تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي سماج جو جائزو

عبد الواحد آريسر جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي سماج جو جائزو“ 1985ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپيو هو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ، مختلف نظريا، طبقاتي نظام ۽ گهڻو ڪجهه آهي هن ڪتاب ۾.
Title Cover of book سنڌي سماج جو جائزو

زميندار

زميندار، ھر اُنھيءَ ماڻھوءَ کي چئي سگھجي ٿو جيڪو ھڪ سؤ ايڪڙ زرعي زمين کان مٿي زمين پنھنجي قبضي ۾ رکي ٿو. سنڌي سماج جي ھن حصي کي سنڌي سماج ۾ تاريخ جي ھڪ ڊگھي عرصي کان وٺي خاص اھميت ۽ بالادستي حاصل رھي آھي. سنڌ جي سموري سياسي، اقتصادي ۽ معاشي طاقت ھن گروھ پنھنجي مرضيءَ ۽ منشا موجب پئي استعمال ڪئي آھي. ھي طبقو انگريزن پنھنجي مفاد لاءِ ”مالڪاڻا حَق“ ڏيئي پيدا ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي سرشتي ۾ ھِن طبقي کي سموري سنڌي سماج جي ٻَڌي ڇوڙيءَ جو مالڪ ۽ مختيار بڻايو. نتيجي طور انگريزن جيڪي اميدون ۽ آسرا پنھنجي ھن لاڏلي اولاد ۾ رکيا ھئا، سي ھي طبقو انتھائي صالح ۽ فرمانبردار اولاد وانگر پورا ڪندو آيو. ھن کي ھر دور ۾ سنڌي سماج تي پنھنجو سياسي، اقتصادي ۽ معاشي غلبو برقرار رکڻ لاءِ سرڪار جي طاقت جي ڇَٽيءَ جي ضرورت پوندي رھي آھي پوءِ اُھا سرڪار پنھنجي ھجي يا پرائي، ڇو ته سنڌي سماج ۾ ڪنھن به سرڪاري مشنريءَ جي ڇَٽيءَ کان سواءِ ھيءُ حقير ۽ ننڍڙو گروھ ڪنھن به صورت ۾ پنھنجو سياسي، اقتصادي ۽ معاشي غلبو برقرار رکي نٿو سگھي. ان ڪري ھي طبقو ھر دور ۾ ھر حڪومت (ديسي توڙي بديسيءَ) جو وفادار چمچو ۽ دلال رھندو پئي رھيو آھي ۽ جبر ۽ ڏاڍ جي قوتن سان گڏجي سنڌي عوام جي ڦرلٽ ۽ سياسي ھيڻائيءَ کي ھيڪاري زور وٺائيندو پئي رھيو آھي. پر جيئن ته ھيءُ طبقو بنيادي طرح سُست، عياش، بي ڍنگو، جاھل ۽ فَني قوتن کان محروم آھي، اُن ڪري ھِن نين نين سائنسي ۽ فني قوتن کان ڪم وٺي، سنڌ جي زراعت ۾ ڪو به واڌارو نه ڪيو پر الٽو زمينون وڪڻي، مقاطعن تي ڏيئي، فصل لھڻ کان اڳ فصل ۽ زرعي جنسون وڪڻي پنھنجي عياشيءَ جون ضرورتون پوريون ڪندو رھيو آھي. ھيءُ طبقو سنڌي معاشري جي ڪنگالپڻي جو وڏو سبب آھي. ھيءُ طبقو نه رڳو سنڌي ھاريءَ، پورھيت ۽ ڌنار جي ڦرلٽ ٿو ڪري، پر سماجي طرح سماجي ڏوھن، ڌاڙن، خونريزين ۽ چورين ۾ ملوث آھي ۽ خود ڪرائي ٿو. ھيءُ طبقو سرڪاري مشنريءَ جي مقامي شاخن ۾ رشوت، بي ايماني ۽ بدانتظامي پيدا ڪري انھيءَ مشنريءَ کي پنھنجي مرضيءَ منشا مطابق ٿو ھلائي. مقامي سرڪاري مشنريءَ ۾ ڊي سي، ايس پي، ميڊيڪل آفيسر، سرجن ۽ انھن کان ھيٺ اي- سي، مختيار ڪار، صوبيدار، آرميءَ جا ننڍا آفيسر ۽ پوليس جا ننڍا عملدار اچي وڃن ٿا. جن سڀني جي آڌار تي ھو پنھنجو سماجي ۽ سياسي اثر ۽ اقتدار برقرار رکندو آھي. ھن طبقي ان کان اڳتي قدم وڌائي ڪڏھن سوچيو به نه آھي. ھِن صنعتي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ، ڪارخانن