سچل لغات ۽ لغات سچل سرمستؒ جو تقابلي جائزو
Comparative Study of ”Sachal Lughat“ and ”Lughat Sachal Sarmast”
ABSTRACT:
Sachal Sarmast lived a humble, ascetic life, preferring solitude, simple meals of daal and yogurt. It is said that he never left the village of his birth, yet he composed sacred poetry in seven different languages, poetry that is loved and sung to this day.Sachal urged people to seek the truth directly, rather than through mere conformity to tradition. He taught a Sufi vision of Unity called Wahdat al-Wujud, which has been compared to the great nondualist teachings of Advaita Vedanta within Hinduism and Zen/Chan within Buddhism.The dictionary needed to understand its language of Sachal Sarmast.Dr. Abdul Kareem sandilo and Dr Badar Dhamraho wrote the Dictionaries. The purpose of this paper is to present a comparative overview of the two dictionaries ـ Effort should be made to best compare the two books.
سچل سرمست، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي (شاهه، سچل، سامي) جو ٻيو اهم رتن ۽ سنڌ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن ”انالحق“ جي بلند آواز سان، بغاوت جو علم لهرائيندي، منصور جي واٽ ورتي. سچل سرمست، سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري، پنهنجي علم، فهم، فڪر ۽ مهارت جو ثبوت ڏنو. سچل سرمست جي شاعري، فني ۽ فڪري حوالي سان مضبوط ۽ معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي سان گَھِرو سمنڊ آهي. سچل جي شاعريءَ ۾ ڪتب آيل لفظن کي سمجھڻ لاءِ عالماڻا صلاحيتون گھرجن يا ڪا اهڙي لغت جنهن سان سچل جي شاعريءَ کي سمجھڻ سولو ٿي سگھي. اهڙي ضرورت جي پورائي لاءِ سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر عبداڪريم سنديلي 1984ع ۾ ”سچل لغات“ لکي، جيڪا سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ڇپائي پڌري ڪئي وئي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت لکڻ جي شروعات اڄ کان 170 سال اڳ، ڪئپٽن جارج اسٽيڪ ڪئي. هن انگريزي سنڌي لغت لکي. ان کان پوءِ آخوند عبدالرحيم عباسي، پادري شرٽ، مرزا صادق، ديوان اڌارام، جھمٽ مل، ڀيرومل ۽ ٻين عالمن مختلف لغتون لکيون. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، پهريون شاهه جو شيدائي هو، جنهن 1913ع ۾ ”لغات لطيفي“ لکي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، وري اهو پهريون عالم هو، جنهن سچل سرمست جي شاعريءَ جي لغت لکي. هن لغت کان پهرين به ڊاڪٽر صاحب لغتون لکيون آهن، جن ۾ ”تحقيق لغات سنڌ 1955ع“ ۽ سامي جي سلوڪن جي لغات ”سامي ڌاتو ڪوش 1978ع“ شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، لوڪ ادب ۽ لغت جي موضوع تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو تاريخ ۾ منفرد مقام رکي ٿو. ڊاڪٽر سنديلي صاحب، هن لغت کي لکڻ ۾ جيڪي رسالا سامهون رکيا، انهن ۾ رسالو ميان سچل فقير جو (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو) 1902ع، سونهارو سچل، لالچند امرڏنومند جڳتياڻي 