جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

جنرل ملڪ کي ڦُري رهيا آهن

وڪيلن کي مُلڪ جي بقا لاءِ اُٿڻ گهرجي

عزت واري ڪورٽ! مون گذريل ٽئي راتيون جاڳي گذاريون آھن. آءٌ وقت جي ڊوڙ سبب اڏامندڙ ڌُوڙ جي پٺيان پيو ڊوڙان ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ وقت پڪ ئي 1983ع ماڊل جي ان ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار کان تيز پيو ڊوڙي جيڪا مون تي مڙھيل سرڪاري وڪيل کي ھن قلعي اندر ۽ ان کان ٻاھر وڃڻ لاءِ ڪُتي-مکين جيان جهينگندڙ ڏھاڪو کن انٽيليجنس ايجنسين مان خدا ڄاڻي ڪنھن مھيا ڪئي آھي. ڪجهہ ماڻھو واقعي وات ۾ سوني چمچي سان پيدا ٿيندڙ آھن. انھن ماڻھن کي پنھنجو صفائي-وڪيل مڃڻ کان منھنجي لاڳيتي انڪار باوجود اُھي منھنجي نالي ۾ ”جاوا“ ڪري رھيا آھن. مون انھن کي مڃڻ کان بلڪل ايئن انڪار ڪيو آھي جيئن تازو ئي ڪئناڊا جي حڪومت آمريڪا ۾ ڏاڍين وڏين جاگيرن جي مالڪ ھڪ ڦورو ڌاڙيل ايئر چيف مارشل کي پاڻ وٽ پاڪستان جي سفير طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي،(1 ) پر آءٌ پنھنجي ڀيٽ ڀلا ڪئناڊا جي ان حڪومت سان ڪيئن ٿو ڪري سگهان جيڪا ”سھڻي“ مارگريٽ (2) جي مڙس جي جائنشين آھي.
توھان ڄاڻو ٿا تہ مون ان مسئلي تي ڏاڍي دانھن ڪُوڪ ڪئي آھي. مون وِک وِک تي انھن صاحبن کي پنھنجي صفائي-وڪيل طور مڃڻ کان انڪار ڪيو آھي، پر ھن انتظاميا وٽ، جنھن سِک فضائي ڌاڙيلن کي ملڪ جي بھترين وڪيلن جو خدمتون مھيا ڪيون ھيون، منھنجي لاءِ اھو ”بوڙيندو“ ئي رکيو ھو. ٻين لفظن ۾ انھن مون کي ”آڱوٺو“ ڏيکاريو آھي، تہ منھنجي حياتيءَ جي پنجاب جي فوجي گورنر وٽ چيچ جيتري حيثيت بہ ٿي نہ ٿي سگهي.
گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان منھنجي حياتي ھوا ۾ اڏامندڙ ھڪ ذري جيتري آھي... ھيڏانھن توھان مون کي ان صفائيءَ جي وڪيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي جيڪو ڏاڍو مشھور ”گهر ڄاٽو“ رھيو آھي. ھاڻي تہ توھان ڄاڻي ويا ھوندؤ تہ گذريل سترھن سال مون ھن فوج ۾ ھڪ ”اڇوت“ جيان گذاريا آھن. ان جو سبب رڳو اھو ھو جو مون ھڪ ”غير ڄاٽي“ جي حيثيت ۾ حياتيءَ جي شروعات ڪئي ھئي.
ڪڏھن بہ ان جو مطلب اھو ناھي تہ منھنجي سَس مون کي نہ ٿي چاھي، جيتوڻيڪ ان پياري پڪي ڪردار واري عورت ۽ منھنجي وچ ۾ ڪڏھن بہ ڏاڍا خوشگوار لاڳاپا نہ رھيا آھن، جو مون کي ”گهر ڄاٽو“ ٿيڻ پسند نہ ھو.
عدالت جا صدر! توھان ھڪ ”عادتي گهر ڏياٽي“ چوڌري غلام احمد کي زوريءَ منھنجو صفائي-وڪيل مقرر ڪري مون کي ھڪ ڏک ڀري خوشيءَ جي احساس ۾ وجهي ڇڏيو آھي. آءٌ ان کي خوشيءَ جو احساس ان ڪري چوان ٿو جو چوڌري صاحب پيدائشي طرح منھنجي ڳوٺ کاريان کان ٽي ميل پري چنن نالي ڳوٺ جو ڄائو نپنو آھي.
توھان ڄاڻندا ئي ھوندؤ تہ چنن ڳوٺ ھن ننڍڙي کنڊ ۾ نظر ايندڙ ڪي ڏاڍا سھڻا ائٽ پيدا ڪرڻ ۾ مشھوري رکي ٿو. سرجيت ڪور (يا سريندر ڪور؟) جي دل موھيندڙ آواز ۾ ڳايل گيت ”چرخا چنن دا...“ توھان ضرور ٻڌو ھوندو، پر منھنجو خيال آھي تہ مون کي ”چنن ڪي ھين چرخي“ جو ذڪر اتي ختم ڪرڻ گهرجي. ھڪ تہ مِٺي آواز وارين حوا جي انھن ڌيئن جي نالي سان سڄي سڄي ڪور (Corps)(3 ) جو تصور ڳنڍيل آھي ۽ ٻيو تہ اھي آھن بہ ڀارتي ڪورون (ڪور جو جمع)! ان کان اڳ جو ڳالھہ اڳتي وڌي ۽ اسپيشل انويسٽيگيشن برانچ (ايس آءِ بي) جو ڄامڙو ڪرنل منھنجي نئين ڏوھہ-قبولي ٻڌي، آءٌ ان کي ختم ڪريان ٿو.
ھن کان اڳ آءٌ ڄاٽن ۽ سالن جو ڏاڍو ذڪر ڪندو رھيو آھيان. ان مسئلي جو بہ ھن سازش جي ڪيس سان گهرو ناتو آھي، ان ڪري ان بابت ڪجهہ تفصيل سان ذڪر ڪندس.
منھنجي لغت موجب، اسان جي ملڪ ۽ ھٿياربند فوجن ۾ ٽن قسمن جا ڄاٽا موجود آھن:
1. شاھي ڄاٽا، جيڪي جنرلن، ڪاموراشاھي ۽ ھن ملڪ جي مقدر جي ٻين مالڪن جا ’پُڇڙ‘ ھوندا آھن.
2. غريبي ۽ مسڪينيءَ جا ڄاٽا.
3. ضمير، نجات ۽ آزاديءَ جا ڄاٽا.
مون کي ھن ملڪ جي عوام جي قطارن منجهان ھئڻ تي ناز آھي ــــ جيتوڻيڪ منھنجي پگهار، ڪيس ٺھڻ کان اڳ ئي بند ٿي چڪي آھي ۽ منھنجا گهر ڀاتي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان جسم ۽ روح جو ناتو قائم رکيو ويٺا آھن. پر آءٌ وري بہ مسڪينيءَ جو ڄاٽو سڏائڻ کان انڪار ڪريان ٿو. ھن ملڪ ۾ رڳو ھڪ ئي قسم جي غربت ۽ مسڪيني موجود آھي، ذلت ۽ خواريءَ واري غريبي.
آءٌ ھوش حواس قائم رکندي ٽين درجي سان لاڳاپيل ھجڻ جي ڳالھہ ڪيان ٿو. منھنجو ناتو ضمير ۽ آزاديءَ سان ٿي چڪو آھي. ان جي نتيجي ۾ جيڪڏھن مون کي ھڪ اڇوت جي حياتي گذارڻي آھي ۽ جيڪڏھن مون کي رڳو خوابن جي دنيا ۾ ئي لاڳيتو رھڻ جي لاڳيتي سزا ملڻي آھي، تہ سؤ ڀيرا جيءُ!
عدالت جو صدر! جيڪڏھن توھان مون کي ان وقت جي اڌ جيترو بہ ڏنو ھجي ھا جيترو فردوسيءَ کي مليو ھو، تہ آءٌ بہ پڪ ھڪ شاھنامو، اڃا بہ جنرل نامو تخليق ڪري وٺان ھا ــــ انھن ٻہ ھزار ست سؤ اسي اونداھين راتين جي ڪھاڻي، پر آءٌ لاچار آھيان. ھاڻي مون وٽ وقت ئي ڪٿي آھي، سواءِ حقيقتن جي ھن بيان کي ورجائڻ جي، جنھن ۾ چيف ضياءَ سرڪاري طرح اھو مڃيو ھو تہ وزيراعظم ڀُٽي جي دور جِي ڀيٽ ۾ سندس عھد ۾ رشوت جي شرح 500 ڀيرا وڌي وئي آھي.
ھتي آءٌ اوھان کي اھو بہ ياد ڏيارڻ گهرندس تہ مٿي ذڪر ڪيل، ڏوھہ-قبوليءَ کان ڪجهہ ئي اڳ ھڪ ھزار صفحن جو اڇو چِٺو چيئرمئن ڀُٽي خلاف ٺيڪ ان وقت شايع ڪيو ويو ھو جڏھن هُو ھن ملڪ جي مٿاھين عدالت (؟) ۾ حياتيءَ ۽ موت جي ويڙھہ وڙھي رھيو ھو.
سائين منھنجا! اھا ڳالھہ ڪيڏي نہ همت ڏياريندڙ آھي تہ تازو ھن ملڪ جي سپريم ڪورٽ ان معاملي ۾ ست سال اڳ داخل اپيل تي فيصلو ڏيندي حڪم ڏنو ھو تہ اھي سمورا ماڻھو جيڪي ڦاھي ڏيندڙ عدالت کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جي اڇي گاڏي، اڇو چٺو ھلائيندڙ ھئا پنھنجي عمل جي معافي وٺن. اھو فيصلو ان وقت ٻُڌايو ويو جڏھن ان حُر مرد کي ڦاھيءَ چڙھي ست سال بہ گذري ويا آھن.
مانوارا! ھن ملڪ ۾ انصاف جو ھڪڙو ئي نمونو ملي ٿو ـــــ دير سان ۽ آئينده تي ڇڏيل!
عدالت جا صدر! جنرل ضياءَ جو اھو بيان جيڪو رشوت جي طوفان بابت آھي، آءٌ پنھنجي بيان پٺيان ڳنڍيان ٿو. اھو بيان پاڻ ئي جنرل خلاف ڏوھہ-چٺو آھي ۽ اھو ڏوھہ-چٺو آھي انھن جنرلن خلاف جيڪي ھن وقت اقتدار ۾ ساڻس گڏ آھن. جنرل پنھنجي تقرير ۾ اھو تہ ڪو نہ چيو ھو تہ رڳو مس ڀرڻ ۽ قلمدانن جي صفائي ڪرڻ وارا پٽيوالا ئي رشوت ۽ ڪُلڇڻائيءَ جي انھن واچوڙن جا ڪارڻ آھن ــــ ھڪ پٽيوالو پڪ انھيءَ بھا کي 500 ڀيرا نہ ٿو وڌائي سگهي.
منھنجو ڀاڻيجو افضل تازو ئي ھڪ نئين قاعدي، اردو قاعدي جي ڳالھہ ڪري رھيو ھو جيڪو ھن پنھنجن نون سنگتين سان گڏجي تيار ڪيو آھي. ان ۾ ”ر“ سان رشوت ايئن ئي ٺھي ٿي جيئن ”الف“ سان ايمان ٺھندو ھوندو.
سائين منھنجا! ملڪ ۾ رشوت ۽ ڪلڇڻائيءَ جي بازار گرم آھي ۽ اھا جمعي بازارن کان گهڻي وڌيڪ کليل ۽ کُلي عام لڳل آھي، ۽ اھي ڦورو ڪير آھن. رڳو ھن بازار جا پانڊي ئي نہ پر اھي سمورا ماڻھو جن کي ان جي وجود جي ڄاڻ ھجي ۽ طاقت جا سرچشما سمورا جنرل بہ، جيڪي چاھن تہ ان کي بند ڪرائي سگهن ٿا.
جيڪڏھن خدا جي رسول رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن تي خدا جي لعنت ۽ عذاب جو ذڪر ڪيو ھو تہ پاڻ سڳورن وقت جي حاڪم کي ڪو ان کان ڇٽل سمجهيو ھوندو، جنھن جي ڇانوَ ۾ بازار متل ھجي. شايد اسان جي ڪمانڊر اِن چيف حضرت عمر جي پنھنجي ذميوارين بابت دانھن ڪوڪ جو ٻڌو ھجي ــــ جنھن جو اظھار ايئن ڪيو ھو تہ جيڪڏھن دجلا ۽ فرات جي ڪنارن تي ڪو ڪُتو بہ اُڃيو مري ٿو تہ عمر کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو.
سائين منھنجا! جسٽس سردار اقبال وفاقي محتسب اعليٰ کي اڄ اھو اختيار ڪونھي تہ ھو خليفتہ المسلمين کي پنھنجي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو چئي سگهي، پر شرعي قاضيءَ کي اھو اختيار پڪ مليل ھو.
جرنيلي ڦرلٽ جا ڪيترائي پاسا آھن. شايد اھو معزول شھيد ھيرو فضائيہ جو نڪ ايم ايم عالم ان تي مون کان وڌيڪ سٺي نموني روشني وجهي سگهي. جيتوڻيڪ مون کي ھاڻي بہ اميد ڪونھي تہ ھن اٻوجهہ قوم کي ايتري ٻوجهہ بہ ھجي تہ نيٺ ان کي ڪھڙي ڏوھہ جي ڀوڳنا ۾ بئنڊ باجن کان سواءِ ئي انھيءَ مھل کان بہ گهٽ گهڙيءَ ۾ نوڪريءَ تان لاٿو ويو جيتري مھل ۾ ھن سڌي حملي ۾ پنج ڀارتي جھاز ڪيرايا ھئا.( 4)
سائين منھنجا! ان ڊاگ فائيٽ (ڪتا-ويڙھہ) جو بہ ڪو مثال ڪونھي!
جنرلن جي ڦرلٽ جو قصو ڪابل کان ڪلڪتي ويندڙ جرنيلي سڙڪ کان بہ وڌيڪ گهڻو ڊگهو آھي. ڪڏھن چٽگام کان خيبر تائين ۽ ھاڻي خيبر کان ڪراچيءَ تائين سُسيل يا بارودي بوٽن ھيٺان لتاڙيل ھن مقبوضه ملڪ ۾ ھاڻي انھن فاتح جنرلن جي غلامن، ٻانھين ۽ مال غنيمت کان سواءِ بچيو ئي ڇا آھي! اھا ڪالھوڪي ڳالھہ ئي تہ آھي جو پھرين مارشل لا جنرل اعظم خان لاءِ لاھور جي ڀَر ۾ 16-مربعن جي ڇٽڻي مھيا ڪئي ھئي. ان کان پوءِ تہ اھا ھر جنرل لاءِ سورھن ڪورسن جي شاھي ڊنر رھي آھي جنھن ۾ (1) مربعا، (2) ڪارنر پلاٽ، (3) مغل، (4) فيڪٽريون ھيروئن سميت، (5) شگر مِلون، (6) پَرمٽون ۽ ليسن، (7) ھُنڊا اڪارڊ، ٽويوٽا ڪرائون، مرسڊيز، (8) ايئر ڪنڊيشنڊ پلانٽَ، (9) ٺيڪا، (10) ڪميشن ۽ ڪڪ بيڪس، (11) بين الاقوامي شاپنگ ٽوئرس، (12) پنھنجي لاءِ ووٽ ۽ ووٽرن لاءِ ڦٽڪا، (13) ڪارپوريشن جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ، (14) فتح ڪيل اسيمبلين جا ايوان، (15) عدالتون ۽ عدل ۽ انصاف جون ڪرسيون ۽ (16) لڳ ڀڳ نوَ ڪروڙ ٻانھيون ۽ غلام ــــ اھي سورھن طعام تہ اھي آھن جيڪي اکين کان انڌي ۽ ڪنن کان ٻوڙي ٻٽي قوم کي بہ نظر اچي رھيا آھن. قلعي اندر ڇا ٿيندو رھيو آھي، اسين ڇا ڄاڻون، ڪوٽن مٿان تہ گذريل 9-مھينن کان رڳو ٻانگن جا آواز ئي ٻاھر اچي پئي سگهيا.
پھرين مارشل لا جي اعظم خان کان سواءِ بي پستول بردار جنرل برڪي بابت گنڌارا انڊسٽريز جي ٽاٽا برلا اسان جي پھرين ۽ في الحال آخري فيلڊ مارشل جا لفظ ھاڻي بہ فضائن ۾ ٻڌي سگهجن ٿا ــــ ”ھُو تہ پنڊيءَ جو قبرستان بہ الاٽ ڪرائي ڇڏيندو.“
ان ۾ ڪھڙو شڪ آھي تہ ”پاڪستان ۾ اڳواڻيءَ جي گهوٽالي“ (Crisis of leadership in Pakistan) جي ليکڪ جنرل فضل مقيم جيڪڏھن پنڊي ڇانوڻيءَ جو چوٿون حصو الاٽ ڪرائي ورتو ھو تہ باقي ٽن حصن تي اڄڪلھہ جالنڌر گروپ جي ابي جنرل برڪيءَ جا جهنڊا ڦڙڪي رھيا آھن.
بلوچي (رجمينٽ جي) چيف يحيٰ خان کي بھرحال خريد ڪرڻ کان وڌيڪ اڏائڻ سان دلچسپي ھئي ۽ ھن اسلام جي علمبردار جنرلن جي ”وڏي لوڌ“ وسيلي اڌ کان وڌيڪ ملڪ کي کلي عام نيلام ڪري ڇڏيو. مشرقي پاڪستان ۾ انھن ماڻھن جي حڪمن تي بازارون ڦريون ويون، کلنا جي بندر تي بيٺل جھاز رڳو انھن جنرلن جا مال غنيمت جي انتظار ۾ بيٺي بيٺي تارپيڊو ٿي ويندا ھئا. جنرل جهان زيب ارباب جي ٻن ڪروڙ رُپين سان سٿيل ان ٽرڪ جي قصي جي ڪنھن کي خبر ناھي جيڪا ڍاڪا ويجهو پڪڙي ويئي ھئي ۽ ان سان گڏ ئي ”ارباب“ کي ستارہء جرئت سان نوازيو ويو. اتي بئنڪون ۽ حڪومت جي خزانن تي سنگينن جي چھنبن سان ڌاڙا ھڻندڙ اڄ باقي بچيل پاڪستان جي عوام ۽ خزانن ۽ سرحدن جا محافظ سڏرائن ٿا.
بدنصيبي اھا جو چيئرمئن ڀُٽي بہ انھن شھسوارن جي فائيلن کي انھن جا رڳو اھي پڇ دٻائڻ لاءِ ڪتب آندو جيڪي 4-جولاءِ تائين تہ سندس اڳيان پٺيان ھر پاسي لڏندي نظر ايندا ھئا، پر انھيءَ رات رائيفل جي روپ ۾ اڀا ٿي پيا. ڪاش! چيئرمئن (ڀُٽي) کي ڪو اھو تہ ٻڌائي ھا تہ انھن اڇن ھاٿين جڏھن پورس کي نہ ڇڏيو تہ هن سان کين ڪھڙي محبت ٿي سگهي ٿي؟
ڪاش! ھن کي ڪو ايترو ئي ٻڌائي ھا تہ انھن مان ھر ھڪ اسان کان ڏوھہ-باسرائيندڙ مئجسٽريٽ مرزا ڪرم الاھي بيگ جيان ڏندن جي ٻٽي سيٽ جو مالڪ آھي!
