لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لوچي لڌم لال

لوچي لڌم لال، سنڌي شعبي جي ليڪچرار محترم رياض حسين ڪلهوڙي جو تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن تي مشمتل ڪتاب آھي. ھِي ڪتاب جنوري 2023ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سنڌسلامت سٿ، ليکڪ جو ٿورائتو آھي جنھن سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھِيءُ ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ سافٽ ڪاپي پڻ موڪلي ڏني.

Title Cover of book لوچي لڌم لال

شاهه عبداللطيف منهنجي نظر ۾

شاهه عبداللطيف منهنجي نظر ۾


سڳنڌ چوان يا سرهاڻ، خوشبو چوان يا کٿوري، شخص چوان يا شخصيت، انسان چوان يا ادارو، استاد چوان يا ڪتب خانو، مڻيو چوان يا مالها، احمق ۽ اياڻو آهيان جو شاهه کي سندس رُتبي ۾ نه ٿو سڃاڻان. غور فڪر، سوچ ويچار ۽ ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ، آءٌ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب لاءِ پارس سمجهان ٿو. جيئن رات ته چنڊ، ڏينهن ته سِجُ، ماکي ته ميٺاج، ڪتابُ ته ورقَ، گلُ ته خوشبو، ساگر ته پاڻي، ريگستان ته واري، تيئن سنڌ ته ڀٽائي. بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور چيو آهي ته ”مان اهو نه سمجهي سگهيو آهيان ته شاهه لطيف سنڌ آهي يا سنڌ شاهه لطيف آهي.”(1)سنڌ سان شاهه جو تعلق جسم سان روح جي تعلق جيان آهي. دنيا جي هر موضوع کي پنهنجي شاعري ۾ قلم بند ڪندڙَ هنَ عظيم انسانَ 1689ع ڌاري شاهه حبيب جي گھر ۾ جنم ورتو. سيد گهراڻي جو هي چشمُ و چراغُ ڄمندي ئي ڄامُ هو. سندس سيني ۾ علم جو سمنڊ سمايل هو. شاهه صاحب جي تعليم بابت فقط ايترو واضح ٿي سگهيو آهي ته نور محمد ڀٽي سندس استاد هو. ليلا رام وتڻمل موجب ”اسان کي پتو ناهي ته اسانجو شاعر نور محمد ڀٽيءَ وٽ گھڻو وقت پڙهيو ۽ ڪيترو پڙهيو”. (2) مير علي شيرقانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام“ ۾ لکيو آهي ته ”اگرچه حضرت شاهه لطيف اڻ پڙهيل هو، ته به ساري عالم جو علم سندس دل جي تختيءَ تي لکيل هو”. (3) پاڻ مادري ٻوليءَ جا ماهر، عربي ۽ فارسيءَ جا عالم هئا.
سندس تعلق ڪلهوڙا دؤر حڪومت سان هو. ڀٽائي ڀلارو هو جنهن جي بدولت ڪلهوڙن جي دؤر کي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري حيثيت حاصل آهي. حالانڪ هن زماني ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالت تمام گهڻو ڏتڙيل ۽ درهم برهم هئي. هن دؤر جي حالات بابت پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته ”سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل هيون. باهمي نفاق، مساهپ، حسد، بغص ۽ عناد جي باوجود به، سنڌ جي غريب عوام تي انهن سڀني قوتن جو گڏيل قبضو هو. جنهن جي ڪري هتان جي رهاڪن جو جسم غلام، ذهن مفلوج، ڪڇڻ پڇڻ جي قوت سلب ۽ سڀيئي انساني حق کانئن کسيل هئا. سنڌ هِڪَ عجيب و غريب بحراني ڪيفيت ۾ مبتلا هئي ۽ انهن حالتن سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان زياده زبون ۽ بدتر ڪري ڇڏي هئي. آب رساني جو سلسلو پوريءَ ريت ڪو نه هو ۽ نه چارن پيچرن کان سواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام رستا ۽ شاهي سڙڪون هيون. افلاس، تنگدستي ۽ بک پيڙا انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪنهن به مظلوم جو سڏ واڪو ڪو نه ٿي سڻيو!“ (4)
شاهه صاحب کان اڳ توڙي سندس وقت ۾ سنڌ جي درٻاري زبان فارسي هئي. اڪثر شاعر ۽ اديب فارسيءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا هئا. ان باوجود شاهه صاحب پنهنجو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو جيئن عام لوڪ سندس ڪلام مان حظَ حاصل ڪري سگهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي دنيا ۾ وڌيڪ عظمت ۽ امرتا ملي سگهي. ”شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي استعمال ۾ آندي آهي تنهن کي نج سنڌي ٻولي چوڻ درست آهي. ڇاڪاڻ جو ان ۾ سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻوليءَ جا لفظ به موجود آهن. مڪمل سڌريل (سنسڪرت) ٻوليءَ جا لفظ به موجود آهن ۽ عربي فارسي لفظ به قائم آهن. پر اهي سڀ اهڙا عام فهم آهن جي سنڌ جو هر ڪو هندو خواه مسلمان آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.”(5) ”سنڌي ٻولي ته شاهه صاحب اهڙي مٺي ۽ رسيلي ڪم آندي آهي، جو ڍڪ ڀري پئجي ته ڍوء نه ٿئي. جهڙي نموني جي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيو اٿس تهڙي نموني جي ٻولي ڪتب آندي اٿس”. (6) علامه دائود پوٽي ”شاهه جي رسالي“ کي سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو ضامن قرار ڏيندي لکيو آهي ته ”منهنجو عقيدو آهي ته جيسين شاهه جو ڪلام جيئرو آهي، تيسين سنڌي زبان کي وسوئي ڪونهي”. (7)