1916ع، سچل سرمست، پروفيسر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي 1922ع، سچل سرمست، آغا غلام نبي صوفي 1933ع، سچل سرمست جو سنڌي ڪلام، عثمان علي انصاري 1982ع ۽ سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام، مولانا حڪيم محمد صادق راڻيپوري 1982ع شامل آهن. ان کان علاوه ڪجهه قلمي نسخا پڻ سنديلي صاحب جي مطالعي هيٺ رهيا، جن ۾ منظور احمد سومري کان مليل 1878ع، اياز حسين قادريءَ کان مليل 1882ع، الهداد چغتائي کان (فقير احمد عليءَ وارو) مليل 1891ع ۽ اسلم لائبرريءَ کان مليل ٻه قلمي نسخا 1891ع ۽ 1893ع شامل آهن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي هن لغت ۾، لفظن جي معنيٰ کي واضح ڪرڻ جي باقائده ڪوشش ڪندي، هر هڪ لفظ جو بنياد پڻ ڏنو ويو آهي. ”سچل لغات“ مجموعي طور 192 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ ڪل لفظن جو تعداد 1938 آهي. هن لغت جي فهرست ”الف“ کان ”ي“ تائين ۽ ”ي“ جو صفحو 193 ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪتاب اندر ”الف“ کان ”هه“ تائين مواد ڏنل آهي ۽ آخري صفحو 192 اٿس. سچل لغات ۾ لفظن سان گڏ جڳهن جي نالن ۽ ماڻهن جي نالن کي به واضح ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو انهن نبين جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جن کي سچل پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي. جيئن، حضرت آدمعه، حضرت نوحعه، حضرت ابرهيمعه، حضرت موسيٰعه، حضرت يوسفعه، حضرت شعيبعه، حضرت عيسيٰعه ۽ حضرت محمدﷺ. هيءَ لغات ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ارپي وئي آهي. لغات ۾ ”عرض حال“ الطاف اثيم، ”هڪ اهم ذميواري“ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ وائيس چانسلر، ”عرض حال“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”مهاڳ“ تنوير عباسي ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا پنهنجا لکيل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، سنديلي صاحب لاءِ لکيو آهي ته:
“ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سنڌي زبان، ادب، لوڪ ادب ۽ ثقافت بابت هڪ محقق ۽ سنڌ جي سونهن هو. سندس لغت تي ٿيل ڪم خاص طور اهميت وارو آهي. هُو، لغت جو ڀنڊار ۽ سينگار توڙي هنري شاعريءَ ۾ هڪ يگانو عالم هو. جهڙو قابل تهڙو نهٺو”.(1)
هاڻي، سنڌي ادب جي ان چمڪندڙ ستاري جو ذڪر ڪجي ٿو، جنهن تنقيد ۽ تحقيق جي بنياد تي ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ رکيا آهن. لغتن جي حوالي سان به سندس ڪم ساراهه جوڳو آهي. ”سنسڪرت سنڌي ڊڪشنري“، ”لطيفي انسائيڪلوپيڊيا“ ۽ ”سنڌي اردو لغت“ جي خالق ڊاڪٽر بدر ڌامراهي، سچل سرمست جي ڪلام کي سمجھڻ لاءِ ”لغات سچل سرمسترح“ لکي، لسانيات جي لڙهيءَ ۾ پنهنجو منفرد مقام ٺاهيو آهي. ”لغات سچل سرمسترح“ 2017ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري طرفان شايع ڪئي وئي. مجموعي طور، هي ڪتاب 616 صفحن تي مشتمل آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ ڪل لفظن جو تعداد 3988 آهي. هن لغت ۾ لفظن سان گڏ جڳهن جي نالن ۽ ماڻهن جي نالن کي به واضح ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن ڪي شيون، ماڳ يا مڙهيون ڪنهن خاص ماڻهن سان واسطو رکندڙ آهن ته انهن کي به واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لفظ ”آب حيات“ کي بيان ڪيو ويو آهي:
