ماڻھن جا حق لتاڙيا پيا وڃن
فرياديءَ جي وڪيلن ۽ سرڪاري قاصدن هٿان تيار ڪيل منھنجو هيءُ ڏوھہ-چٺو انھن لکن سٺي ڪرت تي انعام لاءِ ساراهُن (Citions for Awards) کان وڌيڪ آهي جيڪي اڄ تائين اعلى فوجي ڪمانڊرن جنگ جي ميدان ۾ پنھنجن هيٺين آفيسرن ۽ جوانن لاءِ لکيون هونديون.
عزت وارا صدر! آءٌ تہ ڪڏهن اهو سوچي بہ نہ پئي سگهيس، اهو تہ منھنجي خواب خيال ۾ بہ ڪو نہ هو، تہ مقدر جو ديوتا ايڏو وڏو اعزاز کنيو حياتيءَ جي هن سھڻي موڙ تي منھنجو اوسيئڙو ڪندڙ هوندو.
جيتوڻيڪ هن ملڪ جي عوام کي بنا مقدمو هلائي قيد ۽ بند ۾ جڪڙي رکڻ واري ڳالھہ چوڻ کان پوءِ اهو چوڻ جي گنجائش ڪا نہ هئي تہ ”سندن حقن کي لتاڙيو پيو وڃي“، پر، بھرحال آءٌ مارشل لا هيڊقئارٽر اي جِي ليگل برانچ جي ساراھہ ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهان. اهي سچ پچ ڏاڍا همت وارا ماڻھو آهن ۽ حالتن تي سندن نظر ڏاڍي گهري آهي. اسين جنھن دور مان گذري رهيا آهيون، ان جون ڪڙايون سندن پھچ کان ٻاهر ناهن. آءٌ سندن ”سوچ جي سچائيءَ “ کي مڃان ٿو، جيتوڻيڪ اهي بندوق منھنجي ڪلھي تي رکي هلائي رهيا آهن. بھرحال، انھن ڪنھن بہ شڪ شبھي جي وٿي ڪا نہ ڇڏي آهي. مـون کي خوشي آهي تہ انھن هن دؤر جي تاريخ جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ باب تہ با مقصد نموني لکي ڇڏيو آهي، تہ عوام جي حقن کي لتاڙيو پيو وڃي.
اهو ڪڏهن مارشل لا حڪومتن جو دستور نہ رهيو آهي. اهو تہ انھن جو ڪڏهن بہ رواج نہ هو. انھن هن ملڪ ۾ ان قسم جي روايت اڳي تہ ڪڏهن بہ نہ وڌي هئي. گهوڙن جي ٻوٿن مان سچائيءَ جو اهو اظھار پڪ ئي بي مثال آهي.
عدالت جا صاحبو! شايد پاڪستان جي عوام مارشل لا زون ”اي“ ۾ ڪنھن کي جيتي ورتو آهي، جو اها صورتحال وجود ۾ آئي.
مون کي اميد ڪونھي تہ ڪو هٿياربند فوجن جي اعلى ڪمانڊر کي هن ڏوھہ-چٺي تي ٺپو هڻڻ کان اڳ گهري نظر مان نڪتل بنيادي انساني حقن تي آخري خطبہ حجتہ الوداع پڙهڻ جو اتفاق ٿيو هجي. ها مون کي اميد ضرور ٿي سگهي ٿي. هُو تازو تازو قبر مان ڪڍيل آئين جي بنيادي حقن بابت شق کان ڪجهہ نہ ڪجهہ سڃاڻپ ضرور رکندو هوندو. جيتوڻيڪ اڄڪلھہ فوجي پنڊت آئين جي آرٽيڪل نمبر-6 بابت تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ رڌل رهيا آهن پر بنيادي انساني حقن جو ٽنگيل نُڪتو ڪجهہ نہ ڪجهہ تہ نظرن مان ڪڍيو هوندائون.
اها ڌار ڳالھہ آهي تہ اڄ جڏهن آءٌ هن ملڪ جي آئين جو حوالو ڏئي رهيو آهيان، تڏهن مون کي بہ ڄاڻ ناهي، تہ هيءُ ڪھڙو آئين آهي! ڇا هِي پوسٽ مارٽم (مرڻ کان پوءِ چيرڦاڙ) جو شڪار 1973ع جي آئين جي ڳالھہ آهي، هڪ ٽنگيل ۽ نِستي آئين جو ذڪر آهي، هڪ رد ڪيل ۽ وڃايل آئيني دستاويز جو معاملو آهي، يا آئين 1985ع جو قصو آهي. منھنجي لاءِ اهو ڄاڻڻ ڏاڍو ضروري آهي تہ آءٌ ڪھڙي دستاويز جو حوالو ڏئي رهيو آهيان. هن ملڪ جي عدليه ۽ ان جا جج ضرورت ۽ ”نظريهء ضرورت“ مطابق پنھنجن قسم نامن کي تازو ڪندا رهيا آهن. فوجن معاملي ۾ ايئن ڪو نہ ٿيو آهي. مون کي ياد ڪونھي، تہ 5-جولاءِ 1977ع کان پوءِ يا وري ”عبوري آئيني حڪم“ هيٺ ڪو قسم کنيو هجي.(1 )
اڄوڪي پاڪستان ۾ ڪنھن شيءِ بابت يقين سان ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي. اسان جو آئين ۽ ان جون شقون هِن ملڪ جي موسمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ منھنجن بنيادي حقن جي ٽنگيل شق ڪھڙين ”نسلي تبديلين“ مان گذري رهي آهي. ڪير چئي سگهي ٿو تہ سڀاڻي صبح جو ان جي ڪھڙي شڪل هوندي!
