جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

سنڌيڪار پاران

شھيد عوام فاضل راهوءَ جي ورسي سنڌ ۾ نين انقلابي روايتن جي امين ٿي پئي آهي. هت انقلابي جذبو وڌيڪ جوان ٿيندو آهي، تنظيم ٿيندي ۽ پنھنجائپ وڌندي آهي ۽ ماڻھو نِت نيون امنگون کڻي موٽندا آهن ــــ جيئن فاضل راهو جيئري هو، تيئن شھادت کان پوءِ بہ آهي.
فاضل صاحب جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي نون آيل ڪتابن ۾ هڪ ”اٹک قلعے سے“ (اردوءَ ۾) هو، هڪ فوجي ميجر جو پاڪستاني فوج جي عام توڙي خاص ڪردار تي، خصوصي فوجي عدالت ۾ اهو بيان جيڪو پاڪستان ۾ ئي ڇپجي، وڏي ڳالھہ آهي! ڪتاب پھرين سٽ ۾ ئي پڙهي پورو ڪيم ۽ عام عادت موجب ان جا ڪارائتا ٽڪرا دوستن کي ٻڌائڻ لڳس.
عام طرح جيڪو بہ چڱو ڪتاب ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ پڙهندو آهيان، پڙهڻ کان پوءِ سوچيندو آهيان تہ جيڪر اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ بہ هجي، تہ جيئن گهڻي کان گهڻا سنڌي پڙهي سگهن! انھيءَ ئي جذبي هيٺ ڪجهہ ڪتاب، مضمون، پمفليٽ وغيرہ ترجمو ڪيا اٿم.
سنڌي ماڻھو پاڻ پڙهن، پاڻ سوچين، پاڻ ڇنڊڇاڻ ڪن، نت نئين ڏينھن نون جذبن ــــ ڇوٽڪاري، سڀَ جي سُک، ڀلائيءَ، ڀائپيءَ، سلڇڻائيءَ، اورچائيءَ، سورهيائيءَ، ماڻھپي وغيرہ جي جذبن سان ٽمٽار ٿي، ڏکن ڏوجهرن، غلاميءَ ۽ محڪوميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ حياتيءَ جي هر شعبي ۾ ڌُوڪي ڪاهي پوَن، تہ جيڪر پنھنجو مقصد پورو ٿيندو سمجهان.
اهو ضروري ناهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ جيڪو بہ ڪتاب لکيو وڃي، اهو منھنجن سنڌي ماڻھن جي پسند ۽ معيار موجب لکيو وڃي. اهو بہ ضروري ناهي تہ اسين رڳو پنھنجي ئي پسند موجب پڙهون. هر ڄاڻ جي سرچشمي مان جيترو وڌيڪ ڍڪ ملي پوي، پيئجي يا سنڀالي رکجي، ۽ ان ۾ ڀلائي آهي تہ ٻين کي آڇجي.
مون کي ذاتي طرح ميجر آفتاب جي بيان ڪيل ڪيترن ئي ڳالھين سان اختلاف آهي، پر ترجمو ڪندي، مون ڪٿي بہ پنھنجن جذبن ۽ سوچن کي، هن ۾ سمائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي، تان جو افغان ڀاڄوڪڙ، انقلاب دشمن ۽ سامراجي دلال کي بہ ليکڪ جي لکت موجب ”افغان مھاجر“ ئي لکيم، بنگلاديش کي ”مشرقي پاڪستان“، وغيرہ.اختلافن هوندي بہ هيءُ ڪتاب ترجمو ڪيم، رڳو ان ڪري تہ هِن ۾ منھنجِي مظلوم قوم جي، پاڪستان جِي سڀني مظلوم قومن جي ۽ پاڪستان جي سموري مظلوم عوام جي انتھائي خطناڪ هڪ دشمن کي اگهاڙو ڪيو ويو آهي، نسبتن تفصيلي ۽ دليلن سان.
