جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

اسين سِيسُ نه نِوائينداسون

اسپيشل ملٽري ڪورٽ
(خصوصي لشڪري عدالت)
نمبر 64 قلعو اٽڪ ــ اٽڪ ننڍو آڏو
رياست پاران ميجر آفتاب احمد چوڌري
۽ ٻين سورهن ماڻهن خلاف وِڌل
سازش ڪيس جي سلسلي ۾
وڏي مياري (تھمت-لڳل)
بلوچ رجمنٽ جي 10809–P.S.S

ميجر آفتاب احمد جو بيان


”اسين سِيسُ نه نِوائينداسون“

ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن آءٌ پنجاب پوليس جي اگهاڙين سنگينن جي ڇانوَ ۾ اٽڪ قلعي جي سب-جيل جي انھن ڏاڪن تان لھي رهيو هوس جيڪي منھنجي 17 سالہ سروس ڪئريئر جو شايد آخري ڏاڪو ثابت ٿين تہ اسپيشل سروسز گروپ( 1) جي هڪ جوان شايد ٻڏتر جي حالت ۾ مون کي فوجي سلام ڪيو. جيتوڻيڪ آءٌ ڪن سببن جي ڪري ساڳي گرمجوشيءَ سان کيس جواب نہ ڏئي سگهيس، پر اسان ٻنھي جي اکين ۾ هڪ ٻئي لاءِ هڪ نياپو هو:
”اسين سِيس نہ نِوائينداسون!“
صادق هال(2 ) کان ڪي ٽي وکون ان پاسي سنڌ ريجمينٽ جي پھرين پلاٽون( 3) جي ڪجهہ سپاهين جي ويجهو لنگهيس جن جي پٿريل مُنھن تي پکڙجندڙ فريبي مُرڪ مون کي نظرون چورائڻ تي مجبور ڪيو. ان ڪري جو آءٌ سرحدن تي ڪجهہ پراهين مورچي جي ڪمانَ ڪندي پنھنجو ڪنڌ ۽ نظر مٿي رکي پئي سگهيس پر پنھنجي ئي هِن سپاهيءَ آڏو اهو اڻ ٿيڻو هو جنھن مون کي سرڪاري حڪم جي مڃتا ۾ بي لباس ڪري ڇڏيو هو ـــــ ان ڏوھہ جي ڀوڳنا ۾ جنھن جي معنا جي نہ (ته) سندس ابي ڏاڏي کي خبر هئي جيڪي انگريزن جا جوتا چَٽيندي چَٽيندي زندگي گهاري ويا ۽ نہ ئي شايد سندس اهو پُٽ ڄاڻي سگهندو جيڪو آزاديءَ جي مفھوم جو اڻڄاڻو، هڪ ڦورو نظام جي وڻ-ويڙهيءَ جي پاڇي ۾ پلجي رهيو آهي. انھن سپاهين کان اڳتي هڪ ازلي وفادار سردار بيٺو هو جنھن کي انٽيليجنس جي ناٽڪ رچيندڙ اها همت عطا ڪئي هئي، جنھن جو مظاهرو هو ميداني فوج جي سڀ کان اهم عھدي (رينڪ) چنڊ ۽ تاري (ميجر جو بيج) ڏانھن حقارت ڀرين نظرن سان ڏسندي ڪري رهيو هو. شايد هن ڄاتو پئي تہ عھدي جي انھن نشانن واري گهڻن ئي، آفيسرن کي سرد راتين ۾ تشدد ڪندي رولو ڪتن جيان ماريو ڪُٽيو ويو هو.
اڄ کان ڪي سؤ سال اڳ هڪ صحافي چارلس اينڊرسن چيو هو تہ، ڪُتي ماڻھوءَ کي چَڪيو، اها ڪا خبر ئي ناهي. خبر تہ اها آهي تہ ماڻھوءَ ڪُتي کي کاڌو.
ذلت ۽ تشدد جي انھن راتين مان نڪري اچڻ کان پوءِ آءٌ ان چوڻيءَ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ گهران ٿو. مون کي ان دانشور صحافيءَ کي ٻڌائڻو آهي تہ، ”نہ، خبر تہ ان وقت ٺھندي آهي جڏهن ماڻھو ماڻھوءَ کي ڏاڙهي کائي. جڏهن کان سندن فرض گسٽاپو، ساواڪ ۽ ايس آءِ بي سنڀاليا آهن تڏهن کان ڪُتا تہ مات کائي ماڻھو ٿي پيا آهن.“
جيئن مون کي منھنجا وڏا ٻڌائيندا رهندا آهن، هن کان اڳ مون کي آخري ڪُتي ڪي ڇٽيھہ ورھہ اڳ چَڪيو هو. شايد مون ان جي ڏاڙھہ مان هڏي کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيتوڻيڪ اسين ٻئي بکيا هئاسون پر اها (هڏي) هن جي پورهيي جي ڪمائي هئي ۽ مون ان تي ايئن پئي هٿ وڌو جيئن ڪو جاگيردار پنھنجي هاريءَ جي نوجوان ڌيءُ جي لڄ تي، ڪو صنعتڪار پنھنجي مزدور جي رت ۽ پگهر جي پورهيي تي، ڪو سياستڪار پنھنجي گجگوڙ سان ڪامڻيل لکين ماريل ماڻھن جي حسرتن، تمنائن ۽ خوابن تي ۽ ڪو جنرل ڪارنر (ڪُنڊ وارن) پلاٽن تي جهٽ هڻندو آهي. جيتوڻيڪ آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ دامنِ ڪوھہ(4 ) ۽ برج ڪالونيءَ(5 ) جا سمورا پلاٽ ڪارنر پلاٽ ئي هئا.
معزز عدالت! 1949ع کان جنوري 1984ع تائين، مون کي ڪڏهن بہ ڪنھن ڪتي نہ چڪيو آهي، تان جو جنوري 1984ع ۾ لڳ ڀڳ ٻارهن چنڊ ستارن مون کي نسل ڏکائيندڙ قانون وسيلي ڏاڙهيو آهي. پر ڇا اها ڳالھہ وائڙو ڪندڙ ناهي، تہ ان هوندي ڪا بہ خبر ڪا نہ ٺھي.
ڪُتن جي چَڪڻ جي هن ذڪر ۾، مون کي ڪمانڊو جٿن جو اهو سردار ياد آيو آهي جيڪو اڄ کان ڪي نوَ سال اڳ آزاد ڪشمير جي گادي مظفرآباد ۾ ايس آءِ بِي(6 ) جي چَنبن ۾ اڙجي ويو هو ــــ منھنجو خيال آهي تہ مون کي ان لاءِ بہ هڪ مرثيو چوڻو پوندو ــــ جاچ ڪندي جڏهن کيس اگهاڙو ڪري اذيت ڏني پئي وئي تہ اوچتو دروازو ڀڃي اذيت گاھہ جي پاسي ۾ وهندڙ نيلم نديءَ ۾ ٽپو ڏئي هُو هميشه لاءِ ان جي نيرانجهڙين لھرن ۾ لڙهي ويو. آءٌ انھن ڏينھنِ ۾ اتي ئي نيلم نديءَ يا ڪشن گنگا نديءَ جي ڪنارن تي مقرر ڪيل هوس ــــ شايد توهان مون کان اهو سوال ڪرڻ گُهرو تہ مون ساڳي قسم جي حالتن ۾ انھيءَ سورهيہ سردار جي پيروي ڇو نہ ڪئي؟
صدر عدالت! پامر لائينز جي پاسي ۾ ڪا بہ نيلم ندي ڪا نہ ٿي وهي ــــ اسان جي جاڙِي-گاديءَ (لاهور) جي گندگيءَ ۽ غلاظت جو نشان لئِي نالي (جنھن جي پُلين مٿان لنگهندي اسان جي حاڪمن جي گاڏين جا شيشا چڙهيل هوندا آهن) بہ هڪ انڌي قيديءَ جي پھچ کان پري هئي. جيتوڻيڪ لئي سان ملندڙ جُلندڙ ڌپ ايس آءِ بي جي بوچڙخاني ۾ هر گهڙيءَ ڇانيل رهندي هئي. اها رڳو اتفاق جي ڳالھہ ڪانھي تہ ڪشن گنگا ۽ لئي جي ڪناري جڏهن هڪ جھڙا اهي واقعا ٿيا تہ انھن ٻنھي جاين تي ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان جي حڪمراني هئي.
توهان ضرور ڄاڻيندا هوندؤ تہ ڪشن گنگا جيڪا ان دلير سردار کي ڳِھي وئي، جڏهن ڪنٽرول لائين (سرحد) جي هن پار پھچي ٿي، تڏهن ان کي اسلامي شرف بخشي نيلم چيو ويندو آهي. 1947ع ۾ آزادي وٺڻ کان پوءِ اڄ تائين اسين نالا مٽائڻ، سڃاڻپون وڃائڻ ۽ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ سچ پچ بي مثال مھارت رکندڙ ثابت ٿيا آهيون. هاڻي شايد اهو ئي اسان جي حب الوطنيءَ جو ماپو آهي. گذريل اٺن ورهين ۾ خاص طرح اسان طوهر ڪرڻ جا ڪمال ڏيکاريا آهن. هاڻي تہ رڳو ٽوبہ ٽيڪ سنگهہ ئي بچيو آهي جنھن کي مومن آباد جو نالو ڏيڻ ئي رهجي ويو آهي. ميمن سنگهہ کي تہ اسان ڪملو پڙهائي مومن شاهي ٺاهي ڇڏيو هو ــــ شايد اها 70ع يا 71ع جي ڳالھہ آهي جڏهن رمنا پارڪ ۾ اسان جا ٽائيگر (چِيتا) گجگوڙ ڪري رهيا هئا.
ميمن سنگهہ کان مومن شاهي ۽ پوئتي، تاريخ جي ورقن ۾ هڪ قوم جي عارضي لنگر ۽ سفر جي ڪھاڻي آهي ۽ سب-جيل اٽڪ قلعي کان صادق هال جو سفر هڪ اهڙي سپاهيءَ جو مرثيو، جنھن (جي حياتي ۽ ڪيرئر) جي خاتمي جي اعلان طور هن عدالت ۾ بگل (باجا) وڄايا پيا وڃن، پر ڪيڏي نہ ستم ظريفي آهي جو ٻاهر سنگينون اڃا بہ آسمان ڏانھن اُڀيون آهن.(7 )
ڪي گهڙيون اڳ آءٌ سب-جيل کان عدالتي ڪمري ڏانھن سفر جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس جنھن دوران مون هڪ سردار جي نفرت ڀرين نظرن جي ڳالھہ ڪئي هئي. مان انھن ماڻھن کي ڪا بہ ميار نہ ڏيندس. مون کي انھن سڀني سان همدردي آهي. مون کي انھن جي حالت تي ڏک ۽ پڇتاءُ بہ آهي. ڦاهيءَ جي تختن تي گاھہ نہ نسرندو آهي. اسان جي فوج ۾ هڪ سپاهي رڳو عھدي جي ترقي ماڻيندو آهي، ڪردار ۽ سوچ جو سفر تہ سندس قسمت ۾ ئي ڪونھي. ذهن ۽ دل جي گهراين ۾ تہ هو سدائين موسى خان( 8) هوندو آهي ـــ حڪم جو غلام، مشيني ماڻھو، روبوٽ، ڍول سپاهي جيڪو مرڪندو بہ رڳو ان وقت آهي جڏهن کيس چُونڊِي پاتي وڃي. هُو هٿيار تہ کڻندو آهي پر رڳو حڪمن مطابق پر لوڊشيڊنگ سان گڏ اهي بہ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي ــــ ۽ اهو تہ اسين ڄاڻون ئي ٿا. اسان جي قوم، هي اسان جا ماڻھو، اڄڪلھہ ڏاڍيءَ سخت قسم جي لوڊشيڊنگ (هٿيارن ڦٽ ڪرڻ) جو شڪار ٿا ويٺا آهن. شايد اسين مينھن جي ديوتا جُوپيٽر جي عتاب هيٺ آهيون... هي اٺن ورهين جو ڏُڪر ۽ ڏيوالو!
سپاهين جي معزز عدالت! اڄ آءٌ اوهان جي آڏو جيڪو ڪجهہ پيش ڪري رهيو آهيان، اهي نہ تہ ڪنھن وڪيل جا صفائيءَ لاءِ دليل آهن ۽ نہ ئي هڪ تھمت-لڳل پاران انصاف لاءِ مھڻو، نہ هيءَ توهان کان رحم جي ڪا اپيل آهي ۽ نہ ئي وري هي معزز سرڪاري وڪيلن جي ستل ضمير کي ڌونڌاڙڻ جو جتن ــــ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اڄڪلھہ اسان جي ملڪ ۾ ضمير نالي ڪنھن شيءِ جي ڏاڍي گهڻائي آهي. اسان جي ضلعي ڪچھرين کان سپرين ڪورٽ تائين، پوليس چوڪين کان ڊائريڪٽوريٽ جنرل انٽيليجنس تائين ۽ پٽوار خانن کان سربراھہ مملڪت جي سيڪريٽريٽ تائين هر پاسي ضمير جي حڪمراني آهي. پر مون کي ضمير جي انھن نھرن مان اُڃ اُجهائڻي ناهي. آءٌ ضمير جي عام سجاڳيءَ وسيلي رياست اندر رياست جي هن مقدمي کي تباھہ ڪرڻ نہ گهرندس. آءٌ نہ ٿو گُهران تہ هن سجاڳيءَ جي نتيجي ۾ منھنجي تھمت-لڳن ساٿين کان سواءِ ضمير جا ٺيڪيدار بہ ان جي صدا تي لبيڪ چوندي، اسان جي قطار ۾ گهڙِي اچن.(9 )
آءٌ بھرحال، هِن کان اڳتي ڪجهہ چوڻ کان توهان کي اهو ضرور چوندس ته
Macht doch den zweiten Frenter Laden Auch auf damit Mehr Licht.