عدالت جا صدر! جڏهن مون کي پنھنجن انساني حقن جي ڪا خبر ئي ڪانھي، تہ آءٌ انھن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪيئن ڪري سگهندس؟ منھنجي هر پاسي جهالت ۽ ”بي يقينيءَ“ جو پاٽ انڌيرو ڇانيل آهي. خدا جو سُنھن، آءٌ تہ اهو بہ ڪو نہ ٿو ڄاڻان، تہ هماليہ کان آيل ان سنياسي ساڌوءَ( 2) جي هن ڊگهي ڄمار جو ڪھڙو راز آهي.
ان کان اڳ جو آءٌ هِن ملڪ جي عوام جي لتاڙيل حقن جي ڳالھہ ڪريان، مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ انساني حقن جي ڪجهہ انھن چارٽرن (سنَدن، مشورن) جو حوالو ڏئي سگهان جيڪي مڃيل ۽ چڱا ڄاتل سڃاتل آهن. حقن جي ڳالھہ کان اڳ (اڻڄاڻائيءَ جي شڪار هِن ملڪ ۾) اسان کي سڌ تہ هئڻ گهرجي، تہ نيٺ اهي حق ڇا آهن؟ ان سلسلي ۾ آءٌ اوهان جو ڌيان اقوام متحده جي انساني حقن واري چارٽر ڏانھن ڇڪائڻ گهرندس. (اقوام متحده جي) جنرل اسيمبليءَ جي ”تشدد ۽ غير انساني رويي“ خلاف ڪنويشن جي نمبر هڪ کان ٽيويھين شقن تائين جو اڀياس بہ ان معاملي ۾ مفيد ثابت ٿيندو. اهي شقون جنرل اسيمبلي جي تشدد ۽ ٻين سمورين ڏاڍائيءَ وارين ۽ ذلت ڀريل سزائن خلاف اعلان جو حصو آهن. اهو عام اعلان آهي جيڪو نوَن سالن جي ڇنڊڇاڻ، اڀياس ۽ جاچ کان پوءِ تازو ئي 4-فيبروري 1985ع تي منظور ڪيو ويو. اهو رياستي ظلم ۽ تشدد خلاف انتھائي تازو ۽ ڏاڍو ڳُوڙهو دستاويز آهي. (توهان جي اطلاع لاء آءٌ اهي سمورا دستاويز پنھنجي بيان سان گڏ ڳنڍي رهيو آهيان.)
انھن دستاويزن سان گڏ هڪ اهڙو بہ آهي جنھن جو ذڪر هتي غير واسطيدار نہ ٿيندو. عوامي جمھوريه افغانستان ان دستاويز تي تصديق جي مھر هڻڻ واري پھرين رياست هئي، جڏهن تہ منھنجي ملڪ پاڪستان جو نالو اڃا تائين انھن ملڪ جي وچور ۾ شامل نہ ٿي سگهيو آهي جيڪي ان کي قبول ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.
بھرحال، منھنجي لاءِ اها ڳالھہ ڪا ڳجارت ڪانھي ۽ نہ ئي عجب جو ڪارڻ آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ان جي منظوري اڃا واشنگٽن کان ڪا نہ پھتي آهي. عالمي انسان حقن جي علمبردار گڏيل آمريڪي رياستن جو نالو بہ اڃا تائين انساني قدرن ۽ تحفظ جي ان املھہ دستاويز تي ڪو نہ لڳو آهي.
عوامي انقلابي جمھوري افغانستان جي ان باوقار ۽ همت ڀرئي قدم تي آءٌ ان کي سلام ڪريان ٿو ۽ اڄ هتي، هن فوجي عدالت آڏو ڪالعدم اسلامي جمھوري پاڪستان جي شھريءَ جي حيثيت ۾ انھن کي ۽ سندن عوامي انقلاب کي مڃان ٿو.