ترجمو ڪندي سوين جاين تي اندرُ ڪَڙهيو پئي. خاص طرح جڏهن بنگلاديش ۾ هلندڙ ظلم جي ڪھاڻي هئي يا ماڻھن تي ٿيندڙ تشدد جو قصو، تڏهن مون کي پنھنجِي سنڌ ۽ پنھنجا اٻوجهہ مسڪين ماريل مظلوم ماڻھو پئي ياد آيا، هر هر فوج چاڙهي اچڻ (۽ اڃا بہ ان جو سنڌ ۾ لاڳيتو رهڻ) ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ قانون جي اڻھوند. مون ڏهن مھينن جون ڍُڪيون عورتون ٿاڻن تي ويٺل ڏٺيون آهن ۽ اهي ٻار بہ جيڪي اتي ئي ڄاوا ۽ کيڏڻ جھڙا ٿيا. ڏهن مھينن جي ڳُھراري بہ متان ڌاڙو هڻندي هجي پر ٿڃ-پيئاڪ تہ ڌاڙيل نہ ٿيندا آهن ــــ سنڌُ ٿڃ-پيئاڪ ڌاڙيل پئي ڄڻي! ڳوٺاڻن جو ڏوھہ اهو آهي تہ هُو سنڌي آهن ۽ شھرن ۾ وري دهشتگردن جو شڪار ٿيندڙ ماڻھن جو ڏوھہ اهو آهي تہ اهي سنڌي آهن ۽ دهشتگرديءَ جي ڏوھہ ۾ وري سنڌي ئي پڪڙيل ڏٺا اٿم ــــ ”سنڌي دهشتگرد“ جن کي جڏهن پنھنجن شھرن ۽ گهرن ۾ تحفظ نہ مليو، سرڪار کين ليسن نہ ڏنو ۽ هنن پنھنجي بچاءُ لاءِ لٺ باٺو هٿ ڪري ورتو.
قانون جي محافظن“ لاءِ ڪو قانون ڪونھي،
دهشتگردن لاءِ ڪو قانون ڪونھي،
قانون رڳو سنڌين لاءِ ۽ مظلوم ماڻھن لاءِ آهي!!!
قانون رڳو انھن لاءِ آهي جيڪي حڪمران ٽولي جي ڦورو مفادن خلاف آهن. حڪمران ٽولي لاءِ ڪو قانون ڪونھي، پوءِ ڇو نہ اهي انتھائي-غداري ڪندا هجن يا ڪو بہ انسانيت سوز ڏوھہ!
قانون، ساڳي ئي ڏوھہ ۾ حاڪم طبقن لاءِ هڪُ آهي، تہ ڦريل محڪوم طبقن لاءِ ٻيو، ظالم قوم ۽ ٽولي لاءِ هڪ آهي، تہ مظلوم قومن جي عوام لاءِ ٻيو.
جنھن ڏوھہ ۾ فاضل راهو لڳ ڀڳ اڍائي سال جيلَ اندر قيد ڪيو وڃي ٿو انھيءَ ساڳي ڏوھہ ۾ جهليل حاڪم ڦورو طبقي جا ماڻھو ڪجهہ ڏينھن ايئرڪنڊِيشنڊ بنگلن ۾ ”نظربند“ رکيا وڃن ٿا! طاقت ۽ اقتدار جي راند آ، ڏِٺا وائٺا قاتل ۽ ڄاتل سڃاتل دهشتگرد آزاد پيا گُهمن ۽ هزارين عام سنڌين سان ميل ملاقات لاءِ سندن ڳوٺ ۾ نہ، پر ٿاڻن تي وڃڻو پوي ٿو...
پڙهندي، سوچيم پئي تہ ڪاش! ليکڪ منھنجي ويجهو هجي ها تہ کائنس ڪجهہ سوال پڇجن ها، جيئن: جڏهن ”مشرقي پاڪستان“ ۾ ”گهريلو جنگ“ پئي هلِي يا جنرل ضياءَ بغاوت ڪئي، تڏهن ڇو هُن پنھنجو بيلٽ لاهي ڦٽو نہ ڪيو ۽ انتھائي-غداريءَ ۾ پاڻ بہ ايترو عرصو گڏ رهيو؟
۽ مون کي اهو بہ پڇڻو هو تہ جنرلن جي ”جالنڌر گروپ“ ۽ نمڪ حرام سنڌي دشمن مافيا جي وچ ۾ ڪھڙو ناتو آهي جو هڪ پاسي جالنڌر گروپ اقتدار ۾ اچي ٿو تہ ٻي پاسي سنڌي دشمن دهشتگردَ تنظيمي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا؟ وغيرہ.
