لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لوچي لڌم لال

لوچي لڌم لال، سنڌي شعبي جي ليڪچرار محترم رياض حسين ڪلهوڙي جو تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن تي مشمتل ڪتاب آھي. ھِي ڪتاب جنوري 2023ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سنڌسلامت سٿ، ليکڪ جو ٿورائتو آھي جنھن سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھِيءُ ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ سافٽ ڪاپي پڻ موڪلي ڏني.

Title Cover of book لوچي لڌم لال

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مذهبي لاڙو

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مذهبي لاڙو


ABSTRACT:
The great poet of 20th century Shaikh Ayaz, in his various parts of life keeping in view of study, divided his poetry in versatile directions, subjects of his poetry were Nationalism, Humanity; Progressivism. Shaikh Ayaz has been freedom lover poet, he expressed the ideas that meant to be expressed from his birth to death. He never cared about tradition of societies, abiding of laws and, culture while expressing his ideas in the shape of poetry. He discussed various issues of society, culture and religion through his poetry but in the last decade of his life he frequently elaborated the religion in his poetry. Shaikh Ayaz presented the art of classical poets of Sindhi language in new direction, because of this he remained under criticism. He is the leader of progressivism of Sindhi language, who provided the passion for new generation. Political struggle, conditions of society and revolutionary reflection can be seen in his poetry because of this his books were not only banned to be published but he was also sent to Prison. He passed away on 28th December 1997.
ورقن کي ورائبو ته سونهاري سنڌ جِي سونهري تاريخَ مڻيا دار مانجهين سان ڀري پئي آهي. ويڙهي ۾، واهڻ ۾، وانڍ توڙي وسندين ۾ انمول انسانَ، عابد ۽ عالم، ڏاها ۽ ڏاتار، جوڌا ۽ جوان، سياڻا ۽ سڄاڻ، سگھڙ ۽ سپورنج، صوفي ۽ سالڪ، ارڏا ۽ اديب، سياسي ۽ سماجي ستارا چمڪندي نظر ايندا. رب العالمين سنڌ جي چَپي چَپي کي الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت ڏني آهي. هن زرخيز ۽ سرسبز ڌرتيءَ پنهنجي ڪُکِ مان اهڙن املهه انسانن کي جنم ڏنو آهي جن جو مثال دنيا ۾ ملڻ محال آهي. اهڙن مايهء ناز فرزندن ۽ سڀاڳن سپوتن ۾ شيخ اياز به هڪ آهي. ماضيءَ جي تسلسل، حال جي ترجمان ۽ مستقبل جي رهبر شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سامي جي سلوڪن جي سڃاڻپ رکندڙ شڪارپور جي بناوت، دنيا جي قديم شهرن جهڙي آهي. هن جي چوڌاري خوبصورت باغن ۽ بهترين علمي ادارن جو ڪڙو چڙهيل هوندو هو. تاريخ نويسن هن کي ”سنڌ جو پئرس“ به ڪوٺيو آهي. علمي حوالي کان هن کي اهو شرف حاصل آهي ته 1843ع ۾ سنڌ جو پهريون هاءِ اسڪول هتي قائم ٿيو. جيڪو اڄ به پنهنجي جرڪندڙ ماضيءَ سميت هاءِ اسڪول نمبر 1، جي نالي سان موجود آهي. مشهور اديب محمد عارف ”صنعت“ شڪارپور جي تعريف ۾ لکيو آهي ته:
شڪارپور که رشک، رياض رضوانست،
چمن هميشه بهار وشگفته خندانست.

