تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي سماج جو جائزو

عبد الواحد آريسر جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي سماج جو جائزو“ 1985ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپيو هو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ، مختلف نظريا، طبقاتي نظام ۽ گهڻو ڪجهه آهي هن ڪتاب ۾.
Title Cover of book سنڌي سماج جو جائزو

ھيٺيون طبقو

ھاڻي اسان سنڌ ۾ ھيٺئين طبقي جي حيثيت، اھميت، قوت ۽ ڪردار تي نظر وجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
ھيءَ حقيقت آھي ته دنيا جي جن انقلابي رھنمائن پنھنجن پنھنجن ملڪن ۽ سموري دنيا جي تمام وڏي حصي ۾ ڪامياب انقلابن ۽ انقلابي قوتن جي ڪامياب رھنمائي ڪئي آھي، تن سڀني متفق ۽ يڪراءِ تاريخي تجربن ۽ تاريخ جي مادي تعمير جي روشنيءَ ۾ اُھا ڳالھ مادي دنيا ۾ سج وانگر روشن ڪري ڇڏي آھي ته انقلابي قوت اصل ۾ ھيٺيون طبقو ئي آھي جيڪو پنھنجي سرفروشي ۽ ثابت قدميءَ سان نه رڳو انقلاب برپا ڪري سگھي ٿو پر اُن کي مضبوط ۽ مستحڪم به بڻائي اڳتي وڌائي سموري دنيا ۾ انقلاب جي ڪامياب رھنمائي ڪري سگھي ٿو ڇو ته اُن طبقي کي ئي غلام سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ جبر، ڦرلٽ ۽ ذلت جي اوڙاھن ۾ ڪِرڻو پوي ٿو ۽ اھوئي طبقو آھي جيڪو سماج جي جياپي لاءِ سڀ ڪجھ پيدا ڪرڻ جي باوجود پاڻ، پالھو ۽ سُڃو ٿو رھي ۽ اُھو جڏھن ويڙھ شروع ڪري ٿو، اُن وقت کيس يقين ھوندو آھي ته ھن جنگ ۾ وٽس ھارائڻ لاءِ ڪابه شيءِ ناھي پر کَٽڻ لاءِ سمورا رياستي وسيلا ۽ اقتدار آھي- اھو انھيءَ جنگ ۾ وڃائيندو صرف ذلت، بُک، بيروزگاري ۽ پنھنجي نيچ ۽ ڪِين جھڙي حيثيت آھي، اُن ڪري ھو وڌيڪ جانداري، بھادري ۽ ثابت قدميءَ سان وڙھي سوڀ حاصل ڪندو آھي ۽ اُن سوڀ کي باقي رکڻ لاءِ ان کان به وڌيڪ جدوجھد، چوڪس ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺندو آھي ڇو ته اُھا عزت، اھا سوڀ، اھو وقار ۽ اھو غريب ۽ ذليل ماڻھوءَ جو اقتدار تي قبضو، کيس انسان ذات جي سموري لکيل تاريخ ۾ پھريون ڀيرو حاصل ٿيو ھوندو آھي. اُھو تاريخ جي ويجھڙائيءَ واري دور ۾ ٿيو آھي ۽ گھڻو ڪري مزدور، پورھيت طبقي جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو آھي.
منھنجي خيال ۾ مزدور جو ترجمو پورھيت صحيح ناھي، پر پوءِ به استعمال ٿي رھيو آھي. ان ڪري مون به استعمال ڪيو آھي. ڇو ته پرولتاريا جو اردو وارن ترجمو ڪيو آھي. مزدور ۽ اھو پرولتاريا ھڪ خاص تاريخي دور جي پيداوار آھي، جڏھن ته پورھيت ھر دور ۾ رھيو آھي، ۽ انھيءَ پرولتاريا انقلاب جي رھنمائي به گھڻو ڪري صنعتي ملڪن ڪئي آھي. سنڌ جي صورتحال جو جيستائين تعلق آھي ته ان باري ۾ اسان کي ڏسڻو پوندو ته ھيٺئين طبقي ۾ سماج جا ڪھڙا جزا شامل آھن ۽ اُھي ھن خطي ۾ ڪيتري قدر انقلابي، آزاديءَ جي جنگ ۾ مؤثر ۽ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. منھنجي خيال ۾ سنڌ اندر ھيٺئين يا پڇڙيل طبقي ۾ ھيٺيان جُزا شامل آھن.
