تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي سماج جو جائزو

عبد الواحد آريسر جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي سماج جو جائزو“ 1985ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپيو هو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ، مختلف نظريا، طبقاتي نظام ۽ گهڻو ڪجهه آهي هن ڪتاب ۾.
Title Cover of book سنڌي سماج جو جائزو

عورت

دنيا جي سماجي توڙي سياسي انقلابن ۽ اُٿل پٿل ۾، سماج جي ھڪ اھم ۽ ڪارائتي عنصر يا جُزي جي ان سماجي يا سياسي انقلابن يا اٿلن پٿلن ۾ شموليت يا ڀاڱي ڀائيواريءَ کان سواءِ ھوند دنيا جو ڪوبه سماجي توڙي سياسي عمل مڪمل نه ٿي سگھي ھا. اُھو حصو يا سماجي عنصر آھي – عورت، جيڪو سموري دنيا جي سماجن جو، ڪميت ۽ ڪيفيت جي لحاظ کان، اڌ ته ڪٿي ڪٿي مَردن کان به وڌيڪ ڳاڻيٽي ۾ ھوندو آھي. اسان دنيا جي قومي تحريڪن يا ساميوادي سرشتي جي اڏاوت ۾ ان حصي جي شاندار ۽ بھادريءَ واري ڪردار کي جوڳي اھميت ڏيڻ کان سواءِ، ڪنھن به سماجي ڇنڊ ڇاڻ کي پوريءَ طرح سمجي نٿا سگھون. ھن ڪائنات ۾ انسان جي عظيم ۽ ڊگھي جاکوڙ، جنھن نه رڳو انسان جي مادي ۽ فطري بلندين کي جنم ڏنو آھي، پر ڪائنات جي تسخير ۽ فطرت جي سوڀ ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. تنھن انساني قافلي کي ڪاميابين سان ھمڪنار ڪرڻ ۽ منزل مقصود تائين پھچائڻ ۾ عورت جي ڀرپور ڪردار سان سمورن جديد انقلابن جي تاريخ جا صفحا ڀريا پيا آھن. انھيءَ سلسلي ۾ الجزائر، فلسطين، ويٽنام، ڪمبوڊيا، بنگلا ديش، ڀارت، ڪيوبا، موزمبيق، گني بساؤ، انگولا ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن جا مثال، انقلابي جدوجھد ۾ عورت جي مؤثر ۽ ڀرپور ڪردار جا روشن مثال آھن. ڪمبوڊيا ۾ ته لون نول حڪومت عوامي جدوجھد دوران ڪمبوڊيا جي گاديءَ واري شھر نام پنھ تي قبضو به عورتن جي ڇاپامار دستي ڪيو ھو. سموريءَ دنيا جي انھن انقلابي تحريڪن کي ڏسندي، اسان سنڌ ۾ به عورتن جي ڀرپور شرڪت ۽ سھڪار کان سواءِ ڪنھن عوامي سوڀ جي اُميد ڪري نٿا سگھون. پر ھن وقت سنڌ جي عورت جي جيڪا حالت آھي، اُن کي ڏسندي ائين ٿو محسوس ٿئي سنڌي عوام جي اُھا گھڻائي اڃان تائين نه رڳو سماجي اُٿل پُٿل جي جدوجھد ۾ شريڪ نه ٿي آھي، پر ھوءَ اُن کي پوريءَ ريت سمجھي به ناھي سگھي. ٻيءَ دنيا وانگر سنڌ ۾ آباديءَ جو اڌ حصو عورتن تي ٻڌل آھي. اھي عورتون سنڌي سماج ۾ اڪثر اڇوتن ۽ غلامن واري زندگي گذاري رھيون آھن. سنڌي عورت تي محنت جو جيڪو بار آھي ان تي اڳتي ھلي گفتگو ڪبي، پر ھِتي پھرين اھو ٻُڌائڻ ضروري آھي ته سنڌي سماج ۾ (ھر غلام سماج ۾ پڻ) عورت ڪيترين ئي غلامين ۾ جڪڙيل ۽ تعليم جي اڻاٺ ڪري اھا ڪيترن وھمن ۽ وِسوسن ۾ گھيريل آھي.