”آب حيات: امرت، اهو پاڻي جنهن جي پيئڻ سان ماڻهو ڪڏهن به مري نٿو، امر ٿي وڃي ٿو. حضرت خضرعه اهو پاڻي پيتو، جنهن جي ڪري اڄ ڏينهن تائين زنده چيو وڃي ٿو“.(2)
يا وري لفظ ”طورسينا“ کي بيان ڪندي، ڌامراهي صاحب لکيو آهي ته:
”طورسينا: جبل طور، عربستان جو هڪ مشهور جبل، اهو جبل، جنهن تي حضرت موسيٰعه کي الله تعاليٰ جلوو ڏنو هو ۽ تجليءَ سان جبل سڙي ويو هو”.(3)
ڊاڪٽر بدر ڌامراهي، ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ نه فقط لفظن جي معنيٰ ۽ لفظن جي بنياد کي بيان ڪيو آهي، پر ڪهڙا لفظ ڪٿي استعمال ڪيا ويا آهن، کي نظر ۾ رکي حوالي طور سچل جي شعرن کي به لکيو آهي. جيئن واضح ٿي سگھي ته اهو لفظ سچل جي شاعري ۾ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. ”سچل لغات“ ۽ ”لغات سچل سرمسترح“ جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
اکر سچل لغات لغات سچل سرمسترح اکر سچل لغات لغات سچل سرمست رح
الف 213 383 ز 17 30
ب 81 124 س 149 367
ٻ 28 52 ش 22 44
ڀ 38 69 ص 17 33
ت 63 163 ض 1 6
ٿ 17 28 ط 20 33
ٽ 14 22 ظ 1 3
ٺ 4 4 ع 22 67
ث 1 8 غ 9 28
پ 91 248 ف 26 44
ج 49 29 ڦ 10 49
ڄ 11 22 ق 25 59
جھ 27 52 ڪ 133 278
چ 49 98 ک 26 40
ڇ 26 58 گ 52 82
ح 26 70 ڳ 15 41
خ 36 72 گھ 11 22
د 48 98 ل 67 166
ڌ 8 19 م 152 316
ڏ 39 100 ن 79 132
ڊ 2 9 و 100 200
ڍ 4 13 هه 41 114
ذ 6 13 ي 10
ر 62 70
مٿئين تفصيل ۾ فقط هڪڙو اکر ”ٺ“ آهي، جنهن ۾ ٻنهي لغتن جي لفظن جو تعداد ساڳيو يعني چار آهي، هيٺ ٻنهي لغتن کي سامهون رکجي ٿو.
لفظ سچل لغات لغات سچل سرمست رح
ٺاٺ ٺاٺُ: (سن. سُٿانَم. سُٿا=بيهڻ)، راڳ جو درميانو آواز ٺاٺَ: مانڊاڻو، سرن جي بندش، سرن جي ترتيب، سرن جي آلاپڻ جي طريقي کي ٺاٺ چئبو آهي. راڳ وديا ۾ ڪل 10 ٺاٺ آهن. ڪلياڻ، ماروا، بلاول، کماچ، پوربي، ڀيروي، آساوري، ڪافي، ڀيروو، ٽوڙي.
ڦيريو راڳن ”ٺاٺ”، وِڄُن ويس وس ڪيا. (سارنگ)
ٺلو ٺلو: (هيم. ٺلو. هه. نِٺَلا)، خالي، سکڻو، بيڪار، واندو ٺلا: (واحد ٺلو=خالي) ٺلها، خالي، سکڻا، پالها.
سچل سڪ نه جن کي، سي ٺوڙها ٺڪر ”ٺلا“ (ڀيروي)
دمڙي تن نه دست ۾، هئا ٺهريل ڪين ”ٺلا“ (نوري)
ٺلهو ٺَلهو: ٺلو چڻو، وڄي گھڻو. (چوڻي) ٺَلهو: ڏسڻو، ٺلو
ٺهريان ٺهريان: ترسيون، ٽڪيون
ٺاهه ٺاهه: بناءُ، بندوبست ۽ جوڙجڪ، بهانو.
رکج منهن ملير ڏي، ”ٺاهه“ نه ٻيو ٺاهي. (انصاري، مارئي، داستان پهريون)
مٿين ڏنل تفصيلي ڄاڻ مان خبر پوي ٿي ته، لفظن جو تعداد ساڳيو آهي، پر لفظ الڳ آهن ۽ لفظن جي معنيٰ کي واضح نموني ۽ مثالن سان ”لغات سچل سرمسترح“ ۾سمجھايو ويو آهي. ”ٺهريان“ لفظ سنديلي صاحب جي لغت ۾ ملي ٿو، پر ڌامراهي صاحب ان لفظ کي پنهنجي لغت ۾ شامل نه ڪيو آهي. جڏهن ته لفظ ”ٺاهه“ ڌامراهي صاحب جي لغت ۾ موجود آهي، پر سنديلي صاحب ”ٺاهه“ لفظ، پنهنجي لغت ۾ شامل نه ڪيو آهي. بهرحال هي ته فقط ”ٺ“ اکر تي بحث ڪيو ويو آهي، ڇو ته هن اکر سان شروع ٿيندڙ لفظن جو تعداد ٻنهي لغتن ۾ ساڳيو آهي.