بھرحال، 5-جولاءِ 1977ع کان پوءِ ھيءُ ملڪ سواءِ ھڪ جرنيلي شڪار گاھہ جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ بچيو آھي. جيڪڏھن جنرل فضل رزاق تربيلا جي سرنگهہ نمبر-2 جي رت سان سئزرلئنڊ جي فائيو اسٽار ھوٽلن ۾ ناڻو سيڙايو، تہ جنرل فضل حق ھيروئن جي پڙين جي بازار گرم ڪري ڀاءُ سان ڀيٽ ڪئي. جيڪڏھن ايئر چيف مارشل انور شميم ايف-16 ۽ ٻين سودن ۾ پنھنجي سالي ايئر ڪموڊور سليم کي سروس تان استعيفا ڏياري ڪميشن ورتي، تہ آرميءَ ۾ وائيس چيف کان ڊائريڪٽر جنرل پرچيز (Purchase، خريداري) تائين سڀ ئي ٽئنڪن، جيپن، ميزائلن ۽ بڪتربند گاڏين مان پنھنجو حصو اوڳاڙي رھيا ھئا.
ھوڏانھن پاڪ فضائيہ يعني انور شميم-ضياءُ الحق اينڊ ڪمپنيءَ جي ايئر بسن ۾ انھن جي آمريڪي رانچن، چراگاھن، جاگيرن ۽ فارمن لاءِ ڊالر، مينھون ۽ گهوڙا موڪليا پئي ويا تہ ھيڏانھن سڄي جو سڄي انجنيئر بٽالين جنرل سوار خان، جنرل اقبال ۽ ٻين جنرل کي نئين الاٽ ٿيل ٻنيءَ کي سڌو ڪرڻ جي مشق ۾ ايئن رُڌل ھئي ڄڻڪ شاھراھہ ريشم کان پوءِ ۽ قيامت کان اڳ ان (انجنيئر بٽالين) جو آخري مشن اھو ئي رھجي ويو ھو. 80 ڪروڙ مسلم امه جي رھنما جنرل ضياءَ جي صدارتي جھاز مان ھيروئن جو ملڻ ۽ ان جي ميجر اي ڊي سي جي ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي تان لھڻ تہ ڏاڍي معمولي ڳالھہ آھي. جنرل چشتيءَ واري لاھور جي ھڪ پرائيويٽ فرم جي ھيڊقئارٽر پاران يارھن لک رپين واري ريڊي ميڊ گهر جو تحفو ھن ملڪ جي نمبر-ٽُو (2) تي ڪھڙو وڏو احسان ھو؟ ۽ جيڪڏھن ان کي اھو حق مليل ھو تہ سندس چيف آف اسٽاف (سي او ايس) ۽ آپريشن فيئرپلي جي اسٽاف-آفيسر-انچارج جنرل وڙائچ کي اھو حق ڇو نہ ٿو ڏئي سگهجي تہ سرڪاري زمين تي ان کي ڪھوٽا پراجيڪٽ جو مالڪ جنرل نقوي ھڪ سھڻو وِلا (گهر) ڏي ھا ۽ پوءِ وري پاڻ ئي مسواڙ تي وٺي ھا؟ جيڪڏھن ھن ملڪ لاءِ ايٽم بم ٺھي رھيو آھي تہ ڇا... سڀاڻي ان کي ھلائڻ جو حڪم ڏيڻ واري جنرل کي ايترو بہ حق نہ ٿو ڏئي سگهجي تہ ھو ان جي نانءَ صدقي ھڪڙو گهر ئي ٺھرائي وٺي؟
ڀُٽي جي ڳالھہ ٻِي آھي تہ ان کي تہ بم ٺھرائڻ واري سوچ جي ڏوھہ ۾ ڦاھي اچڻي ئي ھئي!
فيلڊ مارشل ويوِل، وائسراءِ ھند کي برطانيا موٽڻ کان پوءِ مسواڙ جي ھڪ فلئٽ کان نئين حياتي شروع ڪرڻي پئي ھئي پر اسان جا سمورا جنرل عامل جنرل آھن، انھن سڀني وٽ الادين جو چراغ ۽ منڊيون آھن جو بيشڪ اڄ انھن مان ھر ھڪ سھگل، آدم جِي ۽ دائود جو نہ رڳو ھم عصر آھي پر طاقتور حريف بہ.
جيڪڏھن قومي خزاني مان 35-لک رپيا راولپنڊي ڇانوڻيءَ جي سڌاري ۽ ڀلائيءَ لاءِ وٺي اھي وائيس چيف، چيئرمئن، جئائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل عارف ۽ جنرل اختر عبدالرحمان جي سرڪاري محلن جي رڳو سونھن ۽ سينگار تي خرچ ڪري سگهجن ٿا تہ پندرھن لک رپيا ”آرمي ھائوس“ جي اعتڪاف جي اندرين سونھن (ڊيڪوريشن) تي ڇو نہ ٿا خرچ ٿي سگهن! نيٺ اھو مُصلو تہ اتي ئي آھي جنھن تي گذريل 9-سالن کان ھن ملڪ جي تقدير جا فيصلا ڪيا ويندا رھيا آھن.
جيڪڏھن جنرل رفاقت جي ڪوھاٽ کان بدليءَ وقت سمگل ڪيل اڌ ڊزن ايئر ڪنڊيشن ھڪ مٿي-ڦريل ڪئپٽن جي غلطيءَ سبب پڪڙجي ۽ ڇڏجي سگهجن ٿا تہ پوءِ ڇا ٿيو! جنرل اقبال جا ڊزن کن بہ تہ اٽڪ پل تي پڪڙيا ۽ ڇڏيا ويا ھئا. وري ان مال-گاڏيءَ جو ڇا چئجي جنھن جي بوگين ۾ سڄي جنرل ھيڊقئارٽر لاءِ سمگل ڪيل ايئر ڪنڊيشن پنڊيءَ پھتا ۽ ريلوي واچ اينڊ وارڊ وارن جا مٿا ڦاڙي ”ڪسٽم ڪليئر“ ڪرايا ويا. وري اسمگلنگ جي تہ ڳالھہ ئي ڪھڙي ڪجي! افغان مجاھدن جي مدد ڪرڻ جو ايترو اجورو بہ اسان جا اڳواڻ وٺي نہ ٿا سگهن ڇا؟
پنڊيءَ جي جنرل صغير جي ڪيسن، ڦاسين، معافين ۽ آزادين ۾ ھڪ ڪاٿي موجب پاڪستان جي پنجن سالن واري منصوبي جيتري رقم جي ڏيتي ليتي ڪئي ھئي. ۽ جيڪڏھن ھڪ ڊي ايم ايل اي ايترو ڪجهہ ڪيو ھو تہ ڇا باقي ٻيا ايڏا لولا لنگڙا ھئا جو پھرين پنجن سالن جي سطح کي بہ نہ پھچي سگهن؟
اڄ جيڪڏھن سي آءِ اي جو ڄاھو ڊاڪٽر محبوب الحق(5 ) بي مثال نڪ جي پڪائيءَ ۽ بي عزتيءَ سان اعلان ڪري ٿو تہ قومي خزاني جا ويھہ ارب رپيا ڪاموراشاھي فراڊ ۾ (ڌوڪو ڪري) کائي وڃي ٿي، تہ ڇا ان ڪاموراشاھيءَ ۾ جنرل شامل ناھن؟ اڄ ڪيتريون ئي وزارتون ۽ ڪارپوريشنون اھڙيون آھن جن جا سردار نوڪريءَ ۾ موجود يا رٽائرڊ برگيڊيئر ۽ جنرل آھن!
ملڪ جي اعليٰ ترين اداري نيشنل ڊفينس ڪاليج جو ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ جنرل بخاري جونيئر آفيسرن کي سعودي عرب ۾ مقرر ڪرڻ (Secondment) لاءِ في ماڻھو لڳ ڀڳ ھڪ لک وٺندو رھيو، تہ ڇا اھو انھن ماڻھن تي ”حج“ جي راھہ کولڻ جو ديني اجورو نہ ھو. نيٺ ھو ڪيستائين پنھنجن وڏڙن جي صدقي ملندڙ زڪوات ۽ نذرانن تي حياتي گهاري ھا!
نيٺ اسان کي ڪو اھو تہ ٻڌائي تہ انھن نوَن سالن ۾ ڪيترا جنرلن جا ڄاٽا سول سروس ۾ جذب ٿي ويا، ڪيترا پرڏيھي نوڪرين تي چڙھيا ۽ ڪيترن جي مٿن تي ضلعن ۽ ڊويزنن جي سرداريءَ جا تاج رکيا ويا؟
ان عرصي ۾، ڪيتري عرصي ۾ ڪيترا ملٽري ڪئمپنگ گرائونڊ (لشڪر جي ديري جا ميدان) نيلام ٿيا، ڪيتريون ڊفينس ھائوسنگ سوسائٽيون وجود ۾ آيون ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي زمينن جي ڦرلٽ ٿي؟
چَٽ پوڙھي عتيق الرحمان کي نيٺ اھو ڇو چوڻو پيو تہ جنرلن جي گهرن ۾ چونو نہ، الف کان بي تائين سڀ سنگ مرمر آھي، نيٺ ”ڇا“ ضياءُ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڪٿان ٿو اچي؟(6 ) جيتوڻيڪ آءٌ سمجهان ٿو تہ سڀاڻي واري عوامي پارليامينٽ کي پاڪستان جي ان ملٽري گورنر جي ڍانچي کي بہ ڪٽھڙي ۾ بند ڪري مينارِ پاڪستان وٽ آڻڻو پوندو، پر پوين پساھن تي پھتل اھو واقعي سچ پيو چوي.
ھيءَ رڳو ٽي چار سال اڳ جي ڳالھہ آھي تہ ھڪ ڪرنل جي بيواھہ سائيڪلن، بگين، گڏھہ گاڏين ۽ پيادل ڌڪا کائي کائي پنھنجي مرحوم مڙس جي نالي الاٽ ٿيل 2 مربع ٻنيءَ جي ”کوج“ ھنئي. جڏھن ھن جا ڪاغذ جِي ايڇ ڪيو پھتا تہ شاھي حڪم پھتو تہ اھا ٻني جنرل سوار، جنرل صغير، جنرل بخاريءَ ۽ جنرل راحت لطيف( 7) کي سندن تازين فتحن جي سلسلي ۾ تمغن جي اجوري ۾ ڏني وئي آهي. ان اڀاڳي عورت سرگوڌا جي سب-مارشل لا هيڊقئارٽر ۾ پٽي پٽي پاڻ کي ڳاڙھو ڪري ڇڏيو ھو، پر ان جي ڪري ڪھڙو فرق ٿو پوي، ھتي تہ سڄي قوم جو جسم ڦٽڪن سان رتو رت لڳو پيو آھي.
ان ظلم، ڏاڍ، انھيءَ ڦرلٽ جا، جيئن آءٌ چئي چڪو آھيان، تمام گهڻا پاسا آھن، ايترو جو ھڪ ھزار حمود الرحمان ڪميشن ھزار سالن ۾ بہ نہ ڪري سگهندا، ھا ايترو ضرور آھي رڳو اٺن ڏھن ڏينھن جي جاچ ۽ جتن سان ايترو مواد گڏ ڪري سگهجي ٿو جو سڄي ملڪ ۾ ڦاھي گهرن جي کوٽ ٿي پوي. سرڪڻ ڦاھيون ٺاھڻ لاءِ رسا کٽي پون ۽ جلاد شايد انڊونيشيا، چِلي ۽ ڏکڻ آفريڪا مان گهرائڻا پون.
آرمي ايويئيشن جي جھازن ۽ ھيلي ڪاپٽرن ۾ رنڊين کي ڪوٽلي-ميرپور محاذ جي مقدس مورچن ۽ ان پٺ-وارين ڪمانڊر پوسٽن يا ريسٽ ھائوسن ۾ وٺي ويندڙ جنرل آفريديءَ کي جيڪڏھن ھڪ صوبي جو گورنر ڪري سگهجي ٿو، تہ پوءِ ٻئي گورنر کي بہ اھو ”حق“ ھو تہ ھُو ايبٽ آباد جي باغيچن ۾ چَرندو وتي. جيڪڏھن جنرلَ راڻيءَ (راني) وٽ ويا، گذريل ڏينھن جيان ھن ڀيري بہ جنرلن جا ديرا ھئا تہ جنرل سروپ، جنرل اقبال (رسالي وارو) ۽ جنرل سجاد کي ڪو ”منظور“ ڇو نہ ٿو ڪري؟ جڏھن تہ انھن مان ھڪُ ھن ملڪ جو ٻيو نمبر ڪور ڪمانڊر آھي. ھڪ ھاڻي مرڪز ۾ سيڪريٽري ۽ ھڪ آرميءَ جو ڊائريڪٽر جنرل پرچيز، اھو ئي ڊائريڪٽر جنرل پرچيز جنھن بابت 27-جون 86ع جو اخبار ”دي مسلم“ ۾ شايد ھڪَ مون جيان ئي ”حياتيءَ کان بيزار“ صحافي مليحا لوڌيءَ دفاعي معاملن ۽ خرچن بابت ”عوام جي ڄاڻڻ جي حق“ جو ذڪر ڪيو آھي. انھيءَ مضمون ۾ ھن فوج لاءِ فولادي ٽوپلن ۽ 1500 ڳرين فوجي ٽرڪن جي خريد بابت ٻن وڏن اسڪينڊلن (شرمناڪ واقعن) جو ذڪر ڪيو آھي. اسڪينڊل جنھن ۾ رڳو ٻن ڪروڙ رپين جي مٽاسٽا ناڻي سان ئي نہ کيڏيو ويو پر ھن ملڪ ۾ خود ڪفالت (پاڻ ئي پنھنجو خرچ ۽ گهرجون پوريون ڪرڻ) جي دروازن کي بند ڪرڻ واري ”ايوبي سازش“ جو تسلسل بہ ڪاميابيءَ سان جاري رکيو ويو آھي. واسطيدار يورپي ڪمپنيون ان معاملي ۾ پاڪستان ۾ سرمائيداريءَ وسيلي پنھنجي معيار جي ديسي پيداوار شروع ڪري، نہ رڳو پاڪستان لاءِ خود ڪفالت جو بِلو ڪري رهيون هيون پر گهرن پيون تہ ايئن گڏيل مفادن هيٺ وچ آفريقا ۽ ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي مارڪيٽن (منڊين) جا دروازا بہ کُلي پون، پر خود ڪفالت جي ڊگهي مُدي وارن منصوبن جي ڪري انھن جنرلن کي ڇا ملي ھا جن کي اڄ نہ تہ سڀاڻي چڪوال يا جالنڌر واپسيءَ جي پروگرام تي عمل ڪرڻو ئي آھي. اڄوڪيءَ ڪميشن (دلاليءَ) مان اھي ۽ سندن نسل ترت ئي ستابا ٿي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ان جو دفاع وڃي پئي کڏ ۾! باقي بچي صحافڻ مليحا لوڌي، تہ ان کي شاھوڪار جنرلن خلاف پمفليٽ لکڻ جي ڏوھہ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25-سال قيد بامشقت جو شاھي حڪم تہ ٻڌايو وڃي، جو ھتي ھن جيل ۾ اڃا بہ (جاءِ) بچيل آھي.
”آءٌ ڏاڍي اوني سان ”اقتدار جِي ھوس جِي جنگ“، ”ڪلڇڻائي“ ايماندار محب وطن ۽ محنتي عوام جي شرم جھڙي ڦرلٽ، سُلڇڻائيءَ جي خاتمي ۽ سياسي مقصدن لاءِ اسلام جي لڄ لٽ جو تماشو ڏسندو رھيو آھيان...“
فيلڊ مارشل توبن جي زور تي اقتداري ھوس جي جنھن جنگ ڪلڇڻائيءَ، عوام جي شرم جھڙي ڦرلٽ، سلڇڻائيءَ جي خاتمي ۽ عوام جي لڄ لُٽ جو بنياد وڌو آھي، ان جي انتھا سندس ٽين نمبر جائنشين، ملڪ ۽ ملت جي فاتح جنرل ضياءُ الحق جي فتحن ڀريل دَور ۾ ڏسي رھيا آھيو ۽ اھو آءٌ نہ جنرل پاڻ آھي، جنھن کي انھن سڀني مقصدن ۽ ورثن کي اوج تي پھچائڻ وارين پنھنجن سوڀن تي فخر آھي. ھُو کوڙ ڀيرا انھن حقيقتن جو ذڪر ڪري چڪو آھي. ھن جي ڪنھن ”متوقع جائنشين“ لاءِ ھاڻي انھن حدفن ۾ پڪ ئي ڪا دلچسپي نہ ھوندي. اقتداري ھوَس آخري حدون اورانگهي چڪي آھي، ڪُلڇڻائيءَ جو ان کان وڏو تصور ڏکيو آھي. اسلام 9-ساله لڄ لُٽ سبب ساڻو آھي. رھيا عوام، تہ ھاڻي انھن وٽ آھي ئي ڇا، جو ڪنھن تي ڦرلٽ جي تھمت لڳي سگهي ــــــ نہ عزت، نہ مانُ، نہ امنگون، نہ ئي آرزوئون، انھن جون تہ ڇھن جو ڇھئي حسون جنرل ھيڊقئارٽر ۾ گروي رکيل آھن!
منھنجي تہ آرزو آھي تہ خدا کين ظلم کي اڃا بہ تيز ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اھي (جنرل) ٻارڙن جي واتن، مائرن جي ڇاتين ۽ وڏن جي ھٿن مان آخري گرھہ بہ کسي وٺن شايد پوءِ ئي ھيءَ قوم پنھنجي نبيءَ جيان پيٽ سان پٿر ٻڌي ھن نظام جي آخري ۽ مڪمل تباھيءَ لاءِ کاھيءَ ۽ گڏيل قبرن جو بلو ڪرڻ لاءِ اٿي بيھي.
تازو ئي مارشل لا جي حرامي اولاد ـــــ آئين 85ع ھيٺ وجود ۾ آيل ڪَٺ پُتلي پارليامينٽ ۾ 15-ارب رپين جي انھن قرضن جو ذڪر ٿي رھيو ھو جيڪو ”لاقانونيت جي دَور“ جي 9-سالن ۾ قومي سطح جي ڌاڙيلن کي معاف ڪيو ويو. ان جي ڪجهہ باضمير ميمبرن جي مطالبي باوجود ”ڀان متي“ جي ھن ڪٽنب کي انھن جا نالا ٻڌائڻ کان چٽو انڪار ڪيو ويو. نوان ڪوٽ کان پوءِ اھو بہ قومي سلامتيءَ ۽ تحفظ جو ئي مسئلو آھي. بھرحال، آءٌ خيبر کان ڪراچيءَ جي مٽيءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ انھن قرضن ۾ ڪا بہ بي سھارا بيوه نہ ھئي، نہ ڪنھن شھيد جا وارث، نہ تہ ڪو يتيم ۽ نہ ئي وري ڪو لاوارث. ان وچور ۾ جنرلن، ايئر مارشلن، ايڊمرلن ۽ انھن جي ”پڦاٽ“ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کان سواءِ ڪو بہ ٻيو ڪو نہ ھو.
