قـاضي مقصود گل جي شاعري جو تنقيدي اڀياس
Critical Study of Qazi Maqsood Gul’s Poetry
ABSTRACT:
Sindhi Literary figure, poet, story writer, researcher and intellectual Qazi Maqsood ”Gul”, son of Qazi Abdul Hayee ”Qaail”. He wrote over 10 books,including ”Ratt Bhina Rabail“ and translated many books of other languages. His Translated works including the famous book of Urdu writer Kirshan Chandar, ”Zindagi de moat”. He also translated Shaikh Ayaz’s Poetry into Urdu and ”Ishq Samandar“ poetry of Hazrat Sachal Sarmast into Urdu Language. He was inspired by late poet Karim Gadai and Ustad Bukhari. Qazi Gul was influenced by Atta Muhammad Hami and Mehmood Sharaf Siddiqi while in prose; he had a tilt towards Dr. Memon Abdul Majeed’s Sindhi Work. He established a publishing agency and got around 30 books on variety of subjects published, he also established a Private school for the betterment of new generation. He rendered his educational services to students till his death.
تاريخ جي سونهري ورقن ۾ چڱي خاصي جڳهه والاريندڙ رتوديرو، چانڊڪي پرڳڻي جو اهم شهر آهي. ڪيترين ئي عظيم هستين کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ هي شهر 1919ع ۾ به تعلقي جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نروار هو. سياسي توڙي سماجي، ادبي توڙي ثقافتي، تعليمي توڙي صحافتي، تهذيبي توڙي تمدني لحاظ کان جيڪا رم جهم، رنگيني ۽ چاشني هن شهر ۾ رهي آهي، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ هڪ اوکو عمل آهي. ڇو ته هن شهر، جيڪي انمول ۽ امر ڪردار پيدا ڪيا آهن سي خود تاريخ آهن. هن بي بها باغيچي جو هر گل پنهنجي خوشبو ۽ خوبصورت رنگت سان سڃاتو ۽ ساراهيو ويندو آهي. هتي جنهن گل جو ذڪر ٿي رهيو آهي، سو گھڻ رخي شناخت رکندڙ، عظيم انسان قاضي مقصود گل آهي. قاضي مقصود گل جا هڪ ئي وقت ڪيترائي تعارف آهن. هو ناميارو استاد به آهي ته صحافي به، موسيقيءَ جو ماهر به آهي ته مصور به، سماج سڌارڪ به آهي ته محقق به، مصنف به آهي ته مولف به، شاعر به آهي ته مترجم به، ڪهاڻيڪار به آهي ته ٻارن جو اديب به، مضمون نويس به آهي ته ڪالم نگار به، دانشور به آهي ته سچل سرمست رح جو شارح به. علي دوست ”عاجز“ لکي ٿو ته: ”سائين مقصود ”گل“ صاحب اهڙي ول جو ميوو آهي، جنهن جا سموارا ميوا مٺا، رسيل ۽ خوشبودار آهن. قاضي عبدالحئي گھراڻي جي فردن جي هٿن ۾ اوهان کي فقط ٻه شيون نظر اينديون. قلم يا برش! هڪڙا زندگيءَ جا رنگ چٽيندي نظر ايندا ته ٻيا زندگيءَ جي رنگن جي اپٽار ڪندي. مان هن گھر تي ڏات جي اوت ڏسي دنگ رهجي ويندو آهيان!”.(1)