”لغات سچل سرمسترح“ جي آخري ٽن صفحن تي انهن ڪتابن جي فهرست ڏني وئي آهي، جن جي مدد سان ڊاڪٽر بدر ڌامراهو هيءَ لغت لکي مڪمل ڪئي، جڏهن ته ”سچل لغات“ ۾ مددي ڪتابن جو ذڪر ناهي ڪيو ويو.
ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي لغت ۾ لفظن جي معنيٰ جو نمونو، هيٺين ريت آهي.
”خليل: (ع. خليل)، سچو دوست، حضرت ابراهيم عليه السلام جو لقب“.(4)
”صبور: (ع. صبور)، صبر ڪرڻ وارو“.(5)
يا
”تانگھو: (ف. تگ=ترو) ننڍو پاڻي. ضد تار
تانگھي ۾ پاڻي، ٻڌ پنهنجو تُرهو (شاهه)“(6).
ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي لغت ۾ لفظن جي استعمال ۾ سچل سائينءَ جي بيتن جي ڀيٽ ۾ شاهه سائين، شاهه لطف الله قادري ۽ ٻين جي بيتن کي ترجيح ڏني وئي آهي، اهو به ڪجهه لفظن جي مثالن ۾، نه ڪي سڀني لفظن ۾...! جڏهن ته هئڻ ائين گھرجي ها ته ”سچل لغات“ ۾ سچل جي بيتن کي مثالن طور ڪتب آڻجي ها، جيئن پڙهندڙن کي لفظن جي معنيٰ سان گڏ اها به پروڙ پئجي وڃي ها ته، ڪهڙو لفظ سچل ڪٿي ۽ ڪيئن ڪتب آندو آهي. جيئن ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ واضح ڪيو ويو آهي:
”خليل: صادق، سچو دوست، حضرت ابراهيمعه جو لقب.
آذر يا نمرود ، ڪڏهان ”خليل“ سو نام سڏيندا وي“ (7).
”صبور: (اسم مبالغو) صبر ڪندڙ، گنهگارن تي نرمي ڪندڙ، الله تعاليٰ جو صفاتي نالو“.(8)
يا
”تانگھي: (واحد، تانگهو) ننڍو پاڻي، تار جو ضد، سطحي.
ڇا ”تانگھي“ ڇا تارِ ۾، ٻڏي پون ٻيا (حقيقت)“.(9)
”لغات سچل سرمسترح“ ۾ سچل سرمست، لفظن جو استعمال ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيو آهي، کي مثال ڏئي سمجھايو ويو آهي. پر لفظن جو بنياد واضح ناهي ڪيو ويو. جيئن ”سچل لغات“ ۾ هر لفظ جي سامهون (ع) (ف) (س) وغيره ڏنا ويا آهن، جيئن واضح ٿي سگھي ته اصل لفظ ڪهڙي ٻوليءَ جو آهي ۽ مادو ڇا اٿس، پر ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ اهڙي قسم جو ڪٿي به مثال نه پيو ملي. ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ ڪجهه لفظن جا ٽي ٽي مثال به ڏنا ويا آهن. جيئن:
”ڪوڪان: (ڪوڪ جو جمع) رڙيون، دانهون، واڪا، ريهاڙ، ريهاٽ.
آيل عاشق جون ڪوڪان پيڙم ڪن
ڪوڪان چڙهي ڪوهه تي، ڪيچيئڙن ڪيام.
راڻا رسڻ تنهنجي ڪوڪان هت ڪاريون. (10)
هن لفظ جي معنيٰ کي واضح ڪرڻ کان پوءِ، انهن مصرعن کي لکيو ويو آهي، جن ۾ لفظ ”ڪوڪان“ استعمال ٿيل آهي.
”لغات سچل سرمسترح“ انهن تلميحن کي پڻ واضح ڪرڻ جي باقاعده ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪي سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آنديون آهن.
صنعت تلميح ۾ ڪتب آندل قرآني آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ کي ڌامراهي صاحب هيٺين ريت واضح ڪيو آهي.
”خلق الانسان عليٰ صورته: الله تعاليٰ خلقيو آهي، انسان کي ان جي صورت تي (حديث)
خلق الانسان عليٰ صورته، هي بادشاهي پوش“.(11)
”عينها باڪيه وقلوبها ذڪرته: انهن جون اکيون نير هاريندڙ ۽ دل ذڪر ڪندڙ آهي.