”دريءَ جو ٻيو طاق بہ کولي ڇڏيو، تہ جيئن ڪجهہ روشني اندر اچي سگهي!“
توهان جو مغربي جرمنيءَ ۾ رهڻ ۽ ٻولي ڄاڻڻ نظر ۾ رکندي، شايد مون کي اهو چوڻ جي گهرج ڪونھي تہ اِهي اُهي آخري لفظ آهن جيڪي پوين پساهن ۾ پيل گوئٽي پنھنجي صادق هال کان روانگيءَ کان رڳو ڪي گهڙيون اڳ پنھنجيءَ زبان سان چيا هئا. آءٌ اميد ٿو رکان تہ توهين، ٻئِي نہ، تہ بہ هڪ طاق ضرور کليل رکندا.
سپاهين جي عدالت جا برگيڊيئر جج! توهان کي حق آهي تہ توهين هر ان لفظ سان اختلاف ڪريو جيڪو آءٌ چئي رهيو آهيان پر ان سان گڏ مون کي بہ توهان مان اميد آهي تہ توهان پنھنجي حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين منھنجي ان حق جو بہ احترام ڪندؤ تہ آءٌ اهو سڀ ڪجهہ چئي سگهان جيڪو ڪجهہ آءٌ چوڻ گُهران ٿو. ان ڪري آءٌ هتي، هن گَهڙيءَ اهو اعلان ڪيان ٿو تہ هِن عدالت ۾ والٽيئرُ، جج ۽ تھمت-لڳل جي وچ واري پُل هوندو.
منھنجو توهان جي ذات تي ڀروسو ۽ ان جو ايئن کليل اظھار شايد گهڻن کي سيسڙاٽي ڇڏي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ انھيءَ ظاهر ڪيل ڀروسي جي منفي پاڇولن جو شڪار بہ ٿي سگهان ٿو. ان جي ڪري منھنجي سوچ، منھنجا عقيدا، منھنجا مقصد ۽ منھنجي کليل وفاداريءَ جي اعلان بابت شڪ بہ پيدا ٿي سگهي ٿو. آءٌ گهڻو ڪجهہ لوڙي چڪو آهيان، پر ان هوندي بہ مون ۾ ايڏي همت آهي جو آءٌ جيڪو ڪجهہ محسوس ڪيان ٿو، اهو بنا ڪنھن ڊپ جي بيان ڪري سگهان.
توهان جا هٿ هڪ ڪاري قانون جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. اهو قانون جنھن جي ڏڍ تي توهان کي هنن سپاهي آفيسرن جي مقدر جو سڪندر مقرر ڪيو ويو آهي. آءٌ هر حال ۾، ان هوندي بہ پُر اميد رهندس ــــ منھنجي خيال ۾ بيلٽ کان وانجهيل(10 ) هڪ ميجر پاران هِن ڪيس هلندي، ترقي ماڻيندڙ هڪ ميجر جنرل کي هن کان وڌيڪ سٺو، پائدار ۽ آخري آفرين نامو ڪو ٻيو ٿي نہ ٿو سگهي.
مسٽر پريزيڊنٽ ۽ ميمبر صاحبؤ! اڄ آءٌ اوهان جي آڏو قرضيءَ جي حيثيت ۾ نہ، پر هڪ آسودي جي حيثيت ۾ بيٺو آهيان. قرضي آءٌ نہ، پر اوهين آهيو، جن کي منھنجو ۽ منھنجي قوم جو اصل مال وياج سميت موٽائڻو آهي. تاريخ جي هن خاص گهڙيءَ تي آءٌ نہ آهيان جنھن کي هڪ امتحان ۽ آزمائش مان پارِ پوڻو آهي، پر اهو سخت وقت اوهان تي اچي پھتو آهي ــــ هن مھل توهان کي پنھنجو حڪم، پنھنجو فيصلو ۽ ضميرُ تاريخ جي ورقن حوالي ڪرڻو آهي ــــ ان تاريخ جي، جيڪا سڀاڻي توهان جي ڪردار ۽ فيصلي تي هڪ قاضيءَ، هڪ منصف ۽ حاڪم جي صورت ۾ ويٺل هوندي.
آءٌ اوهان کان رحم جي خيرات نہ گهرندس، ڪڏهن بہ نه!
آڻ مڃڻ منھنجن وڏڙن جو وڙ ئي ڪونھي.
عليه کان (ذوالفقار) علي ڀُٽي،
حُسين ابن عليه کان حسن ناصر،
منصور حلاج کان سرمد،
جارجي ديمتروف کان آندري سخاروف ۽
هِن سازش ڪيس جي هن وڏي تھمت-لڳل تائين نہ تہ ڪنھن رعايت، رحم يا معافيءَ جو اڳ ڪو ذڪر ڪيو آهي ۽ نہ ئي آئينده ايئن ڪندو. اسان جي ٻوليءَ ۾ هٿيار ڦٽو ڪرڻ، همت هارڻ يا هٿ مٿي ڪرڻ جو مورڳو وجود ئي ڪونھي. هيءُ قبيلو، هي ماڻھو ۽ هيءُ سفر هڪ اڻٿڪ ۽ اڻکُٽ جدوجھد جا ڏاڪا آهن، جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا تہ حياتي ڳاڙهي، سائي ۽ ڪاري رنگن يعني پنھنجي وجود جي شھادتن کان وانجهيل نہ هجي، تہ اسان کي اها جدوجھد هر قيمت تي جاري رکڻي پوندي.
عدالت جا صدر! توهان پڪ ئي برلن ديوار جي هن پار ريشتاغ( 11) جاءِ ڏٺي هوندي. مون کي اها بہ پڪ آهي تہ توهان ان باھہ جو قصو بہ پڙهيو هوندو. گريگري دميتروف، فان لوبي، گوئرنگ، گوئبلز، ڪارپورل ايڊولف هٽلر، نازي پارٽي ۽ پيپزگ جي ڪينگرو (نام نھاد) عدالت جي ججن جا نالا توهان لاءِ نوان نہ هوندا. منھنجي دعا آهي تہ شل اوهان کي اهي نالا چڱيءَ طرح ياد رهن، ڇو انھن سڀني جا ڀُوت اڄڪلھہ پاڪستان جي دَوري تي نڪتل آهن ۽ اسان کي اهي سڃاڻڻا پوندا.
نوان ڪوٽ(12 ) اڄوڪي پاڪستان جو ريشتاغ وارو قصو آهي. هن گهڙيءَ اوهان جي آڏو هڪ نہ، پر سترهن (جارجي) دميتروف تھمت-لڳل جي صورت ۾ پڪڙ هيٺ ويٺا آهن. فان لُوبي ... ۽ ...( 13) ريشتاغ ويندڙ لاڏلي سرنگهہ مان نڪري اوهان جي آڏو بيان ڏئي چڪا آهن. توهان اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اهي اسان خلاف سرڪاري شاهد طور بيان ڏئي رهيا هئا تڏهن ڊيموڪليس جو خنجر مٿان لڙڪي رهيو هو. انھن جي سڃاڻپ کان پوءِ هاڻي اسان آڏو رڳو هڪ مونجهارو رهجي وڃي ٿو تہ نيٺ ڪارپورل، ريش مارشل، پروپيگنڊا منسٽر ۽ نازي پارٽيءَ جي ان ناٽڪ جا جيڪي خالق، هدايتڪار ۽ ڪردار هئا، اهي ڪٿي آهن؟ منھنجو خيال آهي تہ هيءَ حقيقت توهان جي نظرن ۾ هوندي تہ پارليامينٽ ڏانھن ويندڙ زمين-هيٺان رستو ريش مارشل (گوئرنگ) جي بنگلي مان ئي نڪرندو هو. جيڪڏهن توهان ايترو ڄاڻو ٿا تہ پاڪستاني ريشتاغ جي قصي ۾ اصل ڏوهارين جي ڳولا ۽ باھہ ڏيڻ جو ڏوھہ ڪنھن ڪيو، اهو توهان لاءِ ڏکيو نہ هئڻ گهرجي.( 14)
جيڪڏهن ريشتاغ جي باھہ جو مطلب فاشزم خلاف جرمن قوم جي ضمير جو آواز (جرمن ڪميونسٽ پارٽي) کي ختم ڪرڻو هو تہ نوان ڪوٽ جي جنگي ويڙهاند ۽ ڪارروائيءَ جو مقصد مارشل لا جي ڄمار ۾ جنتا جي پنھنجي قطارن مان پھرين ۽ آخري عظيم پاڪائيءَ لاءِ راھہ هموار ڪرڻي هئي. جيتوڻيڪ ابتدا ۾ مون کي ٻڌايو ويو تہ هي ڪيس پاڪستاني قوم جي ضمير جو آواز پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. نئين اڇي-چٺي جون ڳالھيون بہ گهڻيون ئي ٿيون ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس جي ڳالھہ بہ ٿي.(15)
اهو فيبروري 1984ع جي ابتدائي ڏينھنِ جو ذڪر آهي جڏهن اسان کي گرفتار ٿئي ڏيڍ مھينو کن ٿيو هو. انھن ڏينھنِ ۾ ڪنھن ان وقت جي وائيس چيف آف دَ اسٽاف (جنرل سوار خان) کي وينتي ڪئي تہ هڪ گم-ڪيل فوجي آفيسر جي مائٽن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو تہ ٻڌايو وڃي تہ هُو جيئرو بہ آهي يا ڪُسجي ويو. ان سولي سوال جو جواب چمڪندڙ چئن ستارن واري جنرل ڪجهہ هيئن ڏنو هو تہ ”مان توهان کي منٿ ٿو ڪيان تہ ان موضوع تي مون سان نہ ڳالھايو، شڪاري ڪتا هر پاسي پکڙيل آهن. مون کي تہ اها بہ خبر ڪونھي تہ سڀاڻي مون سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.
مسٽر پريزيڊنٽ! شڪاري ڪتن جي ڪھاڻي ڪا اڻلڀ يا اڻڄاتل ڪھاڻي ڪانھي. اها ڪھاڻي ٻڌي، هن قوم جي دل ۽ دماغ ۾ خطري، ڳڻتيءَ يا مونجهہ جون ڪي بہ گهنٽيون ڪو نہ وڄنديون آهن. مون کي ياد آهي تہ مون 1977ع ۾ هڪ ئي ماڻھوءَ، هڪ حُر مرد کي شھر جي مشغول چؤواٽي تي رڙيون ڪندي ٻڌو هو تہ شڪاري ڪتا سندس رت چَٽڻ گهرن ٿا.( 16) اڄ شڪاري ڪتن جو نشانو اهي ٻئي ماڻھو ڏسڻ ۾ بہ نہ ٿا اچن، جيتوڻيڪ هڪ لکين ماڻھن جي دلين ۽ انھن جي يادن ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو پاڻ لک پتي ٿيو پنھنجي سُھڻي وِلا (گهر) جي ڀتين پٺيان بدناميءَ ۽ گمناميءَ جي وچ ۾ ڪٿي لڪو ويٺو آهي.
بائيبل (انجيل) شايد ان جھڙي لک پتي جنرل لاءِ ئي تہ چوي ٿو: ”انھن هوا جا ٻج پوکيا آهن ۽ اهي دلير دلين جو فصل ڪاٽيندا“ ۽ اهو حُر مرد، شاعر جي زبان سان هيئن ڳالھائي ٿو:
اي صاحب، صليب مُجهي جان عزيز ٿِي،
ميرا ڪمال، مرثيہ خواني ۾ ديکنا!
اڄ آءٌ پڪيءَ پڪ سان چوان ٿو تہ (سوار خان جيان) هِن ڏاکڙي جي ٻين ڪردارن کي بہ ترت يا دير سندن ”لُمبو“ ۽ ”لَڏو“ ضرور ملندا.
ٻي ڏينھن، جڏهن مون کي ڪنھن ماڻھوءَ جنرل جي ان ردعمل بابت ٻڌايو تہ آءٌ عدالت جي پاسي واري ڪمري ۾، جيڪو ملاقات واري ڏينھن ريلوي پليٽفارم جھڙو لڳندو آهي، دل کولي کِلي پيس. پنھنجي پنھنجي پياري قيديءَ سان ڳالھيون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ملاقاتين جي انبوھہ منھنجي ان وحشي ٽھڪ سبب ڇرڪ ڀريو، پر آءٌ پُر ٿي مرڪندو رهيس. توهان ڄاڻو ئي ٿا تہ مُرڪون ۽ ٽھڪ هن جڳ-بدنام قلعي ۾ ڪيتري نہ اڻلڀ جنس آهن. جنرل جي ڳالھہ سبب مون کي منھنجي بابا جي ياد آئي هئي جنھن کان مون سندس مرڻ کان ٿورو اڳ سوال ڪيو هو تہ هُو ڪجهہ لفظن ۾ مون کي خاڪي ۾ پنھنجي تجربن ۽ تاثرن جو نچوڙ ٻڌائي. منھنجو سوال ٻڌي هو پنھنجيءَ ڏاڙهيءَ ۽ مڇن وچ ۾ ئي ڳجهو مرڪيو هو!
”پتر! اَسي هَر ويلي فڪرمند رَهدي هان ڪه ڪُج هُوَڻ والا اي تي سوچديان رهويدا سي ڪه جي هوڻي هو گئِي تي ڦِر ڪِي هو وي گا، تي ساهدِي وال پيران تُون سِر تائين چِٽي هو گئِي اس اَنھونِي نُون روڪڻ لئہ جهيڙي ڪَدي وِي نان هوئي.“
(پُٽ! اسين هر ويل ڳڻتيءَ ۾ رهندا هئاسين تہ ڪجهہ ٿيڻ وارو آهي ۽ اسين انھيءَ سوچ ۾ رهندا هئاسون تہ جيڪڏهن ٿيڻ وارو ٿي پيو تہ پوءِ ڇا ٿيندو ۽ انھيءَ ڳالھہ جي پيش بنديءَ لاءِ سوچيندي سوچيندي جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي. اسان جا وار پيرن کان مٿي تائين اڇا ٿي ويا.)