ترجمو: شڪارپور جو شهر رشڪ باغ رضوان آهي، سدا گلن سان ڀريل ۽ شگفته خندان آهي.(1)
غلام حسين شيخ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ شيخ اياز جو اصل نالو مبارڪ علي هو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي علم سان عشق جي حد تائين چاهه رکندو هو. شروعاتي تعليم ورنيڪيولر ۽ نيو ايرا اسڪول ۾ پرايائين. 1941ع ۾ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. خاص دلچسپي، محنت ۽ غيرمعمولي ذهانت جي ڪري انٽر جي امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي اڻويهه هزار شاگردن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. 1995ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي اي ۽ 48-1947ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي جي ڊگري وٺي عملي ميدان ۾داخل ٿيو. شيخ اياز ڪڏهن ڪنهن بين الاقوامي يونيورسٽيءَ ۾ نه پڙهيو، ان باوجود سندس شعوري سطح ۽ مطالعو ڪنهن به ملڪي يا غير ملڪي اعليٰ ڊگريءَ جي لاءِ ڪيل مطالعي کان گھڻو گهِرو هو. سندس شعور جو وهڪرو ڪاغذي سنَدنُ کان مٿانهون رهيو آهي. ڪتابن سان ته ازلي ناتو هوندو هئس. پاڻ پنهجي آتم ڪهاڻي ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکيو اٿائين ته: ”مان جڏهن ٻئين درجي سنڌيءَ ۾ پڙهندو هئس ته بابا مون کي پوڪرداس ائنڊ سنز نالي ڪتاب گھر مان گل باصنوبر چه ڪرد، امير حمزه جو داستان (4 حصا)، حاتم طائي جو قصو (4 حصا)، الف ليليٰ جو قصو (جيڪو غالبن رچرڊ برٽن جي ڪتاب جو ترجمو هو)، چندر ڪانتا (28 حصا) خريد ڪري ڏنا هئا. مون اهي پندرهن ڏينهن ۾ پڙهي پورا ڪيا هئا”.(2)
شيخ اياز جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ لاءِ ڏينهن، مهينا يا ورهيه پنهنجي جڳهه تي پر وسيع مطالعو ۽ باز واري اک گھرجي جيڪا سندس گھرائي جي تهه تائين پهچي سگھي. شيخ اياز ورهين جو نه بلڪه صدين جو شاعر هو. ڏاهپ ۽ ڏات هر انسان ۾ فطري هوندي آهي پر زمان ۽ مڪان، وقت ۽ حالتون، زندگيءَ جو وهنوار، ڪوشش ۽ جدوجهد، مستقل مزاجي ۽ روشن خيالي واريون قوتون پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن. 1947ع ۾ ملڪي ورهاڱي دوران وڇوڙي جي اهڙي واءُ گھلي جنهن ۾ سور سلڻ وارا، ڏک سک ونڊڻ وارا، روح ورونهن ڪرڻ وارا، سٻاجھڙي سنڌي ڳالهائڻ وارا ڌرتيءَ کان ائين ڇني ڌار ڪيا ويا جيئن جسم مان روح پرواز ٿي ويو هجي.ورهاڱي جو سمورو لقاءَ شيخ اياز اکين سان ڏٺو، ڪنن سان ٻڌو، اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو. کيس پروڙ پئجي چڪي هئي ته محبت ۽ نفرت، وصال ۽ وڇوڙو، ڌرتيءَ ۽ وطن سان وفاداري، سنڌوءَ جي سڪ ۽ مذهبي مسئلا ڪيترا ڳنڀير ٿين ٿا. ڊاڪٽر الهوسايو سومرو لکي ٿو ته: ”سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي سرموڙ سورمن، سرويچن، بهادرن، جوڌن ۽ دودن جو ذڪر ملي ٿو. ٿر، بر، بک ۽ معاشي بدحالي، استحصالي ۽ مظلومن جي ڪوڪ، دانهن ۽ پڪار کي به پنهنجي ڪلام اندر سموهيو اٿس. سندن ڪلام جي وڏي خوبي اها آهي جو اهو آفاقي پيغام آهي”.(3)
