رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون ادبي خدمتون
Literary Contributions of Raes Shamas-ud-din ”Bulbul”
(ع1857-ع1919)
Abstract:
One of the most eminent and prominent personality, Raes Shamas-ud-din ”bulbul“ is familiar in observations of literature, prose, writing and Journalism. His work for Sindhi literature and expertise in journalism is to save in golden words in history. He began his career as an Editor, in ”Al-Muawin”, the newspaper of Khan Bahadur Hassan Ali Effendi. He preached Nationalism in prose writing that made him familiar in history of literature. His interconnected skills of prose; poetry provided a unique and pioneer space in modern literature. Raes Shamas-ud-din ”Bulbl“ was known as an innovative poet, scholar, literature commandant and an educationalist. He wrote many books, but 38 of those were published, in which he has reflected circumstances of that time. He is known as ”Grand Father of Sindhi Literature and Journalism“ in history.
دادو ضلعي جي شهر ميهڙ جي مهڪ ڀري مٽي علم ۽ ادب جي حوالي سان سنڌ ۾ سر سبز خطي طور سڃاتي ويندي آهي. ميهڙ جي مردم خيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عظيم هستين سنڌي ادب نثر توڙي نظم، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن باڪردار شخصيتن منجهان رئيس شمس الدين ”بلبل“ به هڪ هو. سندس ولادت 29 شعبان 1374 هجري بمطابق 21 فيبروري 1857ع ۾ بهادر خان شينو (ابڙو) جي گهر ۾ ٿي. بنيادي طور سندس وڏا بلوچستان جي شهر ڀاڳناڙيءَ جا رهواسي هئا. شمس الدين ”بلبل“ شروعاتي تعليم ڳوٺ گاهي مهيسر جي ديني درسگاهه مان حاصل ڪئي. جتي مولانا عصمت الله پيرزادو سندس استاد هو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاٽ شريف جي ديني مدرسي مان 1872ع ۾ فاضل جي سَند حاصل ڪيائين. پاٽ شريف ۾ دوران تعليم کيس علمي ڪمال سان گڏ ادبي ذوق ۽ سياسي مطالعي جو موقعو به مليو. سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هئس. ڪتابن پڙهڻ جو ايڏو ته ڪوڏيو هو جو اڪثر سندس ٿيلهي ۾ يا بستري ۾ ڪتاب موجود هوندا هئا.
لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ اٽڪل ڏهه سال صحافت جي شعبي سان منسلڪ رهندي، شمس الدين ”بلبل“ اخباري دنيا جي ماحول ۽ اخبار نويسيءَ جو فن سکي ورتو. پاڻ صحافت جي شروعات حسن علي آفنديءَ جي اخبار ”المعاون“ ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪيائون. بعد ۾ شيخ عبدالعزيز جي اخبار ”الحق“ سکر، ”ڪراچي گزيٽ”، ”خيرخواهه“ لاڙڪاڻو، حاجي احمد ميمڻ جي اخبار ”آفتاب سنڌ“ ۾ پڻ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائون. سندس سچائي، ايمانداري، محنتن، ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري کيس ”سنڌ جو سرسيد”، ”سنڌ جو حالي“ ۽ ”سنڌ جو اڪبر الله آبادي“ به سڏيو وڃي ٿو. سندس صحافتي خدمتن بابت پير علي محمد راشدي، پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ لکي ٿو ته “ اخبار نويسيءَ جي حوالي سان بلبل سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو”. (1)