سنڌ ۾ ايڪي، اتحاد، اتفاق ۽ ٻڌي جو تاريخ ۾ ڪو مضبوط مثال نه ٿو ملي. ٽيويهه سو ورهيه اڳي يونانين جي حملي وقت سنڌ جا ماڻهو قوم ته ڇا پر اڃا رياست به بنجي نه سگهيا هئا. (8) عربن جي حملي وقت سنڌ جي ماڻهن وٽ پنهنجي رياست ته هئي پر جنهن زور تي اها قائم ڪيل ۽ بيٺل هئي، ان زور کي اها اڃا پنهنجو ڀَرُ بنائي نه سگهي هئي. يعني سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي اڃا قوم بڻائي نه سگهيا هئا”. (9) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته سنڌ جي سومرن حاڪمن سنڌ جي قومي آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري لاءِ جنگ آزادي جو بنياد رکيو ۽ دهليءَ جي سلطنت طرفان سنڌ جي سياست ۾ مداخلت خلاف جنگ جو شاهي طبل وڄايو”. (10) تحقيق واري نظر سان ڏسبو ته دهليءَ جي سلطان جي لڙائي سومرن جي سردار دودي سان هئي نه ڪي سنڌي قوم سان، بيشڪ دهلي جي سلطان سان سومرا ۽ ابڙا بهادريءَ سان وڙهيا. پر ايڪو ۽ اتحاد جيڪو سنڌي قوم ۾ هجڻ گهرجي ها سو تاريخ ۾ ڪٿي به نظر نه پئي آيو. سمن جي دؤر کان ويندي ڪلهوڙن جي دؤر تائين فردن ۽ قبيلن جي صورت ۾ ڪيئي قصا ملن ٿا پر قومي حيثيت ۾ ٻڌي ڪٿي نظر نه ٿي اچي. اهڙي ڪمي کي محسوس ڪندي شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ايڪي ۽ اتحاد جو درس ڏنو آهي. شاهه صاحب سنڌي ماڻهوءَ جي ذهني اوسر ۽ قومي مزاج توڙي طبقاتي تضادن جو اونهي اک سان مشاهدو ڪيو آهي. شاهه صاحب سنڌي قوم کي متعدد مثال ڏئي اتحاد جي اهميت سمجهائي آهي.
وڳر ۾ وائي، ڪال تنهنجي ڪونجڙي!
سَرَ ۾ سارينئي گهڻو، ڀينر ۽ ڀائي،
پسين نه ڦاهي، جا مارِي سندي من ۾.
(سر ڏهر)
“هن بيت ۾ شاهه صاحب هڪ اهڙي نادان انسان کي، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي فطري پيار جي اهميت کا باخبر ڪري ٿو، جيڪو انهن کي ڇڏي، انهن کان الڳ ٿي، دشمنن جي دوکي ۾ ڦاسي ۽ پنهنجن کي وساري ويٺو آهي. هو پنهنجي ذات، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي نسل سان وفادار نه آهي پر ڌارين جي دولاب ۾ اچي، دلاسي جي دوکي ۾ ڦاٿل آهي. شاهه صاحب کيس سندس ڀائرن ۽ ڀينرن جو لافاني ۽ سچو پيار ياد ٿو ڏياري، جيڪو سڀ کان سچو ۽ مقدم پيار آهي. (11)
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن مڻهان ميٺ گھڻو،
جڏهن روس ۾ انقلاب آيو ته اتان جي حڪومت طرفان سڀ کان پهرين اتان جي شاعرن ۽ اديبن کي محفوظ جاءِ ڏانهن موڪليو ويو. پي بي شبلي لکيو آهي ته ”شاعر دنيا جا غير تسليم شده قانوندان آهن”. (12) ”قومون، ملڪَ ۽ سماجَ پنهنجن شاعرن وسيلي سڃاتا ويندا آهن”.(13) ارسطوءَ جو قول آهي ته ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي”. (14) ”شاهه جي شاعريءَ ۾ جيڪا خيال جي گهرائي آهي، جدت ۽ انفراديت آهي، اسلوب بيان جي نواڻ آهي، سا کيس منفرد سڃاڻپ ڏياري ٿي. فني ۽ فڪري لحاظ کان لطيف جو ڪلام اوچي درجي جو آهي ته وري معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين جو ساگر منجهس ڇوليون هڻندو نظر ايندو. سندس فن ۽ فڪر، معنيٰ ۽ ٻولي پنهنجي زماني سميت اڄوڪي دؤر جون به گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا”.(15) ”شاهه جي طبيعت ۾ خدا تعاليٰ نه رڳو ”جدت“ جو مادو رکيو هو، پر خيال به نهايت بلند ۽ اعليٰ سمايائين.ڪهڙي به سادي شيءَ بابت سادن لفظن ۾ شاهه صاحب اهڙا ته انوکا ۽ بلند خيال پيش ڪيا اٿس، جو سندس تعريف ۾ لفظ ساٿ ڇڏيو وڃن. ”يڪ مشت نمونه خروار“ وانگر هت هڪ ئي مثال ڪافي آهي.
پاڇاهي نه پاڙيان، سرتين سُئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگھاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.
ڪپڙن سبڻ جي سُئي ڪنهن نه ڏٺي هوندي؟ پر ان سئيءَ مان سبق پرائڻ ڏانهن ڪنهن جو خيال ئي ڪو نه ڊوڙندو آهي. شاهه صاحب مارئي جي زبان ۾ چوي ٿو ته: ”منهنجون سرتيون، جا سئي ڪتب آڻين ٿيون، تنهن سان مان ڪنهن بادشاهيءَ کي برابر نه ٿي سمجهان، ڇاڪاڻ جو کيس پنهنجو پاڻ ڍڪڻ جي پرواهه ئي ڪانهي، ته به ڪپڙا سُبيو ٻين اگھاڙن کي پيئي ڍڪي. اي انسان! تون پاڻ ماري پوءِ جيئرو رهندين تڏهين انهيءَ ننڍڙي سُئيءَ جون وصفون پروڙي سگهندين.”(16)