منھنجو خيال آهي تہ عظيم پاڪائيءَ لاءِ ڪڍيل جرنلن کي بہ خبر پئجي نہ سگهي هئي تہ انھن سان ڇا ٿيڻ وارو آهي. اهو ئي تہ هڪ سپاهيءَ کان ويندي جنرل تائين سڀني جو ڏاکڙو آهي.
معزز عدالت! مون پنھنجن سينئرن کان موقعي پرستيءَ جو ڪجهہ نہ ڪجهہ تبرڪ حاصل ڪيو آهي. ان ڪري آءٌ انھن گهڙين کي، جيڪي منھنجي وس ۾ آهن، نوان ڪوٽ جي باھہ جي سلسلي ۾ ڏوهاري مھانڊن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ سگهندس. هونئن بہ اوندھہ ڇانئجڻ کان اڳ ئي انھن مھانڊن جي سڃاڻپ ڪري ڇڏڻ انتھائي ضروري آهي.
ڏوهن جي تاريخ ۾، شام جو ستين وڳي کان پوءِ لکايل ايف آءِ آر شڪايت ڪندڙ جي ڪوڙ ۽ هٿ ٺوڪيءَ کي ثابت ڪرڻ ۾ ڪو مڙيو ئي معمولي مدد ڏيندي آهي.( 17 ) ان سڃاڻپ-پريڊ ۾ اسان کي نوان ڪوٽ جي جنگي ويڙهاند جي ميجر ڊومو( 18 ) کي ڳولي ڪڍڻو پوندو ۽ ان سان گڏ ئي شھنشاھہ-بادشاھہ جي غلامن جي ان نسل جي نشاندهي ڪرڻي پوندي جيڪو ”آڌيءَ رات جي ٻارن“ جي مقدر ۽ مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ عدالت جو ٻھروپ ڪري ويٺو آهي.
اسان کي ڄاڻڻو پوندو تہ ڪجهہ عرصو اڳ چيف آف دَ آرمي اسٽاف ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر تي اهو راز ڪنھن کوليو هو تہ هُو رڳو لڄا لُٽ ۾ ماهر محافظ(19 ) جي هوشياريءَ سبب هڪ نفسياتي ماهردهشتگرد جي گولين جو نشانو ٿيڻ کان بچي ويو هو.نفسياتي ماهر، منھنجو هڪ دوست ميجر، جنھن کي انٽيليجنس جا ايجنٽ انتھائي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ سان نوان ڪوٽ جي ڪوڙڪيءَ اندر وٺي آيا ۽ جنھن کي سياچن گليشيئر جي سُورهيَن هڪ مثالي ڪلاسيڪي ملٽري آپريشن ۾ ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو سرڪار جي پھرين ڪُوڙي ايف آءِ آر موجب ساڍا اَٺ مڻ چرس ۽ 7.62 ملي ميٽر قطر جي سب مشين گنن ۽ 9 ملي ميٽر جي گولين سان اٺن ورهين جي اونھي مورچي بند تاناشاهي فوجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڀاڄ کائي رهيو هو. اهڙي جنتا جيڪا نَھن کان چوٽيءَ تائين هٿياربند پنج لک سپاهين، ايف-16 جھازن ۽ ايگزاسسٽ ۽ هارپُون ميزائيلن سان ڀَري تَري ڄمي ويٺي آهي.
سام ماڻڪ شاھہ جي هٿان ٽُٽل هن ملڪ لاءِ اها ڳالھہ سوين ڀيرا فخر لائق آهي تہ نوان ڪوٽ ٿاڻو توب خاني جي هڪ ليفٽيننٽ جنرل جي ڪمان ۾ ان جي ٺيڪ پنھنجي تيار ڪيل اعلى جنگي منصوبن ۽ طريقن موجب فتح ڪيو ويو. پر ڪيڏا نہ خطرناڪ ارادا هئا انھن تخريبڪار آفيسرن جا! ميري جوانا وسيلي عام مدهوشي، پوءِ قتل ۽ تباهي ۽ پوءِ بغاوت ۽ اقتدار تي قبضو!
اهو منھنجي ڄاڻ ۽ سوچ جي حدن ۾ وائڙو ڪندڙ واڌاري جو موقعو آهي. ان کان اڳ منھنجي سوچ رڳو ان حد تائين محدود هئي تہ رڳو هڪ اگهاڙي ۽ سخت طاقت ئي هڪ حڪمران ٽولي کي بدعنوان (ڪَرپٽ، ڪُلڇڻو)، گمراھہ ۽ مدهوش ڪري سگهي ٿي. ڪاش! عوامي لڙاين جا ماهر ۽ سورهيہ مائو زي تنگ، فيڊل ڪاسترو، چي گويرا، هوچي منھہ، ياسر عرفات، نور مسوري، بن بيلا ۽ گياپ ڄاڻيندا هجن ها تہ ڪچو چرس انقلابي جدوجھد کي اڃا بہ تيز ڪرڻ ۾ ڪھڙا ڪھڙا معجزا ڏيکاري سگهي ٿو.
مون کي ياد پوي ٿو تہ اسڪول جي ڏينھنِ ۾ منھنجو منشي سدائين چوندو رهندو هو تہ اسين سورهيہ (هيرا) پيدا ڪرڻ واري قوم آهيون.جڏهن تہ پٽڪي واري ان پوڙهي استاد ڪڏهن بہ منھنجي ڳوٺ جي ويجهڙ واري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سورهيہ پورس جو نالو نہ ورتو هو پر پوءِ بہ طارق موسى، ابنِ قاسم، محمود غزنوي ۽ غرناطہ جو بابر سڀ ئي منھنجي لاءِ سورهيہ ٿي پيا هئا. اڄ چرس ۽ انقلاب جي ناتي جو ذڪر ڪندي، آءٌ سوچي رهيو آهيان تہ شايد منشيءَ ۽ سندس سورهيَن جا ڏينھن پُورا ٿي ويا. جڏهن کان هن ملڪ ۾ اسلامائيزيشن شروع ٿي آهي، تڏهن کان اسان رڳو هيروئنون ۽ هيروئن پيدا ڪرڻ ۽ پھچائڻ شروع ڪيون آهن. هيروئنون تيل جي بادشاهن لاءِ ۽ هيروئن سڄيءَ دنيا جي جواني تباھہ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ.
مسٽر پريزيڊنٽ! اتريَن علائقن ۾ سردار ولي خان ڪوڪي خيل جي بي مثال گڏيل ۽ مڃيل ڪمان هيٺ آفريدي ۽ شنوارين جي ڏينھن ڏٺي بغاوت ۽ ان خبر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا اسان جي لاءِ ڪا بہ اهميت نہ ٿا رکن. خيبر لَڪ ۾ ڀڙڪندڙ بغاوت جي اُلن جيان ملڪ جي ٻين جبلن، ماٿرين ۽ وارياسن ۾ بغاوت جا جهولندڙ جهنڊا بہ اسان لاءِ ڪا معنى نہ ٿا رکن. اڄ اسان جي سمورن فائر برگيڊن، انفنٽري ۽ آرمرڊ برگيڊن جي سمورين توبن ۽ ٽينڪن جو رخ نوان ڪوٽ جي ريشتاغ ۽ ان جي چرس جي شعلن ڏانھن آهي. رڳو ان ڪري جو اهو رڳو نوان ڪوٽ جو ئي قصو هو جنھن جي دونھين جي آڙ ۽ چادر جي اوٽ ۾ اسلام آباد ۽ ان جي ويجهڙي جنگي ميدان لاءِ نئين ٽولي بازي ڪئي وئي آهي. سائين منھنجا! ان ناٽڪ جي آڙ ۾ ان جنگي ميدان ۾ نوان گهوڙا آندا ويا آهن.( 20 )
اها ٻي ڳالھہ آهي تہ گذريل اٺن ورهين جي سڀ کان اهم ۽ وڏي جنگ اسان نہ تہ مغربي محاذ تي وڙهي آهي جتي اسان سلوارون لاهيون ويٺا آهيون ۽ نہ ئي مشرقي محاذ تي جنھن جي لاءِ تازو ئي اسان چنڊ ۽ تاري واري جهنڊي کي ٽي ڏينھن سوڳ جي حالت ۾ جهڪائي رکيو.(21 ) انھيءَ عرصي ۾ اسان اسلام جي بحالي، نواڻ ۽ سجاڳيءَ جا لڦڙا هنيا آهن يا وري نوان ڪوٽ، راولپنڊي، ڪوٽ لکپت، هري پور، بالا حصار، ناڙا، اٽڪ ۽ ٻين شاهي قلعن ۽ جيلن ۾ مڙسيءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.
ماڻھن جي سڃاڻپ جون ڳالھيون، نون جنگي ميدانن جو ذڪر ۽ هيروئنين ۽ هيرَن جا قصا بيان ڪندي آءٌ پاڪ آرميءَ جي يارهين (ڪھاڙو ڇاپ) انفنٽري ڊويزن جي اڳين مورچن ۾ ٿيندڙ واقعي جي ڪھاڻي بيان ڪرڻ بنا رهي نہ ٿو سگهان. هيءَ انھن ڏينھنِ جي ڳالھہ آهي جڏهن 1971ع جي جنگ ۾ سِيز فائر (ويڙھہ بند ڪيو) يا اڃا بہ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي متبرڪ رسم ادا ٿي چڪي هئي. انھن ئي ڏينھنِ ۾ بِي آر بِي نھر جي هُن پار ڪھاڙو ڇاپ ڊويزن جي ڪمانڊر آرٽلري کي پنھنجي جهنڊي-واري جيپ ڏانھن مٿي-تي-پير رکي ڊوڙندي ڏٺو ويو. رڙيون ڪندڙ هڪ انتھائي جونيئر توبچي آفيسرُ مٽيءَ جو وڏو ڦوڙ کڻي برگيڊيئر پويان پئجي ويو هو. سڙيل سَٽيل، سنهڙو سيپڪڙو ڪمينو توبچي(22 ) هڪ ڀوري ڳاڙهي، ڏاڍي ٺاهوڪي، سھڻي ۽ مٽي ۽ ڌُوڙ کان پاڪ ڌوتل برگيڊيئر جي انھي اڻڪٿي ۽ بي لحاظ تنقيد ۽ گارين کي سَھي نہ سگهيو هو، جيڪا هُن (برگيڊيئر) وڻن جي ٽارين ۾ ٻڌل پيھي جھڙي او-پِي (جاچ-جاءِ) جي بناوت ۽ اثر بابت ڪئي هئي. 3-ڊسمبر 1971ع کان جڏهن کان اسان جا صف شڪن جنرل اکٻُوٽ جي ابتدا ڪندي مغربي محاذ تي لومڙيءَ جي شڪار لاءِ نڪتا هئا، (16-ڊسمبر واري ڀارتي جنرلن جي ساڻن شاديءَ رات کان پوءِ) هي توبچي آفيسر ۽ ان جي ڪمانڊر جي وچ ۾ پھرين ملاقات هئي ــــ بھرحال، ايس آءِ بِي جي جاچ هلندي جڏهن مون کي ساڳي ئي برگيڊيئر، هاڻي ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان جي بارگاھہ ۾ جاچ لاءِ پيش ڪيو ويو تہ اهو ڄاڻي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي تہ گهٽ ۾ گهٽ نوان ڪوٽ جي جنگي ويڙهاند جي ڪمان جنرل صاحب بذات خود، بنفسِ نفيس فرمائي هئي.
سائين! بِي آر بِي نھر جي هُن پار هڪ آبزرويشن پوسٽ (او پِي) کان نوان ڪوٽ تائين اسان جي جنگي فن جي تاريخ هڪ تمام وڏو ڇال ڏنو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو اسان جو سرحدون اڄ ايتريون محفوظ آهن جيتريون اڳ ڪڏهن بہ نہ هيون.
Mon centre c’ede Ma Recule Situation Excillante J Attaque.
(”منھنجي دل ٻڏي رهي آهي، منھنجي کاٻي پاسي واري فوج پست ٿي رهي آهي، جنگي صورتحال ڏاڍي شاندار آهي. آءٌ ڪاھہ ڪندس.“)
فرانس جي مارشل فوش اڄوڪي پاڪستان بابت اڄ کان ڪيترا ئي ڏهاڪا سال اڳ ڪيڏي نہ پيغمبرانہ اڳڪٿي ڪئي هئي!
مسٽر پريزيڊنٽ ۽ هٿيارن جي عدالت نمبر 64 جا ميمبرؤ! آءٌ پنھنجو بيان انھيءَ ماڻھوءَ جي ذڪر سان شروع ڪريان ٿو جنھن جو نالو جناح هو. اهو جناح جنھن کي منافقَ قائد اعظم جي نالي سان ياد ڪندا آهن ــــ اهو جناح جنھن کي انھن منافقن ڪراچيءَ جي هڪ اهرام ۾ رڳو ان ڪري پُوري رکيو آهي جو اهڙيءَ طرح اُهي ان جي اندر واري ان حُر مرد کي بيدرديءَ سان چيڀاٽي سگهن جنھن جي سموري زندگي ۽ موت جي جدوجھد آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ ۽ آزاديءَ، آچار ۽ ٻين انساني قدرن کي حاصل ڪرڻ واري جدوجھد سان ڀريل هئي.
مون کي ٻڌايو تہ ڇا اهو سچ ناهي تہ توهان بہ هن کي ’قوم جو ابو‘ سڏي ياد ڪندا آهيو؟
جيتوڻيڪ مون کي سوال ڪرڻ جي گهرج نہ هئي، ڇو تہ توهان جي جواب جي اڳواٽ ئي خبر آهي. هڪ خاص سچي پاڪستانيءَ جو جواب ’ها‘ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي! مون کي اهو بہ احساس آهي تہ گهٽ ۾ گهٽ ان معاملي ۾ آءٌ ۽ توهان شايد هڪ ئي سطح تان ڳالھائي رهيا آهيون تنھنڪري جيڪڏهن آءٌ توهان کي خصوصي قانونن، خصوصي عدالتن ۽ خصوصي ٽريبيولن بابت (توهان ۽ توهان جي اَبي) جناح جي فيصلي ۽ فرمان کان واقف ڪيان تہ اهو ڪم ڏاڍو مناسب ۽ گهرج موجب هوندو. اهو منھنجو ان معاملي ۾ پھريون فرض آهي ۽ ان کي پورو ڪندي آءٌ ڪڻي برابر بہ نہ لنوائيندس ــــ اها ياد اوهان کي ضرور ڏياريندس.