15اپريل 1950ع تي سنڌ جي برک شاعر، استاد، مصور، صحافي ۽ سماج سڌارڪ قاضي عبدالحئي ”قائل“ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ قاضي مقصود حيات، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنهنجي اباڻي شهر رتوديرو ۾ حاصل ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي جي سَندَ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. قاضي مقصود حيات کي ننڍپڻ ۾ ”معشوق“ سڏيندا هئا. بعد ۾ کيس پيار ۽ پريت منجھان ”ادا گل، ”گل بابا“ ۽ ”سائين گل“ به سڏيو ويندو هو. سندس ادبي نالو ”مقصود گل“ هو. پاڻ شاعريءَ جي باضابطه شروعات 1975ع کان ڪيائون. سندس شروعاتي شاعري، مرحوم علي نواز ”وفائي“ جي هفتيوار ”آزاد“ اخبار ۾ شايع ٿي. قاضي مقصود گل شاعريءَ جي ابتدائي اصلاح پنهنجي والد قاضي عبدالحئي ”قائل“ کان ورتي. بعد ۾ سنڌ جي بيباڪ ۽ ڀلوڙ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جي رهنمائي حاصل ڪيائين. نثري حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سندس استاد هو. اردو ٻوليءَ جي حوالي سان حڪيم برڪت الله ”تائب“ صديقي ۽ محمود ”شرف“ صديقيءَ کي پنهنجو استاد ۽ سونهون قبول ڪيائين. سندس پر اثر شاعريءَ بابت پروفيسر نذير قاضي لکيو آهي ته: ”مقصود ”گل“ سونهن ۽ سرهاڻ جو سودائي، حسن تي هرکيل ۽ دلبرن جو داس آهي. سندس هر شعرُ، سگھاري سوچ ۽ اڻ – مَيو اثرُ ڇڏي ٿو. پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي نه رڳو جذباتي طور بلڪه فڪري لحاظ سان پڻ لوڏي ۽ ڌوڏي ٿو ڇڏي”.(2)
قاضي مقصود گل 1966ع کان 1969ع تائين، آب ڪلياڻي کاتي ۾ فون ڪلارڪ رهيو. ان کان پوءِ 1969ع ڌاري کيس تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ جي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو جتي 1974ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1974ع ڌاري شگر مل نئين ديري ۾ ”تربيتي آفيسر“ طور مقرر ڪيو ويو، جتي ڪم سان لڳاءَ سچائي ۽ محنتن جي ڪري، اسسٽنٽ مئنيجر ۽ 1990ع ۾ ڊپٽي مئنيجر طور ترقي حاصل ڪيائين. 1993ع کان 1995ع تائين اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ”سيلز مئنيجر“ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. قاضي مقصود گل سنڌ جو کاهوڙي ڪردار هو. سندس فن ۽ ڪاريگريءَ جي واکاڻ ڪندي، ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ لکي ٿو ته: ”قاضي مقصود گل ڪهنه مشق ۽ استاد شاعر هو. هو لفظن جو جادوگر شاعر، ڪڏهن به لفظن جو محتاج نه هو، بلڪه لفظ سندس اڳيان ٻَڌي ٻانهي وانگر هٿ ٻڌي حاضر هوندا هئا”.(3) شاعرَ قدرتي سونهن ۽ ساڀيان سان محبت ڪندا آهن. سندن تخيل جي پرواز آسمان کي ڇهندي آهي. فڪر، ويچار ۽ مشاهدي کان پوءِ پنهنجي تخليق ۾ جيڪو سماجي حالتن جو عڪس آڻيندا آهن. تَنهِنجو مثال ملڻ محال ٿي پوندو آهي. قاضي صاحب، هنس پکيءَ وانگر موتيءَ جهڙا لفظ چونڊي، انهن کي انوکي ۽ نرالي ترتيب ڏئي، بيت نه پر هِيرن ۽ موتِين جون مالها بڻايون آهن. سندس شاعريءَ، کٿوريءَ جيان سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي.