9-سالن ۾ 53-جنرلن جي ڊيوٽي-فري (ڪسٽم معاف) مرسيڊيز ڪارن تي ڪمايل في داڻو 15-لک رپيا انھيءَ طرح ئي ٺيڪ اسلامي ھئا جيئن محمد جي ھزارين پوئلڳن جي اگهاڙين پٺين تي واسيل 50-ھزار برحق ڦٽڪا. ھاڻي ڪير نہ ٿو ڄاڻي تہ ”واپاري جنرلن“ ملڪ کان ٻاھر ۽ ملڪ اندر ھڪ پاسي ويندي ھٿياربند فوجن کي بہ ھيروئن سان واقف ڪرايو آهي. اڄ ڪھڙي آفيسرز ميس آهي جتي حق يا شميم برانڊ هيروئن نہ ٿي ملي! ڪنھن کي شڪ ھجي تہ جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل فضل حق جي پوڙھي مسلمان ڪمانڊنگ آفيسر پير عبد ﷲ شاھ کان ڪوھاٽ ۾ وڃي پڇي.
ھاڻي اھو ڪو راز ناھي تہ ڪراچيءَ ۾ حراست ھيٺ ھيروئن-ڪئريئر-جنرل جي ذاتي اسٽاف آفيسر ميجر ظھور آفريديءَ جي ڀاڄ جي رٿ ھڪ ميجر جنرل ۽ آءِ ايس آءِ جي ھڪ برگيڊيئر ڪوسٽ گارڊ (سامونڊي محافظن) جي مدد سان ٺاھي ھئي ۽ ڀاڄ کان پوءِ ھُو ھاڻي بہ ھڪ ٽن ستارن واري جنرل جي ان گهر ۾ لڪل آھي جنھن جي مٿان ”پرچم ستاره و ھلال“ جو پاڇو آھي.
جنرل مجيب الرحمان جي فيصل آباد ۾ ھڪ ئي سودي ۾ 25-ڪروڙ رپين جي ڪميشن (ڀلاوڻي) ۾ ڪنھن جو ”حق“ آھي! ”حق“ جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھاڻي اھو ڪو راز نہ رھيو آھي.
جنرل ضياءَ جي ٿرڊ ڊويزن ۾ آيل پٽ ۽ ڌيءَ کي ايم بِي بِي ايس جون ڊگريون ملڻ ڪا ڪلڇڻائيءَ ۽ عجب جي ڳالھہ ڪانھي. سوال تہ رڳو ھي آھي تہ ڀُٽي جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ وارو صفدر شاھہ مئٽرڪ پاس ڪري معمولي سپاھيءَ کان سپريم ڪورٽ جي جج جي عھدي تائين ڪيئن پھتو؟
مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ”چارجنگ ڪريسيءَ“ نيٺ جنرلن ۽ وڪيلن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيئن ڪيو، ڪنھن ڳجهي ھٿ باھہ ۽ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جي اھا حرڪت ڇو ڪئي! ان ۾ تہ ھڪ سازش جي ڌپ ٿي اچي. آءٌ حرص ۽ ھوس ۾ وڪاڻل ڪجهہ ماڻھن کي تہ ڄاڻان ٿو، پر اھو ڏوھہ-چٺو تہ وڏي ”ميڙ“ جي ڳالھہ ڪري رھيو آھي. شايد وڪيل چوڌري اعتزاز احسن يا اڃا تائين مھاجر، پاڪ آرميءَ جو اڳوڻو جج ايڊووڪيٽ جنرل برگيڊيئر اقبال احمد خان ان تي روشني وجهي سگهي.
مون کي محمد علي جناح جي ھم پيشہ ماڻھن کي اھو چوڻ جي گهرج ڪڏھن بہ محسوس نہ ٿي، تہ اھي ڌاڙيلن ۽ ڦورن خلاف اٿي بيھن. منھنجو خيال آھي تہ ھڪ ملڪ جا وڪيل ٿڃ پيئڻ جون حدون اورانگهي جوانيءَ کي پھچي چڪا آھن.
جنھن ماڻھوءَ اھو ڏوھہ-چٺو تيار ڪيو ان جي ڪڇ ۾ پڪ ئي سيواجي جو وِڇون (ڀٽون) ھو. ان ماڻھوءَ تاناشاھيءَ کي اھو ڏنگ ھنيو آھي جيڪو وڪيل طبقو گذريل اٺن سالن ۾ نہ ھڻي سگهيو. ھن ڏوھہ-چٺي جون اھي تھمتون سڀاڻي تاريخ جي ھٿان ھلندڙ ڪيس جا ڪلاسيڪل ڏوھہ ثابت ٿيندا. شايد توھان کي احساس ھجي تہ تاريخ ڪڏھن بہ معاف نہ ڪندي آھي، تاريخ رحم جي ڪنھن اپيل تي بہ نہ سوچيندي آھي.
آءٌ اھو ڪو نہ ٿو چوان تہ ”منظم ڦرلٽ“ ھن جنتا حڪومت کان ئي شروع ٿي آھي يا اھو رڳو پاڪستاني مينٽ جي اسڪولن کي ڦرڻ جو نالو آھي. ان جو پاڙون پڪ ئي انھن ڏھاڪن ۾ ملن ٿيون جيڪي اسان اڄ تائين ملھائي چڪا آھيون. ورھين ۽ وقت جي لحاظ سان اھي ڏھاڪا ھڪ ٻئي پٺيان اچن ٿا:
سياسي مونجهہ موڳائيءَ جو ڏھاڪو،
قرضن جي وھڪ ۽ ترقيءَ جو ڏھاڪو،
پڪنڪ ۽ سير تفريح جو ڏھاڪو ۽
مذھبي ۽ سياسي ھم جنس پرستيءَ جو ڏھاڪو.
ٽين ڏھاڪي ۾ ھن قوم کي انھيءَ ڏاڍ ۽ سختيءَ جي واچوڙي کان ٻاھر ”پنجن منٽن“ جي تعميري وٿي ملي ھئي، پر ان جو تفصيل آءٌ ان وقت ئي بيان ڪري سگهندس جڏھن ھن قلعي ۾ ۽ ان جي ڪوٽن ٻاھران اسان جي غصب ڪيل آزادي موٽائي ويندي.
سائين منھنجا! اھو قومي خزانو ئي نہ آھي جنھن کي جنرلن گذريل ڏھاڪن ۾ عام طرح ۽ ھن ۾ خاص طرح منظم ڦرلٽ جو نشانو بڻايو آھي. قوم جون ھڪ سؤ ڀيرا وڌيڪ ملڪيتون بہ ان ظالمانہ جهپڙ ۽ رھزنيءَ جو شڪار ٿي ويون آھن. عقل ۽ ڏاھپ، شجاعت، غيرت ۽ ننگ، خلوص، وفا، پيار ۽ محبت ۽ آزادي ۽ سونھن تي الف ليليٰ جي انھن ٽن ھزار راتين ۾ جيڪي ڌاڙا ھنيا ويا آھن، انھن جو مرثيو ڪير لکندو؟
غاصب جنرلو! توھان ھن ملڪ مٿان ڪھڙي ذلت جھڙي مفلسي مڙھي رکي آھي!
آءٌ غاصبن جي ٽولي جي پنھنجي خلاف ڏوھہ-چٺو رد ڪريان ٿو، پر بھرحال ڪنھن رک رکاءَ کان سواءِ اڄ انھن جي ئي نمائندن ۽ ھن فوجي عدالت آڏو چوان ٿو تہ:
1. پاڪستان جا ٽڪرا فوجي اقتدار جي دَور ۾ ٿيا ۽ جنرل ئي ان جا ذميوار آھن.
2. مارشل لا وفاق کي آخري ۽ مڪمل تباھيءَ جي ڪناري تائين گهلي آيو آھي.
3. ملڪ رشوت، اقربا پروريءَ، ڪلڇڻاين، ڏاڍ ۽ جبر جي چنبي ۾ دم پيو ڏي. جنرل ان کي ٻنھي چنبن سان پٽي رھيا آھن، اھي ئي ان جي موت جا ذميوار ھوندا.
4. رڳو وڪيلن کي ئي نہ، ھن ڌرتيءَ جي ھر پٽ ۽ ڌيءَ کي ان جي بقا لاءِ غاصبن ۽ ڦورن سان جنگ وڙھڻ لاءِ ميدان تي نڪري اچڻ گهرجي، انھن حالتن ۾ مارشل لا خلاف جنگ سڀ کان مٿاھين جهاد جو درجو رکي ٿي.
(ڏوھہ-چٺي جي ٻي تھمت بابت پنھنجو نڪتهء نظر بيان ڪرڻ کان پوءِ مياري ھاڻي ڏوھہ-چٺي جي اڃا بہ ٻِي تھمت يعني ”پاڪستان“ خلاف بغاوت لاءِ سازش جي تياري ڪرڻ بابت پنھنجو بيان جاري رکي ٿو.(8) ان موضوع تي ابتدائي ڪجهہ صفحا ذيان ٿي ويا آھن. ان ڪري ھيٺ ايندڙ ابتدائي جملن جي سوچ جو ناتو چٽو ناھي.)
.... انھن ئي جنرلن مان ھڪ جنرل مسجدن جي شھر ڍاڪا جون ”ڪنجيون“ سک جنرل جگجيت سنگهہ اروڙا جي حوالي ڪيون ھيون. دشمن فوج جو اھو فاتح جنرل جيڪو پاڪ آرميءَ جي جونيئر آفيسرن ۽ عھديدارن بابت اھو چوڻ تي مجبور ٿيو تہ جيڪڏھن ھي ماڻھو منھنجي ڪمان ھيٺ ھجن، تہ آءٌ جيڪر سڄيءَ دنيا کي ھٿيار ڦٽو ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيان ھا.
عزت وارا صدر! پڪ ڄاڻو تہ انھن ماڻھن مان ھڪ ھڪ ماڻھو ھنن جنرلن کان وڌيڪ ھو جن ھن ذلت جھڙي پسپائيءَ لاءِ ھن ملڪ جي اڳواڻي ڪئي ھئي. مون تي اھا تھمت آھي تہ مون پاڪستان خلاف جنگ وڙھڻ جي سازش ڪئي آھي. پھريائين مون کي اھو تہ ٻڌايو تہ اھا ڪھڙي پاڪستان جي ڳالھہ ٿي رھي آھي؟ ڇا ھيءُ غليظ مفادن جي تحفظ لاءِ آباد پاڪستان آھي؟ ڇا ھي عھدن ۽ (ذاتي) ترقيءَ جي بک لٽائڻ لاءِ قائم پاڪستان آھي؟ ڇا ھي فوجي بغاوتن جو شڪار ڦاھي گهرن سان ڀريل پاڪستان آھي؟ يا وري اھو پاڪستان، جنھن جو جهنڊو 14-آگسٽ 1947ع تي انصاف، برابريءَ ۽ آزاديءَ جي نالي تي ڦڙڪايو ويو ھو؟
صدر صاحب! اڄوڪو پاڪستان آھي ئي ڇا، جنھن خلاف جنگ وڙھڻ جي مون کي سازش ڪرڻي ھئي؟ ”جتي چٻرن ۽ سينسرشپ جي اپاھجن جو ٽڪاءَ آھي، جيل جي ڪال ڪوٺڙين جي ڌپ آھي، بدلجندڙ سنترين (پھريدارن) جي کٽا کٽ، بدترين ساڙ ۽ انتھائي وحشانيت جو واسو آھي، جتي معصوميت ساھہ ڏئي چڪي آھي ۽ ڪوڙي خودداري پنھنجا پير پڌاريو ويٺي آھي ۽ جتي ماڻھوءَ جي ڦرلٽ پنھنجي اوج تي اچي رسي آھي.“ جنرل فلاسافر ھينرخ ھائين (Heinrich Heine) جا اھي لفظ ڏاڍا وزنائتا آھن، پر منھنجي خيال ۾ اڄوڪي پاڪستان جو اھو پورٽريٽ (تصوير) اڃا بہ اڌورو آھي ۽ ھتي ھن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مون وٽ وقت باقي نہ بچيو آھي، منھنجا سمورا برش کسي ويا آھن ۽ قلمن جي مس ختم ٿي چڪي آھي.
ھاڻي ھاڻي جڏھن آءٌ پنھنجي بيان ھلندي فنش اِٽ (ان کي پُوري ڪيو) لفظ ڪتب آڻي رھيو ھوس، تڏھن تصور جي اک سان مون کي ڪٽھڙي جي ھن پاسي ھوءَ ھلڪي ھلڪي مرڪ اڀرندي ڏيکارجي پئي. توھان اطمينان رکو. منھنجو خيال آھي تہ مون کي فنش اِٽ چوڻ ۾ اڃا ڪجهہ ڏينھن لڳندا، پر جڏھن مون کي ايئن چوڻو ھوندو تڏھن اٽڪندس ڪو نہ.(9 )
وطن جي خلاف جنگ ۽ سازش جي سلسلي ۾ ان تھمت خلاف پنھنجي صفائيءَ جي حق ۾ ڪجهہ چوڻ جو تصور ئي منھنجي لاءِ ذلت ڀريو آھي. چارجنگ ڪريسي ۽ سرڪاري وڪيلن جي ملي ڀڳت سبب پيدا ٿيل ان تاثر جي نفي ڪرڻ بہ منھنجي خيال ۾ عزت ۽ وقار ۽ حب الوطنيءَ جي منھنجي انھن ملڪيتن جي خواريءَ برابر ھوندي جيڪي جرنيلي ڦرلٽ جي ھن دَور کان بچي ويون آھن.
ان معاملي ۾ صفائي ڏيڻ جو مطلب پنھنجي ھٿان پنھنجيءَ ذات تي ذلت مڙھڻ ۽ نفرت لائق اطاعت گذاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ناھي.
آءٌ پنھنجي وجود جي اھا خواري ڪرڻ کان انڪار ڪيان ٿو!
اھو گهڻا سال اڳ ھڪ پرانھين جنگي محاذ جو قصو آھي.( 10) آءٌ اڪيلي سر گهڻن ئي انھن جنگي قيدين کي (جيڪي فولاد ڍڪيل صليبي مجاھدن کان وڌيڪ ھٿياربند ھئا) ھڪ ويڪري ڍنڍ ڀرسان رتوڇاڻ جنگ کان پوءِ پنھنجي خالي مشين گن جي زور تي قيد ڪري پنھنجن گهڻو پوئتي رھجي ويل جٿن ڏانھن آڻي رھيو ھوس. ڍنڍ جي ٺيڪ وچ ۾ کجين جي جهڳٽي واري ننڍڙي ٻيٽ تي وجهہ ڏسي آءٌ خدا جو شڪرانو ڪرڻ لاءِ سجدي ۾ جهڪي پيس.(11)
جڏھن مون سلام ورايو تہ انھن ھٿياربند جنگي قيدين مان ھڪ روئندي مون کي ڀاڪر پائي چيو ھو تہ ”جيڪڏھن تو جھڙا ماڻھو پاڪستان لاءِ وڙھي رھيا آھن، تہ اسان انھن کان ڪيئن کٽي سگهنداسون.“
اڄ ھڪ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ بيھي مون کي باغي، سازشي ۽ غدار جي لفظن سان سڏي رھيو آھي. ھُو غداريءَ ۽ انتھائي غداريءَ جي ڳالھہ ڪري رھيو آھي، جڏھن تہ منھنجو خيال آھي تہ انتھائي غداريءَ جو قصو تہ 5-جولاءِ 1977ع کان پوءِ سدا لاءِ ختم ٿي چڪو آھي.
عدالت جا صدر! غداريءَ ۽ انتھائي غداريءَ جي وچ ۾ ھڪ سنهڙي ڪاري ليڪ جي تشريح ۽ تعريف اسان جي چيف آف اسٽاف کان وڌيڪ سٺي نموني ٻيو ڪو بہ ڪري نہ ٿو سگهي.( 12)
آءٌ تہ رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ جڏھن بلخ جي جنگ ۾ گهمسان جي ويڙھاند ھلندي اورنگزيب خدا جي حضور ۾ جهڪيو تہ خدا ان سان ھڪ فلاسافر شاعر اقبال جو واعدو ڪيو ھو جنھن ان کي امر ڪري ڇڏيو (13) پر جڏھن آءٌ مٽيءَ ۽ بارود جي بوءِ ۾ ان جي آڏو جهڪيس تہ ان وٽ منھنجي لاءِ ھڪ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ ھو!
ڇا خدا بہ وڏين پلاٽونن جو ساٿ ڏيندو رھندو آھي؟ ڇا والٽيئر سچو ھو؟
16-مئي 85ع تي جڏھن فريادي ڌر پنھنجو ڪيس بند ڪيو ھو، اڄ تائين آءٌ اھو ئي سوچيندو رھيو آھيان، تہ بھرحال مون کي تنوير احمد خان کي ڪا ميار ناھي ڏيڻي، ھُو تہ ھڪ شريف النفس ماڻھو آھي جنھن کي اھو ئي ڪجهہ چوڻو ھو جيڪو ھيءَ نظر نہ ايندڙ رياست گُهري ٿي.
پر خدا جو سُنھن! آءٌ ان دشمن جي شڪل ڏسڻ لاءِ سِڪي رھيو آھيان، جيڪو انھيءَ ھنڌان مون سان ڳالھائي ھا جتان آءٌ ڳالھائي رھيو آھيان. چارجنگ ڪريسيءَ مون کي انسان جي سُھڻين سَڌن مان ھڪ سَڌ پوري ٿيڻ کان وانجهو ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ اسان وٽ وقت ھاڻي بلڪل ناھي بچيو، پر ان سلسلي ۾ مون کي اورنگزيب جي شاعر اقبال تان ئي ڪجهہ نقل ڪرڻ ڏيو. ھتي ھو قوي ۽ طاقتور دشمن جو ذڪر ڪري رھيو آھي ۽ شايد توھان ڄاڻندا ئي ھوندؤ تہ قوي ۽ توانو دشمن ٻيو سڀ ڪجهہ ئي ٿي سگهي ٿو، ڪمينو ڪڏھن بہ نہ.
راست مي گويَم عدد ھم يارست ــــ ھستي او رونق بازار نست
ھر ڪہ دانائي مقامات خودي است ــــ فضل حق داند گر دشمن قوي است
ڪجهہ سال اڳ مون ھڪ ميجر جنرل تي ان وقت حب الوطنيءَ جي سنگين اُڀي ڪئي ھئي جڏھن ھو گهٽ ۾ گهٽ ٻن برگيڊيئرن ۽ ٻارھن کن ڪرنلن ۽ ميجرن جي ٽولي ۾ ويٺو 16-ڊسمبر 79ع (يا 80ع) جِي ھڪ شام قصائي گَليءَ جي چَڪلي وارين سان ملھائڻ جو پروگرام ٺاھي رھيو ھو. 16-ڊسمبر شايد توھان کي ياد ھوندو، اسان جي ڍاڪا ۾ سرنگون ٿيڻ جي ورسي(14) ھوندي آھي.