جڏهن سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ جو ماهوار رسالو ”جامع العلوم“ ڪن سبب جي ڪري بند ٿيڻ تي هو ته سنڌ مدرسته السلام جي پرنسيپال مسٽر وائينسر، ”بلبل“ کي جامع العلوم جي ادارت لاءِ گذارش ڪئي. جيڪا هن قبول ڪئي.“بلبل“ مرحوم جي لکڻين جي ڪري ”المعاون“ ۽ ”جامع العلوم“ کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي حاصل ٿي. اها حقيقت آهي ته ”بلبل“ جنهن به اخبار يا رسالي ۾ ڪم ڪيو ان کي قلمي جادوءَ سان زمين کان آسمان تي کڻي ويو، مضمونن ۽ شعرن ۾ سندس ڪمال جو اهو مثال هو جو جن اخبارن يا رسالن ۾ اهي ڇپيا سي هٿوهٿ وڪامي ويا. صحافتي حوالي سان پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته “ مون مرحوم کي اکين سان ڪو نه ڏٺو پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساريءَ سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گھڻا ئي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا پر ”بلبل“ جو مٽ ڪو نه هو. صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا. لاڙ ۾ محمد هاشم ”مخلص“ ۽ اتر ۾ شمس الدين ”بلبل”.(2)
سنڌين جي همدرد ۽ سنڌي قوم جي مصلح، رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون ڪيل ادبي خدمتون، سنڌي ادب ۽ سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ سونهري اکرن تي مشتمل باب ليکيا وڃن ٿا. هن جو هر ڪم پرخلوص ۽ اٽل ارادن جي پيروي ڪندي خدمت خلق ۾ شمار ٿئي ٿو. ”بلبل“ جو سنڌي صحافت ۾ مٿانهون درجو رهيو آهي. هن جي فنڪارانا ۽ ظريفانا صلاحيتن سندس صحافتي درجي کي بلند ڪيو. ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگھيو پنهنجي پي، ايڇ، ڊي ٿيسز ۾ لکيو آهي ته “ رئيس شمس الدين ”بلبل“ نه رڳو صحيح معنيٰ ۾ هڪ صحافي نظر اچي ٿو پر طنز ۽ ظرافت جو پڻ باني ۽ نشو نما ڪندڙ جي حيثيت ۾ ملي ٿو. اهو به حسن اتفاق چئجي جو سنڌي صحافت ۾ ٻه ٻيون معروف هستيون مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ ۽ مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جي صورتن ۾ تقريبن انهيءَ دؤر جي پيداوار هيون. جن پڻ ساڳين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. مرحوم ”مخلص“ ته گھڻي ڀاڱي ۾ ”بلبل“ جو همعصر رهيو ۽ نظاماڻي نون سالن کان پوءِ اڀريو. ”بلبل”، ”مخلص“ ۽ ”نظاماڻيءَ“ جي باهمي نوڪ جهوڪبه رهي ۽ هڪ ٻئي تي حملا به ڪيائيون پر هنن ۾ فرق اهو هو جو بلبل جو درجو ان ڪري مٿانهون آهي ڇو ته هن پنهنجي فنڪارانا ۽ ظريفانا صلاحيتن کي مڪمل طرح قومي اصلاح جهڙي اعليٰ مقصد لاءِ وقف ڪيو ۽ ذاتيات کان پرهيز ڪئي.“ (3)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ صحافي، ظرافت نگار ۽ شاعر سان گڏوگڏ هڪ بهترين نثرنويس پڻ هو. هو هڪ قومي درد رکندڙ انسان هو. وقت جي ادبي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن کي پنهنجي تحرير ۾ اهڙو ته فن سان قلم بند ڪيو اٿائين جو آئينو آڻي آڏو رکجي. ”بلبل“ جو نثر زور وارو هو، جنهن جي وسيلي هن اخباري دنيا ۾ هڪ نئين اسلوب ۽ طرز تحرير جو بنياد وڌو. ”بلبل“ نثر جي نموني مقفيٰ کي ترڪ ڪري، اخبار نويسيءَ لاءِ ڪنهن مناسب ڍنگ جي ضرورت محسوس ڪندي هڪ انوکو اسلوب اختيار ڪيو. ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ لکي ٿو ته ”“بلبل”، نثر نويس جي سليس ۽ سلوڻي طرز ايجاد ڪئي. حقيقت ۾ مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ به هن طرز ۾ مرحوم ”بلبل“ جو ئي ٿو ڏسجي”.(4)
شمس الدين ”بلبل“ پنهنجي دؤر جو تمام مقبول شخص ٿي گذريو آهي. سندس مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ جي تمام وڏين ادبي هستين شمس الدين ”بلبل“ جي شان ۾ شاعري ڪئي آهي. انهن هستين ۾ مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ، هدايت علي ”تارڪ“ نجفي، مولوي نور محمد نظاماڻي، شيخ محمد ابراهيم ”خليل”، جمعو خان ”غريب“ ۽ ٻيا شامل آهن. مرزا قليچ بيگ سندس شان ۾ هيٺيون فارسي شعر لکيو آهي.
شاعر، ملک سندهه شمس الدين،
کـــه ازو بــود عــالمي بـه شگفت.
ترجمو: شمس الدين سنڌ ملڪ جو شاعر هو، جنهن کان پوري دنيا واقف هئي.
بلبل، بود او که با منقار،
در معني عجيب او مي سفت. (5)
ترجمو: بلبل پنهنجي چهنب سان، لفظن جون تعجب ۾ وجھندڙ معنائون ڪڍيون.