عينها باڪيه وقلوبها ذاڪرته، اهو ذڪر چون“ (12)
”عينها تنام ولاتنام قلوبها: انهن جون اکيون ننڊ ڪنديون آهن، پر دل جاڳندي آهي.
عينها تنام ولاتنام قلوبها، دل طرف دوستن“. (13)
”فاينما تولوا: جيڏي اوهين منهن ڦيريندوء، اوڏي خدا جو منهن آهي. (القران)
فاينما تولوا آيت آئي. (سسئي)”(14)
”قُل ڪُل مِن عِندالله: چئو ته سڀ ڪجهه الله جي طرفان آهي. (سورته النساء 78)
قُل ڪُل مِن عِندالله، اهو ڪيائون ڪن. (وحدت نامو)“ (15)
”سچل لغات“ ۾ به ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ڪجهه اهڙن لفظن کي لکيو آهي، جيڪي تلميحن طور سچل سائين ڪتب آندا آهن، پر مڪمل تلميح کي واضح نه ڪيو آهي. جيئن:
”ال امان: (ع. ال امان. حرف ندا)، پناهه (يا رب)!“(16)
”ال انسان: ع. ال انسان سري وانا سره (حديث)
انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ مان ان جو ڳجهه آهيان
”هو پڻ ڪونهي هن ريءَ، هيءُ نه هنجان ڌار،
”الانسان سري واَنا سِرَه“ پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي. (شاهه)”(17)
هتي هڪ ڀيرو ٻيهر سنديلي صاحب مٿين تلميح لاءِ سچل جي بدران شاهه صاحب جو شعر مثال طور ڏنو آهي. جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
”سچل لغات“ ۽ ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ نبين، ولين، ملائڪن، مشهور شخصيتن، جاين جڳهن، وڻن ٻوٽن، گلن ڦلن ۽ ٻين ڪيترين ئي شين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ايستائين جو ”اڪيداس“ نالي هڪ مجزوب جو ذڪر به ڪيو اٿائون. ”سچل لغات ۾ اڪيداس“ لاءِ سنديلي صاحب لکيو آهي ته:
”اڪيداس: عاقل نالي شخص، رمضان ۾ ڍڳي تي سوار ٿي حقو ڇڪيندو کهڙن (شهر) ۾ آيو ۽ اڪيداس سڏايائين، کيس قتل ڪيو ويو”.(18)
”اڪيداس“ لاءِ ”لغات سچل سرمسترح“ ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهي مفصل ۽ جامع انداز ۾ جيڪو لکيو آهي، تنهن کي هيٺ بيان ڪجي ٿو.
”اڪيداس: مجذوب هو. روايت آهي ته، سترهين عيسويءَ ڌاري رمضان جي ستاويهين تاريخ ڏينهن جو درازن لڳ کهڙن جي شهر جي بازار ۾ڏاند تي سوار ٿي، حقو پيئندو اچي وارد ٿيو. چوڻ لڳو، ”منهنجو نالو اڪيداس، منهنجو نالو اڪيداس آهي“.
ماڻهن کيس روڪيو ۽ ٽوڪيو، پر نه مڙيو. مزي سان حقو پيئندو رهيو. ماڻهن وڃي مخدوم عبدالرحمٰن کي ٻڌايو. مخدوم صاحب پنهنجي هڪ خليفي کي اماڻيو ته وڃي کيس منع ڪري، جيڪڏهن نه مڃي ته کيس شرعي تعزير ڏئي.
خليفو جماعت وٺي اتي پهتو ۽ کيس هدايت ڪيائين، پر هُو نه مڙيو، تنهن ڪري خليفي مٿس دُرَن جي شرعي حد جاري ڪري. جيئن لڪڻ هڻي، تيئن لڪڻ سندسن هٿ مان ڇڏائجي وک کن پري وڃي ڪري. نيٺ اها حقيقت وڃي، مخدوم صاحب کي ٻڌايائون. مخدوم صاحب ماجرا ٻُڌي فرمايو: ”هاڻي توهان وڃو، اسان هت دم ٿا ڪريون، انشاءَ الله ان جو ڪلام ڪافور ٿي ويندو ۽ کيس وڌيڪ پناهه نه ڏئي سگھندو.
