تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي سماج جو جائزو

عبد الواحد آريسر جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي سماج جو جائزو“ 1985ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپيو هو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ، مختلف نظريا، طبقاتي نظام ۽ گهڻو ڪجهه آهي هن ڪتاب ۾.
Title Cover of book سنڌي سماج جو جائزو

سنڌي سماج

جيئن مختلف حالتن آھر مکيه تضاد مختلف ٿين ٿا ته اُنھن جي حَل لاءِ ساٿي ۽ مددگار به مختلف ٿيندا رھن ٿا. ان لاءِ اھو لازمي آھي ته مکيه تضاد کي نظر ۾ رکي ۽ سماجي طبقن جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ انھن جي نفسيات، مزاجن ۽ مفادن جي حوالي سان اھو طئه ڪيو وڃي ته ھنن مخصوص حالتن تحت بنيل ھن مکيه تضاد جي حَل لاءِ سنڌي سماج جي ھنن طبقن (جن جي نفسيات ۽ مزاج به بيان ڪيل آھي) مان ڪير اسان جا ساٿي ۽ ھمدرد ٿي سگھن ٿا، ته جيئن سندن ڪردار آھر ساڻن رويو رکيو وڃي. ان قسم جي تجزئي جي ڪافي وقت کان اسان جي ڪارڪنن طرفان زوردار تقاضا ڪئي پئي ويئي آھي. اُن کي نظر ۾ رکندي ان قسم جو، ”سنڌي سماج جو طبقاتي جائزو“ جي عنوان سان، اسان جي قوم جي مختلف عنصرن جو اقتصادي پس منظر ۾ طبقاتي جائزو پيش ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ انتھائي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ته اُن قسم جي تجزين جي تاڃي پيٽي ۾ جيڪي ڪجھ ڏيڻ کپي سو ڏنو وڃي. بھرحال اھو اسان جي پڙھندڙ دوستن، ساٿين ۽ ڪارڪنن جو فرض آھي ته ان مواد کي ڳُوڙھائيءَ سان پڙھن، سنڌي سماج ۾ وڃي انھن طبقن کي اکين سان ڏِسن ۽ عملي طور تي پرک ڪن ته انھن سان ھن تجزئي ۾ ڪيترو نباھ ڪيو ويو آھي. مڃون ٿا ته ڪي فارمولائي ۽ لڪير جا فقير انقلابي دوست اھو ضرور محسوس ڪندا ته ھي نوان طبقاتي فرق ۽ ماڳھين نوان طبقا ڪِٿان آيا. پر جيڪڏھن ھو ٿڌيءَ دل سان مارڪسي فلسفي جو حالتن آھر اطلاق ڪرڻ ۽ پنھنجي مخصوص حالتن آھر انجي تشريح ۽ عمل ڪرڻ جا خواھان ۽ صحيح ترقي پسند ۽ انقلابي ساٿي ھوندا ته انھن جو فرض ٿيندو ته عمليءَ طور تي وڃي ۽ ان تجزئي ۾ ڏنل طبقن ۽ انھن جي تجزئي مطابق انھن جو عملي مطالعو ڪن- ان ھوندي به جيڪڏھن ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه اچي سگھي ته اُن جي وضاحت پڇي سگھن ٿا ۽ ان جي اڃان به سليس ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ ڪي تعميري تنقيدي رايا ڏئي رھنمائي پڻ ڪري سگھن ٿا.