مون کي پڪ آهي تہ جڏهن ڊيورنڊ لائين (پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌل انگريزن جي سرحدي ليڪ) جي ٻنھي پاسي وسندڙ ماڻھو هڪٻئي کي مڃي وٺندا، تہ پوءِ نہ جينيوا ٺاھہ پنج، ڇھہ يا اَٺ جي ۽ نہ ئي اسان کي مغربي سرحدن تي ڪنھن پھريدار بيھارڻ جي گهرج پوندي.
عدالت جا صدر! معاف ڪجو، هن ڀيري آءٌ مشرقي پاڪستاني، پاڪستان جي مشھور اڳوڻي جنگباز ڊپلوميٽ جي مملڪت ۾ داخل ٿي ويو آهيان. اهو سورمو جنھن ڪنھن جي چوڻ مطابق، ”مقصد جي اختلاف جي بنياد تي غاصب يحى خانَ جنتا کان تہ استيعفا ڏئي ڇڏي هئي پر اڄڪلھہ انھيءَ نظام جي ڀوتن جو ٽيليران ٿيو بيٺو آهي.( 3)
مون کان هر هر اجائي مداخلت ٿي پئي وڃي، پر اها رڳو ان ڪري آهي جو توهان ”اجائي مداخلت“ ڪرڻ وارن کي ٻڌڻ جي وڏي همت رکو ٿا. اڳين ڏينھن ئي توهان پنھنجي آڏو ”شھادت گاھہ“ (شاهدن جي ڪٽھڙي) ۾ حاضر هڪ پڪي زانيءَ، شرابيءَ ۽ چادر ۽ چوديواريءَ جي ڦوروءَ جِي اسان جي خلاف سرڪار پاران اهم ترين شاهدي وٺي رهيا هيئو.( 4) آءٌ بہ اجائي مداخلت ڪرڻ جو عادي آهيان پر ان فرق سان، تہ آءٌ اهو ڪُوئو آهيان جنھن ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻ جي نيت ڪئي هئي. اجائي مداخلت ڪرڻ مون لاءِ ضروري آهي، ڇو تہ آءٌ تہ گهنڊ وڄائڻ گهران ٿو.
انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي انھيءَ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جيان، جنھن جو ذڪر آءٌ اجهو ڪري رهيو هوس، آءٌ بہ نشي ۾ آهيان، پر شرابُ جنھن جي نشي ۾ آءٌ مخمور آهيان، منھنجو پنھنجو ئي رت آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو، پنھنجي ملڪ لاءِ پنھنجي رت سان ڏيئا ٻارڻ کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪري سگهان، جيتوڻيڪ منھنجيءَ دل ۽ روح جون گهرايون خوابن ۽ اميدن سان ڏٽيل آهن ۽ آءٌ ڃاڻان ٿو، تہ جيڪڏهن اسان منجهان ڪجهہ ئي انھن ڏيئن جي لاٽ ٻاري رکندا تہ هڪ ڏينھن (ٻار) ضرور گهر موٽي ايندا.
پنھنجي آخري بيان جي هِن هنڌ آءٌ لينا گلبرٽ فورڊ (Lena Guilbert Ford) جي ان موچاري گيت جو ذڪر ڪئي بنا رهي نہ ٿو سگهان، جيڪو هُن گهرن ۾ اوسيئڙو ڪندڙ وينجهارن ۽ محاذ تي وڙهندڙ ڇوڪرن بابت لکيو هو:
Keep the Home Fires Burning,
While your hearts are yearning.
Though your lads are far away
They dream of home.
There's a silver lining
Through the dark clouds shining,
Turn the dark cloud inside out
Till the boys come home.
(اوسيئڙي جي ڏيئڙن جي وَٽِ اُوچي رکج،
جو دلين جي ديولن ۾ آسن جا ديرا آهن،
سپاهي پري سھي پر گهر جي خوابن ۾ گم،
ڪارن ڪڪرن ۾ چانديءَ وراڪن چمڪو آهي،
ٽوڙي ڇڏ اهو ڪارو ڪارونڀار، ٽوڙي ڇڏ،
تان جو ڇوڪر گهر موٽي اچن.)