مرحوم شمس الدين ”بلبل“ ظرافت، کل، ڀوڳ ۽ چرچي ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪري ويندو هو. جنهن ۾ بظاهر ته کل ۽ مسخري لڳندي هئي پر ان ۾ هڪ ناصحانو انداز هوندو هو جيڪو سندس تحرير جي زينت بڻبو هو. هن پنهنجي دؤر جي سڀني مرضن، بدعتن ۽ سماجي براين تان پردو هٽائي نهايت ڪاريگري سان سندن اصلي رنگ ۾ اهڙو ته نروار ڪري عوام آڏو آڻيندو هو جو هر ڪو ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويندو هو، پوءِ کلندي مشڪندي پنهنجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي اصلاح طرف متوجهه ٿيندو هو. ”بلبل“ هڪ تعميري مزاح نگار هو سندس مزاح جو انداز نرالو ۽ انفرادي هو. سندس مذاح متعلق محمد اسماعيل عرساڻي لکيو آهي ته :“بلبل پنهنجي نوڪ قلم سان خالص تعميري مزاح لکي ويو. سندس مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا. سندس نثر موزون، شائسته ۽ بليغ آهي”. (6)
شمس الدين ”بلبل“ شاعريءَ جي سلسلي کي نئون موڙ ڏيندي ظرافت کي پڻ جديد نوع ۾ نروار ڪيو. سندس ظرافت ۾ مزاح سان گڏ طنز جو عنصر به غالب آهي. جنهن ۾ جاءِ بجاءِ تعميري ۽ اصلاحي پهلو سمايل هو. هن معاشري تي ڀرپور طنز ڪري، ان جون خاميون وضاحت سان نروار ڪيون. سماج ۾ موجود اوڻايون ختم ڪرڻ لاءِ ”بلبل“ طنز و مزاح وارو رستو اختيار ڪري سماجي براين کي پاڙئون پٽڻ چاهيو. علم سان سنڌ جي هر فرد کي روشن ڪرڻ لاءِ خاص ڪري مسلمانن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪيائين. خانبهادر محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته :“بلبل“ جي ڪلام ۾ جا خصوصيات آهي سا آهي مذاق ۽ ظرافت......... سارو مذاقيه ڪلام اڻ سڌي طرح ناصحانو آهي”. (7)
دراصل مرحوم ”بلبل“ کي عملي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ اهو درد ذميوار هو جو کيس سنڌي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي طرح پٺتي رهجي وڃڻ واري حقيقت مان پيدا ٿيو هو. مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سندن حقن جي حفاظت لاءِ مختلف اخبارن، رسالن، چوپڙين ۽ ڪتابن ۾ لکندا رهيا. نثر توڙي نظم ۾ بيداري ۽ سجاڳي سندن اولين ترجيح هئي. بزرگ مرحوم قاضي محمد انور پاٽائي، ”بلبل“ جي عظمت بيان ڪندي لکيو آهي ته : ”جيئن ناليواري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن پنهنجي ناولن ۽ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏئي پنهنجي قوم ۾، جا فيشن جي دلداده ٿي چڪي هئي، هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو. تيئن ”بلبل“ جي ظرافتي مقالن ۽ تصنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو سو قوم جي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو”. (8)