سنڌ جي ممتاز شاعر شيخ اياز مسڪين ماروئڙن جي اهنجن، ايذائن، ڏکن، پيڙائن ۽ دردن جي اهڙي ته نرالي انداز ۾ ترجماني ڪئي آهي جو سندس شاعريءَ ۾ لکيل هر لفظ پنهنجي جڳهه تي هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. خيال جي ايتري گھرائي اٿس جو سمنڊ جو تهه ملي ويندو پر سندس تخيل اڃا اونو ٿيندو. هن پنهنجي ڏات ۽ ڏاهه سان نوجوانن ۾ قومي شعور جاڳائڻ لاءِ جوش ۽ خودداريءَ واري سوچ کي اڀاريو آهي. ”سهندو ڪير ميار او يار!”، ”سنڌو ديش جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان”، ”سنڌو ديش مهان، سنڌو ديش مهان”، ”مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ ”مون آزاديءَ جي سيئن هنئين، مون لاٿا طوق غلاميءَ جا”، ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو“ واري تصور سنڌي ماڻهن ۾ اهڙو اتساهه پيدا ڪيو جو گھٽي گھٽيءَ ۾ سندس گيت گونجندا رهيا. اياز شاعري کي عبادت سمجھندو هو، ڪنهن شعر لکڻ يا ڪتاب پوري ڪرڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪندو هو. پاڻ پنهنجي ڪتاب ”شاعريءَ جو سجدو“ ۾ لکيو اٿائين ته: ”منهنجا خدا! مون کي معاف ڪجان، منهنجي عبادت رڳو منهنجي شاعريءَ ۾ ئي آهي. منهنجي شاعري انهيءَ ٻڪرار جي گفتگوءَ وانگر آهي، جنهن کي موسيٰ عليه السلام جي موجودگيءَ جو احساس نه هو”.(4)
جيئن انساني زندگي ٻاروتڻ کان ٻڍاپڻ تائين مختلف مرحلن ۾ گذرندي آهي، تيئن شعور به مرحلا طئي ڪري هڪ اهڙي صورت ڌاريندو آهي، جيڪا گھڻي ڀاڱي انسان جي ننڍپڻ ۽ جواني جي مرحلن جي بلڪل ابتڙ هوندي آهي. ممڪن آهي ته ان جا به ڪي سبب هجن پر بيماري، پوڙهائپ، موت ۽ موت کان بعد جي حياتيءَ جو تصور ان ماڻهوءَ جي جوانيءَ جي ڪيل عملن لاءِ پڇتاءَ يا ترميم جو سبب بڻجي ٿو. شيخ اياز سان به اهڙي ڪا صورتحال سرزد ٿي هوندي جو شيخ اياز پنهنجي اڳئين شاعريءَ کي ريٽي ۽ مذهبي شاعري وارا لاڙا اختيار ڪيا. نه رڳو ايترو پر جيڪا اڳئين شاعري قومپرستيءَ ۽ اشتراڪي لاڙن واري هئي ان تان هٿ کنيو ۽ بعد واري مذهبي شاعريءَ کي ئي پنهنجو سرمايه افتخار سمجهيو. ان سلسلي ۾ پاڻ لکي ٿو ته: ”يا رب! مون کي سگهه ڏي ته باقي عمر رڳو تنهنجا گيت ڳايان. عارضي ۽ فانيءَ کي پنهنجي ڌيان تان هٽايان ۽ پنهنجي روح جي موسيقيءَ کي تو ۾ ايئن سمايان جيئن ندي پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائيندي آهي. اها منهنجي آخري دعا آهي. اها دعا قبول فرماءِ”.(5)
