ٻہ اکر
انساني ڪيفيتن ۾ ”فڪر“ سڀني کان افضل ۽ مٿانهون مقام رکي ٿو. فڪر ئي آهي، جنهن انسان کي ”احسن التقويم“ تائين رسايو. هر ڪم، ڪرت ۽ قدم لاءِ فڪر ڪرڻ هڪ سٺو سنوڻ ۽ سهڻي صفت آهي. فڪر ئي ته آهي، جنهن لوهه کي هوا ۾ اڏايو، پهڻن کي پاڻيءَ ۾ تاريو ۽ ورهين جي سفر کي سهنجو بڻايو. ڪائنات جون هڙئي تخليقون فڪر جو نتيجو آهن. اردو ادب جي برک ڏاهي واصف علي ”واصف“ جو چوڻ آهي ته: ”سوچڻ وارن جي دنيا، دنيا وارن جي سوچ کان الڳ هوندي آهي.“ سوچڻ ۽ لوچڻ وارن ماڻهن جي دنيا ئي الڳ ٿلڳ آهي. اهي پنهنجي دنيا ۾ جستجو، لوچ پوچ ۾ مگن هوندا آهن ۽ سندن زندگي ٻين لاءِ انوکو مثال هوندي آهي. اڄ دنيا ۾ جيڪا به نواڻ ۽ جدت آئي آهي، سا ان سوچ ۽ لوچ جو نتيجو آهي.
سوچڻ ۽ سوچڻ کان پوءِ لکڻ، لکڻ به اهڙو جو ماڻهن جا من موهجي پون..! اهڙن اديبن کي سلام جن جون تحريرون ۽ تخليقون دلين ۾ جاءِ جوڙين ۽ دماغ جا پردا کولين ٿيون. جادوگر چئبا، اهي اديب...! اهڙن اديبن جي پيروي، ڳوڙهي اڀياس ۽ دماغ سوزي ڪرڻ کان پوءِ ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ لکِيم، جيڪو ڪتابي صورت ۾ اوهان جي اڳيان آهي. تيرهن مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو هر مقالو جديد تحقيق جي اصولن تي لکيو اٿم. تحقيقي مقالا لکڻ لاءِ تحقيقي رهنما جي ضرورت پوندي آهي. جن استادن منهنجي رهنمائي ڪئي، انهن ۾ ڊاڪٽر مهر خادم، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو سر فهرست آهن.
ڪتابُ، پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ کان پهريائين ڪيئي فني ۽ فڪري مرحلا طئي ڪندو آهي. انهن مِڙني مرحلن ۾ ڪتاب جي ليکڪ/ مرتب/ محقق، ماءُ جيان ڪتاب جي پرگھور لهندو آهي. اکرن کي لفظن، لفظن کي جملن، جملن کي پيراگرافن، پيراگرافن کي مضمونن ۽ مضمونن کي ڪتاب بڻائڻ کان وٺي ڪتاب کي ڇپائي، اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ دوران جيڪي به مرحلا طئي ٿين ٿا، تن ۾ ليکڪ قدم قدم تي نهايت سچيتائيءَ سان پڙهندو، پرجھيندو ۽ جستجو ڪندو رهندو آهي.
ٿورائتو آهيان، اسير امتياز جو، جنهن منهنجي مقالن کي وقت سر هن ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڙهندڙ دوستن کي پڙهڻ لاءِ آڇيو آهي. مان هن هنڌ مير حاجن مير جو ٿورو به مڃڻ چاهيان ٿو، جنهن سان مون هجت ڪئي ۽ ٿورڙي عرصي اندر ڪتاب جو مهاڳ لکي، منهنجي همت افزائي ڪئي. آءٌ ٿورائتو آهيان، عزيز ڪنگراڻيءَ جو، جن قيمتي وقت ڪڍي ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. مان دل جي اٿاهه گھراين سان پنهنجي استاد، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن فليپ لکيو.
رياض ڪلهوڙو
نئون ديرو