تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي سماج جو جائزو

عبد الواحد آريسر جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي سماج جو جائزو“ 1985ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپيو هو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ، مختلف نظريا، طبقاتي نظام ۽ گهڻو ڪجهه آهي هن ڪتاب ۾.
Title Cover of book سنڌي سماج جو جائزو

جائزو

سنھا ڀانءِ مَ سَپ، سُڪا جنين پيٽ؛
تنين جي جھپيٽَ، جُنگن کي جوکو ٿئي.
(شاھ)

مارڪس چيو ته:
”جيڪا قوم ٻيءَ قوم کي غلام بڻائي ٿي،
سا پاڻ ڪڏھن به آزاد، ٿي نٿي سگھي.“

لينن چيو:
”جيڪو ماڻھو قومي ظلم ۽ نابرابريءَ خلاف لڙائي نٿو
ڪري، سو مارڪس جي انقلابي تعليم جو سچو
پوئلڳ ته ٺھيو، پر سکڻو جمھوريت پسند به ڪونھي.“

کاھوڙي کِجن، پَسيو پورھيت ويسرا؛
ڏوٿيئڙا ڏور ويا، رُڃن منجھ رھن؛
ڪامل آھي تن؛ مون پِريان جي ڳالھڙي.
(شاھ)



لفظ ” طبقي “ جو عام استعمال اڻويھينءَ صديءَ ۾ ٿيڻ لڳو، جنھن کي اڳي سماجي ڌڙا چيو ويندو ھو، خاص طور تي ارڙھينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ جي صنعتي ۽ سياسي انقلابن ان لفظ جي جوڙجڪي مفھوم (Structure) کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، جاگيرداري دؤر وارن طبقن واري تصور جي اھميت گھٽجندي وئي. انھن جي جڳھ شھري ڪارخانن، واپار، صنعت، سرمائيداريءَ ۾ ڪم ڪندڙ شھري پورھيت طبقي ورتي. ان جي تعمير ۾ موڙي سيڙائيندڙ سرمائيداري جي حوالي سان يا پنھنجي پورھئي جو، پگھار جي صورت ۾ معاوضو وٺندڙ پورھيت جي حوالي سان اقتصاديات جو وڏو عمل دخل آھي. اُن تصور کي ارڙھينءَ صديءَ جي آخر ۾، جيتوڻيڪ پراڻن قسمن جا ھُنر اڃان رائج ھئا، تڏھن ئي ڪافي ليکڪن تسليم ڪيو.
ان تصور جا بنيادي اھڃاڻ اسڪاٽلئنڊ جا تاريخدان ۽ سماجي فيلسوف جان ملر (John Muller) جي مضمون ”چٽن طبقن جي ابتدا (1771ع) ۽ اُتر آمريڪا جي فيڊرلسٽ سماج (Federalist Society) جنھن ۾ جاگيردارانه ورثو موجود ئي نه ھو، ۾ ملن ٿا. اڳـتي ھلي جيمس ميڊيسن (James Medicine) مٿي بيان ڪيل فيڊرلسٽ سماج (Federalist Society) ۾ پيداواري قوتن ۽ پيدائش جي ورھاست تفصيلي طور بيان ڪندي، مختلف طبقن جو ذڪر ڪيو آھي، ۽ ٻڌايو آھي ته انھن طبقن جو ھڪ ٻئي ڏانھن مفادن جي بنياد تي ۽ سياسي طرح به دشمنيءَ وارو لاڙو ھو. جنھن کي اڳـتي ھلي مارڪس پڻ محسوس ڪيو ۽ چيائين ته: ”اھو رڳو منھنجو ڪم نه آھي ته مون جديد سماج ۾ طبقن جي موجودگي ڳولي لڌي آھي ۽ پڻ انھن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڳولي لڌي آھي. پر مون کان گھڻو اڳي بورجوازي تاريخدانن طبقن جي ارتقا ۽ منجھن موجود ڇڪتاڻ بيان ڪئي آھي. خاص طور تي بورجوازي اقتصاديات دانن ڍانچا بيان ڪندي، انھن ڏانھن اڻ چِٽا اشارا ڪيا آھن.“
( جي- وي- ڊي ميئر ڏانھن خط 5- مارچ 1952ع )