ادب جي پرک جو هڪ مک معيار ادب جا فڪري محرڪ هوندا آهن. ان ڏس ۾ شيخ اياز کي پرکجي ته سندس شاعريءَ ۾ فڪري محرڪن جون نه رڳو مختلف روايتون گڏ گڏ هلندي نظر اچن ٿيون پر اهي وقت ۽ دؤرن سان گڏ مٽجندي به نظر اچن ٿيون. مثال طور ورهاڱي کان اڳ جيڪا طبعزاد اردو شاعري ڪيائين ان ۾ ويڳاڻپ، وجوديت ۽ مزاحمت جا اهڃاڻ گڏ گڏ ملن ٿا ۽ ٻيو دؤر اياز جو عاشقيءَ وارو دؤر آهي. جنهن ۾ ڀوئنر ڀري آڪاس جي شاعريءَ جو ڳٽڪو لکي ٿو ۽ ان دؤر ۾ اياز جي شاعريءَ جا محرڪ رومان ۽ حسن پرستي نظر اچن ٿا. ٽيون دؤر ون يونٽ جو دؤر جيڪو ڏاڍ ڏمر وارو هو ان دؤر واري شاعري اياز جي مزاحمت واري آهي ان ۾ قوم ۽ وطن سان محبت جا جذبا عيان آهن. چوٿون سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلري وارو دؤر آهي. جنهن ۾ اياز تي فڪري وجوديت حاوي آهي. ان ئي دؤر ۾ اياز ”پتڻ ٿو پور ڪري“ شاهڪار شاعريءَ جو ڪتاب ڏنو آهي. پنجون دؤر جمهوريت پسنديءَ وارو دؤر آهي جنهن ۾ هو بقاءِ باهميءَ ۽ رواداريءَ وارن لاڙن ڏانهن راغب آهي ڇهون ۽ سندس پويون دؤر روحانيت پسنديءَ جي لاڙن وارو دؤر آهي. جنهن ۾ هو مذهبي ۽ مدحيه شاعري ڪري ٿو جيڪا سنڌ جي ترقي پسندن وٽ تڪراري بڻي. شيخ اياز جي اسلامي فڪر جي هڪ نمايان ۽ اهم خاصيت اها آهي ته سندس فڪر محض تصوف يعني اندر کي اجارڻ ۽ دل جي دنيا کي آباد ۽ منور ڪرڻ تائين محدود نه آهي پر هو ان حد کان اڳتي وڌي اسلام کي مڪمل نظام زندگي سمجهي ٿو ۽ اسلامي شريعت کي دؤر جديد جي انسانيت جي سمورن مسئلن جو حل قرار ڏئي ٿو. رسول الله ﷺ جن جي تعليمات کي حرف آخر سمجهي ٿو. شيخ اياز جي خيالن ۾ تبديليءَ جي اثرن جا جيڪڏهن محرڪ ڳولهبا ته اسان کي ڪافي سارا محرڪ ملي ويندا. جن ۾ مذهب بابت ڳوڙهو اڀياس ۽ غور فڪر، ڪجهه شخصيتون سندس دوست ۽ پنهنجي گھرواريءَ جو وڏو هٿ آهي. سندس گھرواريءَ جي اثرن متعلق محمد موسيٰ ڀٽو، شيخ اياز جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”منهنجي گھر واري نه صرف پنج وقت نماز جي پابند آهي. بلڪه اها تهجد گذار به آهي. ان جي مسلسل اها تلقين هوندي آهي ته الله کي سڃاڻ ۽ الله جي عبادت ڪر. سندس چوڻ هو ته، ان جي دعائن جي بدولت مون کي حق جي راهه نصيب ٿي آهي”.(6)
شيخ اياز سنڌي ٻولي جو هڪ اهڙو شاعر هو جنهن جو زندگي ڀر اسلامي شريعت سان ڪو به واسطو نه رهيو. ننڍپڻ ۾ به اهڙي ماحول ۾ پليو ۽ نپنيو جو مذهبي حوالي سان عدم دلچسپيءَ واري ڪيفيت ۾ گذاريائين. هن جو خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ شهري مزاج جو مالڪ هو. سندس تربيت پڻ اهڙي ئي ماحول ۾ ٿي جو هندو مومن هڪ ٿيو واري واٽ ورتائين ۽ مذهب کي فرد جو