مشهور شاعر منظور منگي، مقصود گل کي استاد مڃيندي، سندس شان ۽ شاعريءَ بابت لکيو آهي ته: ”سائينءَ جي شاعراڻي فڪر ۾ انسانيت سان بي پناهه محبت ۽ وطن سان عشق جو فلسفو سمايل آهي. منهنجو استاد علم ۽ ادب جي افق تي جرڪندڙ سج هو. جنهن جي روشني سدائين اسان جي نئين نسل جِي رهنمائي ۽ رهبري ڪندي رهندي”.(4)قاضي مقصود گل جو قلمي پورهيو ادبي دنيا ۾ کير ۾ کنڊ برابر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو مجموعو-ترتيب)1983ع، (2) ”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو)1985ع، (3) ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن لاءِ شاعري) 1986ع، (4) ”رت ڀنا رابيل“ (شاعري) 1991ع، (5) ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون) 1993ع، (6) ”اندر روح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ بابت لکيل مضمون ۽ مقالا) جون 2002ع، (7) ”رتوديرو- مختصر تاريخ“ (8)“عشق سمندر“ (حضرت سچل سرمست رح جي فارسي مثنوين جو منظوم اردو ترجمو) جون 2013ع، (9) ”اي آهُو چشم کدهر“ (شيخ اياز جي ٻين شعري مجموعن، ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“ جو ترجمو) 2010ع ۽ (10) ”اکڙيون نيل ڪنول“ (شاعري) 2014ع شامل آهن. درسي ڪتابن ۾ ”گلن هار“ (سنڌي نصاب جي گائيڊ، نائين ۽ ڏهين درجي لاءِ) ۽ ”گلن هار“ (سنڌي نصاب جي گائيڊ، يارهين ۽ ٻارهين درجي لاءِ) ڇپجي پڌرا ٿيا.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، جديد شاعري جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”جديد ۽ روايتي شاعريءَ جي تسلسل ۽ سنگم جي لڙهيءَ جا شاعرَ، خليفو گل محمد، عبدالڪريم ”گدائي”، قاضي عبدالحئي ”قائل”، احمد خان ”مدهوش”، سرڪش سنڌي، ادل سومري، اياز گل کان مقصود گل تائين جيڪا به شاعري ۽ فن ارپيو ويو آهي، ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي ۽ هڪ وڏو شاعر ۽ فنڪار سائين قاضي مقصود گل هو. هو نه صرف هڪ سٺو دوست ۽ وڏو انسان هو، پر هڪ خوبصورت شاعر به هو”.(5) قاضي مقصود گل، حمد، نعت، قصيدي، بيت، دوهي، وائي، غزل، نظم، ترائيل، چوسٽي، رباعي، پنجڪڙا ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري جا ڪجهه نمونا هيٺ ڏجن ٿا. هونئن به چوندا آهن ته خرارن واريءَ جنس جو نمونو لپ مان معلوم ٿي پوندو آهي.
“تون قوم جي امانت اي نو نهال ٻچڙا،
هردم رهي ٿو مونکي تنهنجو خيال ٻچڙا.
هن قوم جي بقا جو توتي مدار آهي،
تون آن! چمن جي رونق توسان بهار آهي.
اخلاق سک سٺا ۽ ”گل“ جي مثال ٿي وڃ،
خوشبوءِ ڏي سڀن کي ۽ خوش خصال ٿي وڃ”.(6)
ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جي ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ مان ورتل هنن سٽن مان خبر پوي ٿي ته قاضي صاحب کي نئين نسل ۽ مستقبل جي معمارن کي سڌيءَ راهه ڏيکارڻ جو ڪيڏو انتظار ۽ الڪو هوندو هو. هن ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ادب ۽ اخلاق سيکارڻ سان گڏوگڏ هڪ قومي پيغام به سمايل آهي. ٻارڙن لاءِ لکيل ڪتابن بابت، پروفيسر منظور حسين کهڙو لکي ٿو ته: ”اسان جي هن فرض شناس شاعر، شعور ۽ ادب جي نرسريءَ ۾ موجود نازڪ ۽ نونهال ٻوٽن جي به خوب آبياري ڪئي آهي”.(7) رتيديري ۽ نئين ديري ۾ قاضي صاحب جي ڪوششن سان ادبي ماحول جڙيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيترائي نوجوان قاضي صاحب جي تربيت ۽ صحبت سبب شاعر ۽ اديب بڻيا. جن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. قاضي صاحب سنڌي ادب ۾ غزل جو تمام سٺو شاعر هو. سندس غزل پوري سنڌ جي اديبن ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن. پاڻ استاد گُر شاعر هو. شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ دلبر، پورهيت ۽ پاپي، ساڻيهه ۽ سنسار سندس موضوع رهيا آهن. انسانيت، انسان جي عظمت ۽ محبت سندس ايمان جا جز رهيا آهن. سندس غزل جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
هت انسانن جي بستيءَ ۾ انسان اڪيلو بيٺو آ،
لک دعوائون ايمان سنديون، ايمان اڪيلو بيٺو آ.