منھنجي ۽ توهان جي لاءِ هن ناتي جي حوالي سان جيڪو مون کي ۽ اوهان کي جناح سان آهي، اها نہ تہ ڪا مشاهدي جي ڳالھہ آهي ۽ نہ ئي ڇنڊڇاڻ جي، جنھن جي پوئواري، جيڪڏهن اسان ان جي ناخلف اولاد نہ ٿا چورائڻ گهرون تہ اسان کي هر حالت ۾ ڪرڻي پوندي. آءٌ انھن ڏينھنِ جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان جڏهن انڊين (ننڍي کنڊ جي) قانون ساز اسيمبليءَ ۾ بنگال ڪرائيمز (ڏوهن بابت) ريگيوليشنز (قانونَ) بحث هيٺ هيا. جا هي اهو وقت هو جڏهن ڀڳت سنگهہ، دت جيندر داس، اشفاق ﷲ خان، غازي عبدالقيوم، غازي علم الدين، هنس راج ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي ذات جا آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مجاهد تہ رهيا هڪ پاسي، ”سونار بنگلا“ (سونھري، سھڻو بنگال) جون وڏين اکين واريون ڪماريون بہ بارودي بندوقون، تلوارون، خنجر ۽ تير ڪمان کنيو قدرت ﷲ شھاب، الطاف گوهر، غلام اسحاق خان، آغاشاهي، آغا هلالي ۽ روئداد خان جي گُروئن ۽ مرشدن جي شڪار جي ڳولا ۾ نڪري پيون هيون. ڦورو پرمار حڪومت ان انتھائي خصوصي حالتن سان نبرڻ لاءِ آئين-کان-مٿاهون قانون (سُپر ڪانسٽيٽيوشنل) منظوريءَ لاءِ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري رکيو هو. رولٽ ايڪٽ، جنھن وسيلي اهڙين خصوصي عدالتن ۽ ٽيبيونلن جي جوڙجڪ جي راھہ ٺاهڻي هئي جنھن جھڙي هڪ عدالت ۾ اڄ مون کي هن سازش جي ڪيس کي مُنھن ڏيڻو آهي.
جناح ان خاڪي (ڊرافٽ) جي ڏاڍي سخت مخالفت ڪئي. هُو اڃا ڳالھائي ئي رهيو هو تہ سرڪاري بئنچن تان گوري هوم سيڪريٽريءَ اهو چوندي دخل اندازي ڪئي تہ ”جيڪڏهن مسٽر جناح ذاتي طرح پاڻ انڊين سول سروس جو ميمبر هجي ها ۽ کيس اهڙين تشدد وارين وارداتن جو نشانو بڻايو وڃي ها تہ سندس ردعمل ڪھڙو هجي ها؟“
”جناحُ هڪ اهڙي ڪاري قانون جي منظوريءَ ۽ ان جي پاڇي هيٺ جيئرو رهڻ کان هڪ ڪُتي جھڙو موت مرن کي سٺو سمجهي ها.“ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جناح ترت ئي جوابي ڏنگ هڻندي اتي ئي ان ئي مھل هڪ اهڙي قانونساز اسيمبليءَ مان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي جيڪا هن اسيمبليءَ، جنھن جي سربراهي اڄڪلھہ مسٽر فخر امام ڪري رهيو آهي، کان گهڻو وڌيڪ خود مختيار ۽ وس واري هئي.
ڇا تون، منھنجا ديسِي، پريزيڊنٽ، مون کي ايتري آزادي ڏئي سگهندين جيڪا گوري آقا، غلام جناح کي ڏني هئي؟
- تہ پوءِ آءٌ توهان کي ۽ سڄي پاڪستان کي اهو چوڻ ٿو گهران تہ صدر ۽ چيف ماشل لا ايڊمنسٽريٽر جو جاري ڪيل حڪم نامو مجريه 84/4، جيڪو هن سھڻيءَ دنيا ۽ اڳين جهانَ جي سموري قانونن کان مٿاهون آهي ۽ انھن کي رد ڪري ٿو، هڪ ڪارو قانون آهي، هڪ ڪرڀائتو حڪم آهي ۽ هڪ انتھائي ردي قسم جي رجعتي چال آهي.
اڄ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ انھيءَ حُر مرد جي رَندن تي هلي سگهان. مون کي هڪ ڀيرو تہ آزادي ڏيو تہ آءٌ 36 سال اڳ صليب تي ٽنگيل ماڻھوءَ کي ٽيليويزن جي صليب تان لاهي، حڪمران ٽولي جي ڍاڍن نعرن کان جهپڙ هڻي ڪڍي ۽ زرد صحافت جي چوڪاٺي مان ڇڏائي پنھنجيءَ دل ۾ ويھاريان ــــ پنج لک جيڪ بُوٽن جي قطار ۾ ڌڙڪندڙ سڪيلڌي دل!
جنھن قانون جي آڙ ۾ مون کي ستم جو نشانو بنايو پيو وڃي، اهو هڪ ڪارو قانون آهي. ٻين گهڻن ئي قانونن جي موجودگيءَ ۾ هيءُ ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ ٻيو ڪجهہ ناهي، نجي بد ديانتيءَ جو اظھار آهي.
هيءُ L’ Etat c’est moi پاران کُليل بڇڙائي(23 ) آهي. جيڪڏهن توهان ان حوالي تي ڌيان ڏيو، سچ تہ هي آهي تہ آءٌ نہ، پر توهان، هن اسپيشل ملٽري ڪورٽ جو جنرل محمد حسين اعواڻ،( 24) ڪرنل شامي ۽ مئجسٽريٽ مَلڪ ڪرمداد آهن، جن کي هِن مقدمي آڏو اچڻو آهي پر اڃا بہ ان کان هڪ وک اڳتي رڳو اوهين ماڻھو ڪو نہ آهيو پر جنرل ضياءُ ۽ چئن ستارن وارو اهو شاعر سپاهي خالد محمود عارف حقيقي ڏوهاري آهن جن اهڙيءَ حالت ۾ هڪ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جيل ۽ پوليس جي حوالي ڪيو آهي، جڏهن تہ اهي سڀ اڃا بہ يونيفارم ۾ آهن.( 25) مون کي ان کان بہ اڳتي اهو چوندي ڏک ٿي رهيو آهي اڄ هڪ سڄي قوم تي هڪ ڪاري قانون وسيلي ڪيس هلايو پيو وڃي جيڪا پنھنجي ئي فوجن جي هٿان پنج-سالہ ڪاهن ۽ اوٿن جي عادي ٿي بي حس ٿي چڪي آهي. حقيقي حياتيءَ جو هيءُ ناٽڪ ان غداريءَ، ڌوڪي ۽ ٺڳيءَ جو اهو ڏکائيندڙ تسلسل آهي جيڪو جناح جي ڪنڌيءَ کان شروع ٿيو.
ڪو بہ ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهي تہ پردا ڪڏهن ڪيرايا ويندا.
عدالت جا صدر! مون کي پڪ آهي تہ توهين ضرور ڄاڻيندا هوندا تہ جناح جو پنھنجي چوڌاري رهندڙ ماڻھن بابت فيصلو ڪھڙو هو ــــ اهي ماڻھو جيڪي منھنجا ۽ توهان جا امام، بلڪ وڏا هئا ۽ جيڪي اڄ پاڪستان ٺاهڻ جي دعويدارن ۾ شامل آهن.
”مسلم ليگ ڇا آهي؟ آءٌ، منھنجي ڀيڻ ۽ منھنجو ٽائيپ رائيٽر!“ پنھنجي مڙهيءَ تي جڏهن اهو وڏو-ماڻھو پنھنجن ڄامڙن نائبن جو عملي طرح قيدي ٿي چڪو هو. هڪ ڀيري هن رڙ ڪئي هئي تہ ”منھنجي کيسي ۾ سمورا سِڪا کوٽا آهن.“
اڄ جڏهن آءٌ ان عظيم پوڙهي ماڻھوءَ جي ياد ۾ اهو چئي رهيو آهيان تہ هن رياست جو نظريو ۽ سرڪاري مذهب نہ تہ اسلام آهي، نہ سوشلزم ۽ نہ ئي ڪميونزم، تڏهن مون کي معاف ڪجو. اسين حقيقت ۾ کوٽن سِڪن جو ٻيو نسل آهيون (۽ اهو ئي اسان جو دين ۽ ايمان آهي.)
“Our sires’ age was worse than our grandsires’. We their sons are more worthless than they: so in our turn we shall give the world a progeny yet more corrupt.” (Odes, by Horace)
(”اسان جي اباڻن جو دَور اسان جي وڏڙن جي زماني کان خراب هو. اسين انھن جا پُٽ کانئن وڌيڪ نِڪما آهيون. ان ڪري پنھنجي دنيا کي اسين ان کان بہ وڌيڪ بڇڙو نسل ڏئي وينداسون.“ - هوريس)
سائين! فارسيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي تہ ”خانهءِ خالي را ديوانِ مِي گيرد“ يعني سڃي گهر تي ديوَ اچي قبضو ڪندا. جڏهن 11-سيپٽمبر 1948ع تي گهر ڌڻي موڪلائي ويو تہ هيءُ اسان جو گهر بہ خالي ۽ سُڃو ٿي ويو. اسان جو نڀاڳ، جو ان سُڃ تي ڪنھن قدڪاٺيءَ وارن جنن ۽ ڏائڻين جو بہ قبضو نہ ٿيو پر اسين ڄامڙن جي قبضي هيٺ اچي وياسون. ڄامڙا ۽ بونا پارٽ جي هن گهر تي هر پنجن کان ڏهن سالن بعد فاتحانا قبضي ۽ ان کي هڪ فوجي بيٺڪ بڻائڻ جي ريت وڌي!
ترقيءَ جا ڏهاڪا، ڏاڍ ۽ جبر جا ڏهاڪا، منافقيءَ جا ڏهاڪا ۽ ڏهاڪا عياشيءَ جا ــــ اها ئي تہ آهي اُها پاڪستاني پڪنڪ، جنھن کي اسين گذريل 38 ورهين کان ملھائيندا آيا آهيون.
عدالت جا صدر! آءٌ ان سلسلي ۾ خود جناح جي هزارين قولن جي ڳالھہ ڪري سگهان ٿو پر انھن جو ذڪر توهان جي ”عدالت“ ۽ ان جي ”عزت“ جي خلاف هوندو. اسان جو ابو وڏو ”گستاخ“، کرو ۽ بيباڪ ماڻھو هو. هو ميگناڪارٽا (پھريون وڏو آئين) جي وجود ۾ اچڻ ۽ ٿامس جيفرسن جي دَور کان اڄ تائين واري دنيا جو عظيم آئين پرست هو. جديد دنيا هن کان وڏو اصول پرست ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جو عاشق اڃا تائين پيدا نہ ڪري سگهي آهي، پر ان هوندي بہ جيڪڏهن کيس جنرل ضياءَ جي ٻوليءَ ۽ معيار موجب ڏنو ويندو تہ هو هڪ ”سازشي“ هو. هُو باغي هو ۽ هو هڪ دهشتگرد هو. منھنجو خيال آهي، اوهين ڄاڻيندا هوندؤ تہ هن بمبئيءَ ۾ لارڊ ولنگٽن ۽ سندس ”ٽِي (چانھہ) پارٽي“ جو ڪھڙو حشر ڪيو هو.
مون لاءِ جناح ۽ ان جي ذڪر کان هٽڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر سفر ڏاڍو ڊگهو آهي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ توهان وٽ بہ ايترو وقت ڪونھي جو توهان وٽ بہ ايترو وقت ڪونھي جو توهان مون کي اهو جاري رکڻ ڏيو.
هيڏانھن، سٺ واري ڏهاڪي جي آخري جنگباز نواب( 26) جو سلجهيل ريلوي وزير ۽ اڄڪلھہ چئن چمڪندڙ تارن ۽ هڪ گهنٽيءَ واري هڪ جنرل جي مڙهيل وزير اعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجي کي کليل موڪل ڏني وئي آهي تہ اهي پنھنجي مرضيءَ ۽ سڌ موجب جڏهن گُهرن تڏهن سپھہ سالارن جي حڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪن. آءٌ محمد خان جوڻيجي کي کوٽن سِڪن جو هڪ شريف النفس جانشين سمجهان ٿو. مون کي ڀؤ آهي تہ ڪٿي هو هن سازش جي ڪيس هلندي ئي مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم نہ ڏئي ويھي. توهان ڄاڻو ئي ٿا، اڄڪلھہ ترميمن جو بھار آهي.( 27) ڪٿي ايئن نہ ٿئي تہ ترميمن جي وسڪاري ۾ اسان جو اڌ-ڪچرو ڪيس شھر جي مئجسٽريٽ ڪرم الاهي بيگ (28) جي عدالت ۾ نہ بدلي ڪيو وڃي.