جيتوڻيڪ طبقن جو اقتصاديات جي بنياد تي تصور تسليم ٿي چڪو آھي، پر پوءِ به سماجي طبقن جي اھا تعريف ڏيندي ڪافي اعتراض اُٿن ٿا. خاص طور تي چيو وڃي ٿو ته ان قسم جي تصور کي ڪنھن خاص مخصوص ۽ محدود معنيٰ ۾ ته استعمال ڪري سگھجي ٿو، پر وسيع طور تي استعمال ڪرڻ سان اھو تصور ڪيترن ھَنڌن تي جيئن جو تيئن ٺھڪي نٿو اچي. اھو مونجھارو اُن ڪري به پيدا ٿئي ٿو جو سماجي طبقن جي ان تصور کي جاگيرداري دؤر کان اڳ وارن سماجن ۾ موجود طبقن تي ٺھڪايو وڃي ٿو جن سماجن ۾ اھي طبقا ڪابه ھڪ صورت اختيار ڪري نه سگھيا، پر مختلف ھنڌن تي مختلف ڏسڻ ۾ ٿي آيا. پر خود ميڊيسن ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته ”اُھي ماڻھو جن وٽ ملڪيت آھي ۽ اُھي ماڻھو جيڪي ھَٿين خالي آھن، سي سماج ۾ بلڪل واضح ۽ چِٽا طبقا پنھنجي طبقاتي مفادن سان اُڀري اچن ٿا. اھي قوتون جيڪي قرضي آھن سي مٿي بيان ڪيل طبقن ۾ ساڳيءَ طرح فِٽ ٿي وڃن ٿيون. سُڌريل قومن ۾ زمين جا مفاد ۽ ڪارخانن جي پيداوار جا مفاد وڌي ۽ ٻين مختلف طبقن ۾ ورھائجي بيھن ٿا، جن جون سوچون ۽ جذبا پڻ پنھنجي طبقي وارا آھن.“ ساڳيءَ طرح مارڪس ۽ اينجلس ڪميونسٽ مينيوفيسٽو ۾ لکيو آھي ته: ”آزاد ماڻھو ۽ غلام ماڻھو، محب وطن ۽ غدار، آقا ۽ نوڪر، ٽرانسپورٽر ۽ مسافر چِٽا طبقا آھن ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آھن. جديد سماجي تجزيا ٻُڌائين ٿا ته اھو طبقاتي تفاوت دشمنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ۽ اندر ئي اندر سماج کي ٻن واضح ڌُرين، بورجوازي ۽ پرولتاريه ۾ ورھائين ٿا.“
انسانن جي چڱائيءَ لاءِ سڀ نٿا سوچين، ان لاءِ صرف اُھا سوچيندڙن کي ئي ان جي معاوضي طور قربانيون ڏيڻيون آھن، اھي قربانيون ڏيندڙ پيداواري قوت جي لحاظ کان ساڳيا مفاد رکندڙ اڪثريتي عوام ئي آھن. ان معنيٰ ۾ ڪوبه سماج طبقن کان خالي نه آھي، خود انقلاب جو برپا ٿيڻ ئي طبقاتي ڇڪتاڻ جو نتيجو ھوندو آھي، مارڪس تاريخ جو ڳُوڙھو ڇيد ڪري ڏٺو ته ان جو ھر اصول ڪنھن نه ڪنھن سماجي طبقي جي اقتصادي آرگنائيزيشن جي نمائندگي ڪري رھيو آھي. جيئن غلامي خاندانيءَ مان، امير طبقي مان، جاگيرداري زمين جي مالڪاڻن حَقن مان، سرمائيداري مُوڙيءَ جي سيڙائيندڙ طبقي ھٿان ۽ سوشلزم مزدور ھٿان. اھڙي طرح ھر دور ۾ وقت جي تقاصا مطابق اُڀرندڙ طبقي جي طبقاتي ڇڪتاڻ پرائي طبقي جي تسلط کي ھٽائي ان جي جڳھ پئي ورتي آھي ۽ جيستائين سماجن جو وجود باقي آھي، تيستائين اِئين ٿيندو رھندو. اھڙيءَ طرح سرمائيداريءَ جو مزدورن جي جدوجھد ھٿان خاتمو ٿي، پرولتاريه ڊڪٽيٽرشپ جو دور ايندو، جيڪو ڪميونزم ڏانھن وٺي ھلندو، جيڪا انسان جي آخري منزل آھي.
مختصرن مارڪس سموريءَ تاريخ کي طبقاتي ڇڪتاڻ جي نڪته نگاھ سان ڏِسي ٿو، جيڪا ڇڪتاڻ قابص ۽ قبضي ھيٺ آيل جي وچ ۾ آھي، جيڪا ڇڪتاڻ استحصالي قوتن ۽ استحصال جو شڪار ٿيندڙ قوتن جي وچ ۾ آھي. جيڪا ڇڪتاڻ حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ ٿيندڙ آھي. سرمائيداري اڄ پنھنجي بچاءَ ۽ بقاءَ لاءِ بلڪل اِئين وڙھندڙ آھي، جيئن ڪلھ جاگيرداري پنھنجي بچاءَ ۽ بقاءَ لاءِ وڙھي ھئي. پر اُن جو انت اچڻ يقيني آھي. اھي مُدي خارج سڪرات ۾ مبتلا ادارا بلڪل سڪرات ۾ مبتلا ماڻھوءَ وانگر آھن، جيڪو وقت جي پيش قدميءَ کي روڪي نٿو سگھي.