حوالا:
1. سنڌي مخلص:“ڀٽائي ڪوئز...تقريرون....بيت بازي“ حيدرآباد، ڌرتي پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، جنوري 2017، ص 42.
2. سورلي، ايڇ ٽي:“ڀٽ جو شاهه”ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، جون جولاءِ 1992، ص259
3. اختر مسعود: ”ڳالهيون شاهه لطيف جون“ حيدرآباد، شاهي بازار، جيلاني مارڪيٽ، نويد بوڪ ڊپو، ڇاپو پهريون 2009، ص 13
4. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، ص 178
5. ميمڻ محمد صديق: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ سنڌ حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، ڀاڱو پهريون،1937ع ص 136،137
6. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر:“سنڌ جي ادبي تاريخ“ شڪارپور، واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي، چاپو پنجون، ڊسمبر 2014، ص 121
7. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، ص 421
8. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 35
9. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 36
10. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، ص 171
11. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991، 264
12. سنڌي مخلص:“ڀٽائي ڪوئز...تقريرون....بيت بازي“ حيدرآباد، ڌرتي پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، جنوري 2017، ص 13.
13. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 17
14. جويو محمد ابرهيم: ”شاهه سچل سامي“ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو ڇهون 2006، ص 19
15. فهميده حسين، ڊاڪٽر:“شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ“ حيدرآباد، ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڇاپو پهريون آگسٽ 1993، ص 226،227
16. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر:“سنڌ جي ادبي تاريخ“ شڪارپور، واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي، چاپو پنجون، ڊسمبر 2014، ص 126