لڳائڻ ۽ ٻھراڙيءَ جي عوام کي ڪارخانن سان لاڳو ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي لنوايو آھي. ڇو ته ھن کي خبر آھي ته ھاريءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ آسان آھي ۽ مزدور ڪڏھن به سولائيءَ سان قبضي ۾ ڪونه ايندو- اُھو ھاري ئي آھي جنھن جي آڌار تي ھو آسانيءَ سان پيڙھي به پيڙھي اسيمبلي ۽ وزارت تائين پھچندو رھيو آھي. ھڪ پاسي اُھا صورتحال آھي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ ٻاھران آيل سرمائيدار، سموري اقتصادي ۽ معاشي وسيلن، واپار، ڪارخانن، ٺِيڪن، کاڻين، مارڪيٽن ۽ اڏاوتي صنعت جو مالڪ آھي. انھن سڀني ادارن ۾ ھو ”افرادي قوت“ به ٻاھران گھرائي استعمال ڪري ٿو. اُھو سرمائيدار، مارڪيٽن ۽ درآمدي- برآمدي واپار تي قبضي وسيلي سنڌ جي زرعي جنس جي قيمت به مقرر ڪري ٿو ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق پاڻي به موجود ڪري ڏئي ٿو، ۽ وري تيار مال، ڀاڻ، پاڻي ۽ محصول جو اگھ مقرر ڪري ٿو. اھڙي طريقي سان سموري سنڌ جھڙوڪر ٻن ٽن وڏن شھرن لاءِ ڪچو مال پيدا ڪندڙ ۽ تيار مال کَپائيندڙ منڊي (مارڪيٽ) آھي- ۽ زميندار جا مفاد، اتي اچي سرمائيدار جي مفاد سان ٽَڪر کائين ٿا، پر زميندار يا جاگيردار ۾ نه اُھو شعور آھي نه اُھا ھمٿ ۽ رِٿابندي، جنھن جي ذريعي ھو پنھنجي مفادن لاءِ پاڻ کان طاقتور ڌُر سان مُھاڏو اٽڪائي ۽ کيس شڪست ڏئي پنھنجو ڌاڪو ڄمائي. اھوئي سبب آھي جو ھو سرمائيدار جي اڳيان آڻ مڃي ويٺو آھي. ھونءَ به جاگيردارانه اخلاقيات ۾ اُھا ڳالھ داخل آھي ته اُنھيءَ اخلاقي قدر وارا ماڻھو، پاڻ کان ڪمزور جي مقابلي ۾ متحد ھوندا آھن، پر پاڻ کان بالاتر ۽ سگھاري طاقت جي مقابلي ۾ ٻَڌي ڪرڻ بدران ھڪ ٻئي جي خلاف سازشون ڪندا آھن، ۽ ھڪ ٻئي کي مارائڻ ۾ پنھنجي پراڻن ويرن، ڪِينن ۽ دشمنين جي تسڪين محسوس ڪندا آھن. برصغير تي انگريزي قبضي وقت ديسي راجائن، مھاراجائن، نوابن، والين، سلطانن، ميرن ۽ پِيرن جو ڪردار انھيءَ ڳالھ جو ثبوت آھي ته جاگيردارانه اخلاقيات ۾ رٿابندي، گڏيل سوچ ۽ طبقاتي مفادن لاءِ مشترڪ جنگ ھِن طبقي کان پڄڻي نه آھي، غير ملڪي سرمائيدار سان سنڌي زميندار جو ٻيو ٽَڪر ۽ جنگ آھي سياسي ميدان ۾- سنڌي عوام جي گھڻائي جيئن ته ٻھراڙين ۾ رھي ٿي، ۽ ٻھراڙين تي زميندار جو ڪنٽرول آھي، ان ڪري سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي زميندار گھڻائيءَ ۾ پھچيو وڃي ۽ انڌي منڊي قانون سازيءَ جو ڪم ۽ اختيار وري به زميندار وٽ رھي ٿو. غير سنڌي سرمائيدار کي اھا ڳالھ ڏاڍي ڏکي لڳي ٿي ته ھن ويھين صديءَ ۾ شھري بورجوازي ۽ پرولتاري طبقي تي جاگيردار طبقي جي حاڪميت ھلندي رھي. ان ڪري غير سنڌي سرمائيدار جي ھر ممڪن ڪوشش اھا رھندي پئي آئي آھي ته ڪنھن به طريقي سان جاگيردار کي اسيمبليءَ مان بي دخل ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ فوجي حڪومتن جي اچڻ ۽ چونڊيل