جيڪڏھن موجوده سنڌي سماج جو جائزو وٺي ڏسبو ته اُن ۾ موجود عورتن کي مکيه ٽن حصن ۾ ورھايل ڏسبو. پھريون حصو انھن عورتن جو آھي جيڪي وڏن گھراڻن ۽ خاندانن سان واسطو رکن ٿيون، جيڪي ڄايون ھِندورن ۾، پَليون ھندورن ۾، پر مَرن به پَٽ جي ڳاڙھن ھندورن ۾ ٿيون. انھن کي حويلين ۾ وِھندي ورھيه گذريو وڃن، کين کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي ۽ ڳھ ڳٺي جي ڪابه کوٽ نه ھوندي آھي. رڳو ڪوٽ کان ٻاھر نڪرڻ يا شادي ٿيڻ جو فِڪر ھوندو اٿن. اھي گھڻو ڪري غريب عورتن لاءِ جلاد، بي رحم ۽ قاتل مڙسن، ڀائرن ۽ پيئرن جھڙيون ھونديون آھن. منجھائن گھڻيون مختلف قسمن جي ذھني ۽ نفسياتي بيمارين جو شڪار ھونديون آھن، جن ۾ انساني، قومي يا ماڻھپي جو گُڻ ڳوليو به نه لڀندو آھي. اھي سنڌ جي عورتاڻي سماج جو بيڪار حصو ۽ فالج ۾ ورتل عضوو آھن. انھن مان جيڪڏھن ڪا ھڪ اڌ پڙھي ڳڙھي حويليءَ ۽ ڪوٽ مان ٻاھر نڪري آئي به کڻي، تڏھن به سندس دماغ ۾ وڏ ماڻھپي وارو جِن واسو ڪيو ويٺو ھوندو آھي، ۽ جيڪڏھن بدقسمتيءَ سان اھڙي عورت سياست ۾ آئي ته اھا عام ورڪر عورتن جي سطح تي ھڪ جھڙائيءَ وارو رويو نه رکندي، پر کين پرس کڻڻ واريون نوڪرياڻيون ڪري ھلائيندي. عورتن جي انھيءَ حصي مان ڪنھن به سياسي عمل ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي توقع نٿي ڪري سگھجي.
سنڌي عورت جي سماجي طرح ٻئي حصي ۾ اُھي عورتون اچي وڃن ٿيون جيڪي شھرن ۾ رھن ٿيون، نوڪريون ڪن ٿيون يا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھن ٿيون يا ننڍن ننڍن دڪاندارن جي گھرن سان لاڳاپيل آھن. اُھي سنڌي عورتن جو اھو حصو آھن جن جو جسماني طرح لاڳاپو ٻھراڙين کان ٽُٽو نه آھي، پر ذھني ۽ سماجي طرح انھن جو لاڳاپو پنھنجين ٻھراڙين کان بلڪل ڪَٽجي چڪو ھوندو آھي. انھن عورتن جو ذھني لاڙو ذري گھٽ وچولي درجي وارن مَردن جھڙو ھوندو آھي. ھنن ۾ معيار زندگي بلند ڪرڻ ۽ وڏ گھراڻين عورتن جي درجي تي پھچڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ لڳي پئي ھوندي آھي ۽ منجھن انفراديت پسندي ۽ انفرادي خوشي ۽ خوشحاليءَ جا ھاڃيڪار لاڙا موجود ھوندا آھن، پر جيئن ته انھن عورتن جي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڌارين سان مَرد جي ڀيٽ ۾ گھٽ واسطو پوي ٿو، انھيءَ ڪري شديد قسم جي قوم پرستيءَ جا