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسان جا ”ڇوڪرا“ اسان جا سپاهي بہ اڄڪلھہ ٻاهر آهن (اٺن سالن کان هلندڙ) پڪنڪ تي، بيشڪ اهي هِن وقت هڪ ظالمانہ لاتعلقيءَ جي حالت ۾ آهن، پر مون کي پڪ آهي تہ شام، جڏهن ساڙيندڙ سج لڙي چڪو هوندو ۽ ”پاڇا“ ڊگها ٿي هلڪا ۽ پيلا پئجي چڪا هوندا، اهي گهر موٽي ايندا.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ چيڀاٽيل ماڻھن جي لتاڙيل حقن جي ڳالھہ ڪندي ڪندي پڪنڪ تي ويل ”ڇوڪرن“ ڏانھن هليو ويس. پڪ رکو تہ قومي گهوٽالي جِي هِن بدترين موسم ۾ انھن جو پڪنڪ تي وڃڻ ڪنھن ”سازش جي ڪيس“ جي ڏاڍي اهم ڪڙي آهي. ان جو نوٽس اوهان کي هر حالت ۾ وٺڻو پوندو. جڏهن توهان هڪ قوم کي سوچڻ سمجهڻ جي ڏيِا کان وانجهو ڪري بي حس ڪري ڇڏيندؤ، تہ توهان پڪ ئي ان کي سڄي ورثي کان وانجهو ڪري رکو ٿا.
بھرحال، اسين حقن ۽ انھن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪري رهيا هئاسون. ان نُڪتي تي آءٌ وڏي واڪ چوان ٿو تہ جيڪڏهن اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽرَ اهو ثابت ڪن تہ منھنجي ڄاڻايل انساني حقن جي چئن چارٽرن مان ڪو هڪ بہ هن وقت منھنجي ملڪ ۾ لاڳو آهي، تہ آءٌ ٿڏي تي ئي هن لعنتي نظام آڏو هٿيار ڦٽا ڪندس جيڪو اسان مٿان مڙهيو ويو آهي.
1. حجتہ الوداع وارو خطبو، خدا جي بزرگ ترين عالم جي آخري رسول جو انساني دنيا لاءِ آخري نياپو .
2. 1973ع جي آئين جي بنيادي انساني حقن بابت شق يا گهٽ ۾ گهٽ قراردادِ مقاصد، جيڪا هن وقت بہ ٽنگيل ناهي.
3. گڏيل قومن جو انساني حقن بابت بين الاقوامي اعلان.
4. جنرل اسيمبليءَ جو تشدد وغيرہ خلاف ڪنوينشن - 1985ع
عين ممڪن آهي تہ انساني حقن جا اهي قانوني-سرشتا خصوصي فاضل وڪيل جي نظرن ۾ ”ٺھڪي“ نہ رهيا هجن، ڇو تہ هِي صاحب انھن ماڻھن جي هڪ ڳنڍ ٿي چڪو آهي جيڪي پنھنجي ذاتي سڌن کي قانون جو روپ ڏيندا رهندا آهن، پنھنجيءَ منشا ۽ رضا مطابق انھن جي تشريح ڪرڻ جا عادي آهن، ۽ پنھنجي پنڪيءَ ۾ جڏهن گُهرن تڏهن انھن کي ٽوڙي ڦاڙي ڇڏيندا آهن. هونئن جيڪڏهن فريادي ڌر جو وڪيل خواهش ظاهر ڪري تہ هيءُ منَ موجي (فوجي) تنھن کي انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنجون ڪوڊ (قانوني ڇڳو، يا نظام) بہ ٺاهي ڏئي سگهي ٿو جيڪو عملي طرح مون تي ۽ منھنجن ٻين تھمت-لڳل ساٿين تي مڙهيل رهيو آهي.
تاريخ جي ريڪارڊ لاءِ، عزت واري ڪورٽ، سرڪاري وڪيلن کي حڪم ڏيو تہ اهي منھنجي سوال جو جواب ڏين. آءٌ انھن کي چئلينج (مقابلي لاءِ للڪار) ڪري ڪو نہ رهيو آهيان. هيءَ ٻولي ۽ تکو لھجو تہ مون ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل هن ظالم نظام لاءِ مخصوص ڪري رکيو آهي، جو اڄ 25-مئي تي بہ هن قوم مٿان مڙهيل آهي، جڏهن تہ چون ٿا تہ اسلام آباد ۾ هڪ پارليامينٽ گڏجاڻي ڪري رهي آهي.
عدالت جا صدر! گذريل اٺن ورهين ۾ اسان پاڇولن تي ڀاڙڻ سکيو آهي. اڄ اسان ادارن ۽ تنظيمن بدران ”پاڇا“ پالي رکيا آهن. اسان جي ”پياري“ وزيراعظم (محمد خان جوڻيجو) نااميدن جي اميد، پارليامينٽ، ۾ پنھنجي پھرين تقرير ڏاڍي ”اڻڄاڻائيءَ“ ۾ اهو اعلان ڪيو هو تہ هڪ سوِلين (غير فوجي، شھري) يعني هڪ مھذب حڪومت ۽ مارشل لا يعني فوجي تاناساهي گڏجي هلي نہ ٿا سگهن.