ذاتي مسئلو سمجهيائين. پر عمر جي آخري ڏهاڪي ۾ مذهب ڏانهن سندس پراڻي خيال ڦيرو کائي هڪ نئون روپ ڌاري ورتو. اسلام ڏانهن راغب ٿيڻ کان پوءِ ايستائين خيال ۽ ارادي ۾ پختو رهيو جو اسلام کي سمجهڻ لاءِ هر شعوري ڪوشش ڪيائين. سندس مذهبي ڦيري متعلق محمد موسيٰ ڀٽو لکي ٿو ته: ”هن تصوف جي هڪ سلسلي نقشبنديءَ سان عملي تعلق جوڙيو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان خط جي ذريعي بيعت ڪري ۽ ذڪر ورتائين.”(7)صوفي طريقي ۾ بيعت وٺڻ لازمي هوندي آهي. ڇو ته مرشد کان سواءِ رهنمائي اڌوري هوندي آهي. مرشد کان هدايت وٺڻ لاءِ پاڻ اسلام جي پوئواري ڪندي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان کي مذهبي رهنما تسليم ڪيائين. مذهبي مطالعي، لڳاءَ ۽ ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ پاڻ مذهب ڏانهن مائل ٿيو، اهڙي علم جي پروڙ سندس شاعريءَ مان پوي ٿي. شيخ اياز جي دعائن جي اها خصوصيت آهي ته هن عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ لفظن جو سهارو تمام گھڻو ورتو آهي. شيخ اياز لفظن جو جادوگر شاعر آهي. پنهنجي شاعري ۾ سنڌي لفظن جي مالها جوڙي ٿو. لفظن جي صورت گري ڪري ٿو. جيڪي لفظ دعا کي پراثر ۽ ماڻهن جي اندر ۾ پيهي وڃڻ جهڙو محسوس ٿين ٿا. جيئن پاڻ لکيو اٿائين ته: ”يا رب! مان ٻوليءَ تي ڪيڏي به مهارت حاصل ڪيان، ڪيڏا به ان جا ڄار اڻان، تنهنجو تصور انهن ۾ ڦاسي نه ٿو سگھي ۽ انهن مان پاڻيءَ وانگر ترڪي ٿو وڃي!...منهنجي لونءَ لونءَ تنهنجي لغات آهي، پر تون اظهار کان بلند و بالا آهين“.(8)
شيخ اياز گھڻو ڪري زندگيءَ جي ڏکن سورن، ڪائنات جي نظارن ۽ زندگيء جي فنا تي ڳالهايو آهي. زندگيءَ جي فنا جي حسرت هر ماڻهوءَ کي ٿئي ٿي. ڪي ڏاها ماڻهو جوانيءَ کان حياتي جي بي بقا هجڻ تي لکندا ۽ سوچيندا آهن. پڇاڙيءَ ۾ غور ۽ فڪر ڪندا آهن. شيخ اياز زندگيءَ جي فنا تي منڍ کان وٺي غوروفڪر ڪندو آيو آهي. پڇاڙيءَ ۾ ته هن تي جَجھي انداز ۾ لکيو اٿائين. هونئن به شيخ اياز تي شاهه لطيف جو اثر هو. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي رنگن ۾ هڪ رنگ مذهب جوبه آهي. جيڪو سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ جاءِ بجاءِ قرآن جي آيتن ۽ آيتن جي ٽڪرن جي صورت ۾ نمايان آهي. شيخ اياز شاهه لطيف جي واٽ وٺندي پنهنجي شاعريءَ ۾ رب تعاليٰ کي ٻاڏايو آهي. پنهنجي دعائيه شاعريءَ وسيلي نوان خيال ۽ نوان گھاڙيٽا گھڙيا آهن. اياز جيڪا به دعائيه شاعري ڪئي آهي اها زندگيءَ جي آخري ڏهن سالن جو نچوڙ چئي وڃي ٿي. سندس دعائن ۾ هڪ اعليٰ قسم جا خيال ۽ لفظن جي اڻت آهي. اهي دعائون شيخ اياز جي دل ۽ روح مان نڪرندڙ آلاپ هئا. جن ۾ هڪ قسم جو رومانس پڻ سمايل آهي.