لاڙا منجھس نه ھئڻ جي برابر ھوندا آھن. انھن مان جيڪي ڪجھ وڌيڪ پڙھيل ڳڙھيل ۽ سوشل ھونديون آھن سي به ذھني مونجھاري جو شڪار ھونديون آھن. ھڪ طرف منجھن مبھم قوم پرستي ھوندي آھي ته ٻئي طرف اُھي آقا قوم جي عورتن جي نقاليءَ ۾ عورت جي آزاديءَ جا نعرا ھڻنديون آھن، پر کين اھا خبر نه ھوندي آھي ته آقا ۽ آزاد قوم جي عورتن جي آزاديءَ جو مفھوم ئي ھوندو آ گھڻ طرفيءَ غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ، جيڪا ھن کي عذاب ۽ عقوبت جي گھاڻي ۾ پِيڙي رھي آھي. اسان جي ان سوشل عورت جو آزاديءَ جا نعرا ھڻڻ وقت سڀ کان وڌيڪ زور پردي جي مخالفت ۽ حويلين جي تالي ٽوڙڻ تي ھوندو آھي، جڏھن ته پردي مان آزادي ۽ حويليءَ جي تالي کولڻ جو مسئلو سنڌ جي عورت جي ھڪ سيڪڙو جو به نه آھي. سنڌ جي نوي سيڪڙو عورت کي نه حويلي مليل آھي، نه مٿي ڍَڪڻ لاءِ سالم پوتي ئي موجود ھوندي اٿس. سماجي تبديليءَ جي جدوجھد ۾ انھيءَ عورت جي ذميواري سڀ کان اھم آھي ۽ ٻھراڙيءَ جي اڪثريت جي شعور ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ متحرڪ حصي جي حيثيت ۾ عمل جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ کين انساني قدرن جي اعليٰ گُڻن ۽ خوبين سان مالا مال ڪرڻ جو علم پھچائڻ اُن عورت جي ذميواري آھي، جيڪا ھن کي کڻڻ گھرجي ۽ کيس مُدي خارج قدرن جي پابندي ڇڏي انھن ميٽنگن، گڏجاڻين ۽ جلسن جلوسن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي، جيئن سندس انفراديت پسندي ۽ عدم تحفظ وارو موذي مرض ختم ٿئي ۽ منجھس انسانن جي ٻڌي، قرب ۽ پنھنجائپ واري طاقت جو شعور وَڌي ويجھي ۽ ايترو طاقتور ٿئي جو اُھا ليليٰ خالد، اشرف دھقاني، جميلا بوپاشا ۽ شھيد بختاور بڻجي وڃي. انھيءَ عورت جو اھو فرض تاريخ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو ھن کي دير يا سوير ادا ڪرڻو ئي پوندو، ٻي صورت ۾ سندس اھا انفراديت پسندي ۽ ڪلچرڊ ھئڻ واري انانيت کيس سموري سنڌي عوام کان ڪَٽي ڇڏيندي. اڄ جيڪا کيس ڪلچرڊ مڙس ۽ آئيڊيل شاديءَ جي تلاش آھي، سا صرف سنڌڻ عورت جي گھڻائيءَ سان پاڻ کي شريڪ ڪرڻ، انھن سان گڏجڻ، ملڻ ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ عظيم تبديليءَ جي نيٺ سوڀ ماڻيندڙ جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سان ئي پوري ٿي سگھي ٿي.