آءٌ لاهور ۽ بالاحصار جي قلعن ۽ هري پور، ميانوالي ۽ خيرپور جي جيلن جي ڪھڙي ڳالھہ ڪيان! هتي هن قلعي اٽڪ ۾، اسين اڄ بہ اسلام آباد جي پارليامينٽ جي پور وڇوٽيءَ ۾ هڪ سيشن (فوجي ڪورٽ جي گڏجاڻي) ڪيون ويٺا آهيون. ڇا اها مارشل لا ۽ سول حڪومت گڏجي هلي نہ ٿا سگهن واري نعري کي کلي عام ڪوڙو ثابت نہ ٿي ڪري؟
جيتوڻيڪ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ وزيراعظم جو مٿي ذڪر ڪيل اعلان ڪجهہ گهڙيون پوءِ ئي هڪ نسبتاً وڌيڪ زوراور اطلاعات ۽ نشريات جي سيڪريٽري، هڪ ليفٽننٽ جنرل(5 ) قومي آثارن، مان مٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا پر، بھرحال، اهو ذائقي جي تبديليءَ جي ڳولا ۾ ڦرندڙ هڪ ”کودڙي پريس“ وسيلي اسان تائين وري بہ پھچي ٿي ويو.
قومي پريس بابت اها ”غير پارلياماني“ (اڻ سڌريل) ٻولي ڪتب آڻڻ تي مون کي معاف ڪجو. ذاتي طرح مون کي بہ ڪجهہ سٺي نہ ٿي لڳي، پر پڪ رکو تہ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو سٺو لفظ ڪونھي.
اها حقيقت آهي هن سينسرشپ (ضابطي موجب ڪٽڻ) جي نشئي ملڪ ۾ عملي طرح ٽن قسمن جي پريس آهي. آءٌ پِيلِي صحافت،( 6 ) ان جي ”پڦاٽن“ جو ذڪر نہ ڪندس. مون کي تہ پنھنجيءَ سوچ، پنھنجي دَور جي ڳالھہ ڪرڻي آهي. مون لاءِ هيءَ يا تہ پيدائشي ”کدڙي“ پريس آهي يا ورِي ”خصِي صحافت“ يا وري چوٿون ٿنبو (ٺُلھہ) رنگ جنس مٽائيندڙ سانڊي جو.
”نسلِي کدڙا“ سينسر شپ جا عادتي اهي صحافي آهن جن جون ڪجهہ سَڌون ۽ ڪجهہ سوچون تہ هونديون آهن پر کين خبر نہ هوندي آهي تہ ڪاڏي وڃن ۽ ڇا ڪن. خصي اهي، جن کان سندن احساس بہ ڇني ورتا ويندا آهن ۽ ”جنسي تبديلي جا سانڊا“، اهي لانگ پلي (ڊگهو مدو هلندڙ) ريڪارڊ جن کي ٻڌڻ کان پوءِ توهان انھن کي اونڌو ڪري سگهو ٿا ۽ وري اونڌو ڪري سگهو ٿا.
۽ مسٽر پريزيڊنٽ! اوهان ڄاڻو ٿا تہ ريڪارڊن سان کيڏڻ ڪيڏي نہ دلچسپ وندر هوندي آهي! ريڪارڊ چاڙهڻ ۽ انھن سان کيڏڻ، پوءِ ڇو نہ اهي قومي آثارن جا ريڪارڊ هجن، ڊسڪو لانگ-پلي هجن يا لنڊن ۾ انڊيا آفيس جا ريڪارڊ، اها ڏاڍي ڊگهي ذهني عياشي هوندي آهي، اها گهڻن کي ئي سندن پنھنجي ضمير کي ئي ٿپڪيون ڏئي سمھارڻ جو وجهہ مھيا ڪندي آهي.
مون کي انھيءَ ساھہ ۾ ريڪارڊ چاڙهڻ ۽ ان سان کيڏڻ جي لاڳاپيل معاملن بابت ڪجهہ واسطيدار لفظ بہ چوڻ ڏيو (جيتوڻيڪ توهان ڌيان ڏيندَو تہ ايڏو اڻ لاڳاپيل بہ نہ لڳندا. ريڪارڊن سان کيڏندڙ سڀئي ماڻھو ڪجهہ ان قسم جا هونداآهن).
هِي ”ويسٽ لئنڊ فائر سرمن“ (Wasteland - fire serman) ۾ ٽِي ايس ايليٽ جي سھڻي سوچ (جو جھڙوڪر اَڍَنگو ترجمو) آهي.
When lovely woman stoops to folly and
Paces about her room again, alone,
She smoothers her hair with automatic hand
And puts a record on the gramophone.
(هڪ پياري گُجر ”چُڪ“ کان واندِي ٿي، پنھنجي ننڍ-ڪمري ۾ اڪيلي سر ٽلندي ڏڪندڙ هٿن سان ٽڙيل وار سڌا ڪندي، فوني تي ريڪارڊ چاڙهي پئي!)