مزدور: (1) پاڪستان جي سموري صنعتي ڍانچي جو گھڻو ڪري 75 سيڪڙو حصو سنڌ ۾ آھي، جنھن ۾ لکين مزدور ڪم ڪن ٿا. انقلاب جي ڪلاسيڪل ٿيوريءَ مطابق اھو ايڏو مؤثر حصو آھي ۽ ايڏي وڏي طاقتور افرادي ۽ انقلابي قوت آھي، جيڪا سنڌ جي انقلاب کي تمام تيزي، ڦڙتائي ۽ ڏاھپ سان نه صرف پنھنجي منزل تي پھچائي سگھي ٿي پر ان کي مضبوط ۽ مستحڪم به بڻائي سگھي ٿي ۽ اسان لئي رئان جي لفظن ۾ ڏاڍا خوش قسمت ھجون جو اسانجي انقلاب جي شروعات ۾ ئي پرولتاريا موجود ھجي. پر ايڏي وڏي مزدورن جي تعداد جي باوجود اسان ويٽ نامين وانگر خوش قسمت ناھيون ڇو ته ھِتي ڪارخانن جو مالڪ به غير سنڌي آھي ته پورھيت جو ايڏو وڏو تعداد به غير قومي ۽ بديسي آھي، جيڪو سنڌ ۾ صرف معاشي مفادن جي ڦرلٽ ۾ سرمائيدار سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيو ويٺو آھي، جنھن کي سنڌ جي سياسي جدوجھد يا قومي آزاديءَ سان نه صرف ھمدردي ناھي پر الٽو ان سان دشمني آھي- اھو سنڌ جي ڪارخاني جو پاڻ مالڪ ٿيڻ ته چاھي ٿو پر اُھو ڪارخانو بديسي سرمائيدار کان ڦري مقامي مزدور جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ ڏيڻ لاءِ قطعي تيار ڪونھي. ڪارخاني جو قبصو سنڌي مزدور جي حوالي ڪرڻ ته تمام پري جي ڳالھ آھي پر اھو سنڌي مزدور کي ڪارخاني ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ تيار ناھي. بندرگاھن وغيره تي جن کي (غير سنڌين) پڪيون نوڪريون آھن، سي جڏھن وڌيڪ ڪمائيءَ لاءِ عرب عمارتن ڏانھن وڃن ٿا تڏھن پنھنجون نوڪريون به بديسي ماڻھن کي گھرائي انھن کي ٺيڪن تي ڏيو وڃن ٿا، جن مان پنھنجو حصو پتي دبئي ۽ قطر ۾ ويھي کڻندا رھن ٿا. انھن مزدورن مان اُھا توقع ۽ اُميد قطعي رکي نٿي سگھجي ته اھي ڪي سنڌ جي آزادي واري انقلاب جي جدوجھد ۾ ھٿ ونڊائي به سگھن ٿا. دنيا جي تاريخ ۾ جن به ملڪن ۾ آزاديءَ جون جنگيون وڙھيون ويون آھن تن ۾ ھڪ ته ايڏي وڏي تعداد ۾ غير ملڪي مزدور موجود ئي ڪين ھو پر جيڪو به ھو تنھن پنھنجي ھم قوم قابض ٽولي جو ساٿ ڏنو آھي. آزاديءَ جي مجاھدن جي خلاف ٺھندڙ رضاڪار فورسز ۾ ڀرتيءَ ٿي آزاديءَ جي تحريڪن جي خلاف وڙھيا آھن، پوءِ اھا ويڙھ ويٽ نام ۾ ھلي ھجي يا الجزائر ۾، گني بسائو ۾ ھجي يا بنگلا ديش ۾. ان ڪري انھيءَ ڌارئي مزدور کي آزاديءَ جي جنگ جي قوتن ۾ شمار ڪري نه ٿو سگھجي. باقي سنڌي مزدور جيڪو ڪارخانن ۾ باقائدي ڪم ڪندو ھجي سو اٽي ۾ لوڻ برابر آھي ۽ اُن حيثيت ۾ ئي نه آھي جو آزاديءَ جي جنگ ۾ صحيح نظرياتي تنظيمي سوچ جي جھنڊي کي کڻي ڪو رھنمائيءَ وارو مؤثر ڪردار ادا ڪري سگھي. اھو ان ڪري نه ته ڪو سنڌي مزدور ۾ اُھا صلاحيت نه آھي يا ھو اصلي ڪمزور ۽ نِٻل آھي پر ڳالھ آھي معروضي حالتن جي. معروضي حالتون اھڙي موڙ تي پھچي چڪيون آھن، جو سنڌي مزدور انھي تعداد، قوت ۽ شعور کي حاصل ڪري ئي نٿو سگھي ۽ جيستائين اھي معروضي حالتون موجود آھن اُن وقت تائين اھا حالت برقرار رھندي. سنڌ ۾ صنعتي مزدور صرف اُن صورت ۾ انقلابي قوت ۽ پوزيشن اختيار ڪري سگھي ٿو جڏھن اھي معروضي حالتون تبديل ٿين ۽ اُھي ان وقت تبديل ٿينديون جڏھن غير ملڪي مزدور جي جاءِ سنڌي مزدور وٺندو ۽ اھو ان وقت ٿيندو جڏھن غير ملڪي ۽ غير قومي قبضو ختم ٿيندو. ھن وقت سنڌي مزدور پنھنجي تعداد قوت ۽ حيثيت آھر صرف مددي طاقت سان به ڪنھن حد تائين ثابت ٿي سگھي ٿو.