اھو ميجر جنرل ھاڻي ليفٽينٽ جنرل آھي.( 15) ھُو چوي ٿو تہ ھو فوج جو برين ٽرسٽ (اعليٰ ترين دماغ) آھي. رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ جھڙي ان گستاخيءَ تي منھنجي ڪَنَ-مھٽ ڪئي وئي ۽ گهٽ-وڌ ڳالھايو ويو.( 16)
۽ آءٌ سمجهان ٿو تہ جيڪڏھن 4-اپريل 1979ع تي جيڪڏھن ڦاھيءَ-تختي تي قتل ڪرڻ بدران سنگسار ڪرڻ جي رسم وڌي وئي ھجي ھا، تہ ان اجائي مداخلت تي آءٌ ڪڏھوڪو سنگسار ٿي چڪو ھجان ھا.
عدالت جا صدر! مون کي اوھان آڏو ھن تاريخي رستي تي ھلڻ جي مھلت رڳو ان ڪري ملي آھي جو 4-اپريل 1979ع تي ان رسم جي ابتدا نہ ڪئي وئي.
مانوارا سائين! افغان مِگ جھاز ڏينھن رات پاڪستان جي سرحدن جو تقدس پامال ڪندي راڪيٽ ۽ بم وسائي رھيا آھن پر اِھي اُھي نہ، اٽڪ قلعي ۾ غير قانوني طرح حراست ھيٺ رکيل آفيسر آھن جيڪي پاڪستان خلاف گهمسان جي جنگ وڙھي رھيا آھن.
توھان تہ ڄاڻو ئي ٿا، 2-جنوري 1984ع جي شام، جڏھن توبخاني جو ھڪ ليفٽيننٽ جنرل نوان ڪوٽ جي ايف يو پي مان طوفاني ڪاھہ لاءِ اٿي رھيو ھو.( 17) اڄوڪي ڏينھن تائين اسان جي سرحدي علائقن تي 140 ڀيرا ھوائي حملا ٿي چڪا آھن. ڊيورنڊ لائين جي ھن پار انھن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ھزار پاڪستاني پنھنجيون حياتيون وڃائي چڪا آھن.
ايف-16 پنھنجن ھينگرز (ڇانورن) ۾ رکيا آھن، جنرل پنھنجن عشرت گهرن ۾، بدڪُون مورچن ۾ ۽ ڳيرا آکيرن م ڇپ ھنيو ويٺا آھن. مسٽر سمرنوف روس موٽي وڃي چڪو آھي، ڊين ھنٽن کي ايم آر ڊي (جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ) جي لڄ لُٽ جو فِري ليسن (آزاد اجازتنامو) مليل ۽ ڪي ڊي شرما بہ ھاڻي ھتي ڪونھي.(18 ) خارجہ دفتر آئيندي ٿيندڙ افغان بمبارين بابت ھڪ سؤ وڌيڪ احتجاجي بيان تيار ڪرڻ ۾ رُڌل آھي ۽ ھاڻي جڏھن آءٌ ھن ڪوئا-مار ۾ بند آھيان تڏھن پاڪستان جو سرحدون قطعي طرح محفوظ ٿي چڪيون آھن.
عدالت جا صدر! اسان پاڪستان جي تحفظ لاءِ ھڪ نھايت ئي اعليٰ درجي جي ڪلاسيڪل جنگ وڙھي رھيا آھيون. مارشل فوش بہ جيڪڏھن ٻيو جنم وٺي اچي تہ ان کي سمجهي نہ سگهندو.
اسان جو حوصلو ھارجي چڪو آھي. اسان جو ساڄو پاسو بي مقصديت جو شڪار آھي ۽ اسان جو کاٻو پاسو ’خصي‘ ٿي چڪو آھي، پر اسين پڪ ئي حملو ڪنداسون ۽ اسين پڪ ئي جنگ کٽي وينداسون!
آءٌ نظر جي ڌوڪي يا وھم ۽ گمان جو شڪار ڪو نہ ٿيو آھيان. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آئين کان مٿاھين ھن حڪم نامي ۾ مون جھڙي عقيدن واري ماڻھو لاءِ ڇا ٿي سگهي ٿو. منھنجي امڙ منھنجي حقيقت پسنديءَ تي ارپي چڪي آھي. منھنجي (اڌ-سٺي زال) جا گهڻا مائٽ ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڪاٽي چڪا آھن. مون کي پرواھہ ڪونھي تہ توھان مون سان ڇا ٿا ڪيو. آءٌ ذات، عقيدي، رنگ ۽ ايمان جي حوالي سان رجائي آھيان ۽ ڄاڻان ٿو تہ سچائي ھڪ ڏينھن ضرور ظاھر ٿي مون کي پنھنجين سھڻين ٻانھن ۾ ڀري وٺندي. ان سان ڪو فرق ڪو نہ ٿو پوي تہ ان وقت ڄاتل معنائن ۾ آءٌ جيئرو ھوندس يا نہ.
لوٹي که پھر صد بار فرزند دي
کار ئي وصد چا دتہ خو کندي
چه نوائي تشنہ ٹو کے پا بہ شق
شو که پورتہ بہ باد بلندي دي
”دونھون ڀلي دلين جو ئي ھجي منھنجا پٽ، اسين ان جي حيثيت چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا. ھي سوجهري کان سکڻو ھوندو آھي تڏھن تہ دونھون سڏجي ٿو. ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي جو اھو فضا ۾ اوچو اڏامي ٿو.“ (خوشحال خان خٽڪ)
منھنجي خيال ۾ دونھين مان خوشحال خان جو مطلب ڌوڪو، مڪاري ڪوڙ، ٺڳي، غداري ۽ انتھائي غداري ئي آھي. خوشحالُ ھن عدالتي ڪمري کان ڪجهہ ميل ئي پري دفن ٿيل آھي. اسان جي ملاقات مقدر جي ھڪ ڏاڍي عجيب موڙ تي ٿي آھي. جيتوڻيڪ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ھُو ان سڄي عرصي ۾ ھر گهڙيءَ ھن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مون سان گڏ رھيو آھي. توھان ڄاڻيندا ھوندا تہ هن کي بہ مون جيان پنھنجي وقت جو سڀ کان وڏو جابر ماڻھو مھاڏو اٽڪيل ھو ــــ شڪي مزاج اورنگزيب جنھن ھڪ دنيا تہ فتح ڪري ورتي پر پنھنجي وقت جي (وھڪ؟) تي انڌي نموني ۽ پوريءَ طرح ڀاڙڻ سبب سڀ ڪجهہ وڃائي ويھڻ جو ڪارڻ بڻيو.
خوشحال خان خٽڪ جيتوڻيڪ دئيت انسان ھو پر ان ھوندي بہ منھنجي ۽ ھن جي وچ ۾ اباسين (ندي) جي پاڻيءَ کان سواءِ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون ھڪجهڙيون آھن. ھن کي بہ ڪيس ھلائڻ کان سواءِ گواليار ۽ نٿمبور جي قلعن ۾ قيد رکيو ويو ھو ۽ ھي قلعو اٽڪ، جتي ھاڻي مون تي نيٺ ھڪ نام نھاد ڪيس ھلايو پيو وڃي، جتان عظيم مغل لشڪر خوشحال خلاف ڌوڪڻ نڪرندو ھو.
ھن وصيت ڪئي تہ ھن کي ان ھنڌ دفن ڪيو وڃي جتي مغلن جي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ سان اڏامندڙ ڌوڙ نہ پھچي سگهي ۽ آءٌ بہ اھو ٿو گهران تہ مون کي اھڙي ھنڌ دفن ڪيو وڃي جتي قانون جي حڪمراني ھجي ۽ نظريهء ضرورت جا منحوس پاڇا نہ پھچي سگهن.
فرانس جي ”گدڙ جي ڏينھن“ جيان آءٌ ڄاڻان ٿو، ھتي پاڪستان ۾ اڄ اھي ذلت جهڙيون شڪستن جون مڪروه تصويرون، فرمان علين ۽ رحيم خانن جو ڏينھن آھي. آءٌ اھو ڏسڻ لاءِ جيئرو رھان يا نہ، پر منھنجو ايمان آھي تہ انھن ئي سالن ۾ ھڪ سال انسانيت ۽ ھن ملڪ جي قومي جدوجھد ۽ پيش قدميءَ وارن مُکڙن منصور، خوشحال، علي ڀٽو ۽ ٻين آزادي پسندن جو ڏينھن بہ ضرور اڀرندو.( 19) ھن سڙيل، سٽيل ڌرتيءَ تي سوجهرو ٿيندو. ان ڏينھن کان پوءِ شعوري ۽ آفاقي سچائين جي اظھار کي ڌرتيءَ ماءُ خلاف جنگ جو نالو نہ ڏنو ويندو ۽ نہ ئي تانا شاھہ ”آءٌ ئي تہ رياست آھيان“ واري ھام ھڻڻ جو پوزيشن ۾ ھوندو.
عدالت جا صدر ۽ ميمبرؤ! ڏوھہ-چٺي جي ڳالھہ تہ پوري ٿي ۽ ان سان گڏ منھنجي حصي جو وقت بہ. ھن وقت آءٌ ڳوٺ جي جنت بيبيءَ جيان پڇتائي رھيو آھيان جنھن پنھنجي پياريءَ کي ڪجهہ ڦڙتي ڏيکارڻ لاءِ چيو ھو، ڇو جو سندس ڄڃ کوھہ تي لٿي ھئي. آءٌ ڏوھہ-چٺي تي وقت جي کوٽ سبب تفصيلي روشني وجهي نہ سگهيس، پر ڪريل کير بابت ھاڻي چئي ڇا ٿو سگهجي.
ھاڻي آءٌ ٿورن لفظن ۾ ڪجهہ نُڪتن بابت ڳالھہ ڪرڻ ٿو گهران جيڪي ڏوھہ-چٺي کان ڪي گهٽ اھم ناھن. انھن سڀني مان پھريون مسئلو سازشي گروپ جي جوڙجڪ ۽ تنظيم جو آھي:
Dirty dozen and not so dirty half a dozen.
(گندا ٻارھن ۽ ڪجهہ گهٽ گندا ڇھہ ــــ يعني سترھن.)( 20)
سائين منھنجا! مون کي اسٽاف ڪاليج وڃڻ جو اتفاق ڪو نہ ٿيو آھي. منھنجن ڀاڳن ۾ اعليٰ عقل، ڏاھپ ۽ تعليم جي سزا لکيل ڪو نہ ھئي. اوھان کي ھڪ يا شايد ٻن ۾ تعليم پرائڻ جو موقعو ملي چڪو آھي. توھان کان وڌيڪ سٺي نموني ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي سگهي تہ ھٿياربند فوجن ۾ ”گروپنگ“ (ٽولي بازي) ۽ ”ريگروپنگ“ (ان ۾ بہ ٽولي بازي) ۽ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جا ڪاڄ ڪمانڊ جي مٿاھين سطحن تي ئي ٿيندا آھن. ايتري قدر جو نوان ڪوٽ ٿاڻي واري ويڙھاند جي گروپنگ ڪنھن ميجر نہ ڪئي ھئي. ملڪ تي مڙھيل فوجي حڪومت تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ان گروپنگ جي چونڊ، جوڙجڪ ۽ تنظيم بہ گهڻو اڳ ڄم-ھيٺ ڪور آف انٽيليجنس جي تمام مٿاھين سطح تي ڪئي وئي ھئي.
گروپ جو اصطلاح اسان جي خون ۾ ايئن رچي ويو آھي جيئن رت جا ڳاڙھا ۽ اڇا ذرا، اسان گروپ بندين ۽ گروپ بازين سان ايترو تہ ھِري ويا آھيون جو اھي اسان جي وجود جو ٻيو نشان ٺھي چڪو آھي.
گروپ بہ ڪيترن ئي قسمن جا آھن. مثال طور، آرميءَ ۾ بلوچ ۽ پنجاب گروپ آھن، وري ”يفرز“ ۽ رسالا گروپ آھن ۽ انھن ۾ سڀني کان وڏو جالنڌر گروپ.(21 ) ملڪ ۾ ٻين گروپن جو وجود بہ آھي جيئن جاگيردار ۽ اعليٰ آسٽريليائي نسل ۽ انھن سان گڏ مصلين (نون-مسلمانن) ۽ ميراثين جا گروپ، انھن سان گڏ قربانيءَ لاءِ ڍور ڍنگر، گروپ ۽ ٻڪرن ۽ گهيٽن
(دُنبن) جا گروپ.
ھيءُ (تھمت-لڳل) سترھن جو گروپ، عدالت جا صدر! نہ ته، گروپ آف 77 آھي جيڪو نہ، تہ بہ رڳو پنھنجين ادائن ۽ عشر گرين (ناز ڏيکارڻ) جي سھاري ئي ڪجهہ ھڏيون جهڙپي وٺندا آھن ۽ نہ ئي چين جي گروپ آف فور يعني چئن جي ٽولي سان ان کي تشبيھہ ڏئي سگهجي ٿي، جن جي نيت ۾ واقعي فتور ھو. ھِي تہ رڳو جانورن جو ڌڻ آھي ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ انھن جي قرباني فيبروري-مارچ ۾ پنھنجو رنگ ڏيکاري چڪي آھي.
سائين منھنجا! توھان جي آڏو تہ رڳو کَلون پيش ڪيون ويون آھن، ماس تہ عظيم پاڪائيءَ (Great Purge) جي بٺي ڪوسي ڪرڻ لاءِ واھپي ۾ اچي ويو. ھاڻي اوھان انھن سترھن کلن سان جيڪو وڻيوَ، اھو ڪيو: انھن کي لڙڪائي ڇڏيو يا رنگيو، ان سان ڪھڙو فرق پوندو!
رنگ ڪرڻ لاءِ توھان ڪھڙو تيزاب يا آچار ڪتب آڻيو ٿا، ان جو ذڪر بہ ايئن بي معنا ھوندو جيئن اھو سوال تہ کلن کي ڪيتري ٿولھہ واري رسي ۾ لڙڪائبو.
رَسن جي قسمن بابت ڳالھہ ڪري سگهجي ٿي. ھڪ رسو تہ اھو ھوندو آھي جنھن کي جيڪڏھن سمورا ماڻھو گڏجي جھلن تہ خدا جي نعمتن ۽ انعام ۽ اڪرام ۾ واڌارو ٿي ويندو آھي ۽ ٻيو اھو جيڪو توھان جون اکيون ۽ ڄڀون تہ ٻاھر ڪڍي ڇڏيندو آھي پر آخري ڇنڊڇاڻ موجب توھان جي قد، وقار ۽ شخصيت ۾ اڻمَئي واڌ جو نياپو آڻيندو آھي.(22 )
جيتوڻيڪ تارا مسيح( 23) کي اڃا بہ ان حقيقت جي ڄاڻ ڪانھي.
عدالت جا صدر! مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ منھنجي مٿي ھيٺان ڪھڙي گدڙ-ڦيڻ رکيل ھئي جو آءٌ پرانھين علائقي ايبٽ آباد ۾ ھڪ ماڻھوءَ سان ڪي گهڙيون ملان ٿو تہ اھو ٿڏي تي ھن ملڪ جي سڪيلڌي طاقت جو ڌڙن تختو (تختو انڌو ڪرڻ) لاءِ مون سان متفق ٿي وڃي ٿو؟
آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڪھڙين معجزانہ قوتن جو ٽڪاءُ آھي جو ھڪ ماڻھو مون سان پھريون ۽ آخري ڀيرو ھٿ ملائيندي ئي ان قوت خلاف سازش ۾ شريڪ ٿي وڃي ٿو.
منھنجي ھٿ جي ڇھاءَ ۾ ڪھڙو ڪامڻ ھو، جو مون سياچن گليشيئر جي ويجهن مورچن مان آيل ھڪ ماڻھو کي ٿپڪي ڏئي ”بغاوت جي ڀنڀٽ“ ۾ ٽپو ڏيڻ تي تيار ڪري پئي ورتو؟ اھا ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھہ آھي صدر صاحب! تہ اھو سپاھي جيڪو قراقرم (جابلو سلسلي) جي اُڀ ڇُھندڙ چوٽين تي ڏينھن-رات جاڳي پنھنجي ملڪ جو بچاءُ ڪري رھيو ھو، ان کي مورچن مان جهپڙي ھڪ اذيت گهر، ھڪ ”ڪُتي خاني“ جي ”ڪوس گهر“ ۾ سندس کل پئي لاٿي وڃي؟
ھڪ اھڙو ماڻھو جنھن سان حياتيءَ ۾ ٻيھر آءٌ ڪو نہ مليس، گذريل ھڪ سال کان ھتي اٽڪ جي ڪال ڪوٺڙين ۾ منھنجو پاڙيسري آھي، شايد مون جيان ھن جو ڏوھہ بہ اھو ھو تہ ھن کي پاڪ آرميءَ سان پيار ھو ۽ سوِل ۽ اعليٰ عھدي تي پھچڻ کان پوءِ بہ ھن پنھنجي نالي مان فوجي رتبو نہ ھٽايو ھو.
ھڪ ماڻھو جنھن سان حياتيءَ ۾ رڳو ھڪ اڌ ڀيرو ئي مليو ھوندس پنھنجي گهر آيل مھمانن جي رڍن ٻڪرين سميت واڙي ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. قسمت جي حادثن جو اجورو ڪڏھن ڪڏھن ڪيڏي وڏي قيمت ۾ ڏيڻو پوي ٿو.
آءٌ ھڪ پراڻي سڃاڻوءَ کي ڪجهہ رقم اسلام آباد جي ”نيلام گهرن“ مان ھڪ پراڻو ايئر ڪنڊيشنر خريد ڪرڻ لاءِ ڏيان ٿو، پر ان رقم کي ھڪدم سازشين جي گئنگ (بدمعاش ٽولو) ۽ ان جي ڪارپوريشن ۾ شامل ھجڻ جي رسيد سمجهيو وڃي ٿو.
ھڪ ماڻھو ذاتي لاڳاپن جي ڪري منھنجي ڪنھن مسئلي ۾ مدد ڏيڻ پھچي ٿو ۽ ان کي سازش ڳٺجوڙ ۾ شريڪ سمجهيو وڃي ٿو. ھا، ان ڳٺجوڙ ضرور ڪيو ھو پر رڳو منھنجي حياتيءَ ۾ ڪجهہ خوشيون آڻڻ لاءِ. ان ھڪ ڪم جِي ان ڪٽنب کي ڪيڏي وڏي قيمت ڏيڻي پئي آھي جيڪو ڪڏھن ڏاڍو سکيو ستابو گهر ھو!
ھڪ ماڻھوءَ تي ستم جي مشق ڪئي ٿي وڃي، جو ھو منھنجو سنگتي ھو، ٻئي جا پير جڪڙيا وڃن ٿا رڳو ان ڪري جو مون کي پيارو ھو ۽ آءٌ ان جي پرڏيھہ ۾ آبادڪاريءَ لاءِ دلچسپي وٺي رھيو ھوس.
ٻئي کي ان ڪري اذيت جو نشانو بنايو ويو جو ھو منھنجي ويجهو ھو ۽ مون پنھنجي بئنڪ مان قرض وٺي (جنھن جو ريڪارڊ ھن توھان جي آڏو پيش ڪيو ھو) کيس ڪجهہ ھزار رپيا ڏنا ھئا. توھان کي ڄاڻ آھي انھن پئسن کي ڪيڏي سولائيءَ سان سازش جي سلسلي ۾ ”گرانٽس“ (مالي مدد) ۾ تبديل ڪيو ويو.