اڄ جڏهن هِن بند عدالتي ڪمري ۾ موجود ”تيل کان خالي“ سمورا شيخ ۽ ڪجهہ بي زمين چوڌرين کان سواءِ باقي سمورن ماڻھن کي روزو آهي، منھنجي سرڪش زبان مان هڪ پياري (پر هاڻي لُچي لفنگي) گجر جي بدچاليءَ جو ذڪر ”ڀڙڪاءَ“ کان گهٽ ناهي. هِن، بدنامه زمانہ قلعي جي فضائن ۽ ڪوٽن جي اوسي پاسي اڳ ئي سازش ۽ افسانن جو گهيرو آهي. اڃا بہ ٻِي سازش ڳاٽي ۾ پوڻ جو خطرو نہ هجي ها تہ آءٌ انھن ”کوجي“ شيخن مان شيخ احمد وحيد اختر ۽ چوڌرين ۾ زميندار اعتزاز احسن(7 ) جو نالو ضرور وٺان ها.
پر آءٌ ايئن نہ چوندس. مون کي وري پيدا ٿيل ڪجهہ مسلمانن کان ڀؤ ٿي رهيو آهي، جڏهن تہ اهو ڄاڻان ٿو تہ رمضان-آرڊينس جو احترام رڳو برانچ (ننڍڙين) لائينن جي کٽارا بس مسافر نون-مسلمانن لاءِ گهڙيو ويو آهي.
منھنجو خيال آهي تہ آءٌ عوامي حقن جي کسجڻ ۽ لتاڙ بابت لوٿر جي گيتن ۽ گجرن جو ذڪر گهڻو ڪري چڪو آهيان.
اهو ذڪر ڪندي آءٌ ذرو بہ نہ هٻڪيو آهيان، تہ هِن بند ڪمري ۽ قلعي جي اوسي پاسي نئين اسلام جي حڪمراني آهي، رڳو ان ڪري جو خدا اڄڪلھہ پوريءَ طرح منھنجو واهرو آهي.
عزت واري ڪورٽ! خدا نہ تہ توهان جي ڌڙي ۾ آهي ۽ نہ ئي سرڪاري وڪيلن جي ڌر ۾، پر هُو مون سان گڏ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند هوندو آهي. هِن هال ۾ تہ هڪ اهڙي تاناشاهي حاڪم جي حاڪميت آهي جيڪو اوهان سڀني جي چوڻ موجب سمورن افساني ۽ خدائي قانونن کان مٿاهون آهي.
سائين منھنجا ! توهان جي ڳوٺائي درشن سنگهہ آواره ان صورتحال جي ترجماني هيئن ڪئي آهي:
تي مُلاني سوٽا ڦڙيا اي
رب اپڻي پگ بچاوڻ لَئي
”ايٿي چڪيان“ وچ آ وڙيا اي(8 )
(آواز جي ڏِنگين وارا لفظ منھنجي ڪيل ڦيرڦار آهن، جن جي لاءِ سردار جِي کان معافي گهران ٿو، پر جيڪڏهن سردار جي کان منھنجي ان معذرت ۾ توهان کي ڪنھن ”پرڏيھي“ طاقت سان، جتي هن 1947ع کان پوءِ پناھہ ورتي، ڳٺ جوڙ جِي بوءِ ايندي هجي، تہ آءٌ هاڻي ئي اها ڳالھہ بند ڪيان.)
سائين منھنجا! آءٌ ماڻھن جي حقن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس، تہ وچ ۾ خدائي قانونن جي بي عزتيءَ جو مسئلو اچي ويو. توهان ڄاڻو ٿا تہ جڏهن خدائي قانون کي بہ نظر انداز ڪيو وڃي، تہ باقي رڳو ذلت ۽ غلاميءَ جا ڪِريل قانون ئي رهجي وڃن ٿا.
هيءَ ويجهڙ جي ئي ڳالھہ آهي تہ هڪ محترمہ خاتون بيگم تنوير مسعود ميارِي نمبر-17 جي صفائيءَ واري شاهد طور اوهان آڏو پيش ٿي هئي. توهان کي ياد هوندو تہ سندس شاهدي شروع ٿيڻ کان اڳ مون خصوصي سرڪاري وڪيل کان ان بابت ڪھڙي وضاحت گُهري هئي. مون ان کان پڇيو هو تہ ڇا محترمہ جي شاهدي هڪ سڄي ماڻھوءَ جي هوندي يا اڌ جي؟ شيخ صاحب کي اڃا بہ منھنجي سوال جو جواب ڏيڻو آهي. آءٌ انتظار ڪري رهيو آهيان ۽ منھنجو خيال آهي تہ اوسيئڙي جي حالت ۾ ئي رهندس. خدا ڪري تہ هو هڪ ڏينھن پاڻ هلي اچي ۽ مون کي ٻڌائي سگهي تہ ان معاملي ۾ منھنجا خدشا بي بنياد هئا ۽ اهو تہ اسان جي ملڪ جون عورتون ۽ مرد هڪ جهڙن ئي حقن جا مالڪ آهن.