ڀاڪر پايان ڀاو سان، ماڻهو ماڻهو سان،
آءٌ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.(9)
شيخ اياز خود اعترافيءَ طور پنهنجي ڏوهن ۽ پاپن جو کليءَ دل سان اعتراف ڪيو آهي. دعائيه شاعريءَ ذريعي شيخ اياز هڪ سبق آموز زندگيءَ جي راهه هموار ڪئي آهي. زندگي گذارڻ جي اصل مقصد کي بيان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿس. اياز هڪ مڪمل تحرڪ ۾ اچڻ کان پوءِ صحيح معنيٰ ۾ نياز نوڙت اختيار ڪئي. ان انڪساريءَ اياز جي زندگيءَ ۾ ڪيئي تبديليون آنديون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن حقيقي واٽ وارو دڳ اختيار ڪيو ۽ خدا جي وحدانيت ۽ هيڪڙائي کي پنهنجي شعر جو اصل مقصد سمجهيو. جتي شيخ اياز جي دعائيه شاعريءَ ۾ خدائي توحيد، حق سچ ۽ نياز نوڙت ملي ٿي. اتي اياز وٽ ابتدائي دؤر ۾ به خدا جو تصورموجود هو. اياز، خدا ۽ خدا جي بڻايل ڪائنات جي تعريف ڪندڙ شاعر آهي. هن کي دنيا جي هر نظاري ۾ خدا جي خدائي نظر اچي پئي. اهڙو ذڪر پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڪيو اٿائين ته:
هرڻ آيو ترائيءَ تي، لهي ٿو سج ليارن ۾،
نه ڌرتيءَ تي خدا، تصوير ٻي اهڙي بڻائي آ! (10)
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ گهرو فلسفياڻو تخيل سمايل آهي. جيڪو هن پنهنجي مسلسل فڪري ۽ احساساتي رياض سان حاصل ڪيو آهي. شيخ اياز جي ٻولي ۽ فن، بلندين جي ڪمال کي رسي ٿو. هن سنڌي ٻوليءَ کي نواڻ ۽ نئون حسن بخشيو. اصل ۾ فڪر ۽ تخليقي سگهه ٻوليءَ کي نئون جنم ڏين ٿا. جنهن سبب اياز جون تشبيهون روايتي يا اڌاريون کنيل نه آهن پر اهي آفاقي آهن. اياز جا استعارا، تلميحون، اشارا، ڪنايا، ڪافيا، بندشون ۽ خيال جي اڻت ڄڻ ته هڪ تخليقي ڪرشمو آهي، جيڪو ويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڳ ۾ آيو. شيخ اياز جي شاعري سندس ٻوليءَ جي مهارت جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. پاڻ هڪ غزل ۾ لکيو اٿائين ته:
تون سرد سياري باک به آن، تون منهنجي لوئي لاک به آن
تون ڪائي سک جي ساک به آن، جا ڳائي گيت چوائين ٿي
يا
ڇا هيل اها رابيل هئي جا، اڳ به سڳنڌون ڏيندي هئي،
هن جيون جي ڦلواڙيءَ ۾، تون پاڻ وري ورجائين ٿي (11)
هڪڙي پاسي سنڌ جنت جو ٻيو نالو آهي ته ٻي پاسي سنڌ معاشي ۽ سماجي مسئلن جو گھر آهي. هزارين ٻرندڙ مسئلن ۾ بک، بيماري، بدحالي ۽ بي روزگاري نمايان آهن. شيخ اياز انهن سڀني مسئلن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني آهي، بک، بيماري ۽ بدحاليءَ جا سبب پڻ اشارن ۽ ڪناين ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا اٿس. اياز پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ شاعر آهي. هو سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي مٿي تي لائڻ خوشنصيبي سمجهي ٿو. سنڌ جي وڏن مسئلن ۾ هڪ وڏو مسئلو عورتن سان ڏاڍ، ظلم ۽ جبر آهي. جيئن ته سنڌ جو سماج مرداڻو سماج آهي. جنهن سبب هو عورت مٿان حاوي آهي. ان جا سبب تعليم جي اڻاٺ، شعور جي گھٽتائي ۽ ٻيا ڪي سبب آهن. هن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي نشاندهي به ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي. اسان جي معاشري جي بيهڪ جاگيردار سماج واري آهي جنهن ۾ نياڻين سان غلاميءَ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. اهڙن سلوڪن خلاف شيخ اياز ندائون ڪيون آهن. پاڻ عورت جي عظمت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
“يا رب!