سائين، جڏهن کان ايم آر ڪياني جوانيءَ جي ڏينھنِ ۾ اسان کان موڪلائي ويو، آءٌ پنھنجي ملڪ جي عدالتن کان ڏاڍو ڊنل آهيان. مون کي توهان جي عدالت ۾ بہ ٿڌو-ڪوسو پگهر ايندو رهيو آهي. توهان جيتوڻيڪ منھنجن سمورن صفائيءَ وارن شاهدن تي قلعي جا دروازا بند ڪري رکيا آهن،( 29) پر پوءِ بہ آءٌ اوهان جي ان همت ۽ صبر کي ساراهيان ٿو جن وسيلي توهان مون کي ٻُڌو آهي. اها ڌار ڳالھہ آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان کي آئين ۽ قانون کان مٿڀري ”حڪم نامي“ جي توب جي پاڇي ۾ ويٺل ڏسان ٿو تہ دهشت جون لھرون منھنجي هڏين جي مِکُ ۾ ڊوڙڻ لڳن ٿيون، ڇو تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اها رڳو رات جي ٻاٽ ۽ ڪارنھہ ئي تہ هئي جيڪا هڪ چڱي ڀلي ماڻھوءَ کي ”ڪائونٽ ڊريڪولا“ ٺاهي ڇڏيندي هئي.
مون کي اميد آهي تہ منھنجيءَ ان ڳالھہ سان توهان کي ڏک نہ ٿيندو. آءٌ ملٽري انٽيليجنس ۽ فوجي تاناشاهيءَ جي هن تماشي ۽ سرڪس کان ڏاڍو بيزار آهيان. آءٌ ٿڪجي پيو آهيان ۽ منھنجي دل گُهري ٿي تہ هلندي هلندي ڪنھن تازي کيڙيل ٻني جي مٽيءَ جي ڍير تي ڪڏهن بہ نہ ختم ٿيندڙ ننڊ پئجي وڃان. آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي ڏُکائڻ نہ ٿو گهران، ڪنھن جي بہ بي عزتي ڪرڻ منھنجو مقصد ڪونھي، منھنجون سوچون ۽ سَڌون توهان جي ڀلائيءَ لاءِ بہ ايئن آهن جيئن بنھہ پنھنجن لاءِ. اصل ۾ آءٌ چاهيندس تہ اوهين ماٺ مٺيءَ ۾ مون کي سزا ڏيو ۽ آءٌ پنھنجي راھہ وٺان.
پر مسٽر پريزيڊنٽ! مون کي هر حالت ۾ ۽ هر قيمت تي توهان کي اهو ٻڌائڻو آهي، تہ مون کي هن ملڪ جي ڪنھن بہ عدالت تي ڪو بہ ڀروسو ڪونھي، نہ ان جي ٽيڪنيڪي جوڙجڪ جي لحاظ کان ۽ نہ ئي انھن جي قانوني ڪارروائين جي نڪتهء نظر کان، سياستباز منير کان ويندي خود فريبيءَ جي شڪار وڏائي-ورتي انوار الحق تائين، انھن سڀني انصاف جي نہ، پر نا انصافيءَ وارن مقصدن جي ”نوڪري“ ڪئي آهي. اهي هن ملڪ جون عدالتون ئي تہ آهن جن هر نازڪ گهڙيءَ ۾ هن قوم ۽ ان جي ماڻھن جي امنگن سان غداري ڪئي آهي. هي ئي اهي ماڻھو آهن جن بيگم نصرت ڀٽو، (ذوالفقار) علي ڀٽو، ۽ ضياءُ الحق سان هڪ ئي سَٽ ۾ دغا ڪئي آهي. آءٌ تہ عاصمہ جيلاني ڪيس جي فيصلي کي بہ انھيءَ اڻکُٽ عدالتي سازش ۽ مڪروھہ اکٻوٽ جو ئي هڪ حصو سمجهان ٿو.( 30 )
هن وقت جڏهن آءٌ پنھنجي ملڪ جي خصوصي ۽ عام عدالتن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، مون کي پنھنجي تائيد ۾ ابوالڪلام آزاد جي ٻوليءَ ۾ ڪجهہ چوڻ جي موڪل ڏيو. تازو ويجهڙ وارن ڏينھنِ تائين آءٌ آزاد کان ”ڪانگريس جو شو بواءِ“ هئڻ جي ڪري نفرت ڪندو هوس پر هن جي عدالتي بيان جو (هيٺ ڏنل) ٽڪرو پڙهڻ کان پوءِ منھنجيءَ دل ۾ هن جو مانُ ڏاڍو مٿاهون ٿيو آهي. اهو بيانُ هن توهان جي هن عدالت کان گهڻي سٺي فرنگيءَ جي عدالت ۾ ڏنو هو جتي هن مٿان برطانيا جي راڄ خلاف هڪ سازش ۾ ملوث هجڻ جي ڪري ڪيس هلي رهيو هو.
”تاريخ شاهد آهي تہ جڏهن حڪمرانن آزادي ۽ حق جي مقابلي لاءِ هٿيار کنيا آهن تہ عدالتن سڀ کان وڌيڪ سولي ۽ بي خطا هٿيار جو ڪم ڏنو آهي. عدالت جو وس هڪ سگهہ آهي ۽ هوءَ بي انصافيءَ ۽ انصاف ٻنھي لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿي. انصاف ڪندڙ ماڻھو حڪومت جي هٿ ۾ عدل ۽ حق پرستيءَ جو سڀ کان سٺو وسيلو آهي پر جابر ۽ ڦورُو حڪومتن لاءِ هن کان وڌيڪ انتقام ۽ نا انصافيءَ جو ڪو بہ اوزار ڪونھي.“
دنيا جي تاريخ جون سڀ کان وڏيون نا انصافيون جنگ جي ميدان کان پوءِ عدالتن جي ايوانن ۾ ئي ٿيون آهن. دنيا جي پاڪ مذهبي اڳواڻن کان وٺي سائنسدانن، محققن ۽ کوجنا ڪندڙن تائين ڪا بہ پاڪ ۽ حق پسند جماعت ڪانھي جيڪا ڏوهارين جيان عدالت آڏو نہ بيھاري وئي هجي. بيشڪ زماني جي انقلاب وسيلي پراڻي زماني جون ڪيتريون ئي برايون ميٽجي ويون آهن، مڃان ٿو تہ دنيا ۾ ٻي صدي عيسويءَ جون خوفناڪ رومي عدالتون ۽ وچين دَور جون انقئزيشنس (خصوصي عدالتون، Inquisitions) وجود ڪو نہ ٿيون رکن، پر آءٌ اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪو نہ آهيان تہ جيڪي جذبا انھن عدالتن ۾ ڪم ڪندا هئا انھن کان بہ اسان جي زماني کي نجات ملي وئي آهي. اهي جايون ضرور ڊٿيون آهن جن ۾ خوفناڪ اسرار بند هئا پر دلين کي ڪير ٿو بدلائي سگهي جيڪي انساني خود غرضيءَ ۽ نا انصافيءَ جي خوفناڪ رازن جون قبرون آهن.
عدالتن جي بي انصافين جي وچور ڏاڍي ڊيگهاري آهي. تاريخ اڄ تائين ان ماتم مان واندي نہ ٿي سگهي آهي. اسين ان ۾ عيسى جھڙي پاڪ ماڻھوءَ کي ڏسون ٿا جيڪو پنھنجي دَور جي عدالت ۾ چورن جيان بيھاريو ويو هو. اسان کي ان ۾ سقراط نظر اچي ٿو جنھن کي رڳو ان ڪري زهر جو پيالو پيئڻو پيو جو هو پنھنجي ملڪ جو سڀ کان سچو ماڻھو هو. اسان کي ان ۾ فلورنس واري حقيقت جي عاشق گليلو جو نالو بہ ملي ٿو جيڪو پنھنجيءَ ڄاڻ ۽ پرک کي ان ڪري نہ ٽاري سگهيو جو وقت جي عدالت وٽ ان جو اظھار ڏوھہ هو...
“Eppur Si Muove!”
”پر اها ڌرتي تہ چرپر ڪري پئي!“
خصوصي عدالت انقئيزيشن جي جج کان سزا ٻڌڻ کان پوءِ بہ گليلو پاڻ-جھلي نہ سگهيو ۽ هن هڪ ڀيرو ٻيھر ڌرتيءَ جي چرپر بابت پنھنجيءَ پرک جي ڳالھہ چئي ئي ڇڏي هئي.
پر عدالت جا صدر! اڄ مون کي اهو چوڻو آهي تہ رڳو ڌرتيءَ جو گولو ئي نہ پر تاريخ بہ چرپر ۾ آهي. عقل ۽ اڪابريءَ جي گُهر آهي تہ اسين سڀ ان حقيقت ۽ سچائيءَ آڏو سيس نوايون. ڀلي، اسين ان کي ٽاري بہ ڇڏيون، پر ان جو سفر جاري رهندو. ڦيٿو چرپر ۾ آهي ۽ جيڪو بہ فرانز ڪافڪا جي لفظن ۾ اهو چئي رهيو آهي تہ ”آءٌ هتي ماڻھن ڦٽڪا هڻڻ آيو آهيان ــــ ۽ ڦٽڪا انھن کي هر حالت ۾ هڻندو رهندس...“ اهو پنھنجن ارادن ۽ انھن جي سلڇڻائيءَ بابت ڏاڍي ڏک جھڙي غلط فھميءَ ۽ خود فريبيءَ ۾ ڦاٿل آهي. منھنجي مظلوم ۽ محڪوم قوم کي هنيل 50 هزار کان وڌيڪ ڦٽڪا ذيان ٿي چڪا آهن، ڦيٿو بيھي نہ ٿو سگهي.
عدالت جا صدر! ڦٽڪن تي صوف ۽ نارنگيون ڪڏهن بہ نہ ڦٽنديون، ڦاهيءَ جي تختن تي گاھہ ڪڏهن بہ نہ نسرندو. تاريخ ۽ ڌرتيءَ گولو سدائين چرپر ۾ رهندا.
مسٽر محمد خان جوڻيجو چيف ضياءَ کي مارشل لا کڻڻ جو حڪم ڏي يا نہ ڏي، پر آءٌ محسوس ٿو ڪريان تہ مٿاڇري هيٺان اٿندڙ طوفان کي ترسائڻ لاءِ عارضي طرح فوجي عدالتون ٽپڙ ويڙهڻ واريون آهن. جيتوڻيڪ منھنجو خيال آهي تہ انھن کي ترت يا دير سان ٻيھر بحال ڪرڻ تي بہ ويچار ڪيو ويندو... بھرحال، مون کي تڪڙ ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن آءٌ پنھنجي کَل مرزا ڪرم الاهي بيگ کان بچائڻ گهران ٿو، جيڪو ڏندن جي ٻن سيٽن جو مالڪ آهي تہ مون کي پنھنجي بيان جي ڊيگهہ ”ٽُڪڻي“ پوندي، تنھنڪري هاڻي آءٌ ٻي مسئلي تي ڳالھہ ڪندس.
عدالت جي جوڙجڪ ۽ ان جي پھرين گڏجاڻي ٿيندي ئي ڊِن هاگ جي فاتح، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر(31 ) ۽ ان جي نائبن توهان کي لاچار ڪيو تہ توهان ڪيس جي ٻڌڻي ڳُجهي ۽ بند ڪمري ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏيو. اهي نائب جن ۾ سدا بھار شيخ اعجاز علي آهي جيڪو اڄ تائين هن ملڪ ۾ هلايل سازش جي سمورن ڪيسن مثال طور ميجر جنرل اڪبر ۽ فيض صاحب (1951ع) برگيڊيئر ايف بِي علي ۽ ٻيا (1973ع)، ميجر جنرل تجمل (1980ع) ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ ۽ فلئشمين (گوشت خور) هوٽل جي رڌڻَن ۾ رڌل هِن سازش جي ڪيس (ميجر آفتاب ۽ ٻيا، 1984ع) جي جوڙجڪ، تياري ۽ ”گَهڙائيءَ“ جا اکين ڏٺا شاهد رهيا آهن ۽ انھن کان سواءِ شريف النفس مسٽر تنوير احمد خان بہ آهي جنھن کي ٻي ڏينھن ئي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي عھدي تي پروموشن ڏنو ويو آهي. اسلامي جمھوريہ پاڪستان جي انھن سرڪاري سورمن توهان کان اهو فيصلو مملڪت جي تحفظ (سيڪورٽي) ۽ سلامتيءَ جي نالي ۾ ورتو آهي.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ ڏاڍي ڏک ۽ افسوس سان اهو چئي رهيو آهيان تہ انھن جي ”سڌ“ ۽ توهان جي ”رضا“ سان هن عدالت جي بند ڪمري ۾ ڏاڍي افسوس جھڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. ڪئميرا، بند ڪمرو بنيادي انساني حقن جون پاڙون پٽڻ لاءِ بدترين اوزار آهي. مون کي توهان جي فيصلي سبب سچ پچ ڏاڍو صدمو پھتو آهي. اهو ڏسي منھنجو ڏک اڃا بہ وڌي ويو آهي تہ بند ڪمري ۾ ٻُڌڻيءَ جي درخواست هن ملڪ جي قانون جي محافظن پاران آئي آهي. جيتوڻيڪ مون کي هنن معزز وڪيلن جي انھن حرڪتن جو سدائين ڏک رهندو پر آءٌ وري بہ اهو نہ چوندس جيڪو شيڪسپيئر انھن لاءِ پنھنجي ”هنري اٺون بادشاھہ“ ۾ چيو هو:
“The first thing we do let’s kill all the Lawyers.”
يعني ”پھرين فرض طور اچو تہ سمورن وڪيلن کي ڪُھي ڇڏيون!“
آءٌ ڪنھن بہ صورت ۾ شيڪسپيئر سان ان معاملي ۾ اتفاق نہ ٿو ڪري سگهان. پڪ رکو، ان ”هِٽ لسٽ“ ۾ بہ ڪو وڪيل شامل نہ هو جيڪا منھنجي ۽ منھنجن ساٿين ـــــ جنوري 1984ع جي سازشين جو ٽولو ـــــ جي نالي تي مھرباني ڪري هڪ ليفٽيننٽ جنرل تيار ڪئي هئي.( 32) بھرحال، آءٌ انھن محترم سرڪاري وڪيلن، پبلڪ پراسيڪيوٽرن کي سندن دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ لاءِ خدا جا هي لفظ ضرور ياد ڏياريندس:
Weo unto you the prosecutors for you have taken away the key of knowledge.