آءٌ اوهان جو وقت ان عيسائي جوڙي جي ڏاکڙي جو ذڪر ڪري ضايع نہ ڪندس جنھن کي هڪ ”اسلامي شرعي عدالت“ قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي آهي. ان عورت کي ڪراچيءَ ۾ کُلي عام ڦٽڪا هڻڻ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
اها ڪراچي جنھن کي اسان هن ئي دَور ۾ بھاري ڪراچيءَ، پٺاڻ ڪراچيءَ، پنجابي ۽ سنڌي ڪراچيءَ ۽ شيعو ۽ سُني ڪراچيءَ ۾ ورهائي رکيو آهي. هڪ ورهاست 1947ع ٿي هئي، اها ورهاست هِندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ٿي هئي. گذريل اٺن سالن ۾ اسان فيصلو ڪيو تہ اسين ورهاست مٿان ورهاست ۽ اڃا وڌيڪ ورهاست ڪري، هن سڄي ملڪ کي ڪارنر پلاٽن ۽ نفرت جي ٻيٽن ۾ ورهائي ڦٽو ڪيون.
ان اڀي ۽ ويڪري چيرڦاڙ ورهاست جِي موجوديءَ ۾ آءٌ ڪھڙن انساني حقن جي ڳالھہ ڪري سگهان ٿو.
آءٌ نواب پور جي مشھور ڏاکڙي جو ذڪر نہ ڪندس جنھن ۾ عورتن جون لِيڙون ڦاڙي کين اگهاڙو ڪيو ويو، سندن لڄ لٽي وئي ۽ پوءِ کين پنھنجن ئي اگهاڙن ڀائرن سان ڳوٺ جي گهٽيءَ ۾ بئنڊ باجي سان گڏ پريڊ ڪرڻ تي لاچار ڪيو ويو. گذريل هڪ سال کان ان مقدمي جو فيصلو (خليفتہ المسلمين) اسان جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ميز تي منظوريءَ لاءِ پيو آهي...... [هتي بيان جا ڪجهہ صفحا گم آهن.] ...... ڌاڙن جا واقعا ٿيا جڏهن تہ هن اسلامي ڏهاڪي ۾ اٺھتر هزار اهڙيون وارداتون ٿيون. تاناشاهي دَور ۾ رسه گيري جا سٺ هزار ڪيس داخل ٿيا جڏهن تہ ايڏي ئي مدت ۾ گذريل دَور ۾ ان جي ٽئين حصي جيتريون وارداتون بہ نہ ٿيون هيون.
چوپائي مال جي چوري ڪا معمولي ڳالھہ ناهي. هڪ هاري جڏهن هڪ مينھن وڃائي ٿو تہ سندس اڌ ڪائنات ختم ٿي وڃي ٿي.
هڪ ٻار جو اغوا پڪ ئي هڪ ڳئونءَ جي چوريءَ کان وڏي صدمي ۽ نقصان جو ڪارڻ ٿيندو آهي. هن جو نيلي دور ۾ ان بدترين ڏوھہ ۾ سؤ في سيڪڙو واڌ ٿي. 1974ع ۾ اهڙا 45 واقعا ٿيا، جڏهن تہ رڳو 1983ع ۾ 107 ٻار اغوا ٿيا. تازو ئي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي خواهشن جي احترام ۾ ست لک رپيا ڀُنگ ڏئي هڪ ابھم ٻار کي آزاد ڪرايو ويو آهي. نيٺ ڪيترا ٻار ۽ سندن وڏا ايڏا ڀاڳ ڀريا ٿي سگهن ٿا، ڪيترن ڏانھن جنرل جي سخي نظر ايئن پئجي سگهي ٿي ۽ ڪيترن لاءِ هُو ذاتي طرح مداخلت ڪندو؟
اڃا، تازو ئي هڪ ڏينھن هتي شاهدن جي ڪٽھڙي ۾ هڪ ميجر( 9) توهان کي پنھنجي ڏک ڀري ڪھاڻي ٻڌائي رهيو هو، تہ هن کي ڪيئن انٽيليجنس مافيا اغوا ڪيو ۽ قيد ۾ بند ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ئي فوج مان ڀاڄوڪڙ سڏيو. ان معاملي ۾ مروج قانون جون ٽڳڙيون جيئن اڏايون ويون آهن اها ڪا راز جي ڳالھہ ناهي رهي. خصوصي فاضل وڪيل هن کان پڇيو هو تہ ڇا هُن ان زيادتيءَ خلاف ڪٿي ڪا رپورٽ داخل ڪرائي؟ آءٌ سمجهان ٿو تہ اهو سوال ڪري هن سان ڏاڍو ظالمانہ سلوڪ ڪيو ويو. هن ملڪ ۾ (خاص طرح هن تاناشاهي دَور ۾) ڪھڙو پوليس انسپيڪٽر هڪ ”خدائي گُڻن“ جي دعويدار ليفٽيننٽ خلاف اغوا جو ڪيس لکڻ جي همت ڪري سگهي ٿو.(10 )
جڏهن اوهين سول عدالتن جي آزادي کسي چڪا هجو، جڏهن هڪ بندوقچي ميجر جي ”عدالت“ ۽ ”حڪم“ پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت (سپريم ڪورٽ) جي چيف جسٽس جي ”عدالت“ ۽ ”حڪم“ کان مٿاهين ۽ اوچي هجي، جڏهن عدليا جي ججن کي پنھنجي قول ۽ وچن کان (جمعو جمعو اٺن ڏينھن ۾) منحرف ٿي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويندو هجي ۽ گُهٽيا درجي جا بي مغز نوڪر ججن کي پنھنجي دفتر ۾ گهرائي حاضري ڏيڻ جا قانوني چٺا (سمن) موڪليندا هجن، تہ مون جھڙو هڪ عام شھري هن ملٽري پوليس رياست ۾ ڪھڙن شھري حقن جو دعويدار ٿي سگهي ٿو.