ان کان پوءِ اچي ٿو سنڌي عورت جو اُھو حصو جنھن ۾ سنڌي عورت (ھيئين طبقي جي) انسان نه پر وڪري جي جنس آھي، جنھن جي خريد ۽ فروخت ٿئي ٿي ۽ اُن وڪري کان پوءِ اھا ھميشہ لاءِ خريد ڪندڙ جي ملڪيت بڻجي ويندي آھي. جيڪا مڙس جي مري وڃڻ کان پوءِ به ساھرن جي ملڪيت ھوندي آھي. جيڪڏھن وڻين ته مري ويندڙ مڙس جي ڪنھن ڀاءُ يا سؤٽ سان پرڻائي ڇڏين يا گھر جي ٻانھي ڪري ھلائين، ان کان سواءِ اھا سدائين مڙس جي ٻانھي ٿي رھندي آھي. مڙس وري ڪنھن وڏيري يا ڀوتار جو غلام يا ٻانھون ھوندو آھي، اھو ڀوتار وري ڪنھن پِير، مير ۽ سيد جو ٻانھون ھوندو آھي، اھو پير، مير ۽ سيد به ڪنھن ٻاھرين قوت ۽ حاڪميت جو غلام ۽ ٻانھون ھوندو آھي. انھن سڀني تھ در تھ غلامين جو بار ۽ وزن اُن عورت تي پوندو آھي جيڪا ھيٺئين درجي جي سماجي فرد جي قبضي ۾ ھوندي آھي، جتي اھا جيون ساٿي نه پر پئسي تي آندل يا بَدي ۾ ورتل ھوندي آھي جتي رات ڏينھن مڙس جي ظالمانه روش ۽ موچڙي مار جي ڪري ھن ۾ ڪابه سَرھي سوچ، بلند خيالي ۽ سماج ۾ پنھنجي ڀرپور حِصي ۽ ڪردار ادا ڪرڻ کان ذري گھٽ سنڍ بڻجي ويندي آھي. ھن جو ملڪ، حڪومت، عوام، ثقافتي سرگرميون سڀ اُھو گھر ۽ کيت ھوندو آھي، جتي ھن جي محدود، مفلوج ۽ ڪِرڀ واري پيڙا سان ڀرپور دنيا ھوندي آھي. جيئن ته اھا عورت ھميشہ خوف ۽ حراس واري ماحول ۾ رھندي آھي، ان ڪري اھا انھيءَ قسم جا نفسياتي لاڙا پنھنجي اولاد ۾ ورثي طور منتقل ڪندي رھندي آھي ۽ جنسيات ۾ خوف، حراس ۽ ايذاءَ واري ماحول ۾ رھڻ ڪري ڪمزور ۽ ذھني طرح مفلوج اولاد ڄڻيندي آھي. جيئن گھر جي ماحول، ڏيتي ليتيءَ ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بي اختيار ۽ مجبور ھوندي آھي، تيئن جنسي عمل ۾ پڻ سندس مرضيءَ کي نظر ۾ گھٽ رکيو ويندو آھي. ان ڪري اھا جسماني ۽ ذھني سگھ جلد وڃائي ويھندي آھي ۽ وقت کان اڳ پِيريءَ يا موت جو شڪار ٿي ويندي آھي. سنڌ جي اھا عورت جيڪا تھ در تھ غلامين ۾ جڪڙيل آھي، ان کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به رسيس يا موڪل نه ملندي آھي. ھن جو وقت صبح کان سانجھيءَ تائين ڪنھن بي زبان ڍور جيان وَھڻ ۽ ڳَھڻ ۾ گذرندو اٿس. جنھن ۾ گھر جي سموري ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻارن جي پالنا، مال جي سار سنڀال لھڻ ۽ مڙس، ڀاءُ ۽ پيءُ سان کيتي ٻاڙيءَ جي ڪم ۾ ٻانھن ٻيلي رھڻ. انھيءَ سموري ڪم جو سلسلو ھر روز ھلندو آھي، سندس ڪھڙي به حالت ھجي، کيس اھو ڪم روزانو ڪرڻو پوندو آھي، پوءِ کڻي پيٽ سان ھجي يا ٻار ئي ڄاول ھجيس. ان ايتري مصروفيت ۾ به ھوءَ کڻ ٽوپو ھڻندي آھي. رلھيون سبندي آھي. ڏاج ڏيوڻ لاءِ گج ۽ چولا ڀريندي آھي. انھيءَ سموري ڳاٽي