يعني ”لعنت هجي توهان تي اي سرڪاري وڪيلو، توهان سچائيءَ کي ’قلف ڪڙي‘ ۾ بند ڪري ڇڏيو.“
سينٽ لوقا جي انجيل مقدس جي ٻاونجاهين حمد جي گيت ۾ خداوند انھن سرڪاري وڪيلن (جيڪي بند ڪمرن ۾ ٻڌڻيءَ جا شوقين آهن) تي لعنت موڪليندي ٻُڌجي ٿو. مون کي اميد آهي تہ اصل لکت ۾ لفظ Lawyer بدران پراسيڪيوٽر (Prosecutor) لکڻ سبب مون تي ناراض نہ ٿيندؤ بلڪل ايئن جيئن هو رياستي دهشت گردن پاران لفظ انويسٽيگيشن (يعني جاچ) کي انٽروگيشن (يعني سادي سودي پڇاڳاڇا) ۾ بدلائڻ جي ڪري وقتي طرح بي ڌياني ڪري چڪو آهي. مون کي اميد آهي تہ جيڪڏهن آءٌ هن ترميمي بھار ۾ ڪجهہ وڌيڪ ترميمون (ڦيرون ڦارون) بہ ڪري ڇڏيان، تہ توهان دل م نہ ڪندؤ. هاڻي آءٌ وليم نارمن جي تخليق کي توهان سان ٺھڪائڻ لاءِ ترميم (ڦيرڦار) ڪري رهيو آهيان:
ڪيڏي نہ عجب ڳالھہ آهي How odd
خدا پاران of God
چونڊجي وڃڻ to Choose
يھودين جو! The Jews
جيڪڏهن هي وڏو تھمت-لڳل (ميجر آفتاب) انھن سوچن جي تحريڪ واري سوچ کي هيئن بدلائي توهان سان ڳالھائي، تہ ڪيئن رهندو؟
ڪيڏي نہ عجب ڳالھہ آهي How odd
عدالت جي صدر جو of President
بند ٿي وڃڻ to be
چور ڪمري ۾ in Camera
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ ترميمون ڪرڻ ڄاڻان ٿو ۽ ترميمون ڪندس ۽ ايڏيون ترميمون ڪندس، جو تاريخ پنھنجن راهن تان ڀٽڪي وڃي، ڦيٿو پوئتي ڦرڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جي گولي جِي چرپر بيھجي وڃي ــــ پر مون کي معاف ڪجو، نيٺ آءٌ هِيءُ ڇا چئي رهيو آهيان، ڄڻڪ آءٌ اڃا تائين پنجويھين بلوچ بٽالين جي ڊيلٽا ڪمپنيءَ جو ميجر ڪمانڊر آهيان! (دَراصل ڪمپني ڪمانڊر کان آرمي ڪمانڊر تائين، اسين سڀ گذريل وڏي عرصي کان ان قسم جي گردن ٽوڙ بخار ۾ ورتل رهيا آهيون.)
عدالت جا صدر! گذريل مھينن ۾ جڏهن کان هِن سازش جي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي آهي، اسين تاريخ سان هڪ ڳالھہ ٻول جي حالت ۾ رهيا آهيون، سٺا ۽ ڪِنا سمورا واقعا تاريخ جي بابن جي صورت ۾ پنن تي ڇپجي ويندا آهن. گذريل وقت جي هر گهڙيءَ کي نيٺ انھن ئي ور وڪڙ راهن ۾ هلي وڃڻو آهي. انگلستان جي تاريخ جا امين لنڊن جي دل ۾ وهندڙ ٽيمز نديءَ جيان هن عدالتي ڪمري ۽ قلعي جي ڪوٽ ڀرسان وهندڙ سنڌو ندي بہ هن ڌرتيءَ جي پاڻياٺي تاريخ جي امين آهي. آءٌ توهان تي اهو پڌرو ڪرڻ ٿو گُهران تہ ”مھراڻ“ جي سرڪش ۽ سخت لھرن اڄ تائين پنھنجي سيني ۾ ڪو بہ راز لڪائي نہ رکيو آهي، تنھنڪري جڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ تاريخ چور ڪمرن جي ڪارروائيءَ کي بہ سدائين ايئن رد ڪيو آهي جيئن محلاتي سازشن کي، تہ دل ۾ نہ ڪجو. تاريخ بي رحميءَ سان چيري ڦاڙي انھن ڪاررواين ۽ سازشن جي هر نُڪتي ۽ هر پاسي کي حساب ڪتاب لاءِ اگهاڙو ڪندي رهندي آهي. هيءَ گذريل ڏينھن جي ئي ڳالھہ آهي تہ آءٌ اسلامي ملڪ جي ٽي وي تي هڪ ”بدمعاش“ کي دلائي ڪئمپ جي ”ظلم جو داستان“( 33) بيان ڪندي ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هوس. آءٌ انھن ڳوڙهن جي تخليق ۽ سرچشمي بابت تہ ڪجهہ بہ نہ ٿو چئي سگهان، پر اها ذاتي مشاهدي جي ڳالھہ آهي تہ اهي ايڏا وڏا هيا جيئن ڪنھن نار جي لوٽين مان ڪرندڙ پاڻي، منافقت ۽ ڪِريل خوشامد پرستيءَ جو اهو منھن، اظھر لوڌي( 34 )، مانگر مڇ جي ڳوڙهن جي پُٺ منظر ۾ ڏک سور، دانھن ڪُوڪ ۽ جذبا ڀڙڪائيندڙ اشارن جي اپٽار ۾ رڌل هو. منھنجي تصور واري اک ان چڪر ۽ گهن چڪر کي ختم ٿيندي ڪو نہ ٿي ڏسي. عين ممڪن آهي تہ ويجهڙ-آئيندي ۾ هڪ نئين رياست جي منظور ڪيل اسڪرپٽ، هڪ ٻي ظلم جي داستان جو ٿھو، کنيو ڪو خوشامد پرست مڪروھہ مھانڊو هڪ ڀيرو وري ٽي وي پردي تي ظاهر ٿي رهيو هجي.
آءٌ سمجهان ٿو تہ اسين تباھہ ٿي وينداسون، مٽجي وينداسون، پر اهي مڪروھہ مھانڊا سدا بھار رهندا. عدالت جا صدر! اها ڏاڍي نڀاڳ جي ڳالھہ آهي تہ نہ آءٌ ۽ نہ ئي توهان، پر اهي مڪروھہ مهھانڊا ئي آهن جيڪي مھراڻ جي لھرن ۾ وهندڙ پاڻياٺي تاريخ ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن. مون کي اهو سوچيندي ڏک ٿي رهيو آهي تہ سڀاڻي اوهان جو نالو بہ ”چور ڪمرن“ ۽ ڳُجهين ڪارروائين سان لاڳاپيل هوندو. اسان جي ان خدا جي توهين، جنھن اسان جي ابي آدم تي اهي راز پڌرا ڪري رکيا هئا، جن کان سندس انتھائي ويجها فرشتا بہ وانجهيل هئا، ڏوھہ جي سختيءَ کان پاسو ڪندي اسان جو خدا ۽ اسان جو دين ڪنھن حالت ۾ بہ ”چور ڪمرن“ جي ٻڌڻيءَ کي سھي نہ ٿو سگهي.
ان سلسلي ۾ آءٌ اوهان کي حاطب بن ابي بلتہ، هڪ بزرگ صحابيءَ جي ياد ڏيارڻ گهرندس، جنھن کي اسلام جي دشمنن پاران حديبيه واري ٺاھہ کان هڪ طرفي انڪار جي ڏينھنِ ۾ جاسوسيءَ جي ڏوھہ ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويو. ذڪر طور اهو بہ چوندو هلان تہ اهي رڳو اسين ئي ڪو نہ آهيون جن کي گذريل 38 ورهين ۾ عام طرح ۽ گذريل 8 ورهين ۾ خاص طرح منزل جي هر پٿر وٽ ٽُٽل قسمن ۽ واعدن جون ڇتيون مليون آهن. انسانيت جي ان عظيم ترين محسن (رسول اڪرم ﷺ) کي بہ اهڙن صدمن سان مُنھن ڏيڻو پيو هو.
اسين حاطب جي ڳالھہ ڪري رهيا هئاسون، ان جي گرفتاري کان پوءِ غضب ۾ ڀريل عمررضہ تلوار ڪڍي اچي پھتو ۽ ان جو ڪنڌ ڪورڻ جي موڪل گهريائين، جيڪا ڪڏهن بہ نہ ڏني وئي. ڪيسُ خدا جي رسول جي کليل عدالت ۾ ٻڌو ويو ۽ فيصلي تي پھتو.
هتي ان سلسلي ۾ آءٌ مولانا سيد ابوالاعليٰ مودوديءَ جي هڪ قتل جو ذڪر ڪندس. هي مولانا مودودي اهو ئي آهي جنھن کي جنرل ضياءَ پنھنجو عربي ۽ مرشد چوي ٿو ۽ هيءُ اهو ئي مودودي آهي جنھن کي ”1951ع جي مارشل لا هلندي توهان جھڙي ئي هڪ برگيڊيئر موت جي سزا ٻڌائي هئي. هيءُ اهو مارشل لا هو جيڪو اڳتي هلي هن مظلوم قوم خلاف ڪيل ٽينڪن جي سمورين ڪاهن ۽ سمورن راتاهن جو سرچشمو ٿيو. اهي ڪاهون ۽ راتاها جن وسيلي هن ملڪ ۽ ان جي عوام خلاف پھرين سوڀ شير دل انفنٽري جي جرمن ڪمانڊر جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ڪئي وئي.“( 35 ) ٻِي عظيم الشان سوڀ ڏهين بلوچ بٽالين جي بلئڪ ڊاگ جي نشي ۾ چُور گرگن جي بي مثال اڳواڻيءَ هيٺ( 36) ۽ ٽِين (خدا ڪري تہ آخري) فتح فرسٽ مولٽين (جابلو) رجمينٽ آرٽلري جي خچرن جي نرالي ڪمانڊ ۾ حاصل ڪئي وئي.(37 )
عدالت جا صدر! مون ڄاڻي ٻجهي توهان جي شرمنن (Shermans) ۽ پيٽنن (Pattons) جو ذڪر نہ ڪيو آهي. نڀاڳ اسان جو، جو انھن اسان جي ملڪ جي گاديءَ تي سئون سڌو رڳو هڪ ڀيرو ئي قبضو ڪيو آهي ۽ جڏهن اهي ان قبضي لاءِ اڳتي وڌي رهيا هئا تہ انھن جي اڳواڻي خچر ۽ جابلو توبون ڪري رهيون هيون ۽ توهين ڄاڻو ٿا تہ خچرن کي نہ تہ پنھنجن اباڻن جي ڄاڻ هوندي آهي، نہ پنھنجي نسل ۽ جنم تي فخر ۽ نہ ئي وري آئندي نسلن جو ڪو ادراڪ يا اميد.( 38)
بھرحال آءٌ جو مولانا مودوديءَ ۽ سندس قتل جِي ڳالھہ ڪري رهيو هئس، جنھن کي جنرل ضياءُ پنھنجو استاد، اڳواڻ ۽ مرشد مڃي ٿو. مولانا پنھنجي سڀ کان اوچي ۽ پڪيءَ طرح مڃيل تحقيقي ورثي ”تفھيم القرآن“ جي صفحي 425 تي، سورة المتحنہ جي حوالي سان حضرت حاطب جي مقدمي جو ذڪر ڪندي ڏاڍي چِٽِي ۽ ڪَرارِي فتوا ڏي ٿو تہ ”اسلام ۾ بند ڪمري ۽ ڳُجهين ٻڌڻين جي ڪا بہ رعايت ڪونھي.“ سندس اصل فتوا جا لفظ هِي آهن:
”ان کان پاسو ڪندي، تہ ڪرڻ واري ڪھڙي نيت سان ڪيو، پنھنجي جاءِ تي هيءُ ڪم سڌو سئون جاسوسي هو ۽ جاسوسي بہ ڏاڍي نازڪ مھل تي سخت خطرناڪ نوعيت جي هئي، تہ ڪاھہ کان اڳ دشمن کي خبردار ڪيو ويو هو. وري مامرو شڪ جو بہ نہ هو پر ڏوهاريءَ جي پنھنجي هٿ جو لکيل خط پڪڙيو ويو، جنھن کان پوءِ ڪنھن بہ ثبوت جي گهرج نہ هئي. حالتون بہ امن جي زماني جون نہ، پر جنگ جا ڏينھن هئا، پر ان هوندي بہ نبي ڪريمﷺ حضرت حاطب کي صفائيءَ جو موقعو ڏيڻ کان سواءِ نظربند نہ ڪيو ۽ صفائيءَ جو وجهہ بہ بند ڪمري ۾ نہ، پر کليل عدالت ۾ کلي عام ڏنو ويو. ان مان چٽيءَ طرح پتو پوي ٿو تہ اسلام ۾ اهڙن قانونن قاعدن ۽ ضابطن جي گنجائش ڪونھي جن جي مدد سان حاڪمن کي اهو حق پھچندو هجي تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي رڳو پنھنجي ڄاڻ يا شڪ جي بنياد تي قيد ڪن ــــ ۽ بند ڪمري ۾ ڳجهي نموني ڪيس هلائڻ جو طريقو بہ اسلام ۾ ڪونھي.“ اڄوڪي پاڪستان جي معيار ۽ حالتن مطابق ان ڏينھن حضورﷺ وڏي سولائيءَ سان بند ڪمري ۾ ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏئي سگهي پيو. اهو سوال اڄ وڏيءَ اهميت وارو آهي تہ جڏهن مديني جي شھري رياست جي مڪمل ”سيڪيورٽي (تحفظ) ۽ تحريڪ“ جو سڄو آئيندو داءُ تي لڳل هو، پاڻ کُلي عام مقدمو هلائڻ جو حڪم ڇو ڏنائون؟ اهو قومي راز جنھن کي مڪي جي قريشن جي دشمن کان لڪائڻو هو، هڪ کليل مقدمي وسيلي ان کي ڇو هر خاص ۽ عام تائين پھچايو ويو؟ آءٌ ان صورتحال جي باري ۾ جيترو سوچيان ٿو اوترو ئي اظھار جي آزادي، هڪجهڙائي، ماڻھوءَ ذات جي برابري ۽ بنا رک رکاءُ انصاف جي ضرورت... ۽ ان انصاف جي نظر اچڻ وارن عقيدن تي منھنجو ايمان اڃا بہ پڪو ٿيندو پيو وڃيِ. ان سان گڏوگڏ آءٌ جيترو حضورﷺ جي عمل ۽ انصاف جي نموني جو توهان جي (فوجي) عدالت ۽ هن ملڪ جي ٻين (شھري) عدالتن سان ڀيٽ ڪيان ٿو، اوترو ئي هن ملڪ تي مڙهيل سفاڪ نظام خلاف منھنجو بغاوت جو ارادو سگهارو ٿيندو پيو وڃي. آءٌ هن قوم جي وس ۽ اقتدار جي مالڪن جي سوچن ۽ اعلان ڪيل عقيدن ۽ عمل جي وچ ۾ هر گهڙيءَ وڌندڙ ڏار جي ويڪر تي وائڙو ۽ وياڪل آهيان.