شمس الدين ”بلبل“ سنڌي ادب جو هڪ اهو ستارو آهي جنهن طنز و مزاح واري انداز ۾ قومي تبليغ ڪئي. انسان دوست ”بلبل“ پنهنجي تحريرن ۾ مسڪين ماروئڙن جي اهنج ۽ احساس جي باقاعده ترجماني آهي. مرحوم“بلبل“ جو قومي ڪردار ”آفتاب سنڌ“ جي مرڪزي لائين مان پڌرو ٿئي ٿو. اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ جڏهن مسلماني سوچ عروج تي پهتل هئي مختلف اخبارون پنهنجي نموني سنڌ جي پٺتي پيل مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردار نڀائي رهيون هيون. ”ڪانگريس“ ۽ ”تحريڪ خلافت“ به زور وٺي رهيون هيون ته انگريز سرڪار دانشمندانه طور تي مختلف جماعتن ۽ زميندارن تي هٿ رکيو جيئن سندن حڪومت وڌيڪ وقت ڪڍي سگهي. ”بهرحال ”آفتاب سنڌ“ جي مرڪزي لائين اها هئي ته آزادي ته تمام چڱي ۽ ضروري شيءِ آهي پر اها هندن سان گڏجي حاصل ڪرڻ ۾ نقصان اهو ٿيندو ته زياده سجاڳ ۽ تعليم ۾ اڪثريت ۾ هئڻ ڪري هندو مسلمانن کي کائي کپائي ويندا. انگريز ته وري به ڌاريا هئا ۽ هڪ ڏينهن وڃڻا هئا پر هي هندو ته هتان جي مخلوق هئا. انهن مان جند ڇڏائڻ ۽ آزاديءَ جو صحيح ۽ مٺو ميوو کائڻ ٻٻرکان ٻير گهرڻ جي برابر هو. تنهن ڪري مسلمانن کي گهرجي ته پنهنجي مذهب ۽ معاشري جي مطابقت سان تعليم طرف توجهه ڏين. ان لحاّظ کان ڏٺو وڃي ته مسلم عليحدگي ۽ فرقيواريت واري پريس جو اصل خالق مرحوم ”بلبل“ هو”. (9)
“معاون“ اخبار ۾ ڇپجندڙ ظرافتي چٽڪا بعد ۾ ”آفتاب اخبار“ جا مستقل ڪالم بڻجي ويا. بعد ۾ ته وڃي ڪتابي صورت اختيار ڪيائيون. جن ۾ ”چٽ سوال، پٽ جواب“ 1903ع، ”آئينه تجارت، مائينه ظرافت“ 1904ع، ”لطائف و ظرائف“ 1908ع، ۽ ”گلزار لطائف“ 1910ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. طنز ۽ مزاح جي لحاظ کان سندس مشهور ڪتاب ”تيرنهن ڄار، مڪرن جا مار“ سڀني ڪتابن کان اڳ ۾ 1896ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ”بلبل“ جي چٽڪن ۾ رهائش جو مسئلو، ميلي ۾ کاڌ خوراڪ جو احوال، ميلن ۾ چوريءَ جو احوال، پوليس جو ڄار ۽ چٽ سوال، پٽ جواب سڀ کان وڌيڪ وندرائيندڙ ۽ کلائيندڙ تحريرون اٿس. سندس طنز ۽ مذاق جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
“هڪ مڪان ته سو مهمان، هڪ وڻ ته اسي انسان، هر اوطاق ۾ هر مذاق، جتي وڃ اتي پاسي پاسي پوش پوش وِسلا ڪڇ ۾، خانه بدوش. هڪ چار پائي ته پنج ڀائي. چٽائي بمنزل چارپائي، ساووڇائي ته سو لان هيٺ آئي”. (10)
“ڪنهن جي ڳنڍ ڪپي ته ڪنهن جو گهوڙو ئي گم، ته ڪنهن جو پٽڪو لنگي چٽ، ته ڪنهن جو اُٺ عدم، ڪنهن جي جوا ۾ هار، ته ڪنهن کي شرط جي مار، ڪنهن کي پير جي پچار، ته ڪنهن کي دعا جي ڌپاڙ، ڪنهن جي هڙ هلاڪ، ته ڪنهن جا پئسا پاڻيءَ ۾، ڪنهن جو داد نه فرياد، ڪنهن جو، ڌڻي نه ڌياڻي، ڪنهن جو بغچو بيران، هميشه هڪ نه هڪ جان جو ضرور ٿئي نقصان، ڪو نه ڪو مڙيو ئي ڇيهو، نه سنوڻ جو نه ساٺ جو، نه گهر جو نه گهاٽ جو”.(11)
شمس الدين ”بلبل“ جي نثر توڙي نظم ۾ طنز و مزاح کان علاوه جيڪا سنجيدگي سمايل آهي سان به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ”بلبل“ پنهنجي دؤر جو نواڻ پسند صحافي ۽ شاعر هو. سندس شاعري وقت جي تقاضائن موجب دورانديش خيالن تي مبني هئي. ”بلبل“ غزل کي اظهار جو ذريعو بڻائي کانئس قومي، ثقافتي ۽ سماجي ڪم ورتو. معاشري مان هن اهڙا موضوع چونڊيا، جن ماحول کي مَٽائڻ ۾ سندس فني مدد ڪئي. شيخ عبدالرزاق ”راز“ لکيو آهي ته ”بلبل معاشري جي ناسورن کي غزل جي قالب ۾ سمائي منجهس هڪ انفرادي رنگ پيدا ڪيو آهي”.