ڀڳي محنت جو معاوضو کيس رڳو ماني ۽ لسي ملندو آھي، جيڪا غذا اڄ جي سُڌريل دور جي ذري گھٽ غذا ئي نه آھي. انھيءَ ماحول ۽ حالتن ۾ ھِن تان موچڙو لھندو ئي نه آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪاري ڪري ماري ويندي آھي ته ڪڏھن پلاند ۾ کڄي ويندي آھي. اھا سنڌي عورت جيڪا سموري سنڌي عورت جو نوي سيڪڙو ھوندي آھي، سا رسمي ۽ رواجي تعليم کان به وانجھيل ھوندي آھي، ڇو ته ھڪ غلام سماج ۾ ڌارئي آقا جي غلامي، پير، مير۽ وڏيري جي غلامي ۽ مذھبي وھمن جي غلامي- غلام ماڻھن لاءِ علم جا دروازا کوليندي ئي نه آھي ۽ پنھنجي وسيع ۽ گھڻ طرفي مذھبي پروپئگنڊا وسيلي عورتن جي تعليم کي عورت جي فحاشيءَ جي سَنَدَ سمجھيو ويندو آھي. ان ڪري سنڌ جي ٻھراڙين جي اسڪولن جا دروازا سنڌي نياڻين لاءِ ھميشہ بند ھوندا آھن، جيڪي صرف ڪنھن وڏي سماجي شعوري تبديليءَ سان ئي کُلي سگھن ٿا.
حقيقت ۾ اُھا سنڌ جي عورت ئي آھي جيڪا ڪنھن سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ زورائتو حصو وٺي سگھي ٿي ۽ سماجي انقلاب، جن دوزخ جھڙين سختين مان گذرندو آھي تن کي ھمٿ ۽ حوصلي سان منھن ڏيئي سگھي ٿي، پر اُن لاءِ ضروري آھي ته منجھس سماجي تبديليءَ جو شعور پيدا ڪيو وڃي. ان شعور پيدا ٿيڻ سان اھا سنڌي عورت اھوئي ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي، جيڪو ھُن حُر تحريڪ ۾ ادا ڪيو ھو. پر اصلي شيءِ ھيءَ آھي ته سنڌي عورت ۾ اھو سماجي شعور پيدا ڪيئن ٿئي؟ آءٌ سمجان ٿو ته سنڌي عورت ۾ اھو شعور ۽ ساڃاھ ٻن طريقن سان ضرور ايندي. ھڪ اھو ته جڏھن سنڌ جو ھاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي، باشعور دانشورن جي نظرياتي رھنمائيءَ ۾ سماجي تبديليءَ لاءِ اڳتي وڌيو ته ان وقت نه رڳو سندس ذھني تبديلي ٿيندي، پر ھو نفسياتي مونجھارن ۽ معاشي مجبورين ۾ وڪوڙيل انسان جي بدران ھڪ نئون ۽ نڪور انسان بڻجي ويندو، جنھن جو اثر پنھنجي گھر جي سموري ماحول جي ثقافتي ۽ اخلاقي جامد (ھڪ ھنڌ بيٺل) قدرن تي پوندو ۽ انھن ۾ تبديلي ايندي. اھو پنھنجي زال کي ملڪيت يا ٻانھي نه پر با عزت انسان ۽ زندگيءَ جو محبت ڪندڙ ساٿي سمجھندو ۽ زندگيءَ جي جنگاھ ۾ پاڻ سان شريڪ ڪندو. ٻيو طريقو آھي ته سنڌ جي دانشور عورتن ۽ شاگردياڻين طرفان ٻھراڙيءَ ۾ عورتن جا علمي ۽ تھذيبي ورڪشاپ، ميلا، گڏجاڻيون، ڊراما وغيره ڪري انھن ۾ سماجي سُرت ۽ مجاھد عورتن جون تصويري ڪھاڻيون. چُرندڙ ڦرندڙ تصويرن ۽ ڳالھائيندڙ ڪيسٽن وسيلي انھن تائين پھچائڻ. پر ان لاءِ ضروري آھي ته سنڌي دانشور عورت ۽ شاگردياڻي پنھنجي مخصوص خول مان نڪري! پر انھن ٻنھي طريقن مان پھريون طريقو وڌيڪ ڪارائتو ۽ ٺوس آھي.