ضياءَ جو اسلام (اسان جي اڳواڻ) محمدﷺ جي اسلام کان ڪيڏو نہ مختلف آهي! عدالت جا صدر! اهو سچي اسلام کان پراهون ۽ غير واسطيدار ڪا ٻي مصيبت آهي. شايد سڀاڻي يا پرينھن ڪو ان جي مڪمل تفسير ۽ تعبير ڪري سگهندو.
مون کي خدشو آهي تہ ڪٿي هن گهڙيءَ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر هڪ ڀيرو وري عدالت مان واڪ آئوٽ ڪري (ٻاهر نڪري) نہ وڃن.( 39) هن ڀيري منھنجي هن سوال خلاف، جيڪو مون فطري اسلام ۽ ان جي اڍنگي افسر شاهي، جرنيلي ۽ ايئر مارشلي چرٻي جي وچ ۾ وٿيءَ ۽ دوريءَ بابت اٿاريو آهي.
مسٽر پريزيڊنٽ! اها وضاحت ڏاڍي ضروري آهي تہ مسئلو رڳو انھن ٻن اسلامن ۾ اختلافن جي ڊگريءَ جو ناهي. حقيقت ۾ اهي ٻہ ڌار ڌار مذهب آهن، جن جي منزل ڪڏهن بہ هڪ نہ ٿي ٿي سگهي. اهي ٻئي ريل جي پور وِڇوٽ پٽڙين جيان آهن جيڪي ڪڏهن بہ نہ ملنديون آهن ۽ جيڪڏهن ملي وڃن تہ رڳو تباهيءَ ۽ موت نازل ڪرڻ جو سبب ٿينديون.
اجهو هينئر آءٌ فاضل خصوصي وڪيل پاران امڪاني واڪ آئوٽ جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس، جيتوڻيڪ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن کان غازي علم الدين ڦاهي-تختي کي چميو آهي، تڏهن کان سئيز جي پرين ڪنڌيءَ واريون مائرون وهڪي ويون آهن. اسان جو رسول سان عشق بہ عدالتن ۽ حاڪمن جي خوشنوديءَ جو غلام ٿي پيو آهي. اسين رسول جي حديثن سان پنھنجن دفترن، گيلرين ۽ اقتدار جي ايوانن کي سينگارڻ ۾ منافقيءَ ڀريو فخر محسوس ڪيون ٿا. اسان جي اسلامي جمھوريہ جي ٽيليويزن تي ڏينھن رات حديثن جو ”شو“ (ڏيکاءُ، نمائش) ٿيندو رهندو آهي، پر جڏهن عمل ۾ امتحان جي ڳالھہ ايندي آهي تہ اسين منتون ڪندا آهيون، اسين دليل ڏيندا آهيون، تہ ڪارروائي بند ڪمري ۾ ٿئي ۽ اسين حڪم ڏيندا آهيون تہ ڪارروائي “چور ڪمري” ۾ ئي ٿيندي. هتي ذاتي مفاد جي ڪري اسين پنھنجي رسول سان عشق لاءِ معافي گهرندڙ ٿي پوندا آهيون. ان عظيم انسان سان محبت کان انڪار جنھن ماڻھوءَ دنيا کي اهڙي سڀ کان سٺي ۽ مٿير قدرن ۽ خوبين کان واقف ڪرايو، نہ انساني حقن جو نت نئون چارٽر بہ اڄ انھن آڏو هيچ آهي.
وري استاد مودودي ڪير آهي؟ مٿي ذڪر ڪيل فتوا جي ڪري مون کي ٻِي فتوا ياد اچي رهي آهي، اها فتوا جيڪا ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي سمورن فرضن جي ڪجهہ نہ، پر 500 جيد ۽ اڪابر ديني عالمن جي قلم ۽ مھر سان جاري ٿي هئي. ان مطابق انگريزن جي غلام هندستان (ننڍي کنڊ) ۾ انگريز راڄ جي هٿياربند فوجن جي نوڪريءَ کي خاص طرح صفا ”حرام“ سڏيو ويو هو. هيءَ ڪا پراڻي ڳالھہ ناهي، شايد 1920ع يا 1921ع جي آهي.
عدالت جا صدر! خدا جي واسطي، مون کي ٻڌايو تہ آءٌ پنھنجن ماڻھن جي نسل در نسل پکڙيل قول ۽ فعل جي تاريخي تضادن جي ڳالھہ ڪنھن سان ڪيان! هڪ انتھائي چِٽو، قطعي، فيصلي ڪُن ۽ متفق دين عام حق باوجود منھنجي ۽ توهان جي وڏن ۽ خاص طرح اسان جي متقي چيف ضياءَ نيٺ ڇو لي انفيلڊ (پرمار) رائفلون کڻي ڦوروءَ ۽ پرمار آقا لاءِ سامراجي ۽ بيٺڪي جيوڙن جي سڄي دنيا ۾ دلال ۽ پانڊو ٿي رهيا هئا؟ ان غلاميءَ ۽ ذلت جا دلال جيڪا پنھنجي نوعيت جي بدترين غلامي ۽ ذلت هئي.
وليم هنٽر هڪ ڀيري انھن لاءِ چيو تہ انھن جو ڪم يا تہ مَس ڪُپڙين کي ڀري رکڻ آهي يا وري وڌ ۾ وڌ اهي ڪنھن ڦاٽل شيءِ کي”سبڻ“ جو ڪم ڪري سگهن ٿا. شايد هن ڪجهہ ٻيو بہ چيو هو جيڪو هن وقت منھنجي ذهن ۾ ڪو نہ ٿو اچي، پر آءٌ حيران آهيان تہ هي ماڻھو نيٺ ڪھڙي مڪروھہ نموني هٿيار کڻي ڪنگ امپيريئر (بادشاھہ-شھنشاھہ) جي خدمت ۾ جوٽجي ويا هئا ۽ ڪھڙيءَ طرح هنن دين جي محافظن جو لقب ورتو، دين جيڪو ذلت ۽ غلاميءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ هو.
عدالت جا صدر! مون کان وڏو بيوقوف بہ ڀلا ڪو هوندو جيڪو هن ملڪ ۽ هن سرزمين تي ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ ۽حُسن ۽ سونھن جا خواب ڏسندو رهي ٿو، جتي صدين کان دغا، دوکي ۽ خريدجڻ ۽ وڪامجڻ جي برڪتن سبب رت ڄميو پيو آهي.
آءٌ ڇو توهان جو قيمتي وقت پنھنجي آقا محمدﷺ ۽ ان جي جانشين جي ذڪر سان ذيان ڪري رهيو آهيان! اسان کي سوچ ۽ عمل ۾ ساڻن نيٺ ڪھڙو واسطو آهي؟
آءٌ بند ڪمرن ۽ ڳُجهين ڪارروائين جو ذڪر ڪري رهيو آهيان! مون تي ڪھڙي اوٽ پئي آهي، جو آءٌ انھن عقيدن ۽ نظرين جي ڳالھہ ڪريان، جيڪي لاڳيتو ماڻھوءَ مٿان صدين کان جاري رکيل جبر ۽ ڏاڍ کان نجات ڏيارڻ لاءِ وجود ۾ آندا ويا هئا. منھنجو هيءُ دَور تہ ضرورت جي قانونن جو دَور آهي، هي تہ اهو دَور آهي جڏهن ٻيا تہ ڇڏيو، اقبال جي پٽ، منبر ۽ انوار الحق جي قبيلي جي هڪ ٻئي چيف جسٽس بہ پراڻي دَور جي غارن جي کوٽائيءَ کان پوءِ ضرورت جي نظريي جي پوئواريءَ ۾ هڪ الماوردي ڳولي ڪڍيو آهي. جيتوڻيڪ مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ هُو ان معاملي ۾ ٻين ريڊي ميڊ (ٺھيل ٺڪيل) حوالن ڏانھن ڏسڻ کان ڇو دل من هڻندو رهيو.
حضرت عيسيٰ کان ڪي هڪ سؤ سال اڳ سائرس بادشاھہ اعلان ڪيو هو تہ: Neccessitans Non Habet Legam (ضرورت قانون کان مٿڀري هوندي آهي.)
منھنجي ۽ جنرل ضياءَ جي هم پيشہ وڏڙن مان هڪ اوليور ڪرامويل چيو هو:
“Nesessity has no Law. Feigned Necessities, Immaginary Necessities are the greatest cozenage that Man can put upon the providence of God and Make pretence to break down Law.”
(ضرورت ڪنھن قانون جي ڳِيجهو ناهي، بھاني بازيءَ جون ضرورتون، من گهڙت ضرورتون، سڀ هڪ اهڙو وڏو دوکو آهن جن کي ”خدا جي فضل“ جي نالي ۽ بھاني سان ماڻھو سمورن قانونن کي ٽوڙڻ لاءِ ڍال طور ڪتب آڻيندو آهي.)
۽ وليم شيڪسپيئر اسان جي مدد هيئن ڪري ٿو:
Teach Thy Necessity to Reason thus.
There is no Virtue like Necessity.
(پنھنجي ضرورت (مفاد) کي ان بھاني سان هٿياربند ڪيو، تہ ضرورت کان وڌيڪ ٻي ڪا بہ خوبي ڪانھي.)
عزت واري عدالت! مون کي معاف ڪجو، آءٌ توهان جو ڪيترو ئي وقت مارشل لا جي ساڙيندڙ منجهند لھڻ کان اڳ ”چور ڪمري“ جي ٻڌڻي ۽ ضرورت جي نظريي جهڙن غير ضروري موضوعن تي ڳالھہ ڪري ڦٻائي چڪو آهيان. ايئن ٿو لڳي تہ وزير اعظم جوڻيجي جي حڪم سان مارشل لا جِي اُس واقعِي ختم ٿيڻ تي آهي. مون کي اهي نُڪتا کڻڻ سبب هاڻي ڪجهہ پڇتاءُ ٿي رهيو آهي، خاص طرح جڏهن مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي تہ منھنجي سڄي قوم حڪمران طبقن ۽ رعيت، بادشاھہ، شھنشاھہ ۽ وار لارڊ (جنگجو) عدالتون ۽ قانون ٺاهيندڙ، اديب شاعر ۽ وڪيل، استاد ۽ شاگرد، سرڙيا ۽ هاري، مرد ۽ عورتون ۽ هڪ خواجه سرا (کودڙي) پريس ــــ سڀ بند ڪمري جي لڪل ٻڌڻين جي زهر جا عادي ٿي چڪا آهن.
آءٌ وڃي جھنم ۾ پوان!
آءٌ ڪير ٿو ٿيان قومي ۽ عوامي ميڙ خلاف ڳالھہ ڪرڻ وارو. ڪاش! ولي خان ڪوڪي خيال ۽ باغي قبيلائين کي ضرورت جي نظريي جي معجزن جي ڄاڻ هجي ها، تہ اهي ڪڏهن بہ جنرل فضل حق جي هيروئن وارن مفادن جي سلسلي جو نشانو نہ ٿين ٿا.
مسٽر پريزيڊنٽ! آءٌ اوهان کي پڪ ٿو ڏياريان، تہ ڪنھن بہ قوم جي اڄ ۽ سڀاڻي (آئيندي) کي برباد ڪرڻ لاءِ ضرورت جي نظريي کان وڌيڪ سٺو ۽ اثرائتو وسيلو ٻيو ڪو بہ ٿِي نہ ٿو سگهي.
عزت واري عدالت! پنھنجي بيان کي قابو ۾ رکڻ لاءِ (جيئن مون کي هدايت ڪئي وئي آهي) هاڻي آءٌ سڌو ان ڏوھہ-لسٽ جي ڳالھہ ڪندس جيڪا منھنجي ۽ ٻين جي خلاف تيار ڪئي وئي آهي. پھرين ڏوھہ بدران آءٌ هڪڙي ٻي بيان ڪيل ڏوھہ جي ذڪر سان ابتدا ڪيان ٿو. پھرين ڏوھہ جي ڳالھہ جنھن مطابق آءٌ پاڪستان يعني ڌرتي ماتا جي خلاف هٿيار کڻڻ جو ڏوھہ ڪندڙ ٿيو آهيان، ان تي پوءِ ڳالھائيندس. توهان ڄاڻو ئي ٿا تہ ”پاڪستان جو مسئلو“ اسان جي هٿياربند فوجن لاءِ ڏاڍي خاص اهميت وارو مسئلو پئي رهيو آهي. اسان جا بيلٽ (چيلھہ-پَٽا) لٿل هجن (اسين گرفتار هجون) يا نہ، اسان جي چوڪُنڊين، گول ۽ ڊگهين فوجي ميزن تي اهو پھريون ۽ پويون مسئلو رهيو آهي. اسان ان کي ٽڪرن ۽ ٽوٽن ۾ حل ڪيو آهي (جُهونا ڳڙھہ، مناودر، حيدرآباد دڪن، ڪشمير، مشرقي پاڪستان، اهي برپٽ بيابان جيڪي چين(40 ) ۽ شھنشاھہ ايران جي حوالي ٿيا ۽ آخر ۾ سياچن گلئشيئر، ”جتي گاھہ بہ نہ ٿو نسري.“ (41 )
اڄ تائين واري راند ”مصافبات“ يا جنگي تدبيرنStratagic and Objectives واري راند رهي آهي، پر اها بنياد هئي اعليٰ جنگي حڪمت عملي وارن مقصدن جو، جن کي عمل ۾ آڻيندي اسان هيءُ مسئلو يعني ”پاڪستان جو مسئلو“ سدا لاءِ سمھارڻ ٿا گهرون. هاڻي شايد اهو وقت اچي پھتو آهي جو اسين يعنيٰ هٿياربند فوجون ان مسئلي جي وجود جي پاڙ کي ئي تباھہ و برباد ڪري ڇڏيون.