سنڌ جي ڪائي نياڻي، امير خسرو چواڻيءَ بابل جي گانءِ نه بڻاءِ!
ان کي شيرڻيءَ جي دل ڏي ته اها مرد جا وڌل پنجوڙ ڇني ڇڏي،
ان جي غلاميءَ مان آزاد ٿئي ۽ ان جي ڏنل ماني ڳڀي کي ان جي منهن ۾ موٽائي هڻي!”(12)
شيخ اياز جي ڏاهپ، گھري مطالعي ۽ ڳوڙهي فڪر مذهبي شاعريءَ کي نئون رخ ڏئي ان ۾ جدت پيدا ڪئي. هن پنهنجي شاعريءَ جي مذهبي لاڙن کي هڪ اهڙو روپ ڏنو جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول رهيو. جن ماڻهن سندس شاعريءَ تي اعتراض ڪيو کين ڪجهه نه ورڻو هيو نه وريو. شيخ اياز اڄ به سنڌي ماڻهن وٽ محبوب شاعر واري حيثيت رکي ٿو. دنيا جي هر مذهب ۾ ان مذهب جي شاعرن ڪيتريون ئي دعائون لکيون آهن، هندو، عيسائي ۽ ٻڌ ڌرم وارن شاعرن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ دعائون تخليق ڪيون آهن. دعا ته فرد جي ذاتي امنگ هوندي آهي. دعا جبلت آهي جيڪا قديم زماني کان انسان کي ورثي ۾ ملي آهي. جڏهن هو هن دنيا ۾ ڪمزور ترين هو ۽ طاقتور ترين مالڪ کان دعائون گھرندو هو. اها تمام پراڻي جبلت آهي. اياز ان جبلت کي نئين روپ سروپ ۾ ورجايو آهي. جن کي پڙهڻ سان اياز جي شعور جو پتو پوي ٿو. شيخ اياز تي ننڍي کنڊ جي صوفي شاعرن خاص ڪري شاهه لطيف، مولانا رومي ۽ سخي سلطان باهوءَ جو گھرو اثر رهيو آهي. باهوءَ جي تطبع تي ساڳين ئي بحرن ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪڙو مثال هيٺين ريت آهي.
باهو نانءُ خدا جو سچو، ٻيو سڀ آهي فاني هو
جڳ گھڙيءَ جو ميلو آهي، ڪوئي خان نه خاني هو،
حرصُ، هوس انسان ۾ آهي، ڄڻ ساري ناداني هو،
هي جيڪو مانڊاڻ انهيءَ جو ڪو ته لڳي ٿو باني هو. (13)
شيخ اياز حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جيڪي نثري نظم تحرير ڪيا، سي سندس طبيعت جي عاجزي ۽ انڪساري جو عڪس پيش ڪن ٿا. هي نثري نظم سندس اندر جو آواز آهن. ماضي ۾ ٿيل عيبن ثوابن جو آئينو آهن. جن ۾ ازالي طور هو الله پاڪ جي حضور ۾ آخرت جي نجات لاءِ رجوع ٿيو ۽ ان ۾ ئي پنهنجي لاءِ عافيت جو گوشو تلاش ڪيائين. سندس ان عمل تي سنڌ جي ترقي پسند لڏي طرفان تنقيد جو هڪ طوفان کڙو ڪيو ويو پر پاڻ ثابت قدم رهيو ۽ ان ثابت قدميءَ کيس اڃا وڌيڪ سگهه رسائي. جنهن سبب هن اهڙا ته پر تاثير نثري ٽڪرا مدح سرائي ۾ لکيا جو انهن جهڙو مثال سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي. جڏهن تنقيد جو طوفان وڌي وڻ ٿيو ته کيس مجبور ٿي هيئن لکڻو پيو ته: ”مان 55 سال ڪميونزم جو همسفر رهيو هوس. مون کي اها خبر نه هئي ته تاريخ منهنجي شاعريءَ کي ائين ٺڳي ويندي!”(14)
