ۾، ٻيـــــا ڀـــي آشيـــــان وارا. (6)
سنڌ ڌرتي جي خمير ۾ تصوف جو رنگ رچيل آهي. عروضي شاعر هجي، عوامي شاعر هجي يا سگھڙ، سندس شعر تصوف جي رنگ ۽ انگ کان خالي ناهي هوندو. جيڪو به ساڃاهه وند شاعر هوندو، سندس شعر ۾ صوفياڻو عنصر ضرور سمايل هوندو. نواز علي ”نياز“ جي شعر ۾ صوفياڻو رنگ سمايل آهي. هن صافياڻه موضوعن کي جھڙي طرح غزل جي صنف ۾ نڀايو آهي، سو هڪ ڪارنامو آهي.
فنا ۽ بقا جو مسئلو، سنڌي صوفي شاعرن نهايت اثرائتي نموني بيان ڪيو آهي. شاهه لطيف ان کي هيئن بيان ڪري ٿو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات
هـــوندا سي حيـــات، جيڻـــا اڳــي جي جيا. (7)
نواز علي ”نياز“ به هن مسئلي کي بيان ڪيو آهي، سندس بيان نيارو ۽ نرالو آهي. اهو هيئن آهي:
اڳي اجــل کــان فنــا ٿئي جو نفس کي ماري،
انهيءَ ئي موت ۾ ٿو زندگيءَ جو راز رهي. (8)
يعني مرڻ کان پهرين پنهنجي نفس کي ماري غيرفاني حياتي ماڻڻي آهي. صوفين پنجن شين کان سخت منع فرمائي. صوفي چون ٿا ته پنج شيون انسانيت جون دشمن آهن، تنهن ڪري انهن کان پاڻ بچائڻ گھرجي. جن مان هڪ آهي ڌن ۽ دولت. ان کي ساميءَ ”مايا جو موهه“ ۽ لطيف ان کي ”ڍونڍ“ ڪوٺيو آهي ۽ پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي. نواز علي ”نياز“ به لطيفي واٽ جو پانڌيئڙو آهي، هو دنيا جي طلب کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندي، چوي ٿو ته:
اي دل تون سدا رهج خبردار الهه لڳ،
دنيا جي نه تون رهج طلبگار الهه لڳ. (9)
ٻي، ”نفسياتي خواهش تي ضابطو رکڻ“، صوفي چون ٿا ته پاڻ تي ضابطو ضروري آهي. سامي ان کي ”ڪام“ ڪوٺيو آهي ۽ منع ڪيو آهي. شاهه لطيف نفسياتي خواهشن کي اٺ سان ڀيٽيو آهي. هي مضمون نواز علي ”نياز“ جعفري وٽ هن طرح ملي ٿو:
پنهنجي ٻيڙي درد جي دريا ۾ تون تاري ته سگهه،
جي بهادر آهين پنهنجي نفس کي ماري ته سگهه. (10)
لطيف چوڻي پاڻي جي قيد جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته:
جهڙو قيد الماءِ، تهڙو بند نه ٻئو. (11)
هي مضمون نواز علي ”نياز“ جعفري وٽ هن طرح ملي ٿو:
جيڪي ٿيڻو آهي ٿي رهندو نه ٽهندو سو ڪڏهن،
جــو لکيو تـقـديــر سـو ميـٽـي يـا مسـاري تـه سـگهه. (12)
لطيف ڊگھا پير ڪري سمهي رهڻ کان منع فرمائي ٿو. ننڊ نڀاڳ جي نشاني آهي. تنهن ڪري ننڊ ايتري نه ڪجي. نواز علي ”نياز“ اها ڳالهه نرگس جي تشبيهه سان هن طرح بيان ڪري ٿو:
گلشن ۾ سبق اهڙو تون نرگس کان سکي ڇڏ،
جئن هوءَ ٿــي رهـي، رهـج تـون بيـدار الهه لڳ. (13)
لطيف ڇوي ٿو:
“سا سٽ نه سارين الف جنهن جي اڳ ۾”. (14)
يا
“سا سٽ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾“ (15)
اها سٽ آهي ”الست به ربڪم“ انسان ازل واري ڏينهن وچن ڪري آيو، هن دنيا ۾ اچي، هُواهو وچن وساري ويٺو. لطيف انهيءَ ويسر جي ياد ڏياري ٿو. ساڳيو مضمون نواز علي ”نياز“ جعفري وٽ به ملي ٿو. هو ساڳي الست به ربڪم واري ڳالهه غزل وسيلي هن طرح بيان ڪري ٿو.
يـاد ڪـر انجام ڪهڙو تـون ڪري آئين اتي،
هاءِ دنيا ۾ اچي ويٺين وٺي تون پنهنجو راڳ. (16)
صوفي هن دنيا کي اجهاڳ سمنڊ سان تشبيهه ڏين ٿا. انسان جو جسم ان جيءَ اجھاڳ سمنڊ ۾ ٻيڙي مثال آهي. ڪڏهن وري اهي زندگيءَ کي ٻيڙيءَ جي پور سان تشبيهه ڏين ٿا. صوفي چون ٿا، جيئن ٻيڙيءَ جو پور ٿئي، جھٽ پل ۾ پار ٿئي، زندگي انهيءَ کن پل جي مثال آهي. نواز علي ”نياز“ وٽ به اهو ساڳيو مضمون ملي ٿو. انهيءَ مضمون کي هو هيئن بيان ڪري ٿو:
هڪ پراڻي تنهنجي ٻيڙي ٻيو نه سونهون سير جو،
سـمنـڊ سـورن جـو ڀلا تون ڪئن جھاڳيندين جھاڳ. (17)
هي ته ڪي ٿورڙا مثال آهن، جيڪي ويهارو غزلن مان ڪڍي نروار ڪيا ويا آهن. يقينن ٻيا صوفياڻه نڪتا، تشبيهون، تمثيلون ۽ اصلاح سندس شاعريءَ ۾ موجود هوندا.
هن مان معلوم ٿيندو ته، صوفياڻو مضمون نهايت مهارت سان غزل جي صنف ۾ آندو اٿس. هي جدت جو جديد انداز هو، جيڪو نواز علي ”نياز“ روايت ۾ آندو.
غزل جو خاص مضمون حسن ۽ عشق، هجر ۽ وصال جو بيان آهي. پر نواز علي ”نياز“ ان ۾ جدت آندي ۽ ٻين موضوعن جھڙوڪ: تصوف جي نڪتن ۽ معاشي، معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن کي به تغزل جي رنگ سان بيان ڪيو اٿس. سندس غزل ۾ تصوف جا نڪتا، اخلاقي هدايتون، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا، اهڙي ته مهارت سان غزل ۾ آندا اٿس، جو غزل جو روح فنا نه ٿو ٿئي، ويتر غزل کي جلا بخشي ٿو.
تشبيهون ڏيڻ ۾ لطيف جو ڪو مٽ ڪونهي. هن لطيفي فڪر جي پانڌيئڙي غزل ۾ موزون تشبيهون ڏئي غزل کي رنگين بڻايو آهي.
حوالا:
1. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 233
2. ساڳيو، ص
3. ساڳيو،ص 195
4. ساڳيو، ص
5. ساڳيو، ص 138
6. ساڳيو، ص 146
7. شاهه جي شاعري
8. ساڳيو، ص
9. ساڳيو، ص 222
10. ساڳيو، ص 224
11. شاهه لطيف جي شاعري
12. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 224
13. ساڳيو، ص 222
14. شاهه جي شاعري
15. شاهه جي شاعري
16. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 223
17. ساڳيو، ص 223