منھنجي نيت هئي تہ
آءٌ پنھنجو هيءُ پورهيو
پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو جي نالي منسوب ڪريان، انھيءَ درخواست سان، تہ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ (اي آر ڊي) جِي پنڊيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ ڪيل پنھنجي قول کي پاڙي، تہ مرڪز وٽ رڳو چار کاتا ـــــ پرڏيھي معاملا، دفاع، ڪميونيڪيشن (گڏپ جا سرشتا) ۽ سِڪو ـــــ هوندا، باقي معاملن ۾ صوبن کي خودمختيار مڃيو ويندو، نہ تہ سندس قول ۽ ضياءَ جا ٻول ۾ ڪھڙو فرق رهندو، ڇو تہ باقي لڳ ڀڳ سڀ معاملا (سامراجي دوستي، پرڏيھي پاليسي، پاڪستان جي حقيقي مظلوم قوم ڏانھن رويو، رشوت، سفارش وغيرہ وغيرہ)تہ ائين ئي پيا هلن جيئن اڳ.
پر ڪجهہ دوستن چيو تہ ايترو سختيءَ سان نہ لِکُ، ڇو تہ ضياءُ آمر هو ۽ هيءَ جمھوريت پسند. آءٌ بہ اهو ئي سمجهان ٿو تہ آمريت ڏاڍَ ڀرِي ڪارِي رات آهي ۽ جمھوريت ٻاجهہ ڀَريو روشن ڏينھن ــــ ۽ ان ڪري ٻنھي ۾ فرق ايڏو ئي هئڻ گهرجي.
ائين نہ هجي، تہ اڳُ سنڌي ان ڪري پئي ماريا ويا جو اُهي آمريت دشمن هئا ۽ هاڻي اِن ڪري پيا ڪُسجن جو انھن جمھوريت لاءِ ووٽ ڪيو.
سنڌيءَ ۾ بہ سوين انگريزي لفظ سمائجي چڪا آهن پر ڀارتي لشڪري ٻوليءَ ۾ انھن جو واهپو ايترو وڌِي ويو آهي جو اردو لغت ۾ هزارين انگريزي لفظن جي معنى لکي پئي آهي. مٿان پاڪستاني فوج ۾ انگريزيءَ جي مھربانيءَ سان اهو رجحان ايترو تہ وڌيل آهي جو عام انگريزي پڙهيل آفيسر انگريزي ئي ڳالھائيندا ۽ انگريزيءَ ۾ ڳالھائڻ لاءِ همتائيندا آهن، تنھنڪري پاڪستاني فوج جي ذڪر واري هر ڪتاب ۾ هزارين انگريزي لفظن جِي موجودِي ڪا عجب جھڙي ڳالھہ ناهي.
سنڌيءَ ۾ فوجي معاملن بابت ڄاڻ اڳ ئي گهٽ، وري جو فوجي معاملن سان لاڳاپيل ڪتاب جو ترجمو هجي، ۽ مٿان وري اهو ”حڪم“ تہ ٽِن سؤ (300) صفحن جو ڪتاب ويھَن ڏينھنِ ۾ ترجمو ڪري ڏي، تہ توهين منھنجي حالت سمجهي سگهو ٿا، بھرحال، مون سان اهڙِي ٿِي جھڙي ڪنھن زماني ۾ ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان!
