مارڪس کان پوءِ جا تجزيا
اُنھن تجزين کان پوءِ جيڪا ڳالھ نھايت ئي اھميت ڏيڻ جھڙي آھي سا آھي ته مختلف طبقن ۾ موجود وصفون (Qualities) ۽ اُنھن وصفن جي بنياد تي انھن ۾ فرق. جنھن موضوع تي انھن مختلف مڪتبه فڪر جي سائنسدانن ۽ فيلسوفن جو گھڻي ڀاڱي اتفاق رھيو آھي ته جديد سرمائيداري سماج ۾ موجود مکيه مختلف طبقا ھڪ ٻئي کان وصفن جي معاملي ۾ به مختلف آھن، اھڙي خاص وِٿي يا فرق چِٽيءَ طرح مٿئين، وچئين ۽ ھيٺئين طبقي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.
جيتوڻيڪ مغربي ملڪن جي صنعتي سماجي نظامن ۾ رھندڙ سائنسدانن ۽ فيلسوفن ھيٺئين طبقي جو ذڪر ڪندي ھاريءَ کي گھٽ بيان ڪيو آھي، پر اُھي (ھاري) خود ڪافي اھميت لھڻن ٿا. ڇو ته ڪافي يورپي سماجن ۾ اڃان تائين ھارين جو جوڳو تعداد موجود آھي ۽ خاص ڪري اُڀرندي يورپ جي سوشلسٽ ملڪن ۾ ته ھاريءَ جي وضاحت کان سواءِ ھوند سماجي تجزيو اڻپورو لڳندو. ماضي قريب ۾ ھارين ان لاءِ به پنھنجي اھميت مڃائي آھي، جو ڪافي ترقي پذير ملڪن ۾ ھارين جي مدد سان ھلايل جدوجھدن، ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. روشن خيال سماجي سوچيندڙ ته ٽينءَ دنيا جي ملڪن ۾ مکيه انقلابي ڪردار ادا ڪندڙ قوت طور ھارين کي پيش ڪري رھيا آھن.
جيئن ته مٿي بيان ڪيل طبقن جي وضاحت ۾ خاص اھميت واري ڳالھ جيڪا ڏسڻ ۾ ايندي سا آھي سماج ۾ موجود مختلف تضاد. جيئن محڪوم ۽ سامراج جي وچ ۾ تضاد، پرولتاريه ۽ بورجوازي طبقي جي وچ ۾ تضاد، ھڪ طرف ھاري ۽ ھيٺئين وچين طبقي ۽ ٻئي طرف بورجوازي طبقي جي وچ ۾ تضاد، مختلف رجعت پسند حڪمران گروھن جي وچ ۾ تضاد موجود آھي وغيره وغيره. ھنن تضادن جي باري ۾ ھڪ رويو اختيار نٿو ڪري سگھجي، ڇو ته ھر ھڪ تضاد جي پنھنجي پنھنجي الڳ خاصيت آھي. وڌيڪ ته ھر تضاد جي ٻنھين پھلوئن بابت ھڪ ئي نموني جو رويو اختيار ڪري نٿو سگھجي، ڇو ته ھڪ ئي تضاد جي ھر پھلوءَ ۾ پنھنجون پنھنجون خاصيتون موجود آھن. ھونءَ ته جيئن اسان مٿي چئي آيا آھيون ته مکيه تضاد طبقاتي تضاد آ ھي. پر اُھو به ڪو ٺھيل ٺڪيل فارمولا يا صحيفو نه آھي، جو جيئن جو تيئن فِٽ ڪري ڇڏجي پر اھو خود حالتن پٽاندڙ، مختلف قومن ۾ مختلف وقتن تي مختلف ٿي سگھي ٿو. مثال طور سرمائيداري سماج ۾ ٻه متضاد قوتون موجود آھن.: پرولتاريه ۽ بورجوا انھن جي وچ ۾ موجود تضاد، مکيه تضاد ھوندو آھي. ٻيا تضاد، مثال طور رھيل جاگيردار طبقو ۽ بورجوازي طبقي جي وچ ۾ تضاد، ھاري- بورجوازي ۽ ننڍي بورجوازي طبقي ۾ موجود تضاد، آزاد سرمائيدارن ۽ ھڪ ھٽي سرمائيدارن جي وچ ۾ تضاد، اھي سمورا مکيه تضاد حل ڪرڻ سان خودبخود حَل ٿي وڃن ٿا.