اڃا بہ ٻئي ماڻھوءَ کي ان جي پريزيڊنٽ (صدر) سمري ملٽري ڪورٽ جي ڪرسيءَ تان جهپڙيو وڃي ٿو ۽ ملڪ ۽ قوم جي دشمن جو خطاب ڏنو وڃي ٿو. پريزيڊنٽ سمري ملٽري ڪورٽ جي حيثيت ۾، جيڪڏھن کيس اھو لقب ڏنو وڃي ھا تہ پڪ ئي مون کي ڏاڍي آسيس ملي ھا. انھيءَ ماڻھوءَ کي جيڪو انھن ئي مقصدن کي نڀائڻ ۾ رُڌل ھو، پنھنجين مڪروھہ نيتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ اھڙي گچڻ ۾ ڦٽو ڪيو پيو وڃي جنھن جي ڪا حد ئي ڪونھي.
ھڪ ماڻھوءَ جِي ٻئي سان پھرين ۽ آخري ملاقات کي پنڊي-اسلام آباد جنرل ھيڊ ڪوارٽر ۽ آرمي ھائوس تي قبضو ڪرڻ جي سازش لاءِ ھڪ اھم ترين گڏجاڻيءَ جو نالو ڏنو ويو آھي.
ڪجهہ سنگتي گهمندڙ ڦرندڙ قسم جا، ھڪ مينھوڳي شام جو مزو وٺندي پڪڙيا وڃن ٿا ۽ انگور جي ڌيءُ واپرائڻ منع آھي جي قانون بدران ڪڙي سازش ۾ ريڙھيا وڃن ٿا.
ڪجهہ ماڻھو رڳو ان ڪري سرڙيا وڃن ٿا جو انھن ھڪ بٽالين، ھڪ اداري يا جاءِ ۾ پاڻ ۾ ڪجهہ ڏينھن گڏ گذاريا ھئا.
ھڪ ماڻھوءَ کي ان ڪري ”سازشي“ سڏيو ٿو وڃي، جو آءٌ سندس گهر جي رڌڻي ڀرسان لنگهيو ھوس. آءٌ توھان کي ڪيئن پڪ ڏياريان تہ اتي سازش نہ گوگڙو يا شايد واڱڻ پچي رھيا ھئا. خدايا! سکا شاھي ۾ گوگڙو پچائڻ بہ ايڏو ڏوھہ ھوندو!
اڃا بہ ھڪ چار X چار فَوٽ جي پڃري ۾ ان ڪري ڦٽو ڪيو ٿو وڃي، جو ھو منھنجي دوست جي دوست جو سڃاڻو ھو.
لوٿر جي ڊبليو (W جي مزو وٺندڙ ماڻھوءَ کي انھيءَ بدنام جي نالي تي ھڪ دعوتي نياپو ڏنو وڃي ٿو ۽ ھو ھڪ ”زاھد خشڪ“ (پڪي پرھيزگار) سان گڏ ”ملڻ-جاءِ“ تي پھچي ٿو. اتي ان کي ڄار ۾ ڦاسائي تخريبڪارن جي گئنگ جي شڪل ڏني وڃي ٿي. گنن، بندوقن، رائيفلن، توبن، گولين ۽ گولڊ (سونَ) ۽ چرس جي مدد سان گهيرو تنگ ڪيو وڃي ٿو ۽ اسلام آباد ۾ سُپرمين ۽ انھن طاقتن کي جيڪي ... آھن، گمراھہ ڪندڙ بريفنگ (واقفيت) ڏني وڃي ٿي..... [ھتي ڪجهہ صفحا گم آھن جنھنڪري تسلسل ٽٽل آھي.] .... جيئن فوجي تاناشاھہ سِکن سان پنھنجي نيم دليءَ ۽ منافقيءَ واري ”ھني مُون“ جو توازن قائم ڪرڻ لاءِ ڀارت مان ”اسان جي لاءِ آيل“ ھٿيارن جو نوان ڪوٽ ناٽڪ رچايو ھو. اھڙيءَ طرح شروع ۾ ئي ھنن ھن ڪيس جي آڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ گلوٽين (ڪات) تيار ڪرڻ جو منصوبو بہ ٺاھيو ھو. اھو منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ پ پ جي ڪجهہ ماڻھن ۽ اڳواڻ کي ان ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوءِ اھو معاملو ھڪ پراسرار ماٺ جو شڪار ٿي ختم ٿي ويو.
عزت وارا صدر! آءٌ انڪار نہ ٿو ڪريان، مون غلام مصطفيٰ کَر کي ان ڏينھن ڏٺو ضرور ھو جڏھن لاھور جي مال روڊ تي ھڪ سڄي فوج انفنٽري، رسالو، (سوار)، توب خانو، انجنيئر ۽ ٻين جٿن ان آڏو پريڊ ڪندي لنگهي رھيا ھئا ۽ اڄوڪا جنرل فرشِي سلامن ۾ رڌل ھئا. گورنر کر جو گرھہ- ۽ پيالي-ڀائي، رازن ۾ شريڪ ۽ راز رکندڙ اسان جو محترم فاضل خصوصي سرڪاري وڪيل بہ پڪ ئي رتبي جو خيال رکندي 25 يا 30 وال پري، ”شير پنجاب“ جي کاٻي يا ساڄي بيٺي اھو روح پروَر نظارو ڏسي رھيو ھوندو.
آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ غلام مصطفيٰ جتوئي اھو ماڻھو آھي جنھن کي جنرل ضياءَ شايد ٻہ يا ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزير اعظم جو ٿال آڇي چڪو آھي. ۽ آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ مس بينظير ڀٽو، شھيد وزير اعظم جي ڏاڍي پياري ڌيءَ آھي. شايد ھوءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قائم مقائم چيئرپرسن بہ آھي.
پر عدالت جا صدر! اھا ڪھاڻي بس ايتري ئي تہ آھي.
سائين منھنجا! ايئن پنھنجون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ جنوري 84ع جي سازشين جي هن گروپ جي جوڙجڪ ۽ ”سازش“ جو نظريو پورو ٿيو ۽ ھلايو ويو تہ جيڪڏھن اھي بہ جھلجن ھا تہ آسمان ٽٽي اچي پاڪستان ۽ ان جي ڏوھاري حڪمرانن تي ڪِري ھا.
مون کي شڪ ڪونھي تہ ڊسمبر 83ع جي آخري ڏينھنِ ۾ اسلام آباد، اڃا بہ آرمي ھائوس پڪ ئي سَر بائل روش (Sir Boyle Roche) جا لفظ ھڪ جنرل، اختر عبدالرحمان خان ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي سڙٻاٽن ۾ ضرور ٻڌا ھوندا. اھي لفظ سمنڊن ۾ جنم وٺندڙ ڪنن ۽ فضائن ۾ گڏ ٿيندڙ واچوڙن بابت ھئا.
Mr. Speaker, I smell a rat, I see him forming up in the air and darkening the sky but I will rip him in the bud.
(”مسٽر اسپيڪر، مون کي ھڪ ڪُئي جي ڌپ پئي اچي، آءٌ ان کي فضا ۾ حملي جي تياري ڪندي ڏسي رھيو آھيان ۽ ان جو پاڇو آسمان کي ڪارو ڪري چڪو آھي پر آءٌ ان کي ان جي ’ڪُک‘ ۾ ئي تباھہ ڪري ڇڏيندس.“)
”ڪوئو“ جيڪو رڳو ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻ ٿو گهري، 2-جنوري 1984ع جي ”ڪک“ ۾ ئي پڪڙيو ويو، ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ ايس آءِ بي ۽ شيخ اعجاز علي کان وڌيڪ سٺا ڪوئا مار ڪير ٺاھي سگهي ٿو.
شيخ ڪھڙن بہ پرانھن ٻيلن ۾ ڇو نہ رھندو ھجي، ھي حڪمران ھي مقدمي باز ۽ ھي انسانيت جا دشمن ان جي جهوپڙيءَ جو دڳ ڳولي لھندا.
جناب والا! اھا ٿورن لفظن ۾ گروپ جي جوڙجڪ جي ڪھاڻي آھي، جنوري 84ع جي سازشين جي ڪھاڻي. آءٌ ان قصي ۾ ملوث جنرلن ۽ سياستدانن بابت پنھنجا خيال في الحال پاڻ تائين محدود رکڻ ٿو گهران. ھا انھن مان ڪجهہ کي مون پنھنجي بچاءَ لاءِ گهرائڻ پئي چاھيو، بچاءُ ۽ صفائي جيڪا توھان موجب ضروري ئي ناھي ــــ خس ڪم جهان پاڪ، توھان ڪنھن شاھد کي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ئي نہ ڏني.
گروپ جي ذڪر کان پوءِ آءٌ فريادي ڌر جي شاھدن بابت ڪجهہ چوڻ گهران ٿو. اھو ھن معاملي جو شايد سڀ کان وڌيڪ تڪيلف ڏيندڙ پاسو آھي.
سائين منھنجا! فريادي ڌر ابتدا ۾ اسان جي خلاف 64 شاھدن جي وچور ڏئي ھن عدالت ۾ ڏاڍي سنسي خيز صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ھئي، پوءِ ان 47 شاھدن جا نالا موٽائي ورتا. توھان دل ۾ نہ ڪجو! اھي حقيقت ۾ فريادي ڌر پاران تھمت لڳلن ۽ ھن عدالت خلاف دھشتگرديءَ جي کليل ڪارروائي ھئي.
طاقت جي ان مظاھري وسيلي ان توھان کي مغلوب ۽ مفلوج ڪرڻ پئي گهريو. اھا ھن رياست پاران نفسياتي تشدد ۽ زيادتي جو ھڪ مثال آھي جيڪا پنھنجي مظلوميت ۽ معصوميت جو ھوڪو ڏيندي چئي رھي آھي تہ آفيسرن جي ھڪ گروپ جنھن جي ماڻھن جي ڳڻپ سندن شاھدن جي ڀيٽ ۾ چوٿون حصو آھي، ان کي مجرمانہ دٻاءَ جو نشانو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
64 مان 47 شاھدن جي واپسيءَ جو ھڪ پاسو ٻيو بہ آھي ۽ اھو پڪ ئي ڏاڍو خطرناڪ آھي. آءٌ ان ڏانھن توھان جو ڌيان ھڪدم ڇڪائڻ گهران ٿو.
منھنجي ننڍڙي خيال ۾ فريادي ڌر جي اھا حرڪت قانوني عمل تي ان جي مڪمل بي اعتباريءَ جو ڏيک آھي. اھا انھن پاران قانوني عمل کان سواءِ ڪجهہ لڪل معاملن تي بہ پوريءَ طرح ڀاڙڻ جو کليل ثبوت آھي. مون کي ان پاران شاھدن جي واپسيءَ واري ڪارروائي جي ڪارڻ تي ڪو بہ اعتراض ڪونھي. اھو ”حڪم نامو“ انھن کي اھڙي راند کيڏڻ جي پوري موڪل ڏي ٿو. پر ڇا اھو عمل وائڙو ڪندڙ ناھي ۽ ڏاڍو غير معمولي بہ، تہ انھن جيڪي شاھد موٽائي ورتا آھن رڳو انھن سڀني کي ئي فريادي ڌر پاران مھيا ڪيل وچور ۾ ”آزاد شاھد“ جو نالو ڏنو ويو ھو؟ توھان جي ريڪارڊ لاءِ اھا وچور آءٌ پنھنجي بيان سان ڳنڍي رھيو آھيان، جو ڪير ڄاڻي تہ ”لُچي لفنگي“ يا مومن حسينہ، ڪڏھن اڪيلائپ جي حالت ۾ ھن ڪيس جي ريڪارڊ سان بہ کيڏڻ گهري.
سائين منھنجا! انھن نام نھاد ”آزاد شاھدن“ جي ”واپسيءَ“ کان پوءِ جيڪي شھادتون فريادي ڌر پيش ڪيون، اھي تہ رڳو ”فيملي افيئر“ (گهريلو معاملو، معاشقو) ھو.
انھن شاھدن ۾ اھي شاھد جن کي منھنجي ۽ نتيجي ۾ ٻين جي پ پ سان لاڳاپي جي ڳالھہ ڪرڻي ھئي، انھن مان ڪجهہ کي اسان جي نالي تي پڪڙيل ھٿيارن ۽ گولي بارود بابت ماھرانہ نڪتهء نظر ۽ جائزو پيش ڪرڻو ھو. ۽ انھن ۾ اھي ”آزاد شاھد“ ھئا جن کي ”گروپ“ جي ملاقاتن ۽ گڏجاڻين جي ڳالھہ ڪرڻي ھئي جيڪي لنڊن کان وٺي پاڪستان جي ڇانوڻين ۾ ٿينديون رھيون ھيون.
ڪجهہ فريادي ڌر جي شاھدن کي تخريبي لٽريچر جي لکجڻ، ڇپجڻ ۽ ورھائجڻ کي ثابت ڪرڻو ھو. اھي ماڻھو ڪي معمولي ماڻھو نہ ھئا. انھن ۾ پاڪ آرمي، ايئر فورس جا آفيسر ھئا ۽ عوامي نمائندا بہ ۽ انھن نمائندن ۾ فوجي تاناشاھي جي اڳوڻي ”ٻئي نمبر اوپنر“ (راند جي شروعات جو کيڏاري نمبر 2) پھلوان جي شھر جي ڊپٽي ميئر کان وٺي اسان جي مقننہ (قانون ساز اداري) جا ميمبر تائين شامل ھئا. ڇا اھي سڀ وڪامڻ وارا ماڻھو ھئا؟ آءٌ نہ ٿو سمجهان ۽ نہ ئي اھو مڃيندس تہ ”ميڪاولي جي حڪومت“ خلاف گهمسان جي جنگ ۾ رڌل آفيسر کين پنھنجي پاسي لاڙي پئي سگهيا.
پوءِ فريادي ڌر انھن شاھدن کي ڇو جھليو؟
عدالت جا صدر! آءٌ پبلسٽي (شھرت) جي بُکين ۾ شامل ڪو نہ آھيان، آءٌ ماٺ رھندڙ گهڻائيءَ مان آھيان ۽ آءٌ ان جي ئي ڪنھن پرانھينءَ ڪنڊ ۾ رھڻ گهران ٿو. جنھن ڏينھن مون کي اوھان جي آڏو پيش ڪيو ويو آھي ان ڏينھن کان اڄ تائين مون نہ ڪڏھن سَستي شھرت ھٿ ڪرڻ جو سوچيو آھي ۽ نہ ئي مارشل لا دشمنيءَ جي ڪريل چيمپئن (پھلوان) ٿيڻ جي ڪا سنسني خيز صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون لڪل ھٿڪنڊن کان ڪڏھن بہ ڪم نہ ورتو آھي، پر مون انھن کي اگهاڙو ڪرڻ ۾ ڪڏھن بہ ھٻڪ نہ ڪئي آھي ۽ ھاڻي بہ اھو ئي ڪجهہ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھيان.
حقيقت اھا آھي تہ بيان ڪيل ”آزاد شاھدي“ جي واپسي توھان جي عدالت خلاف فريادي ڌر پاران سنئين سڌي بيعزتي واري رويي کي ظاھر ڪري ٿي. آءٌ سمجهان ٿو تہ اھي ماڻھو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حڪم نامي (اپريل 82ع جي ان جي وجود کان بہ وڌيڪ سنگدليءَ واري تعبير ۽ تشريح بابت گهرج کان وڌيڪ پُريقين آھن. انھن لاءِ ھڪ اھڙي ”حڪم نامي“ جو وجود ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ، جيڪو نہ تہ اسلامي فقه جي معيار تي ٺھڪي ٿو ۽ نہ ئي رومن انصاف جي، ذاتي طرح پاڻ ان ڳالھہ جي ضمانت آھي تہ اسان سڀني کي اڳ پوءِ جاچڻ کان سواءِ ئي سزا ڏني وڃي. فريادي ڌر انھن سترھن جو سترھن تھمت لڳلن لاءِ توھان کان ان ”حڪم نامي“ جي گهرج موجب گهڻي کان گهڻي سزا جي ”گُهر“ اڳ ئي ڪري چڪي آھي.
جيڪڏھن وقتي طرح منھنجي عقيدن جي ڪجهہ خوشبو ھن يونيفارم جي وقار جي بچاءَ لاءِ، جيڪو توھان پھري رکيو آھي، ڪجهہ گهٽ بہ ٿي پوي، تہ بہ اھو منھنجي لاءِ نقصان جو سودو نہ ھوندو، پر آءٌ ان کي بابا نانڪ جي لفظن ۾ ”سچو سودو“ ئي چوندس. ان وقار جي بچاءِ لاءِ آءٌ اوھان آڏو پھرين ۽ آخري وينتي ھيءَ ڪريان ٿو تہ ”آزاد شاھدن“ جي ان مڪمل پسپائيءَ جي مسئلي تي اوھان سنجيدگيءَ ۽ سوچون اڀارڻ واري انداز ۾ سوچيو.
اھو مسٽر سعيد ھادي ڪير ھو جنھن ”سازشي“ مقصدن لاءِ ڪجهہ رقم مھيا ڪئي ھئي؟ اھي اڳوڻي اسيمبلي جا وزير ۽ ميمبر ڪير ھئا جن جي شاھدي سان بيان ڪيل لنڊن پلان (لنڊن ۾ ٺاھيل منصوبو يا سازش) جو وجود ثابت ڪرڻو ھو؟ ڇا انھن شاھدن جي واپسي اھو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناھي تہ تھمت لڳلن جا زوريءَ ھٿ ڪيل قبولي بيان ۽ فريادي ڌر جو سمورو گورک ڌنڌو مذھبي، فوجي ۽ سياسي ھم جنس پرستيءَ جي ھن غليظ ڏھاڪي جو سڀ کان وڏو ڪوڙ ۽ ڌوڪو ھو؟
تازو ئي اسلام آباد انتظاميا سِک فضائي قزاقن (ڌاڙيلن) يا آزاديءَ جي مجاھدن کي لاھور ايئرپورٽ تي پاڪستاني حاڪمن پاران ھٿيار مھيا ڪرڻ بابت دھليءَ ۾ ڏنل ”بيانن“ بابت اھو تبصرو ڪيو ھو تہ ”ڀارتي پوليس ان قسم جا بيان زوريءَ ڏيارڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي.“
سائين منھنجا! آءٌ اھو آخري ماڻھو ھوندس جيڪو ان معاملي ۾ پاڪستاني پنٽاگون جي ھٿيارن (ايف آءِ يو، ايف آءِ سي) جي موتماريءَ جو انڪار ڪندس. جيڪڏھن ڀارتي پوليس اھو سڀ ڪجهہ ڪري سگهي ٿي تہ پاڪستان جا فاتح ايئن ڇو نہ ٿا ڪري سگهن؟ ان معاملي ۾ ”دَ مسلم“ اخبار جي 13-سيمپٽبر 1984ع واري اشاعت جو ٽڪرو بيان سان ڳنڍي رھيو آھيان. فريادي ڌر جي 99-سيڪڙو شاھدي گهوڙن جي وات مان نڪتل شاھدي آھي ۽ توھان ڄاڻو ٿا تہ اھي سڀ گهوڙا انٽيليجنس ايجنسين جي تنبيلي مان آيل ھئا.