خليفي واپس اچي کيس لٺ هنئين، هُو ڍڳي تان ڪري پيو، پوءِ پڪڙي کيس مخدوم صاحب آڏو وٺي آيس. مخدوم صاحب حڪم ڪيو ته کيس پورا ٻه سو اٺ دُرا هڻو. اهو ٻڌي انهيءَ مجذوب دانهن ڪئي ته، هر هڪ دُري عيوض اوهان مان هڪ هڪ ڄڻو قتل ٿيندو. تنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته ”چڱو، کيس ٻه سو ٻاويهه دُرا هڻو ۽ سندس ڍڳو ڪُهي کائو. مجذوب رڙ ڪري چيو: ”خبردار جيڪو به منهنجي ڍڳي جي ٻوٽي کائيندو، سو قتل ٿيندو“.
مخدوم صاحب فرمايو: ”جيڪو تنهنجي ڍڳي جو گوشت کائيندو، تنهن تي دوزخ جي باهه حرام آهي. اهو سڌو جنت ۾ ويندو، نيٺ انهيءَ مجذوب کي ٻه سوءَ ٻاويهه دُرا هنيا ويا ۽ سندس ڍڳو ڪهي گوشت جماعت ۾ ورهايائون. گھڻن ماڻهن فقير جي قول کان ڊڄي ڍڳي جو گوشت ڪو نه کاڌو، پر مخدوم صاحب مقربين، ايمان ۽ يقين سان گوشت رڌي مزي سان کاڌو. ان جو نتيجو اهو نِڪتو، جو 1733ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر جي ڪاهه ۾ مخدوم عبدالرحمٰن، مخدوم محمد عاقل ۽ ٻيا مسجد ۾ شهيد ڪيا ويا. ڪل 222 ماڻهو ماريا ويا“.(19)
ڊاڪٽر بدر ڌامراهي هن لغت ۾ لفظن جي بنيادي معنيٰ کان وٺي تفصلي تشريح تائين وضاحت ڪئي آهي. جنهن سان پڙهندڙ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگھي ٿو. ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي لغت ۾ انهن ڪردار ۽ قصن کي به بيان ڪيو ويو آهي، جن جو ذڪر سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي.
”لغات سچل سرمست“، سچل سرمست جي ڪلام جي لغت آهي، منجهس سچل سرمست جي بيتن، ڪافين، گهڙولي ۽ سه حرفين ۾ آيل لفظن جي معنى ڏيڻ سان گڏوگڏ تشريح ڪئي وئي آهي، تنھنڪري هن لغت کي سچل سرمست جي شعر جي تشريحي لغت چئي سگهجي ٿو.
ٻولي ۽ ثقافت قوم جي سڃاڻپ آهن، جنھن جي وسيلي قومون زنده رهي سگهنديون آهن. عام مفھوم ۾ لغت جي معنى آهي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنى، جيڪا ڊاڪٽر بدر ڌامراهو پنھنجي ڪوشش سان ”لغات سچل سرمست“ پيش ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ بھتر واڌارو ڪيو آهي.
حوالا:
1. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر. سچل لغات. خيرپورميرس: سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2005ع، ص 13
2. ڌامراهو، بدر، ڊاڪٽر. لغات سچل سرمسترح. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2017ع، ص 14
3. ساڳيو، ص 370
4. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر. سچل لغات. خيرپورميرس: سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2005ع، ص 93
5. ساڳيو، ص 124
6. ساڳيو. ص 58
7. ڌامراهو، بدر، ڊاڪٽر. لغات سچل سرمسترح. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2017ع، ص 232
8. ساڳيو، ص 362
9. ساڳيو، ص 104
10. ساڳيو، ص 445
11. ساڳيو، ص 232
12. ساڳيو، ص 382
13. ساڳيو، ص 382
14. ساڳيو، ص 389
15. ساڳيو، ص 408
16. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر. سچل لغات. خيرپورميرس: سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2005ع، ص 37
17. ساڳيو، ص 37
18. ساڳيو، ص 36
19. ڌامراهو، بدر، ڊاڪٽر. لغات سچل سرمست رح. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن 2017ع، ص 46