چارجنگ ڪريسيءَ عوام جي حقن جي لتاڙ جي ڳالھہ ڪئي آهي. مسٽر پريزيڊنٽ ! هتي حقن جو سوال ئي ڪيئن پيدا ٿي پيو! هي سوال تہ ان وقت اٿندو جڏهن پھريائين عوام کي ڪجهہ حق ڏيڻ جو اعلان نہ ڪيو وڃي.
منھنجي ڏوھہ-چٺي ۾ ايندڙ تھمت جو ذڪر هيئن اچي ٿو...
***
_____________
1. فوج ۾ خاص طرح، اعلى عملدار عام طرح ۽ اصولن هر سرڪاري نوڪري ڪندڙ کي آئين سان وفاداريءَ جو قسم کڻڻو پوندو آهي. - سنڌيڪار
2. جنرل محمد ضياءُ الحق آف جالنڌر
3. ليفٽيننٽ جنرل صاحبزاده يعقوب خان، فوجي حڪومت جو پرڏيھي وزير
[جيڪو اڄڪلهه جمھوري حڪومت ۽ ليکڪ جي پسنديده پارٽيءَ جو پڻ پرڏيھي وزير آهي. - سنڌيڪار]
4. هن کي نشي ۾ ڪنھن عورت جي لڄ لٽڻ جي ڪوشش سبب ميجر جي حيثيت ۾ آرميءَ مان ڪڍيو ويو هو ۽ پوءِ ساڳئي عھدي تي جنرل غلام جيلانيءَ آءِ ايس آءِ ۾ ايڊجسٽ ڪري ورتو. نيٺ ڇو نه ٿئي ها، اهو ”ٻارهن پٿر“ آفيسر جنرل جيلانيءَ جي ”دلال“ برگيڊيئر عبدالقيوم آف ايبٽ آباد جو ويجهو مائٽ هو.
5. ليفٽيننٽ جنرل مجيب الرحمان، فيصل آباد ۾ 24-ڪروڙن جي سرڪاري ٻنيءَ جو دلال.
6. عام معنائن ۾ ڪوڙي ۽ بلئڪ ميل سانڊي جو. - سنڌيڪار
7. ڪجهه ”ابھم بدڪن“ جا رکوالو، صفائيءَ جا وڪيل.
8. پر وڌيڪ سٺو ته هيئن ٿئي ها:
اندر پريزيڊنٽ ني ڊانگ الاري اي
تي بديع الزمان ني ُسوٽا ڦڙيا اي
رب اپڻي پگ بچاوڻ لئي
اپڻي چڪيان وچ آ وڙيا اي.
9. ميجر اشفاق حسين بخاري، جنھن جو ذڪر آءٌ اڳ ڪري چڪو آهيان.
10. جنرل پڇا هلندي مون کي هنن لفظن ۾ مخاطب ڪيو هو. آءٌ هن ملڪ جي انٽيلِيجنس جو فولادي ماڻهو آهيان. تون ايئن سمجهه ته ختم ٿي چڪو آهين. جنرل ته رهيو هڪ پاسي، منھنجي اهو چوڻ تي ته حياتي ۽ موت جا فيصلا ايس آءِ بي ۾ نه، پر ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيندا آهن. هڪ ساڍن چئن فوٽن جي ڪرنل مون کي گاريون ڏيندي هام هڻندي چيو، ”اها پراڻي ۽ ردي ڳالهه آهي، اهي فيصلا اسان ڪنداسيون“.