ڇا گهوڙن کي ضمير ھوندو آھي؟ شايد ان معاملي ۾ خچرن ۽ سلوترين جِي ڪور جو ڊائريڪٽر اسان جي ڪجهہ رھنمائي ڪري سگهي.
پر سائين منھنجا! آءٌ اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان تہ اسان جي پاسي وارن سمورن گهوڙن ”سرڪاري شربت“ پيئڻ کان نابري واري ھئي.(24)
بھرحال گهوڙي سوار جٿي رسالي سان لاڳاپو ھئڻ سبب توھان ڄاڻو ئي ٿا تہ چھبڪن جي مدد سان ھڪ گَھہ ڪندڙ گهوڙي کي بہ ڪنھن دُٻي جي ڌپيل پاڻيءَ تي وٺي وڃي سگهجي ٿو.
اسان جي ھنن ميارن جو واسطو اعليٰ عھدن تي ويٺل ڪُوڙن ماڻھن جي ھڪ وڏي گهاٽي ڪاري ڪڪر سان پيو آھي. ڪوڙ جي انھن گهاٽن تھن ۾ سچائيءَ جو ڪو سنھرو ڪِرڻو ڳولڻ بہ ڏاڍي اڻ ٿيڻي ڳالھہ آھي ۽ اھو ئي ھن سڄي قصي جو ڏاکڙو آھي.
ڪُوڙي جي لفظ ۾ ڏاڍي ڪڙاڻ ڏيکاربي ھوندي. ڄاڻان ٿو تہ ان کي نامناسب سمجهيو ويندو، پر ان کان سواءِ ٻيو ڪھڙو لفظ انھن سينئر آفيسرن ۽ ”رجمينٽل ڪمانڊرن“ جي ”تشبيھہ چِٽڻ“ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو! ھي ماڻھو جن اسان جي ... وٽ قيد ۽ پنھنجو پاڻ جاچ پڇا کان انڪار ڪيو آھي،( 25) جن ڏينھن ڏٺي ھن ئي قلعي ۾ ھن ئي حال ۾ ريڪارڊ ڪيل سمري آف ايوِيڊنس ۽ ان ۾ ڏنل پنھنجين شاھدين جي وجود کان پوريءَ طرح انڪار ڪيو آھي،(26) اھي اشراف جن ڏاڍي شرم جھڙي نودپڻي سان اڇا ڪوڙ ڳالھايا آھن ۽ تشدد جي انھن سڀني ڪاروائين کان بہ انڪار ڪيو آھي جيڪي اوھان جي آڏو بنا ڪنھن شڪ گمان جي ثابت ٿي چڪيون آھن.
اڄ، يونيفارم ۾ پنھنجي آخري ڏينھن آءٌ اھو سوچي ڏُکارو ٿي رھيو آھيان تہ آءٌ ھي ”گهر“ ان وقت ڇڏي رھيو آھيان جڏھن فريادي ڌر جا انھن ڪرنلن ۽ ميجرن واري قسم جا ماڻھو رجمينٽن ۽ پلاٽونن ۽ رائفيل ڪمپنين، اسقئاڊرن ۽ بيٽرين جي اڳواڻي ڪري رھيا آھن.
مون کي پڪ ئي ڏاڍو افسوس آھي ۽ ڏک پڻ!
صد افسوس! انھن آفيسرن مان ڪو ھڪ بہ جيڪڏھن مومنانہ نہ، تہ سپاھيانہ ڪردار جو مالڪ ھجي ھا! انھن مان ڪو رڳو ايتري ھمت جو مالڪ ھجي ھا جو ڏينھن کي ڏينھُن ۽ رات کي رات چئي سگهي ھا!
ھڪ ڪرنل تہ پنھنجي ۽ ان وقت برگيڊيئر ۽ ھاڻي ميجر جنرل خالد لطيف مغل جي اُن فياضيءَ جو اقرار ڪرڻ کان بہ انڪار ڪيو جيڪا ھنن پنجن مھينن تائين ٽاري رکڻ کان پوءِ منھنجي درخواست تي مون کي ”قرآن حڪيم“ جو ھڪ نسخو مھيا ڪري ڏيکاري ھئي. شايد ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ ھيءَ فياضي ھڪ سلڇڻي مئجسٽريٽ جي ”عبادت گاھہ“ ۾ منھنجي زوريءَ-ڏوھہ-قبوليءَ کان پوءِ بہ جاري رھندڙ جاچ پڇا جو راز کولي سگهي پئي.
برگيڊيئر جنرل! مون کي ٻڌايو تہ جيڪڏھن اھي ڍول سپاھي اھو مڃين ھا تہ اسان کي ايس آءِ بِي ۾ قيد رکيو ويو ھو ۽ اتي ئي ھن ڪيس جي پُڇا بہ ڪئي وئي ھئي، تہ ڇا آسمان ڪري پوي ھا؟ ڇا انھن جي اقرار کان پوءِ ڇا ھي آئين کان مٿاھون ”حڪم نامو“ خَصي ٿي پوي ھا؟ ڇا اھا حقيقت قبول ڪرڻ سبب ان زمين ۽ آسمان تي حاوي شقون، ھر جيئري توڙي مئل شيءِ ۾ جذب ٿيل ھن جي قوت ۽ ھنن ميارن جي مقدر تي ان جي مڪمل ھڪ ھٽي ختم ٿي وڃي ھا؟
ان حڪم نامي جا لفظ، اسان کي تہ ٻڌايو ويو آھي تہ قادر مطلق خدا جي حڪمن کان بہ مٿاھان آھن، جيڪو اڄڪلھہ منھنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رھيو پيو آھي.
عدالت جا صدر! سڀاڻي اھي ڪرنل آٽوميٽڪ ڀارتي رائيفلن جي گولين جي وسڪاري سامھون ڪيئن ايندا، اھي دشمن جي ٽئنڪن جي ڳڙي ۾ ڪيئن بيھندا، اسان جي سرحدن جا پرانھان مورچا انھن جو ڪرڀائتي وزن جو بار ڪيتري دير سھي سگهندا؟ اسان جا جوان، انھن جي اڳواڻيءَ ھيٺ باھہ اوڳاڇيندڙ مورچن تي ڪيئن ڪاھہ ڪندا؟
پنھنجين دلين جي انتھائي گهرائيءَ ۾ بہ اھي ماڻھو انٽيليجنس ايجنسين جي ”ڪريل دلالن“ کان وڌيڪ حيثيت جا مالڪ نہ ھئا. اھي اُھي ماڻھو ھئا جيڪي ذھني، جسماني ۽ عقلي طرح شاھہ دوله جي ڪُوئن جيان گهڙيل ۽ ڇليل ھئا. ھِي اھي ماڻھو ھئا جن جو ڪم ملڪي مفادن لاءِ نہ پر پنھنجن آقائن جي مفادن لاءِ ”جاسوسي“ جو ڪرڀائتو ڪم ڪرڻ ھوندو آھي. انھن ھِز ماسٽرس وائيس (His Masters Voice) جا پنھنجا مفاد ڪھڙا ٿي سگهن ٿا؟
نوڪريون، پروموشن (ترقي)، تمغا ۽ گهنٽيون ۽ پرڏيھہ ۾ پڪنڪ جا ليسن ــــ انھن مان تہ گهڻا اڳواٽ ئي ھن سازش جي ڪيس جي ڪُني چڱيءَ طرح پچائڻ جي انعام طور ملڪ کان ٻاھر وڃي چڪا آھن. انٽيليجنس جو دارو مدار ھڪ جديد رياست لاءِ ڏاڍي اھميت رکندڙ ھوندو آھي پر انٽيليجنس، جنھن جي معنيٰ عقل جي کوٽ ھجي، کي انٽيليجنس مافيا سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، تہ اھو عمل موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو.
عليعہ جيڪو علم جو شھر جو دروازو ھو، ھڪ ڀيري دائود جي حوالي سان جيڪو خدا جو بزرگ نبي ھو، فرياديءَ جي اھڙي شاھدن جي ڪردار جي ڏاڍي سھڻي تصوير چٽي ھئي. ”نھج البلاغہ“ (حضرت عليعہ جي خطبن جو ڪتاب) ۾ پاڻ (حضرت عليعہ) ھڪ صحابيءَ سان ڳالھائيندي چوي ٿو:
”يا نوف! اِنَ دائود عليہ السلام قام في مثل ھذہ الساعتہ من اليل فقال اِنھا ساعتہ لايدعو فيھَا عبدُ الا استجيب لھُ الا ان يڪون عِشا او عريفا او شرَطيبا او صاحب ڪويتہ (ھي الطبل) او صاحب عرطبتہ (وھي الطنبور).“
”يا نوف، إن داود (عليہ السلام) قام في مثل هذہ الساعة من الليل، فقال: إنھا لساعة لا يدعو فيھا عبد إلا استجيب له، إلا أن يكون عشارا، أو عريفا، أو شرطيا، أو صاحب عرطبة - وهي الطنبور.“
يعني: ”اي نوف، حضرت دائود (عليہ السلام) رات جي اھڙين گَهڙين ۾ اٿيو، ۽ چوڻ لڳو: ھيءَ اھا مھل آھي جنھن ۾ ٻانھو دعا ناهي گهرندو پر سندس دعا قبول ڪئي ويندي آهي، سواءِ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جي، يا حڪومت جي جاسوس جي، يا پوليس واري جي، يا ستار ۽ طبلو وڄائيندڙ جي.“
عدالت جا صدر! ان چِٽي فرمان کان پوءِ مون وٽ انھن ماڻھن بابت ڪجهہ چوڻ جي گنجائش ڪونھي. توھان ڄاڻو ئي ٿا تہ ھن ملڪ ۾ مالياتي اداري جي تپيدارن ۽ اعليٰ عملدارن، انٽيليجنس جي دلالن ۽ ميان صاحب ۽ چوڌري رياست (27) کان معذرت گهرندي، پوليس وارن جو ڪھڙو ڪردار رھيو آھي. مون کي اميد آھي تہ توھان انھن شاھدن جي شاھدي قبول ڪرڻ کان اڳ قانون ۽ انصاف جي مروج اصولن ۽ روايتن سان گڏ انھن آفاقي سچائين کي، جن جو ذڪر حضرت دائود ڪيو ھو، ضرور پنھنجي نظر ۾ رکندا.
جيستائين فريادي ڌر جي يارھين ۽ ٻارھين شاھد جو واسطو آھي، انھن بابت آءٌ پنھنجي سوچ ظاھر نہ ٿو ڪريان. آءٌ خوش آھيان. حاڪمن ”واعدا“ وٺي ساڻن مھرباني ڪئي آھي. منھنجي دعا آھي تہ انھن سان ”ميان عباس“( 28) واري کيڏ نہ کيڏي وڃي. انھن ٻنھي اھڙيءَ حالت ۾ شاھدي ڏني جو ڊيموڪليس جو خنجر مٿانئن لڙڪي رھيو ھو.
(ھتي آءٌ انھن دوستن جي احترام ۾ ھڪ پئراگراف حذف ڪري رھيو آھيان. انھن بيشڪ ڏاڍا ڏک ڏٺا آھن. منھنجي دعا آھي تہ خدا انھن کي انھن ڏکن کان پوءِ سک ۽ آرام بہ ڏي!)
... آءٌ تہ اھو ڪجهہ ورجائڻ بہ نہ پسند ڪندس جيڪو راولپنڊيءَ جي ھڪ عتاب ھيٺ آيل ڪمشنر مسٽر افضل ڪھوٽ فريادي ڌر جي پھرين شاھدن سٽي مئجسٽريٽ مرزا ڪرم الاھي بيگ جي سالياني ڳجهي رپورٽ ۾ لکيو آھي.(29 ) اھو سڀ ڪجهہ ھن مئجسٽريٽ جي ڪردار ۽ ”پيشہ ور امانت ۽ ديانت“ جي حدن بابت آھي ۽ قدرت جي ستم ظريفي آھي تہ انھيءَ انتھائي سسيل اخلاقي قوت جي حدن جي زور تي ان ھڪ ئي مئجسٽريٽ منھنجي ۽ ٻين ويھارو ”تھمت لڳلن“ جي ضمير ۽ جذبن کي ايڏو تہ جهنجهوڙيو ھو، جو اسان سڀني ھر ان اڻ ڪيل ڏوھہ جو اعتراف ڪري ڇڏيو جنھن جو تفصيل اڳواٽ ئي مئجسٽريٽ جي عدالت واري ھنڌ رکيو ھو.(30 )
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اڄ ڏيڍ سال قيد ڀوڳڻ کان پوءِ بہ انٽيليجنس جون مختلف ايجنسيون منھنجي ڪردار بابت مواد گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آھن. مون بابت انھن جيڪو فائيل کوليو آھي، اھو پڪ ئي ھن ملڪ جي ”دستور“ موجب منھنجن ايندڙ نسلن تائين ھلندو رھندو.
آءٌ اوھان کي درخواست ڪندس تہ توھان پنھنجو فيصلو ڏيڻ کان اڳ ھڪ ٻئي فائيل تي بہ نظر وجهو ــــ مرزا ڪرم الاھي بيگ جو فائيل، جيڪو فريادي ڌر جو مرڪزي شاھد آھي.
سائين منھنجا! ھي ”تذڪيتہ الشھود“ جو مڪمل قصو آھي. فرياديءَ جي انھن اھم ترين شاھدن جي رپورٽ جنھن ۾ اھو بدمست، زاني نقب زن، ڊپٽي ڊائريڪٽر انٽيليجنس بہ شامل آھي جنھن پنھنجي بيان ۾ رڳو ھڪ جملو شامل ڪري ھن سازش جي ڪيس جي بند بوتل ۾ ”ھڪ ٻاھرين دشمن طاقت جي شامل ھجڻ“ جو آچار وڌو آھي.( 31)
اسان جا باسيل بيان، وڊيو ريڪارڊنگ ۽ ٻيا جاچ بيان فرياديءَ جي انھن مقدس ڪارين ڳئن جي محنت جو نتيجو آھن. اھڙن ئي انتھائي بدڪردار شاھدن جي شاھدين جي بنياد تي فريادي ڌر اسان سڀني لاءِ سخت ترين سزائن ۽ اڃا بہ انتھائي سزائن جا مطالبا ڪري رھي آھي.
16-مئي تي جڏھن فريادي ڌر پنھنجو ڪيس بند ڪري رھي ھئي تہ سرڪاري وڪيلن جي مھانڊن تي عظيم الشان فتح جا جيڪي تاثر ھئا اھي مون کي اڄ بہ ياد آھن، ڄڻڪ اھي سڀ چئي رھيا ھئا:
Roma Locuta est, causa Fimita est.
”روم ڳالھہ ڪري ڇڏي، ڪيس جي ڪارروائي ختم ڪيو.“
پر عدالت جا صدر! جيتوڻيڪ ”مَڪي“ ڳالھہ ڪري ورتي آھي، پر ”مديني“ جو وارو بہ ھاڻي پري ڪونھي ... ۽ مون کي ھاڻي بہ شڪ آھي تہ توھان پنھنجي فيصلي ۾ سر سبز تازا توانا ھوندا.
مون انھن کان سواءِ ٻيا بہ گهڻا ئي نُڪتا توھان جي ڌيان تي آڻڻ گهريا پئي، پر وقت منھنجي ھٿن مان نڪري چڪو آھي. ان لاءِ بھرحال آءٌ اوھان کي ميار نہ ڏيندس. اھو منھنجي ڀاڳ ۾ ئي ھو تہ منھنجا سمورا بيان دٻاءَ ۽ بار ھيٺ قلمبند ٿين... ڪجهہ ذھني دٻاءُ ھيٺ ۽ ڪجهہ وقت ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ھلندي.
مون ان جسماني ۽ ذهني تشدد جي ڳالھہ ڪرڻ پئي گُهري جيڪو مون تي ۽ ٻين تي جاري رکيو ويو. مون انھن ڇاپن جي ڳالھہ ڪرڻ پئي گهري جيڪي منھنجي ۽ ٻين جي گَهرن تي اسان جي گرفتارين کان پوءِ هنيا ويا. مون کي ان ڦرلٽ جو ذڪر ڪرڻو هو جنھن جو نشانو اسان جا مِٽ مائٽ ۽ سنگتي ٿيا. مون کي ان ساڍا اٺ سؤ مڻ چرس جي ڳجهارت حل ڪرڻي ھئي جيڪو ڀارت کان پاڪستان ۾ سمگل ڪيو ويو. مون قرآن حڪيم ۽ ان جي تفسيرن جي حوالي سان ”سازش“، بغاوت ۽ غاصبن خلاف عام جٿي بنديءَ بابت ڳالھہ ڪرڻ پئي گُهري. آءٌ انھيءَ ئي حوالي سان ھڪ قانوني ۽ ھڪ غير قانوني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪارروائين ۽ انھن جي سبب بابت ڳالھائڻ گهران ٿو، پر ڪجهہ بہ نہ چئي سگهيم.
بھرحال، جيڪڏھن توھان وٽ وقت ھجي تہ قرآن ۾ آيل ھڪ غاصب ۽ غير قانوني ۽ غير اخلاقي حڪومت خلاف مسلمانن جي فرض بابت ضرور پڙھجو. ان جي موجودگيءَ ۾ توھان وٽ ھنن سڀني ”تھمت-لڳلن“ کي ھڪ ڏينھن لاءِ بہ قيد رکڻ جو ڪو سبب ڪو نہ رھندو. مون کي پڪ آھي تہ قرآن جو اھو اڀياس توھان کي صحيح فيصلي تي پھچڻ ۾ مدد ڏيندو. اھو فيصلو جيڪو نہ رڳو توھان لکندؤ( 32) پر ٻُڌو بہ ويندو ۽ مڃيو بہ ويندو.
ھن گهڙيءَ رڳو منھنجي ۽ ٻين سورھن تھمت لڳلن جون ئي نہ، پر ھن ملڪ جي لکين ماڻھن جون نظرون توھان تي کتل آھن. پنھنجي فيصلي وسيلي توھان کي ھر حالت ۾ ھن قلعي ٻاھران وھندڙ ”اباسين“ (نديءَ) جي پاڻياٺي تاريخ ۾ واڌاري جو سبب ٿيڻو آھي. توھان ڄاڻو ٿا تہ اھا ندي ھن قوم جي حياتيءَ جو مظھر ۽ امين آھي.
ھاڻي اھو توھان تي آھي تہ توھان ان جي ميرانجهڙن پاڻين ۾ واڌارو ٿا ڪيو يا شفاف نيراڻ مائل پاڻيءَ ۾.(33)
عدالت جا صدر ۽ ميمبرؤ! اجهو اسين تاريخ سان ڳالھہ ٻول ۾ مصروف رھيا آھيون، ان ڪري نہ، جو احمد (ميجر آفتاب) نالي وارو ھڪ ماڻھو مھراڻ، اباسين، سنڌ يا اٽڪ (ندي) جي پاڻياٺي تاريخ جي ذخيري جو ذڪر ڪري رھيو ھو يا ھو عيسيٰ، ڦاھي جي تختن، منصور ۽ سرمد جو ذڪر ڪري رھيو ھو، پر ان ڪري جو ھڪ ماڻھو جيڪو ڪالھہ بہ يونيفارم ۾ ھو، تہ اڄ بہ يونيفارم ۾ آھي، اٿلندڙ لکين ماڻھن جي جنگي نعري ۾ انھن سان ھم آواز ٿيو آھي، ان ڪري جو ڪو ماڻھو ڌرتيءَ جي مظلومن جي ڏک سور، انھن جي اميدن ۽ تمنائن ۾ شريڪ ٿيو آھي، ان ڪري جو اڄ ڪنھن ماڻھوءَ کي عزت ملي آھي.