ڪنهن ڪونه ٻڌا،ڪنهن ڪونه مڃيا، بس وحشت دهشت وڌندي وئي،
فرمان هٿن ۾ بي ساها، سلطان اڪيلو بيٺو آ. (8)
قاضي مقصود گل غزل کان علاوه رباعيون به لکيون. ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾، سنڌ ۾ رباعي تي طبع آزمائي تمام گھٽ ڪئي ويندي آهي. قاضي صاحب جون رباعيون پنهنجي اسلوب واريون آهن. سندس رباعي ۾ پنهنجي ماحول، خاص ڪري سنڌ جي حالتن ۽ ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن جو ذڪر ٿيل آهي. قاضي صاحب جي شاعري پنهنجي وقت جي ترجمان شاعري آهي. جنهن ۾ ان دؤر جا مسئلا ۽ ڏک سور بيان ٿيل آهن. جيڪي عام ماڻهن تي وهيا واپريا. سندس رباعي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
گھر گھر ۾ جتي ظلم جو گھاڻو هوندو
هر شخص اتي ڇو نه ڏکاڻو هوندو
ان شهر ۾ آ عدل ۽ انصاف ڪٿي!
جنهن شهر جو مفتي جي وڪاڻو هوندو. (9)
قاضي مقصود جديد شاعريءَ جي صنف ترائيل تي پڻ تجربا ڪيا. جيڪي ڪامياب ويا. ترائيل سنڌ جي وڏن شاعرن لکي آهي. جن مان شيخ اياز سرموڙ آهي. اياز جو انداز پنهنجو آهي ۽ اياز جي شاعري تمام گھڻي مشهور ٿي. قاضي صاحب پنهنجي انداز سان ترائيل لکي آهي. جنهن ۾ پڻ سنڌ جو درد ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي مسئلن جو ذڪر آهي. خالي مسئلا نه پر انهن جي حل لاءِ به قاضي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ پيغام سمايو آهي. مير محمد پيرزادو لکي ٿوته: ”ترائيل جي اصل جڳهه فرانس آهي. اتي جي شاعريءَ جي هيءَ مقبول ترين صنف ليکي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مواد جي پابندي نه هوندي آهي. پر اسان جي هن محترم دوست مقصود گل ترائيل کي معياري ترتيب ۾ رکي، گيت ۽ لوڪ گيت جو مواد ڏيئي ان کي ڏيهي صنف بڻائي ڇڏيو آهي.
تن من توڏي تانگهي منهنجا محب مسافر موٽ!
سانوڻ گذريو، سيارو آيو، تون نه اڃا ڇو آئين؟
ڪانگل کي مون باسيو آهي مٺڙا!! مٺڙو روٽ
تن من توڏي تانگهي منهنجا محب مسافر موٽ! (10)
رنگ نسل جون ڳالهيون ڇيڙي ڀاڱا ڀيل ڪرڻ ٿو چاهي
ايجنسين جو ماڻهو آهي، ماڻهن کي ويڙهائي ويٺو
رت جا ريج وهائي پاپي ور ور ويل ڪرڻ ٿو چاهي
رنگ نسل جون ڳالهيون ڇيڙي ڀاڱا ڀيل ڪرڻ ٿو چاهي-
دوهو هندوستاني ڇندوديا جي اصولن مطابق لکي ويندڙ هڪ قديم صنف آهي. چيو ويندو آهي ته جديد بيت جو بنياد به دوهي تي رکيل آهي. جديد شاعريءَ ۾ اسان جي شاعرن پراڻين صنفن کي نوَن خيالن سان آراسته ڪري، جن صنفن کي جياريو آهي. انهن مان دوهو به هڪ آهي. شيخ اياز جا دوها تمام گھڻو مقبول ٿيا. ان بعد جديد شاعرن ۾، ان صنف کي لکڻ جو رجحان وڌيو. قاضي مقصود گل پڻ ڏاڍا منفرد دوها لکيا آهن. جيڪي سندس مختلف ڪتابن ۾ ڇپيل آهن. سندس دوهي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
بم ڌماڪا ڌرتيءَ تي ڇو پڄرن انسان
پاڻ لهي اچ باهه وسائڻ ڀونءِ مٿي ڀڳوان! (11)