پاڪستاني فوج ۾ طبقاتي نظام ايڏو چٽو آهي جيڏو ”آفيسر“ ۽ ”جوان“ ۾ فرق ــــ آفيسرن جي ماني کائڻ (۽ رهڻ) واري ”بلڊنگ“ جو نالو هوندو ”ميسِ“ ۽ جوانن جي ماني کائڻ (۽ رهڻ) واري لوهي جهوپڙيءَ (يا بيرڪ) جو نالو آهي ”لنگر“. آفيسرَ ميس ۾ ”ڊائلاگ “ (دوبدو ڳالھيون) ڪندا آهن ۽ جوان لنگر ۾ ”گپ“ (گپ شپ يا ڊاڙ لٻاڙ). آفيسرُ ”آرڊر“ ڏيندو ۽ جوان حڪم تي عمل ڪندو آهي...
حڪمُ آفيسرن جي ڏاڪڻ تان لھندو گهٽ آفيسرن جي ڏاڪڻ تي ايندو ۽ اتان لھي اڻ-آفيسرن جي ڏاڪڻ تي پھچندو، جنھن کان پوءِ ڦھڪو وڃي جوان تي.
گهٽ-آفيسرن (يا ننڍي درجي جي آفيسرن، جي سي او يعني (Junior Commissioned Officer- J.C.O)( 1 ) کي ڪتاب جي ليکڪَ خَصي ۽ حرامي ٻار سان تشبيھہ ڏني آهي جيڪو آفيسرن ۽ جوانن جي وچ ۾ ”وچين طبقي“ جو ڪم ڪري ٿو.
اچو تہ ٿوري نظر ڏاڪڻ تي وجهون جنھن ۾ هر هيٺيون ڏاڪو پاڻ کان مٿئين ايندڙ ڏاڪي جو غلام آهي.
آفيسرَ (ڪميشنڊ آفيسرز/ Commissioned Offcers):
1. جنرل
2. ليفٽيننٽ جنرل
3. ميجر جنرل [هنن ٽنھي کي عام طرح جنرل (جرنيل) سڏبو آهي.]
4. برگيڊيئر
5. ڪرنل [ڪرنيل]
6. ليفٽيننٽ ڪرنل
7. ميجر
8. ڪئپٽن [ڪپتان]
9. ليفٽيننٽ
10. سيڪنڊ ليفٽيننٽ [اهي پاڻ کي ”Sir“ سڏرائيندا آهن.]
گهٽ آفيسرَ (جونيئر ڪميشنڊ آفيسرز/J.C.O/Junior Commissioned Offcers):
1. صوبيدار ميجر
2. صوبيدار [”صوبيدار صاحب“]
3. نائب صوبيدار
اَڻ آفيسرَ (نان-ڪميشنڊ آفيسرز/N.C.O/Non-Commissioned Offcers):
1. حوالدار [حوالدار صاحب]
2. نائڪ
3. لانس نائڪ [نائڪ صاحب]
سپاهي: جوان [اڻ آفيسر کي بہ ”جوان“ ئي ڳڻيو ويندو آهي.]
نئون ڀرتي ڪيل: رنگروٽ
”سر“، ”صاحب“ ۽ ”جوان“ جون اهي ڏاڪڻيون ۽ هر هڪ ڏاڪي جو نالو بَري فوج (خشڪي واري فوج يا آرمي) موجب آهي. لشڪر (ملٽري) ٽن فوجن تي ٻڌل آهي:
1. بَري فوج (عام طرح جڏهن ”فوج“ لفظ ڪتب ايندو آهي، تڏهن ان جو مطلب بَري هوندو آهي. خشڪيءَ واري فوج يا آرمي، هن جي هيٺين ڏاڪي، جوان کي عام طرح ”سپاهي“( ) ۽ مٿين ڏاڪي کي ”جنرل“ سڏبو آهي.)
2. هوائي فوج (فضائيہ، ايئر فورس (Air Force) جوان کي هواباز ۽ مٿين ڏاڪي کي ”ايئر ڪموڊور“ سڏبو آهي.)
3. بحري فوج (سامونڊي يا پاڻيءَ جي فوج، بحريہ، نيوي (Navy) جوان کي ”ملاح“ ۽ مٿين ڏاڪي کي ”ڪموڊور“ سڏبو آهي.)