چين جھڙي بيٺڪي ملڪ ۾ (جيڪو جپان جي قبضي دوران، سنڌ جي موجود حالت سان ڪافي حد تائين ھڪجھڙائي رکي ٿو.) مکيه تضاد ۽ غير مکيه تضادن جي وچ م لاڳاپو ھڪ پيچيده تصوير پيدا ڪري ٿو. ان لاءِ مائوءَ جو اُن وقت جي چيني سماج بابت مکيه تضاد جي لحاظ کان مؤقف ھو ته: ”جڏھن سامراج ڪنھن اھڙي مُلڪ جي خلاف ظالمانه جنگ شروع ڪري ٿو ته ڪجھ غدارن کي ڇڏي انھيءَ جا سمورن الڳ الڳ قسمن جا طبقا سامراج جي خلاف قومي جنگ ۾ عارضي طور تي متحد ٿي سگھن ٿا. اھڙي وقت ۾ سامراج ۽ انھيءَ (محڪوم) ملڪ جي وچ ۾ تضاد، مکيه تضاد بڻجي ٿو. جڏھن ته ملڪ جي اندر مختلف طبقن جي وچ ۾ سمورا تضاد (جن ۾ ھي مکيه تضاد يعني جاگيردارانه نظام ۽ عوام جي وچ ۾ تضاد به شامل آھي) عارضي طور تي ٻئي قسم جي ۽ ھيٺئين حيثيت اختيار ڪن ٿا. چين ۾ 1800ع جي آفيم واري جنگ، 1894ع چين – جپان جنگ ۽ 1900ع جي اي ھو توان جنگ ۾ اھوئي ٿيو ھو. ۽ موجوده چين – جپان جنگ ۾ به اھوئي ٿي رھيو آھي.“
اُن نڪته نگاھ کان اسان ڏسنداسون ته اڄ جي سنڌ جي ھن سماجي گھوٽالي جو حَل جاچڻ لاءِ جيڪڏھن ڏسبو ته ان جي اڳيان به آزادي حاصل ڪرڻ وارو يعني سامراج ۽ بيٺڪيت جي وچ ۾ ھئڻ وارو ساڳيو ”مکيه تضاد“ جي حيثيت ۾ نظر ايندو. تڏھن اسان لاءِ به اُھو واحد صحيح انقلابي رستو يعني ” قومي آزاديءَ جي جدوجھد ھلائڻ جي تحريڪ “ وارو وڃي رھيو آھي. ته اسان به اھو پنھنجو فرض سمجھون ٿا ته ھِن خطي ۾ انقلابي ڪم ڪندڙن توڙي اھڙي قسم جو چاھ رکندڙن کي عرض ڪريون ته ھو به پنھنجون اُھي انانيتون ڇڏي. انقلابي ڏاھپ جي ڏسيل ھِن سِڌي سنواٽي گَس تي اچي اسان سان ھَٿُ ھَٿَ ۾ ڏئي اڳتي وڌن، جنھن ۾ ئي سندن انقلابيت ۽ ترقي پسنديءَ جو راز آھي. اُن لاءِ لينن جو چوڻ آھي ته ”مارڪس جي انقلابي تعليم جا پوئلڳ جيڪڏھن جمھوريت ۽ پورھيت طبقي سان غداري ڪرڻ نٿا چاھين ته پوءِ سندن لازمي فرض آھي ته ھو قومي سوال جي ھڪ خاص گھُرَ جي ضرور حمايت ڪن. اُھا گھُرَ آھي قومن طرفان پنھنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جي حَق جي گھُرَ. يعني سياسي علحدگيءَ جي گھُرَ“ يا ”قومي خوداختياريءَ جي معنيٰ آھي ته اھي قومون ڌارين قومن کان سياسي طور الڳ ٿي، پنھنجون خودمختيار حڪومتون ٺاھين.“ يا ”ھر ڪنھن مظلوم قوم جي قوم پرستيءَ ۾ ھڪڙو عام جمھوري مواد ھوندو آھي، جيڪو ظلم جي خلاف ڪتب ايندو آھي. اسين اُن مواد جي بنا شرط شروط جي تائيد ڪريون ٿا.“