(2) سنڌ ۾ مزدورن جو ھڪ ٻيو به قِسم آھي، اھو آھي موسمي يا سيزنل، جيڪو ڪپھ ٽاڻن جي ڪارخانن، شگر ملن، بيوريج ملز، سارين جي سيلرن ۽ برف جي ننڍڙن ڪارخانن ۾ ڪم ڪري ٿو. اھو صرف ھڪ موسم ۾ اچي ٿو ۽ بنا ڪنھن تنظيم، جماعت يا حَق طلبيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪري وري پنھنجي ماڳ تي موٽي وڃي ٿو. اھي ادارا ھڪ ته تمام ننڍڙا ھوندا آھن جن ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪڏھن ڪنھن ڪارخاني ۾ مزدور ھوندا ته ھڪ سؤ جي لڳ ڀڳ مس ٿيندا، ٻيو ته انھن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور انھن سڀني سھولتن ۽ ذريعن کان محروم ھوندا آھن جيڪي جديد صنعتي مزدور کي حاصل آھن. ان ڪري انھن جي بنيادي سوچ ۽ سمجھ اُھا ساڳي ٻھراڙيءَ واري ھاري جي ھوندي آھي ۽ ٿوري تعداد ۾ ھئڻ ڪري منجھن پيش قدميءَ وارو جذبو بنھ نه ھئڻ برابر ھوندو آھي. پر پوءِ به انھن ۾ صنعتي مزدور جي ڀيٽ ۾ احساس محرومي وڌيڪ ھوندي آھي. ڇو ته اھي سال جو ڪافي حصو بيروزگار رھن ٿا. جڏھن ته وڏي صنعتي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي مزدور ۾ ڌارئي مزدور، انتظاميا ۽ ڌارين رياستي مشنري جي موجودگيءَ ڪري نيشنلزم جو جذبو سوشلزم کان وڌيڪ ھوندو آھي پر اُھو نيشنلزم ايترو پڪو پختو نه ھوندو آھي جيڪو آزاديءَ جو جھنڊو کڻڻ لاءِ مجبور ڪري. اھو ان ڪري به جو اڄ جي صنعتي دور ھاريءَ جي رَت سَت مان صنعتي مزدور کي ڪافي رعايتون ڏنيون آھن. علاج جون سھولتون، رھائش جي آسائش، تعليم جو انتظام، معزور ٿيڻ جي حالت ۾ معاوضو، رٽائرمينٽ جي حالت ۾ پينشن، مرڻ جي حالت ۾ عيوضو. اھي سڀ اھڙيون رعايتون آھن جن اڄوڪي مزدورن کي ذري گھٽ مصلحت پسند بڻائي وڌو آھي ۽ انقلابي ھلچل يا آزادي جي تحريڪ ۾ گھٽ حصو وٺن ٿا. انجي ابتڙ سيزنل مزدور کي انھن رعايتن مان ڪابه رعايت حاصل نه آھي. ان ڪري انھيءَ ۾ وڌيڪ پڪي ۽ پختي قوم پرستي جي لاڙن پيدا ٿيڻ جا امڪان آھن. پر پوءِ به اھو ايتري ٿوري تعداد ۾ آھي جو ان تي پورو دارو مدار رکي نٿو سگھجي. البته انجي قوت پوري قومي تحريڪ لاءِ اثرائتي ٿي سگھي ٿي.