جيئن تہ بحريہ ۽ فضائيہ جو هن ڪتاب ۾ ڪو خاص ذڪر ڪونھي، تنھنڪري انھن جا عھديدار بہ نہ لکيا اٿم. (ڪتاب اڳ ئي وڏو ۽ ڳرو آهي!)
ڀُٽي صاحب جو تختو اونڌو ڪري، اقتدار تي جنرل ضياءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ قبضو ڪرڻ واري بغاوت کي ”آپريشن فيئر پِلي“ (سُٺي، سنئين سِڌي يا سُلڇڻي راند واري مھم)، سنڌي دشمن مافيا کي زور وٺائڻ لاءِ ڊرگ مافيا جي بھاني سھراب ڳوٺ جي رهاڪن (جيڪي گهڻي قدر پٺاڻ هئا) تي فوجي چڙهائيءَ کي ”آپريشن ڪِلِين اَپ“ (صاف ڪريو مھم) ۽ فوج جي ”سازشي“ ماڻھن تي ڪاھہ کي ”آپريشن گئليڪسي“ (ڪھڪشان، کير-پٽو يا ستارا مھم) جو نالو ڏنو ويو. فوج جو هر عمل عام طرح ”مھم“ ئي هوندو آهي ۽ ضيائي دور ۾ اهڙيون مھمون تمام گهڻيون ٿيون ـــ ”پاڪائي مھم ۽ وڏي رٿا“ (گرانڊ اسڪيم( بہ ان جو ئي تسلسل آهن.
ڊويزن، بٽالين، برگيڊ، سيڪٽر اسقئاڊ وغيرہ جھڙا لفظ جيڪي ونڊُ، ڳڀو، ڳترو، ٽڪرو، جٿو جهڙن لفظن جا هم معنى آهن، جيڪڏهن ڪي سنڌيءَ جا ماهر اهڙي مھم هلائي مخصوص لفظ مخصوص معنائن ۾ ڪم آڻن ۽ اسان جون اخبارون انھن کي عام ڪن، تہ جيڪر هزارين انگريزي لفظ بنا سوچي-سمجهي نہ ورجائيندا رهون!
منھنجو خيال هو تہ ڪتاب ۾ ڪتب آيل سمورن انگريزي لفظن جي معنا يا متبادل لفظ وچور ٺاهي لغت جي صورت ۾ ڏيندس. ان ڪري ڏکين لفظن جي معنى فوٽ نوٽ (حاشيي) ۾ بہ نہ لکي.
۽ هن وقت مھل جي کوٽ يا سوڙھہ سبب ائين ڪري ڪونہ ٿو سگهان. ايڊگر سِنو جو ڪتاب ”ريڊ اسٽار اووَر چائنا“ (چين مٿان ڳاڙهو تارو)، چين ۾ انقلابي جدوجھد ۽ ويڙھہ جي اکين ڏٺي ڳالھہ، هڪ ڪيڏارو، هڪ جنگنامو ۽ سُورهيَنِ جو قصو چار سال کن اڳ ترجمو ڪيو هوم ۽ اڃا تائين اڻڇپيو پيو آهي، جيڪڏهن ڇپائڻ جو وجهہ مليو تہ ترت ئي توهان جي هٿن ۾ هوندو.( )
منھنجي آس آهي تہ سنڌي ماڻھو هر اهو ڪتاب پڙهن، جنھن جي ڪجهہ يا سڄي مواد سان اختلاف رکندي بہ، پنھنجي جدوجھد ۽ ڇوٽڪاري جي راھہ سمجهي، ان تي هلي سگهجي ۽ هر قسم جي ڦرلٽ، ڏاڍ، غلاميءَ ۽ مظلوميت مان نجات ماڻجي.

مھرباني

محبت
1990/4/4
لطيف ڪلينڪ قنبر

_____________
(1 ) هتي جونيئر مان مرادَ ٿوري عرصي کان نوڪري ڪندڙُ ناهي، پر گهٽِ درجي جو آفيسرُ آهي.