جيئن ته قوم ۽ سندس تھذيب ۽ ثقافت جڙڻ لاءِ مخصوص جاگرافيائي، سماجي ۽ تاريخي عناصر ۽ انھن جو سالھا سالن جو ميل – جول ضروري ھوندو آھي. قومون اُن ورثي کي پنھنجي تشخص جو ضامن سمجھنديون آھن. پر جڏھن ڪي قومون ٻاھران کان اچي انھن ملڪي قومن جي تھذيب ۽ ثقافت سان ھٿ چراند ڪنديون آھن، تڏھن انھن اصلوڪين قومن ۽ انھن ٻاھران آيل قومن ۾ تضاد پيدا ٿيندا آھن. جيئن الھندي يورپ ۽ آمريڪا جي حملي آور ملڪن ۽ ٽين دنيا جي ڏُتڙيل ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل تضاد آھن. اھي تضاد نه رڳو جديد سامراج جي وجود ۾ اچڻ ڪري ۽ سِڌي ٽَڪر ۾ اچڻ ڪري پيدا ٿيا آھن، پر انھن حملي آوارن ۽ محڪوم ملڪن جي ماڻھن جي گڏ رھندي، ھڪ ٻئي سان ٻه – اکيائيءَ واري ورتاءُ سبب به اھي تضاد وڌيا آھن. جيئن آفريڪا ۾ ٻاھران آيل سفيد اقليت ۽ اتان جي اصلوڪي ڪاري اڪثريت جو ھڪ ٻئي سان ورتاءُ آھي. يا يھودي آباديءَ ۽ فلسطينين جي آباديءَ جو پاڻ ۾ آھي. يا پنجاب جي قابض آباديءَ ۽ سنڌ جي محڪوم آباديءَ جو پاڻ ۾ آھي. انھن تضادن جو بنياد اقتصاديات ۽ سياست کان علاوه جن اھم ڳالھين تي آھي، سي آھن ٻولي ۽ ڪلچر. ھونءَ به تاريخي طور تي اھو ثابت ٿي چڪو آھي ته اُھي يورپي ملڪ جيڪي ٻوليءَ ۽ تاريخي روايتن جي بنياد تي وجود ۾ آيا، انھن ۾ دائميت ۽ ترقيءَ جا رجحان رھيا؛ ۽ جيڪي ملڪ مذھب جي بنياد تي يا ڪنھن وقت ڪنھن ھڪ ئي ملڪ جون بيٺڪون ھئڻ جي بنياد تي وجود ۾ آيا، سي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي گھوٽالن جو شڪار ٿيندا رھيا. سوشلسٽ روسي قيادت ان ڳالھ کان باخبر ھئڻ ڪري 1903ع ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو صحيح بنياد رکڻ وقت، اُن پارٽي ڪانگريس پنھنجي پروگرام جي قلم - 9 ۾ گھُر ڪئي ته ”روس جي غلام قومن کي پنھنجي سياسي مستقبل جي پاڻ فيصلي ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي.“ انھيءَ فقري جي خلاف مھا روسي ذھنيت رکندڙ روسي سوشلسٽن زبردست اعتراض ڪيا ۽ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قومي مسئلي کي اھميت ڏيڻ انقلاب دشمني آھي. انھيءَ ڪري 1922ع جي پڇاڙيءَ ۾ لينن جي ھدايت تي اسٽالن پنھنجو جڳ مشھور مقالو ” مارڪسزم ۽ قومي سوال “ لکيو. جنھن ۾ قومي حَقن ۽ قومي جدوجھد تي انقلابي نقطه نگاھ کان روشني وِڌي. لينن پڻ 1923ع ۾ قومي جدوجھد جي مسئلي تي پنھنجي مشھور مقالن جو سلسلو شروع ڪيو.