(12) تعليم جي اڻهوند سبب معاشري ۾ مختلف بيماريون پکڙيل هيون جن خلاف رئيس شمس الدين ”بلبل“ تبديليءَ جو عَلَمُ بلند ڪيو ۽ پنهنجي تحريرن، نثر توڙي نظم ۾ طنز و مزاح واري رستو اختيار ڪيو. ڇو ته فرنگي حڪومت هئي ۽ اّظهار جي آزاديءَ تي پابندي مڙهيل هئي. ان ڪري هن طنز ۽ مزاح وارو رستو اختيار ڪري اڻ سڌيءَ طرح وقت جي حاڪم کي به للڪاريو ۽ معاشري جي فردن جي اصلاح به ڪئي. سندس ئي دؤر ۾ لاهور وارو مولانا ظفر علي خان، اخبارن ۾ لڳاتار چٽو ۽ سنئون سڌو انگريزن خلاف لکندو رهندو هو جنهن ڪري انگريز کيس عتاب ۾ رکندا آيا ايتري قدر جو جيل جون صعوبتون به سٺيائين. رئيس شمس الدين ”بلبل“ ساڳيو ئي ڪم هڪ نئين انداز ۾ کنيو ۽ وڃي پنهنجي مقصد کي رسيو. طاقتور حڪمران ڌُر تي تنقيد به ڪيائين ۽ معاشري ۾ سجاڳي به آندائين. اها سندس ئي حڪمت هئي ته ڪيئن فرد پنهنجي معاشري جي اصلاح ڪري ٿو. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته : ”بلبل جي تحرير سجاڳيءَ جو سڏ بڻجي سنڌين، خاص ڪري جي غافل مسلمانن پنهنجي اوڻاين ۽ سماجي بدعتن جو احساس ڏياريو”. (13)
“بلبل“ جو ادب ۾ بلند مقام آهي. هي سنڌ جي طنز نگارن ۾ واحد شخص آهي جنهن پنهنجي فن سان طنز کي هجو کان ممتاز ڪيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ ظرافت جي هڪ ناقابل شڪست اسلوب جو بنياد وڌو. سندس ان اسلوب متعلق سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ممتاز عالم ۽ شاعر غلام محمد گرامي لکي ٿو ته : ”سندس زبان اهڙي سليس، شسته، شرين ۽ نمڪين، جو ماڻهو پيو پڙهي ۽ گنگي وانگر ڳڙ جا چشڪا وٺي پيو کلي ۽ ٽڙي! سندس ڌڪ ۾ تلخي موجود ۽ ان سان گڏ تلخي ڪام و دسن جي آزمائش به موجود، پر رنگ اهڙو شيرين، جو پيئندڙ کي نڪو تلخيءَ جو احساس ستائي، نه ڪو ڪڙيءَ سُتيءَ جي پيئڻ وانگر منهن ئي بڇڙو ٿئي. بلبل جي معنوي رهاڻ، تضاد ۽ اختلاف جي ظريفانه وڍ ٽڪ کي ڏسي، پڙهندڙ سندس ذهني شعبده بازيءَ تي حيران رهجي ٿو وڃي ۽ داد ڏيندي ڍاپي نه ٿو”.(14)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو ليکڪ هو جنهن جي لکيل مضمونن ظرافت ۽ شاعريءَ ان دؤر جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. پاڻ انگريزي پڙهيل ڪونه هو پر سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسيءَ تي خاصو عبور حاصل هئس. ان وقت جي دؤر جي تقاضائن موجب انگريزي لباس ۽ فيشن تي مذاق ۽ ظرافت آهر ٽوڪون ٽهلون به ڪيائين ڇو ته اهو فيشن ان دؤر جي قدامت پسند مسلمانن ۽ مولوين کي ناپسند هو. ”بلبل“ خاص ڪري مغربي فيشن پسند ڪندڙ انگريز مسلمانن تي مذاقون ڪيون اٿس. ان کان علاوه سندس هڪ ڪتاب ”ڪريما نيچرل“ جي نالي آهي جيڪو پڻ مذاقيه ڪلامن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب شيخ سعدي جي تصنيف ڪيل ڪريمه فارسيءَ جي مصرعن اڳيان پنهنجون مصرعون ڳنڍيندو ويو آهي. اهو سڄو ڪتاب مثنوي شعر جي صورت ۾ آهي. سندس سمورو ڪلام ناصحانو آهي. ”بلبل“ مرحوم جيئن شاعريءَ، مضمون ۽ صحافت ۾ انوکو ۽ هڪ جدا انداز ااختيار ڪيو، تيئن سندس شادي به انوکي انداز ۾ ٿي. ڪراچيءَ جي پارسي مومل سان اک لڙيس. پارسي دنيا جي ٻين قومن کان نهايت ئي منفرد هوندا آهن پر پارسين جي انفراديت کان ”بلبل“ جي انفراديت گوءِ کڻي وئي. آخر پارسي راڻيءَ کيس وَرُ قبول ڪري اچي ميهڙ جا وڻ وسايا. ”بلبل“ پنهنجي شاعريءَ ۾ به سندس ذڪر آندو آهي.