ان کان وڌيڪ اعتراف ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته هڪ شاعر پاڻ لکي ته هو 55 سال هڪ سراب ۾ رلندو رهيو حالانڪه اهي 55 سال هن جي مقبوليت جا سال هئا. سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو ۽ قومي سوچ رکندڙ نوجوان اياز کي پنهنجو آئيڊيل سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. ايڏي مقبوليت جي باوجود سندس اندر واري قاضيءَ اياز کي هڪ نئين فيصلي ڪرڻ تي آماده ڪيو۽ هو صريحا بدلجي اڳئين خيالن ۽ اڳئين شاعريءَ تان هٿ کڻي هڪ مذهبي شاعريءَ وارو گس ورتو. ڪنهن تبليغي نقطه نظر نه پر سندس اندر جي آواز اياز کي مذهب ڏانهن لاڙيو. اڳ جي شاعريءَ وانگر هڪ نئين فن ۽ ڏات سان مدح سرائي واري موضوع کي وسعت ڏنائين، دعائون ايترو گهرائي سان لکيائين جو پڙهندڙ دنگ رهجيو وڃي. اياز جون دعائون سندس ارادي جو پڙاڏو آهن. اصل ۾ دعا لاءِ چيو ويندو آهي ته دل جي ارادي جو نالو آهي. دعا احساسن، امنگن ۽ جذبن جي ترجمان هوندي آهي. انهن دعائن جي ذريعي انسان جو رشتو پنهنجي مالڪ حقيقي سان جڙيل رهي ٿو. شيخ اياز جي گھريل دعائن ۾ سندس ڪيفيت جي اعليٰ منظر نگاري چٽيل آهي. سندس اهڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو.
ڇا ٿو پڇين ڇيڳرا آزادي ڇا آهي؟
ماڻهو ٺهيو مٽيءَ مان، مٽيءَ کي ٺاهي،
تو ڏٺي نه آهي، شايد ڪار ڪنڀار جي.
(15)










حوالا:
1. قاضي، حميده، غلام سڪينه. شيخ اياز شخصيت ۽ فن. ڪراچي: حڪومت سنڌ، ثقافت کاتو، 2012ع، ص31
2. گھانگھرو، عابده، ڊاڪٽر. شيخ اياز صدين جو سرجڻهار. شڪارپور: سنڌيا پبليڪيشن.ڇاپو پهريون 2017ع، ص 126
3. سومرو، الهه وسايو، ڊاڪٽر. وري ورق پيو. لاڙڪاڻو: سرسوتي ساهت گھر. ايڊيشن پهريون 2018ع، ص 175
4. اياز، شيخ. شاعريءَ جو سجدو. ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي. نئون ڇاپو 2018ع، ص 69
5. اياز، شيخ. اٿي اور الله سان. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، جنوري 1988ع، ص 32
6. ڀٽو، محمد موسيٰ. شيخ اياز جا آخري ڏهه سال. سکر: تنظيم فڪرونظر سنڌ. ڇاپو پهريون 1998ع، ص 29
7. ايضا، ص 32
8. اياز، شيخ. اٿي اور الله سان. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، جنوري 1988ع، ص 47
9. نديم، ملڪ، ڊاڪٽر. اياز ڏوهي آهي. خيرپور ڪنڌڪوٽ: ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي. 2006ع، ص 54
10. اياز، شيخ. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن (ڀاڱو ٽيون). ڪراچي: سنڌي ادبي اڪيڊمي. جولاءِ 1996ع، ص 17
11. ايضا، ص 16
12. اياز، شيخ. شاعريءَ جو سجدو. ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي. نئون ڇاپو 2018ع، ص 51
13. جويو، تاج. شيخ اياز شاعري (جلد 9). ڪراچي:حڪومت سنڌ، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون 2010ع، ص 300
14. جويو، تاج. شيخ اياز نثر (جلد 3). ڪراچي:حڪومت سنڌ، ثقافت کاتو، ڇاپو پهريون 2010ع، ص 795
15. سومرو، ستار. اڃا پيو جيان. ڀٽائي جرنل، شيخ اياز نمبر. خيرپور:سنڌي شعبو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي. مارچ 2006ع، ص 139-134