قاضي مقصود ”گل“ متعلق رضوان گل لکي ٿو ته: ”مقصود گل کلڻو ملڻو، محبتي ۽ زندهه دل ماڻهو آهي. ساڻس گڏ ويهي ڪچهريون ڪبيون آهن ته وقت جو احساس ئي ناهي رهندو. هن جي گفتگوءَ ۾ اهڙو ته سحر آهي جو هر ماڻهو ساڻس ملاقات ڪرڻ بعد سندس محبت جو قائل ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي”.(12) قاضي مقصود ”گل“ جي شاعريءَ کان علاوه هڪ ٻي سڃاڻ مشهور ڪالم نگار واري هئي. هو بيباڪ ڪالم نگار هو. جنهن پنهنجي ڪالمن ۾ مختلف سياسي سماجي مسئلن تي مستقل مزاجيءَ سان ڪالم لکيا. جن ۾ سندس انداز جرئت منديءَ وارو رهيو. شاعري ۽ ڪالم نگاري جيتوڻيڪ ٻئي مختلف شعبا آهن. پر هُن ٻنهي شعبن سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو. هن سنڌ جي سينڌ جو قسم کڻي چيو ته سچ تي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مڙبو، پوءِ ڀل ڪيترا به ايذاءَ ڇو نه اچن!
سنڌ جي سينڌ جو مون اڄ کنيو آهي قسم،
ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سچ تي کڻبو قلم. (13)
قاضي مقصود ڪيترن ئي ادبي ادارن سان سلهاڙيل رهيو. نئين ديري ۾ شاهه عنايت ادبي سنگت جو پايو وڌائين. ڪافي سال ان جو سرواڻ رهيو. ان کان علاوه شاهه لطيف ادبي سنگت رتيديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت رتيديري جو سيڪريٽري، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جو سرواڻ، ٻاراڻي ادبي رسالي ”گلدستو“ جو روح روان، جيڪو پنهنجي ادارت ۾ رتيديري مان جاري ڪيائين. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي ادارن سان مختلف حيثيتن سان سلهاڙيل رهيو. انهيءَ حوالي سان سندس حيثيت هڪ منتظم سان گڏوگڏ هڪ پبلشر واري پڻ هئي. سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران هن ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرايا جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي. قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جون هي ٻه سٽون سموريءَ سنڌ ۾ مقبول ٿيون ۽ ڄڻ ته سندس سڃاڻ بڻجي ويون. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ قاضي مقصود گل صاحب کان تقاضا ٿيندي هئي ته اهي ٻه سٽون ٻڌائي.
“هن چيو ”مذهب“ هجي ۽ مون چيو ”انسانيت”
سمجهه جو ڦيرو هيو ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو”.(14)
قاضي صاحب جا نظم ڏاڍا سونهن ڀريا آهن. جنهن جا عنوان تڙپائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهن. هن جي نظم ۾ سونهن، سندرتا، امن، انصاف، بهادريءَ جون صفتون ڏنل آهن. هن جي نظم ۾ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڀريل عنوان پڻ آيل آهن. هن جي نظم ۾ موزونيت، شهريت، تسلسل ۽ رڌم موجود آهن. جن ۾ ”ڌرتيءَ جي ڌيءُ”، ”مورڙي جو ماڳ”، ”ڪراچي ڪلهه ۽ اڄ”، ”رت ڀنا ربيل”، ”سڳيون ڀينر”، ”امن جي ڳولها“ ۽ ”ڏوهي ڪير“ عنوان تمام مقبول و مشهور آهن. رت ڀنا رابيل جي عنوان سان جيڪو نظم لکيو اٿس، تنهن جون ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون. جيڪي سندس مشهور ڪتاب ”رت ڀنا رابيل“ ۾ ڇپيل آهن.