مانوارا صدر! انھيءَ سان گڏوگڏ توھان کي ان بابت ڪو بہ شڪ نہ ھجڻ گهرجي، تہ اڄ 27-مئي 85ع ھتي اٽڪ قلعي ۾ ھٿياربند جٿن جي عزت ۽ مانَ وارِي لڳ ڀڳ چوٿون حصو جنگ جيتي وئي آھي. توھان اھو سڀ ڪجهہ ٻڌو جيڪو ڪجهہ مون چيو ۽ مون اھو ڪجهہ چيو جيڪو مون کي چوڻو ھو، ۽ اھو ئي حقيقت ۾ اھو قرض ھو جيڪو اسان کي پنھنجي قوم کي موٽائي ڏيڻو ھو.
اسان کان جيڪو ڪجهہ بہ ٿي سگهيو، اھو اسان ڪري ورتو آھي. آءٌ ڏاڍو معمولي ماڻھو آھيان. منھنجو ڪُوڙي مانَ ۽ شانَ سان ڪو واسطو ڪونھي، پر آءٌ اھو چوڻ تي بہ مجبور آھيان تہ اھا ڪا معمولي ڪاميابي ناھي!
برگيڊيئر پريزيڊنٽ! آءٌ چاھيان ٿو تہ سڀاڻي تاريخ ”ويڙھاڪن“ جي پاڪستان بابت اھو ڪجهہ نہ چوي جيڪو ھن ”بادشاھن“ واري پروشيا (جرمنيءَ جي ھڪ رياست) بابت چيو ھو: ”پروشين بادشاھي ھڪ اھڙو ملڪ ڪونھي جنھن جي ڪا فوج ھئي پر ھڪ اھڙي فوج ھئي جيڪا پنھنجي ملڪ کي پنھنجا تنبو کوڙڻ لاءِ ڪتب آڻيندي ھئي.“ توھان جو پروشيا بابت اھو فيصلو سخت فيصلو ھو. اڄ دنيا جي نقشي تي توھان کي ان نالي وارو ملڪ ڏسڻ لاءِ بہ نہ ملندو!
توھان ڄاڻو ٿا تہ ڪنھن علائقي ۾ فوج جي تنبن وجهڻ جو مقصد ڪھڙو ھوندو آھي ــــ قدرن جي تبديلي، ثقافت جا زخم ۽ ذلت، تھذيب جا ڦٽ ۽ جنازا، دڪاندارن وارو روپ وٺندڙ ھاري ۽ مزدور ۽ ٽئنڪ ليگرن( 34) ۾ بدلجندڙ ٻنيون، فطرت جي مھڪ، خلوص ۽ سادگيءَ جي پڄاڻي، ڀرپاسي غليظ وسندين جو قيام، رنڊين جو اچڻ ۽ ھم جنس پرستيءَ جا ڪڪر ــــ تنبو لڳڻ سان، مانوارا صدر، ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ کسجي ويندو آھي!
اھا آءٌ ذاتي مشاھدي جي ڳالھہ ڪري رھيو آھيان. اڄ کان ڪي 25-سال اڳ مون پاڻ پنھنجي وڻندڙ ڳوٺ کي اڀرندڙ لشڪر گاھہ جي ڌوڙ ۾ گم ٿيندي ڏٺو ھو ــــ ھيءَ اھا ئي ڇانوڻي آھي جنھن کي اوھان جي اڳواڻيءَ جو اعزاز مليل آھي.
عدالت جا صدر! ھن ملڪ جون ڪجهہ قوتن، اڃا بہ جنرلن، مارشلن، ايڊمرلن، جاگيردارن، ڦورو نوابن، خوشامدي پٺوئن ۽ مذھبي زاھدن تي ٻڌل ھڪ ڪارپوريشن اھڙي آهي جيڪا ھن ملڪ کي بہ ماضيءَ جي پروشيا ۾ بدلائڻ گهري ٿي.
اھي نانگ ۽ وِڇون پنھنجيءَ ھوس ۽ ڪرڀائتين نيتن جي گهمسان جي جنگ ۾ ويٺا آھن. ھيءَ ئي اھا مھل آھي جڏھن پاڪستان جي عوام کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي تہ اھي ان لاءِ وڙھندا، مرندا يا سدائين لاءِ ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا! حياتي پنھنجين سمورين تازگين سان موٽي ايندي يا قبرستان اڃا بہ ويڪرو ٿي ويندو. ھيءُ ملڪ پنھنجي اصليت تي موٽي ايندو يا اھو گهوڙن، خچرن ۽ بجوئن جو شڪار گاھہ ۽ تنبيلو ئي رھندو؟(35 )
ڇا اسين ڪڏھن آزاديءَ جو سھڻو مُک ڏسي سگهنداسون؟
ڇا ھي ملڪ ھن ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽرن جي پرائيويٽ (نجي) جنت ئي رھندو؟
جڏھن آءٌ پاڪستان جي عوام جي ڳالھہ ڪيان ٿو تڏھن آءٌ سپاھي پاٽي خان، غنچہ گل ۽ الھہ بچائي کي نٿو، ڦتو ۽ خيري کان ڌار نہ ٿو سمجهان، پر اھي سپاھي جيڪڏھن پنھنجي ”ڪک“ کان ڌار ٿيڻ نہ ٿا گهرن ۽ پنھنجين پاڙُن مان سگهہ وٺڻ ٿا گهرن تہ انھن کي پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوندو، اھو نہ جيڪو اھي ماضي ۾ ادا ڪندا رھيا آھن، پر اھو جنھن جون راھون اڄ ھن قلعي جي ظاھري طرح اُوچن ڪوٽن اندر روشن ڪيون ويون آھن. جڏھن مون تاريخ سان ڳالھہ ٻول جي ڳالھہ ڪئي ھئي، تہ منھنجو مطلب پنھنجي ۽ انھن جي انھيءَ ڪردار بابت ھو.
عدالت جا صدر! منھنجي حياتيءَ جي سڀ کان ڏک ڀري ياد منھنجي پٽ حَسن جو اهڙيءَ حالت ۾ مون کان کسجي وڃڻ ناهي. هُو ڏاڍو پيارو پٽ هو. هُو بلڪل مون جيان هو ۽ مون ان سان کوڙ اميدون ڳنڍي رکيون هيون. ان جي وڇوڙي کان گهڻو وڌيڪ ڏک مون کي انھن پندرهن آفيسرن ۽ سورهين وڪيل جو، اوهان آڏو تھمت هيٺ ڏوهاري سڏي، پيرَ ٻڌي پيش ڪرڻ سبب ٿيو آهي.
مون وقت جي انتھائي دلير ماڻھن کي جنگ ۽ امن جي مونجهارن ۾ ننڍن جبلن جي برف جيان رجندي ڏٺو آھي ــــ جنگ جي ميدان ۾ ڪجهہ وڏين سوڀن کان سواءِ مون کي سرحدن تي ھڪ انتھائي ردي شڪست جو ذاتي تجربو بہ آھي. جتي اُن وقت سڄي ڪائنات ڊھي اچي ڌرتيءَ تي ڪري جڏھن ڀاڄوڪڙن جي سازش جو شڪار ٿي مون کي بہ ھڪ سرحد تان پسپا ٿيڻو پيو. ان اُملھہ تجربي کان پوءِ آءٌ اڄ ڪلھہ نوَن فاشين جي ان ڊگهي چر مان لنگهي رھيو آھيان جنھن جو ٻيو ڇيڙو ھِن وقت نظر نہ پيو اچي. ھن تجربي جو بہ ڪو مُلھہ ڪونھي!
آءٌ ھنن سڀني تھمت لڳلن کي سڃاڻان ٿو. اسين حياتيءَ ۽ موت جي سفر ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ڏئي ھلندا رھيا آھيون. اسان ھڪ ئي ٿانوَ ۾ کاڌو پيتو آھي. اسان جون سنگتون مثالي ھيون تہ دشمنيون بہ ڪجهہ گهٽ نہ. اسان پاڻ ۾ ’ڊوئل‘(36 ) بہ وڙھيا آھيون. ڪڏھن ڪڏھن تہ ھتي ماڻھو ھڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ جي خواھش دل ۾ رکي ويٺا ھوندا ھئا. ھتي انتھائي ساڙ ۽ نفرت جون وٿيون رھيون آھن ۽ ان کان بہ وڌيڪ اھو تہ ڏاڍين سُور ڏيندڙ خاموشين جا دَور.
بھترين اميدون ۽ بدترين مايوسيون ھتي ھنن ڪال ڪوٺڙين ۾ ھٿُ ھٿَ ۾ ڏئي ھلنديون رھيون آھن. جيڪڏھن ھٿڪڙين، ٻيڙين ۽ سنگهرن، جبري اڌارتين، پاڳل اڪيلاين، ٿڦن ۽ ڦٽڪن جي موجوديءَ باوجود ھي سڀ ڪجهہ نہ ھجي ھا تہ آءٌ پنھنجي قوم جي آئيندي بابت واقعي بدترين خدشن جو شڪار ٿي وڃان ھا.
مانوارا صدر! ھي مياري ڏاڍا شاندار ماڻھو آھن. پنھنجن عام انساني خامين کوٽن باوجود حالتن انھن سڀني جي ھمت، ارادي ۽ حوصلي تي دائمي ڦٽن جا ڪي بہ نشان نہ ڇڏيا آھن. اھي پنھنجن مورچن ۾ ايئن ڄميا رھندا جو توھان کي انھن جي خدمت ۾ 31 توبن جي سلامي ڏيڻي پوندي. اھي اوھان جي تصورن کان گهڻو وڌيڪ محب وطن آھن. اھي سڀ پروفيشنل (پيشہ ور) سپاھي ھئا. جيڪڏھن حالتن انھن مان ڪنھن کي بہ ڪنھن ڪنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ڦٽو ڪيو آهي تہ ان جو مطلب اهو ناهي تہ انھن عامين منجهان عام ھو جيڪي اَڄ بہ رڳو مھربان لھرن جي وھڪ سھاري منزلون ٽپي رھيا آھن.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ ھن ھال ۾ ڪيترن ئي شيخ صاحبن کي گڏ ڏسي رھيو آھيان. ان کان اڳ مون رڳو خليج (نار) وارين رياستن جي شيخن جو ٻڌو ھو... آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ھي بنا تيل (شيخ) پاڪستان تي بہ انھيءَ طرح ئي ڇانيل آھن.
اھي شيخ ماڻھو بہ واھہ جا ماڻھو ھوندا آھن. ھي سمورو جهيڙو جيئن تہ منھنجي عقيدن جي ڪري وجود ۾ آيو آھي ۽ ھي تھمت لڳل بہ رڳو انھيءَ ڪري اوٿ ۾ اچي ويا آھن، تنھنڪري اھا حقيقت قبول ڪندي بہ مون کي ھڪ ڏاڍي وڏي شيخ جو ئي سھارو وٺڻو پوي ٿو.
ان وڏي شيخ (شيخ سعدي) چيو ھو:
اي روشني طبع تو برمن بلا شدي.
۽ مون کي اھو چوڻو آھي تہ:
”اي روشني طبع من تو بر ھرھما بلاشندي“
آءٌ ڪو نہ ٿو چوان تہ انھن ماڻھن جو قومي مسئلن بابت ڪو بہ نڪتهء نظر ڪو نہ ھو، پر حقيقت ھيءَ آھي تہ اھي سڀ ماڻھو باغي ناھن، سرڪش ناھن. اهي روايت پسند ۽ تعميل پسند ماڻھو ھئا، اھي بہ جن سان آءٌ ھتي پھريون ڀيرو ھن قلعي ۾ مليس، ان ڇنڊڇاڻ کان ٻاھر ڪونھن.
اھي تہ وقت جي فرعون جي معصوم رڍن جي روپ ۾ توھان جي بارگاھہ ۾ پيش ٿيل انڌير جا دلال ھئا جن انھن کي سازشين جي روپ ۾ گهاڙيو، اھا تہ ڪجهہ ماڻھن جي ذاتي مفادن جي رجندڙ بٺين جي ڄر ھئي جنھن ۾ ھزارين ماٺ مٺي ۾ ٻري پيا.
جيترين مجبورين جو احساس اڄ مون کي ٿي رھيو آھي، مون پنھنجو پاڻ کي ايڏو لاچار ڪڏھن بہ محسوس نہ ڪيو. توھان آڏو ان ڳالھہ جي تصديق ٿي چڪي آھي تہ مون جاچ پڇا ھلندي جنرل مغل کي پوري زور سان ٻڌايو ھو تہ ھي سڀ ماڻھو بيگناھہ آھن. اتي ئي مون خواھش جو اظھار بہ ڪيو ھو تہ مون کي جيئرو رھڻ جي ڪجهہ وڌيڪ سزا رڳو ان مھل تائين گهرجي جيستائين آءٌ ڪنھن عدالت ۾ ھنن ماڻھن جي بي گناھيءَ جي ڳالھہ ڪري سگهان، پر اڄ ڏاکڙو ٻيڻ ٿي چڪو آھي. ھيءَ چوڻ ڪاڻ تہ عدالت آھي پر قانون ڪو بہ ڪونھي. اھو قانون نہ پر ھڪ حڪم نامو آھي جنھن موجب ھي ڍونگ رچايو ويو آھي. ھاڻي آءٌ ھنن تھمت لڳلن جي صفائيءَ ۾ ڇا ٿو چئي سگهان سواءِ ان جي تہ ”ھي ماڻھو، بي گناھہ ھجڻ جي ڏوھ، جي سزا لوڙي رھيا آھن، اڃا بہ ايئن چئجي تہ انھن کي سندن اڻڄاڻائيءَ جي سزا بہ ڏني پئي وڃي.
عدالت جا صاحب! ھي ماڻھو ايترا ئي سٺا يا خراب پاڪستاني آھن جيترا توھان پاڻ. بي حسن فريادي ڌر ھن سازش جي ڪيس ۾ ھڪ ٻاھرين ملڪ جي شراڪت جو شوشو ڇوڙي اسان کي ناقابل تلافي نقصان پھچايو آھي. اڄ تائين ڪنھن بہ نالي واري حڪومت پنھنجي ھٿياربند فوجن جي آفيسرن کي پنھنجن ڪرڀائتن مفادن جي بقا لاءِ اھڙي ڪني سزا نہ ڏني ھوندي.
آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ھن ناٽڪ وسيلي ڪنھن ڪنھن جي مفادن کي سگهہ وٺرائي وئي آھي. اھي پڪ ئي پاڪستان جا مفاد نہ ھئا.
ھنن ماڻھن ڏاڍا ڏک سَٺا آھن. منھنجي دعا آھي ۽ آءٌ اميد ڪيان ٿو تہ پنھنجي قلم جو ھن ڪاري حڪم نامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھئڻ باوجود توھان پنھنجي ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندي ھنن (تھمت لڳلن) ۾ مصيبتن جي خاتمي جو فيصلو ڪندا.
منھنجي ڳالھہ ٻي آھي. اھو تاريخ جو فيصلو آھي تہ ھر دَور ۾ ھڪ منصور کي ڦاھيءَ تي چڙھڻو پوندو آھي. تاريخ ۾ حياتيءَ جي قد کان بہ وڏا منصور ٿي گذريا آھن ۽ ڪجهہ، مانوارا صدر، انھن جا پاڇا ھوندا آھن. آءٌ بہ ھڪ سوچ، ھڪ خواب ۽ ھڪ تمنا جو پاڇو آھيان.
پر توھان ڄاڻو ٿا تہ سمورن خوابن جي تعبير نہ ٿيندي آھي ۽ نہ ئي خواھشون ڪي رڪيب ھونديون آھن جو ھر ھڪ انھن تي سواري ڪندو.
آءٌ لفظن جو قيمو ڪرڻ جو عادتي ناھيان. مون کي پرواھہ ڪونھي تہ ھي حقيقت جو اعتراف مون کي ڪيڏانھن وٺي ويندو... مون کي پرواھہ ڪونھي تہ منھنجن ھٿن ۾ جيت آھي يا ھار... مون کي ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس آخري ڏينھنِ ۾ پيار ٿيو ھو. مون کي ھن دَور جي ڏاڍ ۽ آمريت کان نفرت ھئي، پر مون کي ھن جي سڀني کيسن ۾ کوٽن سڪن ۽ انھن جي نسلن کي ڏسي ڏک بہ ٿيو ھو. اھو تاريخي بي وفائيءَ جو تسلسل ھو، مقدر جو بگاڙ، سمجهہ جي ٽوٽ ڦوٽ، پڪڙ جي ڪمزوري يا پسپائيءَ جو خوف يا صادق ۽ جعفر جو گهيرو، آءٌ نہ ٿو ڄاڻان. ان وڏي ماڻھوءَ کي نيٺ ڪھڙيءَ بلا ھيئن بي وس ڪري ڇڏيو ھو، رڳو وقت ئي ان راز تان پردو کڻي سگهي ٿو.
جڏھن ھن رحم جي اپيل ڪرڻ کان انڪار ڪيو تہ آءٌ کيس تعريف ۽ ستائش جي نظرن سان ڏسندو رھجي ويس ۽ جڏھن ھو انھيءَ شانَ سان ڦاھي گهاٽ ۾ ويو تہ مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن لاءِ ماتم ڪيو.
جيستائين آءٌ ساڳي ئي قسم جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ آيس، تہ آءٌ ايندڙ منزل طيءِ ڪري ھن جي عشق ۾ ڦاسي ويو ھوس.
ھو ھڪ حر مرد ھو. ھو حياتيءَ جي سڄي وجود کان گهڻو وڏو ماڻھو ھو. ھن ھڪ دنيا کي آزاديءَ ۽ ڇوٽڪاري جو شعور ۽ سبق ڏنو آھي. اڄ آءٌ ھُن کي ھِن سڙيل سٽيل ڌرتيءَ جي مظلومن جي اميدن ۽ تمنائن جو مجسم روپ سمجهان ٿو.
ھن جو نعرو اڀرندڙ لکن ماڻھن جو جنگي نعرو ٿي چڪو آھي. ذوالفقار ڀُٽي جو نعرو پڪ ئي زنده رھندو پر شرط اھو تہ جن ماڻھن ساڻس دغا ڪئي آھي ھن کي ھڪ قبر ۾، قيد ڪرڻ ۾، سوڀارا نہ ٿين. مون کي اڻتڻ ۽ ڳڻتي آھي. پھريائين انھن قائد اعظم کي قبر ۾ بند ڪيو ھو، ھاڻي اھي قائد عوام کي بند ڪرڻ گهرندا ھوندا.
صدر صاحب! مون ان ماڻھوءَ سان پنھنجي ناتي جي ڳالھہ ڏاڍو کولي ڪئي آھي. اھڙيءَ طرح اوھان کي منھنجو فيصلو ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. نيٺ ھڪ فوجي آفيسر لاءِ ڀُٽي جو نالو وٺڻ کان وڏو ڏوھہ ٻيو ڪھڙو ٿي سگهي ٿو!