اھڙيءَ ريت ٽين انٽرنيشنل جي ٻي ڪانگريس پڻ انھيءَ نتيجي تي پھتي ھئي ته ايشيا ۽ آفريڪا ۾ قومي جدوجھد لازمي طرح وچئين طبقي جي سرمائيدار جمھوري جدوجھد ھوندي، يا اھا پورھيتن جي اڳواڻيءَ ھيٺ سڀني وطن – دوست طبقن ۽ فَردن جي گڏيل محاذ جي وسيلي ھلائي ويندي. آفريڪا جي انگولا، موزمبيق، گني ۽ ٻين تمام پوئتي پيل علائقن جي ھٿياربند قومي جدوجھدن اڃا به ھڪ وِک اڳتي ھلي اھا ڳالھ ثابت ڪري ڏيکاري آھي ته قومي جدوجھد اھڙن ملڪن ۾ به ھلائي سگھجي ٿي، جتي ڪو خاص صنعتي مزدور طبقو ناھي. اھڙين خاص حالتن ۾ ھڪڙيءَ ننڍيءَ قوم جا پورھيت – ھاري، جيڪڏھن دنيا جي پورھيت انقلابي نظرئي سان ھٿياربند ڪيا وڃن ۽ انقلابي پورھيت حڪمت عمليءَ ۽ چالُن کان ڪم وٺن ۽ جنگ جي اصولن مطابق ھٿياربند عوامي جدوجھد ھلائين ته اُھي به قومي آزاديءَ جي واسطي سان، سوشلسٽ انقلاب جي منزل تي رَسي سگھن ٿا.
قومي آزاديءَ لاءِ ھلائيندڙ تحريڪن وارين تنظيمن ۾ جيئن ته مختلف طبقن جا ماڻھو اچن ٿا، ھر ماڻھوءَ جي سوچ تي ڪنھن نه ڪنھن طبقي جي سوچ جو غلبو ھوندو آھي. سندن ذھنن ۾ ان جي ابتڙ خيال به ھوندا آھن. اُنھن ٻنھي اُبتڙ خيالن جي وچ ۾ جنگ ھلندي رھندي آھي. ممڪن آھي ته ھڪڙي ماڻھوءَ جي ذھن تي ڪئين سال ھڪڙي طبقي جا خيال ۽ سَچ حاوي ھجن، پر پوءِ به سندس سوچ ۾ وري ڦيرو اچي ۽ سندس ذھن تي اُن جي مخالف سوچ يا ٻئي ڪنھن طبقي جا خيال ڇانئجي وڃن. اُھي دشمن طبقن جا خيال عوام مان زبردست ۽ ڊگھي ويڙھ کان پوءِ ئي ڪمزور ڪري سگھجن ٿا. انھن کي بنھ تڙي ڪڍڻ ۽ سندن پاڙون پَٽي ڇڏڻ لاءِ ته سڄيءَ عمر جي لاڳيتي جدوجھد درڪار آھي. تنھن کان سواءِ عوام جي فائدي وارن، پراڻن خيالن ۽ نَون خيالن جي وچ م صحيح خيالن ۽ غلط خيالن جي وچ ۾ فرق ۽ ٽَڪر ٿئي ٿو. دشمن طبقن جي خيالن ۽ پراڻن خيالن کي ڪڍي؛ سندن جاءِ تي عوام – دوست صحيح ۽ نَون خيالن کي رائج ڪرڻ لاءِ به نظرياتي بحث مباحثو ۽ ڇڪتاڻ لازمي آھي. تنھن کان سواءِ اسانجا قومي، طبقاتي ۽ سامراجي دشمن آھن، جي ھر وقت اُن تاڙ ۾ رھن ٿا ته ڪيئن ھِن تنظيم جو تختو اونڌو ڪريون. اُن لاءِ به لازمي آھي ته پنھنجي قومي سماج جو طبقاتي تجزيو ڪجي. تحريڪن ۽ تنظيمن جي ڀلائي، مضبوطي ۽ ترقيءَ لاءِ اُن قسم جي تجزئي جي اھميت ۽ ضرورت اسان کي مارڪس کان ورثي طور ملي ٿي، جيڪا مارڪس، سينٽ سائمن جي ٿيورين ۽ يوٽوپيائي سوشلزم مان سمجھي. ان کي فرينچ تاريخدانن، خاص ڪري ايڊولف ٿاير (Edolf Thigher) ۽ فرينڪوز گزاٽ gzot) (Francoze1789ع ۾، فرينچ انقلاب جي تاريخ لکندي ڄاڻايو آھي. پر اُن کي جيڪا اھميت مارڪس ڏني سا اڳين ۾ ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ايتري حد تائين جو مارڪس کي چوڻو پيو ته ”موجوده انسانذات جي ھر قسم جي تاريخ ان جي طبقاتي ڇڪتاڻ جي تاريخ آھي.