ڳليءَ ڳليءَ ۾ گل ورکا ٿي، رت ڀنا رابيل ڏسون ٿا،
اهڙو ڪِيس نه ڪنهن سان ٿيو آ، جهڙو هي ٿيو شاهه ڀٽائي! (15)
قاضي مقصود گل هڪ سچو ۽ کرو شاعر هو. جنهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت، پيار ۽ محبت جا جذبا جھلڪا ڏيندي محسوس ٿين ٿا. سندس شاعري پنهنجي دؤر ۾ مقبوليت ماڻي. قاضي صاحب محفلن جو مور هوندو هو. سگھڙ ڪچهريون هجن يا ادبي مشاعرا، سدائين پنهنجي شاعريءَ جي ادا سان محفل لُٽي وٺندو هو. سندس شاعري وقت بوقت مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهندي هئي. سنڌ جي مشهور ماهوان رسالي ”نئين زندگي“ ۾ سندس شاعري هن نموني ڇپيل آهي.
“ذهن جي سهڪار سان جو نقش دل آهي چٽيو،
ان سواءِ ٻيو ڪو عڪس آڻي سوچ ڪا سڪڻي نه آ.
سوچ، سچ، سج، سونهن کي ڪر قيد تون احمق ڀلي،
سوڀيا، سرهاڻ ليڪن لوڪ کان لڪڻي نه آ”(16)
قاضي مقصود گل سگھڙن جو به سرپرست رهيو. رتيديري ۽ نئين ديرو جي سگھڙن کي گڏ ڪري ڪچهريون ڪرايائين. جن سگھڙن کي ريڊيو، ٽي وي تي متعارف ڪرايائين، انهن ۾، سگھڙ محمد خان سيال، سگھڙ علي گل ٻرڙو ۽ سگھڙ عظيم جت سر فهرست آهن. قاضي صاحب جي شاعري سنڌ جي مشهور ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ پڻ اڪثر ڇپبي هئي. 2012ع جي پهرين ڇاپي ۾ سندس ڇپيل غزل مان ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
نينهن ۾ ناچاڪ آهيان دوستو،
تنهن ڪري غمناڪ، آهيان دوستو!
عشق وحدت ۾، پڪو ايمان آ،
برهه ۾ بيباڪ، آهيان دوستو!(17)
عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول لاڙڪاڻي جو بنياد وجھندڙ، قاضي مقصود گل، روزاني اخبار ”هاري“ جو ايڊيٽر، ٻارڙن لاءِ جاري ٿيندڙ رسالي ”گلدستو“ جو پبلشر ۽ روزاني ”عوامي آواز“ جو ڪالم نويس پڻ هو. قاضي مقصود گل جي حياتي لڳاتار محنت ۽ جدوجهد ڪندي گذري. پاڻ زندگيءَ ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيائين. (1) قومي گيتن جي مقابلي ۾ پهريون نمبر ماڻيندڙ گيت جي ٻولن تي کيس 1989ع ۾ پي.ٽي.وي ايوارڊ مليو. (2) مهراڻ آرٽ سرڪل نوابشاهه پاران 1997ع ۾ کيس ”بهترين شاعر“ جو ايوارڊ ڏنو ويو. (3) سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور پاران کيس ٻاراڻي ادب ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ”سنڌ چلڊرين اڪيڊمي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (4) سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور، پاران کيس 2000ع ۾ ”سچل سرمست ايوارڊ“ ڏنو ويو. (5) عباسي ڪلهوڙا تنظيم، سنڌ پاران، کيس 2001ع ۾ ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (6) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سچل چيئر پاران سچل سرمست رح جي فارسي ڪلام جي، ڪامياب منظوم اردو ترجمو ڪرڻ تي، کيس ”سچل چيئر ايوارڊ“ ڏنو ويو. (7) حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران، ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جي ڪيل تحقيقي ڪم جي ڪامياب سهيڙ جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کيس ”حامي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (8) انٽرنيشنل صوفي ڪائونسل پاران، سچل سرمست رح جي فارسي ڪلام جي ڪامياب منظوم اردو ترجمو ڪرڻ تي کيس ”انٽرنيشنل صوفي ايوارڊ“ ڏنو ويو. (9) سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران، زندگي ڀر جي قلمي حاصلات تي کيس ”سرهاڻ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو. (10) اڪامي ادبيات پاڪستان پاران، زندگي ڀر جي ادبي حاصلات تي کيس ”اڪادمي ادبيات پاڪستان لائيف اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو.
