ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ محقق عباس ڪوريجي جو تحقيقي ڪتاب ”جديد ڪھاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي ھِن ڪتاب جو پھريون ڇاپو پڻ موجود آھي. 
هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو ويو هو. جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پڻ موجود آھي. 
عباس ڪوريجو لکي ٿو تہ ”سڌاريل ڇاپي ۾ سال 2015ع کان سال 2020ع جي ڇپيل ڪتابن جي فھرست کي پڻ شامل ڪيو آهي جيئن ايندڙ محققن لاءِ ميدان سنوت ۾ هجي. وقت جي کوٽ جي ڪري شايد ڪجهه ڪتاب رهجي بہ ويا هجن ۽ نئين فھرست بابت پنھنجي ڪابہ تحقيقي راءِ  پڻ ناهيان رکي سگهيو.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2015ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2020ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا پياري دوست عباس ڪوريجي ۽ سعيد سومري جا جن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