“ مارڪس جو چوڻ آھي ته يورپي صنعتي دؤر جي سرمائيداري نظام ۾ وڏا ۽ مکيه ٻه طبقا آھن. باقي ٻيا طبقا انھن جي ڀيٽ ۾ ايترا طاقتور ۽ پائيدار نه آھن. انھن ٻن طبقن جي فردن جي پاڻ ۾ ڪابه فردي ڪاوڙ يا مخالفت ڪانه آھي. پر انھن جا مجموعي طبقاتي مفاد پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا ۽ اُھو ٽڪراءُ ھڪ جنگي ڇڪتاڻ جي صورت اختيار ڪري ٿو، جنھنجي نتيجي ۾ پيداواري قوتون استحصالي قوتن جي مٿان فاتح ٿين ٿيون.“ اڳتي ھلي مارڪس چوي ٿو ته ”ڪنھن طبقاتي مملڪت جي بورزجوازي سماج ۾ موجود طبقا ھڪ ٻئي ڏانھن دشمنيءَ وارا لاڙا رکندا آھن. پر اسين چاھيون ٿا ته ان سڄيءَ وارتا جو ڪو اھڙو حَل ھجي، جنھن رستي گروھي مفاد حَل ئي تڏھين ٿين، جڏھن مجموعي مفاد جو حل ڪجي يعني – سوشلزم رستي.“
لينن جي صحيح ڪميونسٽ پارٽي بالشويڪس ۽ روس جي پاپولسٽس (جن ۾ پليخانوف به اچي وڃي ٿو) ۾ پڻ مکيه فرق اھو ڏسڻ ۾ ايندو ته لينن طرفان ان وقت جي روسي سماج جو تجزيو صحيح ڏسڻ ۾ ايندو. جڏھن ته پاپولسٽس طرفان ڪيل اُن وقت جي روسي سماج جو تجزيو صحيح نظر نه ايندو، جنھن جي نتيجي طور پاپولسٽس پنھنجو وجود عمل رستي مڃائي نه سگھيا. جڏھن ته لينن نه رڳو پنھنجي پارٽيءَ جو وجود تسليم ڪرائي سگھيو، پر اُن کي فتحياب پڻ بڻائي ڏيکاريو. اُن قسم جي تجزئي جي اھميت، افاديت ۽ ضرورت، جھڙن چٽن لفظن ۾ مائوءَ بيان ڪئي آھي، سا بلڪل رھنمائي ڪندڙ آھي، چئي ٿو ته، ”جيڪڏھن قومي تحريڪ دوران پارٽي پنھنجي قومي سماج ۾ موجود طبقاتي سوچن ۽ لاڙن کان باخبر نه ھوندي ۽ انقلاب دشمن، بڇڙن ماڻھن ۽ ھر قسم جي جِنن ديون کي منھن ڪڍڻ جي اجازت ڏني ويئي. اسان جا ڪارڪن انھن سڀني ڳالھين تي ماٺ ڪري ويھي رھيا، ڪيترائي ڪارڪن دشمن ۽ اسان ۾ فرق به وِساري ويٺا، دشمن جا ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي پيا ۽ دشمن کين، کاري، ڇڙوڇڙ ۽ ڀاڙِي ڪري ڇڏيو؛ جيڪڏھن اسان جا ڪارڪن ڇِڪي ٻاھر ڪڍيا ويا يا جيڪڏھن دشمن يا ان جو دلال اسان جي صِفن ۾ گھڙي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اسان جا ڪيترائي مزدور، ھاري ۽ دانشور دشمن جي نرم ۽ سخت اٽڪل آڏو بي وس ٿي ويا ته اھڙي حالت ۾ گھڻو وقت نه لڳندو جڏھن ..... مارڪسي لينني پارٽي بلاشڪ ھڪ ترميم پسند پارٽيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي.“ ھونءَ به انقلابي سائنس جو مکيه اصول آھي ته ”دشمن کي سڃاڻي ۽ پنھنجو پاڻ کي سڃاڻو ته توھان شڪست جي خطري کان بي پرواھ ٿي سوين جنگيون وڙھي سگھو ٿا“ يا ”ٻنھي طرفن جي ٻڌندئو ته توھان کي روشني ملندي، صرف ھڪ طرف جي ٻڌندئو ته اونداھيءَ ۾ رھندئو.“