منھنجي ڪھاڻي سوچن جي سفر ۾ ارتقا جي ڪھاڻي آھي. اھا رڳو منھنجي ئي نہ پر ڪئپيٽل ھِل جي دلالن کان سواءِ سمورا ڪروڙين ماڻھو آھن جيڪي مختلف وڙ وڪڙ ۽ ڊگهين پرَ نيٺ ماڻ ملندڙ راھن تي لانگ مارچ (ڊگهو پنڌ) ڪندي بيجنگ (پيڪنگ) پھچي رھيا آھن.
جنرل پريزيڊنٽ! لانگ مارچ آخري پڙاءَ کان نڪري منزل ڏانھن وک وڌائي چڪو آھي. ان ٻوڏ کي پاڪستان جي چيانگ ڪائي شيڪ جنرلسيمو( 37) ھاڻي ڪنھن بہ صورت ۾ روڪي نہ سگهندو. بندُ ٽُٽي چڪو آھي، ايتري قدر جو متقين ۽ پرھيزگارن تي ٻڌل مثبت نتيجن واري پارليامينٽ (؟) بہ ھن وقت سرڪشيءَ جي حالت ۾ آھي.
اٺ ساله سوڪ جو شڪار اڃاري ڌرتيءَ ۽ وھندڙ پاڻيءَ جي ميلاپ ۾ ھاڻي ڪا دير ڪانھي...
مٿي مون جن خيالن جو اظھار ڪيو آھي، اھي قطعي طرح منھنجا خيال آھن. مھرباني ڪري توھان بہ انھن ’انٽيليجنس‘ نوٽس وٺي انھن کي باقي تھمت لڳلن تي لاڳو ڪري ھڪ ڀيرو وري منھنجو ساٿاري نہ بڻائجو. ھن ملڪ ۾ اسين نہ تہ نظرين ۾ گڏپ جا قائل آھيون ۽ نہ ئي وري اقتدار ۾ حصيداريءَ جا. اسان جو دَور تاناشاھي-آمراڻو دَور آھي!
عدالت جا صدر! ھاڻي ھاڻي مون اوھان جي آڏو پنھنجيءَ سوچ جي منزلن ۽ ڏاڪن جي ٿورڙي عڪاسيءَ جي ڪوشش ڪئي آھي.
منھنجو مسلڪ انا الحق آھي، ضياءُ الحق نہ.( 38) اھو ئي منھنجو ايمان آھي ۽ اھو ئي منھنجو عقيدو. خدا گهريو تہ آءٌ ھر قيمت تي ان ئي مورچي ۾ وڙھندس.
منھنجي ساڄي ھٿ ۾ دل ۽ دماغ جي ھڪ ئي گڏيل ليڪ آھي ۽ منھنجي کاٻي تريءَ ۾ محرومين، ڏکن ۽ ڏولاون کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آھي، پر مون کي پڪي پڪ آھي تہ جيڪڏھن ساڄي ۽ کاٻي ٻئي ٻانھون ھن ملڪ جي آزاديءَ، بقا ۽ ترقيءَ ۽ قوت لاءِ پاڻ ۾ ملي ويون، تہ سوڀ پڪ اسان جي ٿيندي.
مسٽر پريزيڊنٽ! برگيڊيئر ڪمانڊر پنھنجي فيئر ويل ٽُ آرمز( 39) تي مون کي توھان کي ھڪ ھزار ڳالھيون چوڻيون ھيون، پر منھنجا جذبا مون تي غالب اچي چڪا آھن. اڄ ھن 29-مئي 1985ع تي ڪو بہ منھنجيءَ دل جي گهراين ۽ انھن ۾ لڪل ڏک کي نہ ٿو ڄاڻي سگهي. ڪو بي مثال گهاتو بہ ان پاتال کي ڇُھي نہ ٿو سگهي.
مون انھن تھمتن جو، جنھن نموني اھي مون تي مڙھيون ويون آھن، اقرار نہ ڪيو آھي. جيڪڏھن ھن نڀاڳي ڌرتيءَ تي قانون جي حڪمراني ھجي ھا تہ اڄ ھتي منھنجي جاءِ تي چرس، ھٿيارن جي سازش جا اصل ڪردار ڪٽھڙي ۾ بيٺل ھجن ھا، جن نوان ڪوٽ واري پوليس ۽ فوج جي وچ ۾ مقابلي جو بلو ڪيو ھو. نوان ڪوٽ جي قصي ۾ سچائيءَ جو ڪو بہ عنصر ڪونھي، جيتوڻيڪ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مجبور آواز ڪڏھن بہ ڪوڙ ۽ ڌوڪي تي ٻڌل سفاڪ حقيقتن کي بدلائي نہ ٿا سگهن.
مون کي وڃڻو ئي پوندو. اھو ئي پاڪستان جي تاناشاھہ جي آئين کان مٿاھين حڪم جي منشا ۽ مقصد آھي. آءٌ نظر جي ڌوڪي ۾ وھم ۽ گمان کي پنھنجي حقيقت پسنديءَ تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. مون کي وڃڻو ئي پوندو! اڄ منھنجي رڳو ھڪ ئي تمنا آھي ۽ وصيت آھي تہ اڄ نہ تہ سڀاڻي منھنجو نيڪال، منھنجي جبري بي دخلي، ھيءَ قرباني ۽ ھن قلعي جي ڪڻ تي پکڙيل منھنجو رت منھنجي ديس واسين ۽ ڌرتيءَ ماءُ جي سپاھين جي وچ ۾ ڊٿل پلين جي مرمت جي ڪم اچي سگهي!
ڪال ڪوٺڙين مون کي فيض صاحب سان بہ ڪجهہ ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي آھي ۽ آخر ۾ ان جي مدد منھنجي لاءِ سعادت جو ڪارڻ ۽ وڏو اعزاز ھوندو:
تجه کو کتنوں کا لہو چاہیے اے ارضِ وطن
جو تیرے عارضِ بے رنگ کو گلنار کریں
کتنی آہوں سے کلیجہ تیرا ٹھنڈا ہو گا
کتنے آنسو تیرے صحراؤں کو گلزار کریں
کتنی آنکھوں کو نظر کھا گئی بد خواہوں کی
خواب کتنے تیری شاہراہوں میں سنگسار ہوئے

جو گزری مجه پہ مت اس سے کہو ہوا سو ہوا
بلا کشان محبت پہ جو ہوا سو ہوا
مبادا ہو کوئی ظالم ترا گریباں گیر
مرے لہو کو تو دامن سے دھو ہوا سو ہوا( 40)


۽ ملٽري انٽيليجنس جي ھٿان پليل ھڪ ٻِيءَ سازش جي حوالي سان:
وه بات جس کا ذکر سارے فسانے ميں نہ تھا
وه بات ان کو بهت ناگوار گذري هے(41 )

_____________

1. ( ) ايئر چيف مارشل محمد انور شميم، هيروئن جو هڪ ٻيو سوداگر.
2. ( ) چيئرمئن ڀٽو جو ڪئناڊا جو دورو.
3. ( ) فوج ۾ هر پيشي سان لاڳاپيل هڪ مڪمل ادارو هوندو آهي، جيئن انجنيئرڱ ڪور يا ميڊيڪل وغيره. - سنڌيڪار
4. ( ) ٻين ڳالهين سان گڏ پاڪستان ايئر فورس جي ان دَور جي اصل ڪمانڊر جنرل ۽ بيگم ضياءَ جي ٻول-ٻڌي ڌيءَ طاهره شميم جي هٿان ۽ حڪم تي فضائيه جا وسيلا ڪتب آڻڻ (جنھن ۾ جنگي جھازن جو واهپو به شامل هو) خلاف احتجاج ڪرڻ تي پنھنجي يونيفارم (وردي) ۽ رئنڪ (عھدو) وڃائي ويٺو.
5. ( ) هاڻوڪي جمھوري حڪومت ۾ اقوام متحده ۾ نمائندو. - سنڌيڪار
6. ( ) تفصيل ڪتاب جي آخر ۾ ڳنڍيل شاهدن جي وچور ۾ ڏسو.
7. ( ) وزير اعظم ڀُٽي کي ڦاهيءَ چاڙهيندڙ ”جيل جو داروغو“.
8. ( ) پھرين الزام موجب، هِن ملزمَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جلاوطن اڳواڻن سان ملي پاڪستان خلاف جنگ جي تياري ڪئي، قانوني حڪومت جو دٻاءَ ۽ هٿياربند جدوجھد وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ تخريبڪاري ۽ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪشادو منصوبو ٺاهيو.
9. ( ) چيئرمئن ڀُٽي جا ڦاهيءَ جي تختي تي آخري (؟) لفظ.
10. ( ) سُندر بَن جي اتر اوڀر ڪنارن تي شام نگر جي ٻيٽ ۾ هڪ مشھور جنگ.
11. ( ) ان مھل منھنجو هڪ دلير سپاهي اڪرم به مون سان اچي مليو هو، پر مون کي ايئن سجدي ۾ ڪِريل ڏسي هُو به پنھنجن جذبن تي قابو رکي نه سگهيو ۽ اتي ئي سجدي ۾ جهڪي پيو، جڏهن ته جنگي قيدي سئي-ڌاڳي سوڌا هٿياربند ۽ بي ڌيان اسان کي تڪيندا رهيا.
12. ( ) آپريشن فيئر پلي ۽ آئين جي شق-2 جي روشنيءَ ۾ مون ان مقصد لاءِ جنرل ضياءَ کي پنھنجي صفائيءَ جي شاهد طور به سڏرايو هو.
13. ( ) آگيا عين لڑائي ميں اگر وقتِ نماز / قبله رُو هو کے زمين بوس هوئي قوم حجاز۔ (اقبال، بلخ جي لڙائيءَ بابت)
14. ( ) ڪوهاٽ گئريزن آفيسر ڪلب ۾ هڪ سياري جو عظيم الشان جشن 16-ڊسمبر جي شام تي ملهائجڻو هو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار جوان ۽ سڄيءَ ڊويزن جون گاڏيون ۽ ٻيا وسيلا هفتي کن کان تيارين ۾ رُڌل هئا. آءٌ انهيءَ صبح جو موڪل پوري ڪري ڪوهاٽ پھتس ۽ جنرل کي ياد ڏياريم ته هي اُهو ئي ڏينھن هو جڏهن هُن ۽ سندس جنرلن ملڪ کي دشمن جي حوالي ڪيو هو. ڇا هُو هاڻي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي اسان جي ايندڙ نسلن کي قومي بي غيرتيءَ جو هيءُ سبق ان لاءِ ٿو سيکارڻ گُهري ته سڀاڻي اهي به سندن رندن تي ئي هلن!
15. ( ) ليفٽيننٽ جنرل سيد رفاقت
16. ( ) ان پياري ڏوهه جي سزا طور تڏهن کان ئي انٽيليجنس جا شڪاري ڪتا منھنجي پٺيان ڇڏيا ويا هئا. ڪاڄ بھرحال ملتوي ٿي ويو.
17. ( ) ايف يُو پِي (فارمنگ اپ پِليس) دشمن جي مورچن ويجهو اهو مناسب هنڌُ جتان صف بندي ڪري ويڙهاڪ جٿا انهن تي ڪاهه لاءِ ويندا آهن.
18. ( ) مسٽر وِي سمرنوف، روس جو سفير ۽ مسٽر ڪي ڊِي شرما، ڀارت جو سفير. ٻنهي کي مون پنھنجي صفائيءَ جي شاهد ۽ عدالتي شاهدن جي حيثيت ۾ نامزد ڪيو هو ته جيئن منھنجي ساڻن ۽ سندن ڏيھن سان انهن رابطن جي سازشي سلسلي جي تصديق يا ترديد ڪري سگهن جيڪي قبول ڪرڻ لاءِ مون کي جاچ-پڇا ڪندي اذيتون ڏنيون ويون. ڊين هنٽن، آمريڪا جو سفير، انهن ڏينھن ۾ ايم آر ڊِي جي مذمت جو بيان ڏنو هو.
19. ( ) شاهنواز ڀٽو، پَرُو چانڊيو، حميد بلوچ، اياز سمون، ناصر بلوچ، ٽِيپو اسلم پٺاڻ، اسد الياس، نادر جسڪاڻي، علي گوهر چانڊيو، رحمت اللھ انجم، عثمان غني، ادريس بيگ، ادريس طوطي، نذير بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي، جن پنھنجيءَ رت سان ڏيئا ٻاريا ۽ يعقوب پرويز کوکر، عبدالوحيد قريشي، مھر عبدالرشيد عاجز، عبدالعزيز منور حسين ۽ حفيظ ۽ ... جيڪي پنھنجي جسم کي باهه ڏئي سڄا سارا ڏيئا بڻجي پيا هئا، هڪ ڏينھن اها خبر ٻڌندا ته اهي جنھن صبح جي اوسيئڙي ۾ هئا، اهو صبح ٿي چڪو آهي.
20. ( ) چوڻيءَ موجب 18، پر جيئن ته سازش ۾ شامل ڪيل 17 ڄڻا هئا، تنھنڪري ليکڪ ”سترهن“ لکيا آهن. - سنڌيڪار
21. ( ) ان جالنڌر مافيا ۾ جنرل ضياءُ، عارف، جنرل اختر، جنرل...، جنرل رحيم، جنرل زاهد علي اڪبر ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن کن راکا (چوڪيدار) شامل آهن جيڪي فوج ۽ رياست جي اهم ترين جاين تي قابض ٿيو ملڪ کي ان جي وجود خلاف لاحق خطرا نظر انداز ڪيو ويٺا آهن.
22. ( ) فخر زمان جي ڪتاب ”بنديوان“ تان ورتل.
23. ( ) تارا مسيح يا ضياءُ الحق هڪ ئي شخصيت جو نالو آهي: پھرئين جو ڪو پنھنجو وجود نه هو، اهو ٻئي جو ئي پاڇو ۽ ڀوت هو.
24. ( ) سموري تھمت لڳل آفيسرن نه رڳو ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو هو پر سرڪاري شاهد ٿيڻ کان به انڪار ڪيو. لاچار ٻن آفيسرن کي هڪ ڏينھن جي ڪارروائيءَ کان پوءِ سزائون ٻڌايون ويون ۽ معافي ڏيڻ جو واعدو وٺي انهن کي اسان جي خلاف شاهد ڪيو ويو.
25. ( ) جڏهن ته صفائي-ڌر پاران جِي ايڇ قِيو ۽ ان جي ايجنسين ۾ ٿيل اسان جي گرفتاري، جاچ پڇا ۽ قيد بابت لڪل دستاويزن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون به پيش ڪيون ويون.
26. ( ) آگسٽ-سيپٽمبر 1984ع ۾ ڪيل ان ڪارروائيءَ ۾ اسان جي خلاف لڳ ڀڳ 40 شاهد پيش ٿيا. ان هوندي به ان جي وجود کان انڪار ڪيو ويو.
27. ( ) ٻه مَياري: ظھير احمد پوليس مئن ۽ چوڌري رياست علي انسپيڪٽر پوليس.
28. ( ) مرحوم ميان عباس، جنھن کي بئنڊوئگن ڪمانڊر جنرل چشتي جان بخشي جي واعدي سان شھيد ڀُٽي خلاف شاهدي ڏياري ۽ پوءِ ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو.
29. ( ) ڪمشنر پنھنجيءَ رپورٽ ۾ مئجسٽريٽ کي ڏاڍو بي ايمان، راشي ۽ ڪُلڇڻو سڏيو هو. جڏهن ته آرمي هائوس جي سوٽ ڊپٽ ڪمشنر جي ڪري اهو ماڻهو اڃا تائين عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو مُڱ ڏَري رهيو آهي.
30. ( ) آءِ ايس آءِ سان هن جي سھڪار جي انتھا هئي، جو پڇاڻو ڪندڙ آفيسر نه رڳو عدالتي ڪمري جي پاسي واري رٽائرنگ روم (ساهي ڪرڻ واري ڪمري) ۾ موجود هئا پر سموري ڪارروائيءَ جي ضرورت جھڙي وڊيو ريڪارڊنگ به ڪندا رهيا. هن گهٽ ۾ گهٽ ٽيھن آفيسرن کان ڏوهه-قبول ڪرايا جيڪي بذات خود ان سلسلي ۾ هن جي آءِ ايس آءِ سان ڳٺجوڙ جو نھڪر نه ڪري سگهڻ جھڙو ثبوت آهي.
31. ( ) جملو هي هو: اسان کي خبر ملي آهي ته ”پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هڪ دشمن ملڪ کان مدد وٺي رهيا آهن.“
32. ( ) خصوصي فوجي عدالتن جي سلسلي وارن ججن کي خصوصي سھوليت مليل هئي جو انهن کي پنھنجو فيصلو ڪنھن تفصيلي لکت ۾ نه ڪرڻو هوندو هو، بس رڳو ”گِلٽِي“ (ڏوهاري) يا ”ناٽ گِلٽِي“ (بي ڏوهي) مان ڪنھن هڪ تي ليڪ ڏئي، سڄي قوم جي تقدير کي ٺپو هڻي پئي سگهيا.
33. ( ) قلعي جي ويجهو (اٽڪ) پُل جي اتر-اولھه ۾، جتي ٻه نديون ملنديون آهن، اولھه کان ايندڙ ڪابل نديءَ جو پاڻي صاف شفاف ۽ نيراڻ مائل، ٻئي ڌار ڌار ڏيکاربا آهن.
34. ( ) ٽئنڪ ليگرز (Tank Leagures) جنگ جي ميدان ۾ يا جنگ جي مشق ڪندي اهو نسبتاً محفوظ هنڌ، جتي ٽئنڪون سڄي رات لاءِ عام طرح عارضي ٽِڪاءُ ڪنديون آهن ۽ انهن جي Replenishment (ٻيھر ڀَرائِي) ڪئي ويندي آهي.
35. ( ) گهوڙي مان مراد آرمرڊ ڪور (Armoured Corps) يعني بڪتربند گاڏين وارو فوجي حصو، خچر مان مراد توب خانو ۽ بجوئن مان انفنٽري.
36. ( ) ڪا به شيءِ خاص طرح عورت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ماڻهن جي وچ ۾ موتمار مقابلو. - سنڌيڪار
37. ( ) جنرلسيمو (جنرلن جو جنرل) چيانگ ڪائي شيڪ چينَ ۾ وڏيرڪي قوم پرست پارٽيءَ (ڪومنتانگ) جو قبضي باز ۽ جنگباز سردار. - سنڌيڪار
38. ( ) اصل لفظ هي هئا ته ”آءٌ انا الحق چوڻ جو عادي آهيان، ضياءُ الحق چئي نه ٿو سگهان.“
39. ( ) هٿيارن کي الوداع.
40. ( ) هي پڇاڙڪيون چار سٽون محمد رفيع سودا جي غزل مان ورتل آهن. - رياضت
41. ( ) ملزم بيان جي پڄاڻيءَ تي هو ته هڪ مھربان، جيڪو پاڻ به صاحبِ دل شاعر ۽ فيض کي پسند ڪندڙ آهي، هي شعر چوڻ لاءِ چيو، جنھن تي فيض صاحب پنڊي سازش ڪيس ۾ پنھنجو بيان ختم ڪيو هو. اهو شعر ٺھڪي ٿو يا نه، ان جو هتي ڪو سبب آهي يا نه، هِي ڏوهاري بھرحال ان مھربان شاعر جو دل سان ٿورائتو آهي.