جي نه اچي ڪي بلبلان، ڪين ٿئي اي گل گلان،
روز چــمــن ۾ چهــچٽــو، تــازه بـتازه نـو بـنـو. (15)
“بلبل“ سنڌي شاعريءَ ۾ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. جنهن ۾ هن غزل تي پڻ تجربا ڪيا. غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو. سندس غزل ۾ هڪ عجيب رس چس آهي.“ديوان بلبل“ جيڪو غلام محمد گراميءَ مرتب ڪيو آهي. ان مان ڪجھه چونڊ شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
نوڪ ابروءَ جي نوائي، دل کي سٽيو سينڌ وٽ
ڏس ته سودائي ٿئي ٿو، قتل ڪيئن بازار وٽ
زلف جي ڏنگ جو وڃي، جيئن حال جوڳيءَ سان ڪيم
تنهن چيو ٿيندو اسان کان ڪين ازدر جو علاج
“ڪلام بلبل“ جيڪو پڻ غلام محمد گراميءَ مرتب ڪيو آهي. ان مان ڪجھه چونڊ شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
لفظ گرميءَ جو لکان ٿو ته قلم ۾ گرمي،
دل ۾ گرمي، دهن و ديده و دم ۾ گرمي.
باغ ۾، صحن ۾، گلزار و چمن ۾ گرمي،
گل و ”بلبل“ ۾، شجر شاخ ۾ نم ۾ گرمي.
سندس غزل متعلق شيخ عبدالرزاق ”راز“ لکي ٿو ته : ”شمس الدين بلبل، اوائلي دؤر جي مشهور ۽ معروف غزل گو شاعرن سانگي، حامد، گدا وغيره جو همعصر هو. سندس غزل ۾ تغزل گھٽ آهي پر هن معاشري جي خرابين ۽ سنڌي ثقافتي قدرن جي پائمالي جو ذڪر ڪري غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو آهي. جنهنن ڪري سنڌي غزل جي ارتقائي دؤر ۾ هڪ نئون تجربو اسان جي سامهون اچي ٿو”.(16)
“بلبل“ باوجود علمي، ادبي ۽ سياسي مشغولين جي، نماز جو پابند، ديندار، شرعي مسئلن جو ماهر، ديني مطالعو ڪندڙ، عالمن ۽ اديبن جو يار، پيرن ۽ فقيرن جو محب ۽ صحبتي، ذڪر و فڪر جو پڻ پابند هو. مارچ 1913ع ۾ سيٺ عبدالله هارون جي اڳواڻيءَ ۾ هلال احمر جو هڪ وفد، ترڪي جي بادشاهه لاءِ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان ميهڙ آيو. هن وفد خاطر، رات جو هڪ عام جلسو ميهڙ ۾ منعقد ٿيو. ميهڙ واسي وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. پوجوش تقريرن کان پوءِ ”بلبل“ مرحوم هڪ غزل پڙهيو.
هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي،
اجها هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر، اجهي هي سر.