حڪومت جي برطرفيءَ جو مکيه سبب اھوئي آھي، خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ته نِج جاگيردارانه حڪومت ھئي. ان ۾ وزير اعظم کان وٺي پارٽيءَ جي صوبائي صدر تائين سمورا ليڊر، خاص ۽ پڪا پختا زميندار ۽ وڏيرا ھئا. اھوئي سبب آھي جو اُنھيءَ حڪومت، ملڪ ۾ سرمائيدارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ھر ممڪن نموني ڪوشش ڪئي. ان ڀيٽ ۾ وڏيرا شاھي نه رڳو سماجي طرح مضبوط رھي، پر اُن جي ھٿ ۾ مڪمل سياسي ۽ انتظامي طاقت به ڪئي ٿي ويئي. پي- اين- اي (قومي اتحاد) جي تحريڪ ڪھڙي به رنگَ ۽ روپ ۾ ھئي، کڻي سندس نعرا ڪھڙا به ھئا، پر حقيقت ۾ اُھا جاگيردارن جي حڪومتي بالادستيءَ خلاف سرمائيدارن ۽ نجي سرمائيداريءَ جي بحالي ۽ بالادستيءَ جي ڪوشش ھئي. جيڪا ھونءَ به ڪامياب ٿيڻي ھئي. ڇوته سرمائيداريءَ جي مقابلي ۾ جاگيرداري جٽاءُ ڪري ئي نٿي سگھي. پر ھِتي ھڪ وڌيڪ عنصر يعني فوجي جرنيلن جي ھمدردي، سرمائيداريءَ جي بحاليءَ واري جدوجھد سان ھئي. نتيجي طور جاگيردارن جي حڪومت ختم ٿي وئي. جاگيرداريءَ جي ڀيٽ ۾ سرمائيداريءَ جي سوڀ موضوعي طرح ھڪ ترقي پسند عمل ۽ سماجي اوسر ۾ اڳتي وڌندڙ لھر آھي، پر اُھا ان صورت ۾ جڏھن جاگيردار ۽ سرمائيدار ھڪ ئي قوم ۽ ھڪ ئي لِساني، ثقافتي ۽ تاريخي وحدت سان واسطو رکندا ھجن. پر ھِتي جيئن ته اِئين نه آھي، اُن ڪري جاگيردارن جي خلاف سرمائيدارن جي ھر جدوجھد ۽ ھر حملي جو اثر سنئون سِڌو سندس عوام تي پوي ٿو. جنھن ۾ گھڻائي زراعت سان لاڳاپيل آھي. ۽ اِھو نه رڳو معاشي ۽ ثقافتي طرح گھُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪري ٿو، پر سياسي طرح به پاڻ کي محڪوم محسوس ڪري ٿو، ڇو ته کانئس ووٽ جو حَق به کسيو ويو ھوندو آھي. ان ڪري ھو سرمائيدارن، زميندارن جي ٽَڪر کي ھڪ نئين نظر سان ڏِسي ٿو. جيئن مٿي چيو ويو آھي ته سرمائيدارن جي ھر حملي جو اثر سنڌي عوام تي پوي ٿو، ان ڪري سنڌي عوام، سرمائيدار، (جيڪو لِساني، ثقافتي ۽ تاريخي وحدت جو حصو نه آھي) جي سڀني قدمن کي سنڌي عوام جي خلاف سمجھي، مسئلي جي ”قومي اھميت“ سمجھڻ لڳي ٿو ۽ اُن کي قومي طرح ئي حل ڪرڻ گھري ٿو. ڇو ته ھو سمجھي ٿو ته جاگيردار، ايتري عرصي گذرڻ جي باوجود مسئلي کي يا ته قومي رنگ ڏئي نه سگھيو آھي يا جي ڏنو اٿس ته اُن کي ”قومي حَل“ تائين ڪنھن به صورت ۾ وٺي وڃڻ نٿو چاھي، ڇو ته ”قومي حل“ واري صورت ۾ جاگيردار مٿان بچاءَ ۽ تحفظ واري اُھا طاقتور ڇٽي نه رھندي جيڪا چارلس نيپيئر کان وٺي جنرل ضياءَ الحق تائين ھِن کي تحفظ ڏيندي آئي آھي. تنھن ڪري ”قومي مسئلي“ کي جاگيردارن جي رحم ڪرم تي ڇڏي نٿو سگھجي. نه وري اُھو مسئلو جاگيردار ۽ سرمائيدار جي ٽَڪر تائين (جيڪو صرف قانون ساز- اسيمبليءَ تائين موجود آھي) محدود آھي. پر ھي مسئلو ۽ تصادم، ھڪ قوم جي خود اختياريءَ واري حقَ ۽ آزاديءَ سان فيصلن ڪرڻ واري اختيار لاءِ ھاڃيڪار آھي ۽ ”قومي وجود“ لاءِ موت ۽ زندگيءَ جي حيثيت رکي ٿو.