مارڪس مطابق، ڏوھن ۾ واڌ ٿيڻ جو سبب پڻ طبقاتي سماج آھي. ڇاڪاڻ ته ان سماج ۾ پيداواري قوتن (مزدورن ۽ ھارين) جي رت ۽ ست جي پورھئي مان ٿيل پيداوار جيئن ته استحصالي قوتن (مٿئين طبقي) جي وَر چڙھيو وڃي. ۽ جيئن ته انھن پيداوري قوتن جي رھڻ ڪَھڻ ۽ گذران جي ذريعي تي ٿيندڙ ان استحصالي عمل جو ئي اھو نتيجو آھي ته انھن پيداوري قوتن (مزدورن ۽ ھارين) ۾ بيگانگيت پيدا ٿيندي آھي، جنھن جي اثر ۾ ھو ڏوھاري ٿي اڀرندا آھن. اھو پڻ انھيءَ نظام جو دين آھي ته اُن ۾ بي روزگاريءَ سببان ڪافي خود ڪشين جا واقعا ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ان کان علاوه مٿين استحصالي طبقن کي، اُھو طبقاتي سماج، ڪنھن به سماجي قانون جي جڪڙ ۾ نه آڻيندو آھي. پر انھن قانونن جو اطلاق صرف غريبن (ھيٺئين طبقي) تي ئي ٿيندو آھي ۽ اُن قانوني ٻِه اکيائي سببان ھيٺئين طبقي ۾ انتقامي ڪاروائيءَ جو جذبو اُڀرندو آھي ۽ ھو ڏوھ ڪرڻ تي آماده ٿيندا آھن. اُن قسم جي ڏوھن جو گھڻي تعداد ۾ ٿيڻ خاص طور تي مزدور عورتن، ناجائز نوڪرين، ٻارڙن جي مزدوري ۽ ٻارن جي صحيح پالنا نه ٿيڻ ڪري ٿئي ٿو.
جيتوڻيڪ مارڪس ۽ ساڻس اختلاف رکندڙن پنھنجي پنھنجي نڪته نگاھ کي واضح چِٽو تفصيلي ۽ وسيع معنيٰ ۾ ڪري پئي پيش ڪيو آھي، پر مارڪسي نڪته نگاھ وارن ليکڪن جون لکيتون مضبوط دليلن جي بنياد تي ھئڻ ڪري، اقتصاديات، سياست توڙي فلاسافيءَ جي ميدانن ۾ پنھنجو وجود تسليم ڪرائينديون رھيون آھن. مارڪسي نڪته نگاھ جي تمام پوءِ واري ليکڪ ھنگريءَ جي فيلسوف ۽ نقاد جارجي ليوڪاڪس (George Lucockus) پنھنجا ڪافي مضمون ڪَٺا ڪري 1953ع ۾ ھڪ موضوع ”تاريخ ۽ طبقاتي شعور“ ھيٺ ڇَپائي پڌرو ڪيو، جنھن ۾ ھن جو تمام گھڻو زور طبقاتي شعور تي رھيو. جنھن کي بيان ڪندي ھن ھڪ نئون فريق متعارف ڪرايو، جيڪو ھو ”انقلابي دانشور“ جنھن جو اُن طبقاتي شعور جي واڌاري ۾ بنيادي ڪردار ٻُڌايو ويو آھي.
جيستائين سماجي طبقن بابت جن مرتب ۽ جامد اصولن جو تعلق آھي ته اُن قسم جا اصول چِٽي ۽ صاف نموني ۾ 19 صديءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جڏھن جديد سائنس خاص طور تي سماجيات ترقي ڪئي. جيتوڻيڪ اِئين به نه آھي ته اُن کان اڳ جي ليکڪن کي اھا خبر نه ھئي ته سماج اندر رھندڙ طبقن ۾ اڻ برابريون موجود آھن، پر ھنن انھن اڻ برابرين لاءِ ڪوبه ٺھيل ٺڪيل اصول نه ڏنو صرف افلاطون ۽ ارسطوءَ ڪي خيالي سماجي نظام ڏنا جن ۾ طبقا به موجود ھئا، ۽ انھن جي حڪومت ھلائڻ جا طريقا به ڏَسيا ۽ سمجھيو ته اِئين ڪرڻ سان سماجن اندر ڪوبه طبقاتي تضاد نه رھندو. افلاطون مطابق سماج ۾ ٽي طبقا ھئڻ کپن؛ مالڪ، ڪم ڪار ھلائيندڙ ۽ مزدور- جن ۾ پيدا ٿيندڙ ھر تضاد مالڪ جي مرضيءَ مطابق حل ٿيڻ کپندو ھو، ته وري ارسطوءَ واري خيالي سماج ۾ پڻ ٽي طبقا ھئڻ کپندا ھئا، تمام شاھوڪار، تمام غريب ۽ وچولا- ھن جي چوڻ مطابق ته اُن نظام لاءِ اھڙو سياسي سرشتو ھجي جنھن تي وچئين طبقي جي بالادستي ھجي.