ان هڪ شعر تي جو وقت انگيز نظارو پيدا ٿيو، ان جو حال وڏڙا اڄ به بيان ڪري رهيا آهن. ان نظم جو مطلع هن ريت هو:
ڀلي آيا! ڀلي، اي سر گروهه قوم، دين پرور
مجاهد في سبيل الله، فائز في هلال احمر
اوهان جي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ ورنه،
ڪٿي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا، ڪٿي هي بر! (17)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ 1904ع ۾ ”انجمن اتفاق الاسلام ميهڙ“ نالي سان هڪ تعليمي تنظيم جو قيام عمل ۾ آندو. هن تنظيم طرفان 1906ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي نالي سان ميهڙ ۾ هڪ ادارو قائم ڪيو ويو جتي شاگردن کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. شهر کان ٻاهران ايندڙ شاگردن لاءِ مفت رهائش جو بندوبست به ڪيو ويو هو. اداري جي ڪاميابي لاءِ علائقي ۾ شعور رکندڙ ماڻهن ۽ زميندارن به بهتر ڪردار ادا ڪيو.هن درسگاهه ۾ اٺين درجي تائين تعليم هلندڙ هئي. ”بلبل“ جي وفات واري سال سنڌ مدرسته الاسلام ميهڙ کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. هي ادارو علائقي واسين لاءِ مرحوم ”بلبل“ جي آخري تعليمي خدمت هو. جيڪو اڄ به ”هاءِ اسڪول ون”، هزارين نوجوانن کي تعليم جهڙي زيور سان روشناس ڪري رهيو آهي. ”بلبل“ مرحوم هڪ متحرڪ شخص هو. سندس اجاگر صلاحيتن جي ڪري، کيس خيرپور ميرس ۾ رياست جي نصابي ڪاميٽيءَ جو مستقل ميمبر بڻايو ويو هو. سينيٽري ڪاميٽي ميهڙ، ڊسپينسري ڪاميٽي ميهڙ ۽ اسڪول ڪاميٽي ميهڙ جو پڻ ميمبر رهيو.تعلقه لوڪل بورڊ جو سرڪاري ميمبر رهڻ سان گڏوگڏ تعلقي جي پبلڪ ورڪس ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر رهيو. 1917ع ۾ ميهڙ جي آنرري بينچ مئجسٽريٽس جو چيئرمين پڻ رهيو. رئيس شمس الدين ”بلبل“ ڪيئي ڪتاب لکيا جن منجهان 38 ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا.سندس ڇپيل ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1. ديوان بلبل (سنڌي)، 2. ڪلام بلبل (سنڌي)، 3. نيچرل ڪريما، 4. قلندري ميلو، 5. چٽ سوال، پٽ جواب، 6. بهار عشق، 7. آئينه تجارت مايه ظرافت، 8. جل تجربات يعني شمس الغات، 9. ظريف الدوله، 10. گلزار لطائف، 11. بخت بازي، 12. ڪارو فيشن، 13. رحيما سنڌي، 14. بهارستان بلبل، 15. تيرنهن ڄار مڪرن جا مار، 16. صد پندسودمند، 17. عقل ۽ تهذيب، 18. جام جم، 19. مسلمان ۽ تعليم، 20. انگريز ۽ مسلمان، 21. مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار، 22. حرزالبنياد علي شرح قانون وقف الاولاد، 23. قرض جا مرض ان جا علاج، 24. پليگي ڪريما، 25. نيچري ما مقيما.
“بلبل“ مرحوم پنهنجي دؤر جو قادر الڪلام هو. سندس فن ۽ مقام ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. ”ڪلام بلبل“ جو مرتب غلام محمد ”گرامي“ هن ڪتاب ۾ لکيل مقدمي ۾ ”بلبل“ جي شان ۽ سندس ڪمال بابت چوي ٿو ته ”جتي آپريشن جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي گھاءُ به گھرو ٿو ڪري، پر جتي نرمي ۽ شفقت جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي کلندي، تبسم زير لب ۾ زهر ملائيندي به نٿو گسي! فرق اهو آهي جو اهو زهر به مريضن لاءِ ترياق ٿي پوي ٿو.”.(18) بلبل اهو ڪم ان دؤر ۾ ڪيو، جڏهن سوچ ۽ لوچ وارا ماڻهو فقط ايترا هئا جيترو اٽي ۾ لوڻ.
بلبل مرحوم صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري شروع ڪئي. قصيدي کي نئين منزل ڏني، توحيد رسالت ۽ ٻين اسلامي قومي ۽ اخلاقي موضوعن تي شاعري ڪري نمايان ڪم ڪيو. نيچرل شاعري ڪري قوم کي حقيقت پرست بڻايو. بلبل مرحوم نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون، نيون ترڪيببون، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت، بلاغت جهڙيون خالص فني خوبيون سنڌيءَ ۾ پيدا ڪري ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيو. شيخ عبدالرزاق ”راز”، ”بلبل“ جي شاعريءَ لاءِ لکيو آهي ته ”هن اهڙا موضوع هٿ ڪيا جن ماحول کي بدلائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي. ماحول کي بدلائڻ وارو شاعر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي”.(19)
رئيس شمس الدين ”بلبل“ مرحوم جون ٻه گهر واريون هيون سندس وڏي گهر واريءَ گل بيبي خاتون مان کيس پٽ جي اولاد ۾رئيس عبدالفتاح“ ڄائو ۽ ٻيءَ گهر واريءَ بيبي خانزادي مان کيس پٽ نالي“ضياء الدين“ ڄائو. ٻئي پٽ ادبي ذوق جا ماڪ هئا. مگر رئيس ضياءالدين جون ادبي خدمتون ملڪان ملڪ مشهور ٿيون.