مطلب ته سنڌي سماج ۾ عورت جي انھيءَ حيثيت ۾ وري به تباھين ۽ جھڳڙن جو ڪارڻ ۽ قبائلي رتوڇاڻ جو سبب سنڌ جي اھا عورت آھي جنھن جو واسطو ٻھراڙيءَ جي غريب ۽ لولي لوڻ لاءِ محتاج عوامي حصي سان آھي. اھا گونگي گانءِ چَٽين، ڏنڊن ۽ فيصلن ڦڙن ۾ پئسي يا جنس واري حيثيت ۾ منتقل ٿيندي رھندي آھي. جتي ھن جي حالت غلاميءَ واري دؤر جي ٻانھيءَ واري وڃي بيھندي آھي. سندس زبان کي سدائين لاءِ تالا لڳي ويندا آھن ۽ جسم تي چھبڪن جو وسڪارو ھوندو آھي. پر ھن جي ان قربانيءَ (جيڪا ظاھر ڳالھ ته خود اختياري نه ھوندي آھي پر ڪاليءَ سامھون انسان ڪُھڻ واري ھوندي آھي.) مان سنڌي قبيلن، راڄن ۽ مختلف ذاتين جي ڪڏھن ڪڏھن جھيڙن جھڳڙن ۽ فسادن جو اڻ کُٽ سلسلو رڪجي ويندو آھي ۽ صلح صفائيءَ جون تازيون ھوائون گھُلڻ لڳنديون آھن. پوءِ اھا قرباني ھن دؤر ۾ انسان جي سڀ کان وڏي توھين ۽ عورت جي انساني حيثيت کي بلڪل ختم ڪري کيس موڙيءَ واري حيثيت ڏيندڙ ٿي پوندي آھي، ڇو ته اھڙن ڏَنڊن، چَٽين ۽ فيصلن ۾ ڪڏھن ڪٿي ڪو ڇوڪرو يا مَرد به ڏنو ويو آھي يا ڏِنو ويندو؟ ويجھڙائيءَ جي تاريخ ۾ صرف ٻه مثال مَردن جي يرغمال طور ڏيڻ جا ملن ٿا – ھڪ نور محمد ڪلھوڙي طرفان نادر شاھ کي پنھنجا ٻه ڇوڪرا ڏيڻ ۽ ٻيو ھڪ مندر کي بچائڻ لاءِ ٽيپو سلطان طرفان انگريزن کي پنھنجا ٻه شھزادا ڏيڻ. پر ھونئن عام طور چَٽين، ڏَنڊن ۽ عيوضن ۾ کڄي وڃڻ عام سنڌي ٻھراڙيءَ جي عورت جو مقدر آھي. اھائي عام سنڌي ٻھراڙيءَ جي عورت آھي، جنھن جي سياسي ۽ سماجي شعور جي سطح مٿاھين ڪرڻ کان سواءِ ھن خطي ۾ ڪابه سماجي ۽ سياسي اُٿل پُٿل اچي نٿي سگھي. ان ڪري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن کي گھرجي ته اھي نھايت محنت ۽ جاکوڙ سان سنڌي عام ٻھراڙيءَ جي عورت جي سياسي ۽ سماجي شعور جي سطح مٿاھين ڪرڻ لاءِ مختلف اُپائن تي غور ڪن.