قاضي مقصود جي ڪيل خدمتن ۽ سندس شخصيت بابت، عاشق منگي لکي ٿو ته: ”قاضي مقصود گل، بلند اخلاق جو مالڪ هو. مون کيس سڀني جو همدرد ڏٺو... برد بار۽ سنجيده هو. سيد احمد شاهه عرف ”استاد “ بخاري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالجميد سنڌي ۽ عطا محمد حاميءَ جو پروانو هو... قاضي ”گل“ جي سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت ماڻهن سان وابستگيءَ کيس نرم دل، ذميوار ۽ اڻٿڪ ليکڪ، شاعر ۽ دانشور بڻايو”.(18) قاضي مقصود گل جي شاعريءَ ۾ ساڻيهه سان سڪ، ملڪ سان محبت، محبوب ماروئڙن سان موهه ۽ پريم نظر ايندو آهي. سندس استعمال ۾ آيل هر لفظ ملڪ دشمن عنصرن خلاف جنگ جو اعلان ڪندي نظر ايندو آهي. قاضي مقصود شخصي طور تي هڪ مهربان انسان هو جنهن نه رڳو پنهنجي اولاد جي تربيت ڪئي پر شاعريءَ جي وسيلي قوم ۽ قوم جي ٻچن جي به خدمت ڪئي. پيار ۽ پريت، عزت، شفقت ۽ محبت ڏئي پراون کي پنهنجو بڻائيندڙ قاضي مقصود گل، 65 ورهين جي ڄمار ۾، ڇنڇر، 14 فيبروري 2015ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس وڇوڙي سموري سنڌ کي سوڳوار بڻايو. سندس وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي، برڪت جيهي لکيو آهي ته: ”مقصود گل صاحب سنڌي ادب جي گرنار جو سهڻو گل هو، جيڪو هميشه لاءِ گلن جي لڙيءَ مان ڇڄِي، مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو”.(19)
حوالا:
1. گل، مقصود. رت ڀنا رابيل. رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 1991ع، ص 9
2. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2014ع، ص 31
3. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 2015ع، ص 77
4. ايضا، ص 71
5. کهڙو، منظور حسين، پروفيسر. شاعراڻو اڀياس. ڪراچي: شاهه حسين اڪيڊمي. ڇاپو، مئي 2010، ص 248
6. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 2015ع، ص 120
7. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2014ع، ص 54
8. ايضا، 160
9. کهڙو، منظور حسين، پروفيسر. شاعراڻو اڀياس. ڪراچي: شاهه حسين اڪيڊمي. ڇاپو، مئي 2010، ص 248
10. گل، مقصود. اکڙيون نيل ڪنول. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2014ع، ص 174
11. ايضا، ص 25
12. گل، رضوان. ساهت ڏاهه جا سرجڻهار. لاڙڪاڻو: ڏاهپ پبليڪيشن. ڇاپو پهريون، 2011ع، ص 105
13. ايضا، ص 105
14. گل، مقصود. رت ڀنا رابيل. رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 1991ع، ص 50
15. ايضا، ص 82
16. داس، ٺاڪر. ماهوار، ”نئين زندگي“ حيدرآباد. شمارو، 6،7 جون، جولاءِ 2005، ص 53
17. جميل الزمان، مخدوم. سه ماهي، مهراڻ. حيدارآباد: سنڌي ادبي بورڊ، جنوري - مارچ، 2012،1ع، ص 25
18. منگي، عاشق. اکئين ڏٺم جو. قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، ڇاپو پهريون، آگسٽ 2017ع، ص 126
19. قاضي، ياسر. ”گل“ ڇنو گرنار جو. ڪراچي/رتوديرو: سنڌڙي ڪتابي سلسلو. ڇاپو پهريون، 2015ع، ص 141