وقت جو مشهور عالم، ڏاهو رئيس شمس الدين ”بلبل“ ڇنڇر ڏينهن، 17 ذوالحج 1337 هجري بمطابق 15 سيپٽمبر 1919ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم ”بلبل“ جي ادبي خدمتن بابت جن مفڪرن، عالمن ۽ اديبن راءِ ڏني آهي انهن ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مرحوم واصف، حاجي محمود ”خادم”، حافظ ”بسمل“ ٽکڙائي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سيد علي اڪبر شاهه، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم مخلص، مرحوم مرتضائي ٺٽوي، حڪيم نور محمد نظاماڻي، جمعو خان ”غريب“ ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ جي مشهور عوامي شاعر علامه هدايت الله ”تارڪ“ نجفيءَ سندس وڇوڙي تي فارسيءَ ۾ غزل لکيو جنهن ۾ قطع تاريخ پڻ آيل آهي.
چون رئيس آن شمس الدين رحلت نمود،
شد دل احباب زين صدمه دونيم.
ترجمو: جڏهن رئيس شمس الدين دنيا مان گذاري ويو، ته دوستن جي دل صدمي ۾ ٻه ٽڪر ٿي پئي.
از مهه ذوالحج، روز هفدهم،
صبح شنبه گشت در جنت مقيم.
ترجمو: ذوالحج جي سترهين تاريخ، ڇنڇر جي صبح هئي جڏهن رحلت ڪري جنت ڏانهن روانو ٿيو.
يا الاهي، بهر مقبولان تو،
مسڪن اوڪُن به گلزار نعيم. (20)
ترجمو: اي خدا پنهنجي پيارن جي صدقي هن کي جنت ۾ جاءِ عطا فرماءِ.
حوالا:
1. راشدي، پير، علي محمد: اهي ڏينهن، اهي شينهن. حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر، 2011ع ص 144
2. ايضا، ص 394
3. ٻگهيو، عزيز الرحمان، ڊاڪٽر:سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ. ڄام شورو: يونيورسٽي آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو پهرين 1988، ص 525
4. خليل، محمد ابراهيم، ڊاڪٽر.موءلف. بلبل سنڌ: سلسله اشاعت، جميعت الشعراء سنڌ، 1951ع ص 163
5. قادري، اياز. سنڌي غزل جي اوسر. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي. ڇاپو پهريون، ڊسمبر 1984، ص 189
6. عرساڻي، محمد اسماعيل. چار مقالا. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ايڊيشن، 1973ع، ص 97
7. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر. تاريخ سنڌي ادب. جلد ٻيون، حيدرآباد، سنڌ: آر ايڇ احمد برادرس، دفعو ٻيو، 1959،60ع ص 472، 482
8. ٻگهيو، عزيز الرحمان، ڊاڪٽر. سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ. ڄام شورو: يونيورسٽي آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو پهرين 1988، ص 526
9. ايضا، 261
10. ايضا،531
11. ايضا، 532
12. “راز“ عبدالرزاق، شيخ. سنڌي غزل جو تجزيو. ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. ايڊيشن ٻيون، 2004ع. ص103
13. سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر. سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح. حڪومت سنڌ: ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون، مئي 2013، ص 628
14. گرامي، غلام محمد، مرتب. مزاحيات. ڄامشورو، سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو ٻيون، 2006، ص 13
15. “راز“ عبدالرزاق، شيخ. سنڌي غزل جو تجزيو. ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. ايڊيشن ٻيون، 2004ع. ص103
16. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر. سنڌ جي ادبي تاريخ. شڪارپور: واڳڻو در، ڇاپو پنجون، 2014، ص 539
17. “گرامي”، غلام محمد، مرتب. ديوان بلبل. ڄام شورو، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع، ص 21
18. “گرامي”، غلام محمد، مرتب. ڪلام بلبل. ڄام شورو، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع، ص 20
19. قادري، اياز. سنڌي غزل جي اوسر(ڀاڱو ٻيو). ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. ڇاپو پهريون، جون 1982ع. ص 191
20. ايضا. ص 190