سنڌ بنيادي طرح ھڪ زرعي ملڪ آھي ۽ ھن ويھين صديءَ جي پڇاڙيءَ واري دؤر ۾ به ھتي جو پيداواري طريقو جاگيرداراڻو آھي- اُھو ھن معنيٰ ۾ ته ھتي جيتوڻيڪ زراعت ۾ ڪي قدر مشين آئي آھي ۽ جن علائقن ۾ ڪيلو ۽ ڪمند پيدا ٿئي ٿو، اُتي ڏھاڙيءَ تي مزدور ڪم ڪن ٿا پر اُن سڀ ڪجھ ھوندي به ھاريءَ جو وجود سراسري طور موجود آھي. بٽائيءَ وارو طريقو ئي 'معاوضي جو واحد طريقو ' چالو آھي. مشين ھاريءَ کي وڏي پئماني تي بي دخل نه ڪيو آھي ۽ نه وري ٽريڪٽر ۽ ٿريشر اچڻ سان ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ھاريءَ جي اھميت ئي گھٽجي سگھي آھي، سموريءَ سنڌ ۾ جاگيرداري دؤر جا قدر- پنھنجي اؤج ۽ عروج تي بي رحماني طريقي سان برقرار آھن. جيڪو ٿورو گھڻو زرعي مزدور آھي، سو ڪُل وقتي نه آھي، پر موسمي آھي ۽ اُن ۾ جيڪي خصوصيتون ۽ خاصيتون آھن، سندس سوچ ۽ فِڪر جا جيڪي لاڙا آھن، اُھي ھڪ صنعتي پورھيت بدران نِج ھاريءَ وارا آھن. سنڌ جي اندرين علائقن ۾ بيروزگاري پيدا ٿيڻ سان جيڪي بيروزگار شھرن جو رُخ اختيار ڪن ٿا، تن کي ڪارخانن ۾ داخل ٿيڻ جا تمام گھٽ ۽ بنھ نه جھڙا موقعا ملن ٿا، نتيجي طور اھي بيروزگار ڏوھاري بڻجن ٿا يا ڏيساور موڪليندڙ ايجنسين جي وَر چڙھن ٿا، جيڪي وچ اوڀر جي ڪِن ملڪن ۾ انتھائي ذلت واري زندگي گذارڻ کان پوءِ ڪجھ مُوڙي ڪمائي واپس اچن ٿا، ته اُھا مُوڙي دڪانداري يا ڪنھن ننڍڙي ڪارخاني ۾ گڏيل سيڙپ واري رِٿا مطابق سيڙائڻ بدران وري زمين ٽڪري خريد ڪرڻ ۾ خرچ ڪن ٿا. وڏي ڳالھ ھيءَ آھي ته زراعت ۾ صنعت اچڻ سان زمين جي قيمت ۽ اھميت وڌي ويندي آھي ۽ اُھا پيداوار يا خرچ واري نقطي نظر سان صنعتي يونٽ جي حيثيت اختيار ڪري ويندي آھي. پر ھتي سنڌ ۾ اسان ڏسون ٿا ته سواءِ ھڪ ٻن ضلعن جي باقي سموري سنڌ ۾ زرعي زمين جي قيمت ڪا خاص ڪانه وَڌي آھي، البت ڪِن جاين تي اھا بنھ گھٽجي ويئي آھي.
سنڌ ۾ جاگيردارانه زراعت جا سمورا اخلاقي ۽ تھذيبي قدر موجود آھن- مثال طور: ڀَت ڀوت، شاديون غميون، ڪُڪڙن، ڪتن، ۽ رِڇن جون ويڙھيون، ڏاندن جو گويون، اوطاقون ۽ اوتارا، شادين ۽ غمين جا ساٺ سوڻ، سڀ جاگيردارانه سماجي نظام جي پيداوار آھن. ھاڻي جڏھن اسان اھو معلوم ڪري ورتو آھي ته اسان جو سماجي سرشتو سموري جو سمورو جاگيردارانه طريقئه پيداوار تي ٻڌل آھي ته پوءِ اسان کي اھو ڏِسڻو پوندو ته سنڌي سماج جا اھم تشڪيلي جزا ۽ ترڪيبي ڀاڱا ڪھڙا آھن ۽ انھن جي ھن سنڌي سماج ۾ ڪھڙي حيثيت ۽ اھميت آھي؟ اھي ڪيتري قدر قوت ۽ طاقت رکن ٿا ۽ ڪيترا سماجي تبديلي ۽ قوم کي آزاديءَ جي عمل ۾ ڪارائتا ۽ اثرائتا ثابت ٿي سگھن ٿا يا واقعي اُھي بيڪار آھن.
جيستائين اسان سمجھي سگھيا آھيون ته سنڌي سماج جا تشڪيلي جزا ۽ ترڪيبي جُزا ھي آھن.