”پاڪستان جي مسئلي“ کي حل ڪرڻ جون ڪيتريون ئي رٿائون اڄ تائين ظاهر ٿي چڪيون آهن، جن مان هڪ ڪنھن شھزادي، ڪرنل يا ميجر پاران پھتي هئي جنھن ان مسئلي جي هڪ ٽڪري شايد هنزا رياست جو گڏيل امريڪي رياستن (گ.ا.ر/ يُو ايس اي United States of America) سان ايڪونجاهين رياست جي صورت ۾ الحاق ڪرڻ پئي گهريو.
ٻِي (رٿ) ايشيا جي ڊيگال ۽ فولادي مرد هڪ فيلڊ مارشل پاران، جنھن ان مسئلي کي هڪ انتظام لائق ٽڪري جي صورت ۾ گَهڙڻ گهريو پئي ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ فيلڊ مارشل ڏاڍو اعليٰ درجي جو سنگتراش هو. گنڌارا جي تھذيب کي انھيءَ ئي تہ گنڌارا انڊسٽريز جي صورت ۾ لافاني ڪري ڇڏيو هو.
پاڪستان مسئلي جو ٽيون حل هارلي اسٽريٽ جي ”نَر مڙس“ پاران آيو هو. هيءُ اهو ئي مرد ميدان هو جيڪو کَٽمندو هوائي اڏي جي فضائن ۾ هڪ پاڪستاني ايئر هوسٽس جو اگهاڙو بدن پَٽي رهيو هو جڏهن تہ بادشاھہ نويندرا هيٺ آجياڻي لاءِ سِڪي رهيو هو. وطن عزيز جو ٻيو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنھن اڃا بہ ٻِي ايئرهوسٽس جي عزت سان ان وقت کيڏڻ گهريو جڏهن آريه مھر مھرآباد جي هوائي اڏي تي اسلامي جمھوريہ جي صدر جي ضرورت جي نظريي سبب فضا ۾ دير تائين چڪر هڻندڙ صدارتي جھاز کي حفاظت سان هيٺ لھڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ڳريو پئي ويو. اهو ئي آريه مھر جنھن تي پوءِ خدا جي خدائي تنگ ٿي وئي، ان ڏينھن پاڪ آرميءَ جا ڇمب جوڙيان وارا غازي ڪمانڊر اِن چيف کي رايل سئليوٽ (شاهي فوجي سلامي) ڏيڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ سڪي رهيو هو پر نہ، هو رايل سئليوٽ جو نہ، پر ڊاگ (ڪتو) چيف بلئڪ بيوٽِي (ڪارسري سونھن) ۽ بليڪ ڊاگ (شراب جو قسم) جو عاشق هو.
رجمينٽِي ساڙ سبب هُو مون کي ”سٺو“ لڳندو هو. هو منھنجي پنھنجي رجمينٽ منجهان جو هيو. بلوچ رجمينٽ، جيڪا مون کي پنھنجي ان پُٽ حسن کان وڌيڪ پنھنجي سيني ويجهو محسوس ٿيندي آهي، جنھن ان وقت ساھہ ڏنو جڏهن آءٌ هن رجمينٽ جي تيرهين بٽالين جي سنگينن جي ڇانوَ ۾ هن جي مرڻ جاءِ کان سؤ وال پري هڪ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند هوس.
حسن مري چڪو آهي. ڪورو( 42) جي ڪاغذن ۾ هن جو نالو نہ رهيو پر هُو منھنجي اندر ۾ اڄ بہ جيئرو آهي. آءٌ هن کي هر ڏينھن پلجندي ڏسندو آهيان. هي اهو ئي تہ آهي، جنھن جو ٻاتڙو ابھم وارياسي قافلي جي گهنڊڙين جھڙو آواز هر نئين سج منھنجي لاءِ اهو نياپو آڻيندو آهي تہ:
بابا! ڏونگر ڏوريندي (جبل جهاڳيندي) ٿڪجِي نہ پئج، ٽڪر ڏاڍو اوچو ۽ سھڻو آهي. هلندو اچ ۽ هڪ ڏينھن تون ان چوٽي کي ڇُھي رهيو هوندين. تون ٿڪجي چڪو هوندين، پر آءٌ تو کي اتي تہ نہ ملندس. اتي آءٌ تو کي هڪ نئين دنيا ڏيکاريندس، جتي تو کي ڳالھائڻ جي آزادي هوندي، جتي تو کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي هوندي، جتي تون ايڏي سچاين جي سڀني سڳنڌن کي محسوس ئي نہ ڪندين، پر ڇُھي بہ سگهندين ۽ انھن کي پنھنجين اکين سان ڏسندين. اتي نہ تہ ڦٽڪا هوندا ۽ نہ چھبڪ، نہ تہ ڪو تنھنجي بدن ۾ وارِي وجهندو يا اڻ وسايل چوني جون چڻنگون دکائيندو. جتي پيئڻ لاءِ ايترو ججهو پاڻي هوندو جو تون وهنجي بہ سگهندين ۽ گل تنھنجين نظرن جي پھچ تائين پکڙيل هوندا. 2 جنوري 1984ع کان وٺي، جڏهن کان تون اسان کان جدا ٿي ويو آهين، گهر ۾ سڀئي پيلا پئجي ويا آهن. پر جڏهن اسين افق جي هُن پار ملنداسون تہ سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٺاڪ ٿي چڪو هوندو، هر شيءِ پنھنجن اصل رنگن ۽ اصليت ڏانھن موٽي آئي هوندي.
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ 27 جنوري تي، جڏهن آءٌ هڪ زمين هيٺ سوڙهي ۽ اونداهي بند ۾ هٿين پيرين جڪڙيو پيو هوس، اهو حسن ئي هو جنھن پنھنجو ساھہ ڏئي هن علائقي جي فرعون جو ضمير اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو.(43 )
The Play’s the thing Wher in I will catch the conscience of the King.
”اهو موقعو (ناٽڪ) ئي تہ هوندو جتي آءٌ بادشاھہ جي ضمير جي پڪڙ ڪندس.“ (شيڪسپيئر-هيمليٽ)
پر آءٌ بہ ڪھڙو نہ احمق آهيان، عدالت جا صدر! ڀلا ڪارپوريشن جو بہ ڪو ضمير هوندو آهي؟
مون کي افسوس آهي جو هو بلوچ بٽالين، جن جي اگهاڙين سنگينن جو تازو ئي ذڪر ڪري رهيو هئس، پنھنجي سڃاڻپ وڃائي نئين ٺاهيل سنڌ رجمينٽ جي پھرين بٽالين ٿي چڪي آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ قومي سالميت جي بچاءَ لاءِ هاڻي اهي ”ناٽڪ“ ۽ کيل تماشا ئي تہ رهجي ويا آهن.
هيءَ اعليٰ قومي مقصدن خاطر پنھنجن صدرين کي ابتو ڪرڻ ۽ وفادارين کي بدلائڻ جي موسم آهي. ڇا ٿي ويو جيڪڏهن اقتدار جي ڌڻين منھنجي رجمينٽ جي هڪ ٽڪڙي، هڪ پلاٽون جو نالو بدلائي سنڌ، مھراڻ، شھباز قلندر ۽ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ کي بچائي ورتو آهي.
انھن ئي قومي مقصدن خاطر آءٌ پنھنجن مياري ساٿين کي اهو چوندو رهيو آهيان تہ اهي نوان ڪوٽ جي ڪچِي ۽ پڪِي ٻنھي ديڳڙين (ڪُنين) جي اوٻر ۽ تماشي کي ڀُلائي ڇڏين، ڇو تہ ايف آءِ آر جو فراڊ ٺيڪ قومي مفاد ۽ سالميت جي گهرجن مطابق ئي تہ هو. قومي سالميت ۽ تحفظ جو مسئلو جيڪو اسان جي هٿياربند فوجن جي دلين ويجهو رهيو آهي ۽ جيڪو سدائين اسان جي ڏينھن واري ايجنڊا جو آخري مسئلو هوندو آهي.
عدالت جا صدر! توهان کان سواءِ ٻن صدرن ۽ هڪ شهزادي پاران پاڪستان جي مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ حوالا ڏيڻ کان پوءِ يا تہ آءٌ ٿڪجي پيو آهيان يا وري ڊڄي رهيو آهيان، تہ هاڻي مون کي چوٿين ”صدر“ جي ڳالھہ ڪرڻي آهي.
خدا ئي ان جي مدد ڪري! مون کي هاڻي بہ هن سان ”پيار“ آهي، جڏهن تہ هو ”رسالي“ (فوج) جو آهي جيڪي پيدل جٿن کي ڏاڍي ڌڪار جي نگاھہ سان ڏسندا ئي رهندا آهن. آءٌ ڄاڻان ٿو، هن (نام نھاد صدر) جي نيت ڪھڙي آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ فوجي تاناشاهي روايتن جا واچوڙا هن کي ڪھڙي پاسي اڏاريو پيا وڃن. خدا جو سُنھن، مون کي اهو ڄاڻڻ لاءِ رسالي جي شھيد، ڦاسي تي چاڙهيل ڪرنل-ان-چيف ڏانھن اشارو ڪرڻ جي گهرج ناهي.( 44) (ذوالفقار) علي ڀُٽي جي ڳالھہ تہ آءٌ ان وقت ڪندس جڏهن آءٌ سچ پڇ هٿيار کڻي انھن نيتن خلاف جنگ وڙهندس جيڪي پاڪستان جون دشمن آهن. منھنجي اباڻي وطن جي دشمنن ۾ رڳو “آءٌ” ئي تہ ڪو نہ آهيان! عدالت جا صدر! توهان، ڦاهيءَ چاڙهيندڙ جلاد، سرڪاري وڪيل، جنرل، جج، مارشل ۽ ايڊمرل ۽ هِي نظامُ ذاتي طرح پاڻ هن جي بدترين دشمنن ۾ شامل آهيو.
هاڻي آءٌ ڏوھہ-چٺي جي ڳالھہ ڪندس ۽ آءٌ ڏاڍو چٽو ڪري چوندس تہ اهو ئي ڏوھہ-چٺو منھنجي ان حج لاءِ سفري کاڌو آهي، جيڪو منھنجي ننڍپڻ جي خوابن جي تعبير هوندو.
آءٌ حج ڪندس
طوفان لڳي يا موسمون بدلجن
پرواھہ ناهي، ماڻھو ڇا بہ چوَن
ڏينھن رات مزدوري ڪندس حج جي لاءِ.
(جان بنيان (John Bunyan) نالي شاعر جي خيالن تان ورتل)
8 جنوري 1985ع تي جڏهن هڪ اسسٽنٽ سپريٽنڊنٽ جيل مون کي ڏوھہ-چٺو ڏنو تہ آءٌ وائڙو هوس تہ نيٺ اهو ڪم ڪنھن هيڊ وارڊن يا سپاهيءَ کان ڇو نہ ورتو ويو! توهان مون کي غلط نہ سمجهو! منھنجي سڌ اها ڪڏهن بہ نہ هئي تہ ڪو جيلن جو انسپيڪٽر جنرل اهو ڪم ڪري ها، پر اها تہ مقدر جي هيراڦيري، جو ڏوھہ-چٺو مون کي تارا مسيح جي جانشين نہ ڏٺو. جيڪڏهن توهان کان وسري ويو هجي تہ آءٌ توهان کي ياد ڏياريان تہ تارا مسيح اهو جلاد هو جنھن توهان جي ڪرنل-ان-چيف جي ڪنڌ ۾ ڦاهي جو ڦندو وڌو هو.( 45)
شايد اهو ان ڪري ممڪن نہ ٿي سگهيو هو، جو نوان ڪوٽ ويڙھہ جي جنرلن لاچاريءَ جي حالت ۾ پنھنجي حڪمت عمليءَ ۽ راند جا قانون بدلايا هئا. هن گهڙي اهو آءٌ فيصلي ڪُن انداز ۾ چئي نہ ٿو سگهان تہ ايف آءِ آر جي قلابازيءَ جا مڪمل تفصيل ڪھڙا آهن. هڪ سال کان پوءِ پاڪستاني ڏوھہ-سزا جي شق-302 ڇو موٽائي وئي. بھرحال، اها حقيقت آهي تہ آگسٽ-سيپٽمبر 1984ع ۾ رسالي جي ئي هڪ ٻي من-گهري ليفٽيننٽ ڪرنل، جيڪو پوءِ ”رياست“ ۽ سرڪاري ڀڳل شاهدن ۾ پھرين نمبر تي هو، اسان جي هن ئي صادق هال ۾ سمري آف ايوِيڊنس (قسميہ بيان) ريڪارڊ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ پوءِ جِي ايڇ قيو قانوني گورک ڌنڌي جي پنھنجي ئي ڦندي ۾ ڦاسي وڃڻ جي ڀوَ کان ان ڊگهي ۽ سھپ گهرندڙ ايف آءِ آر جي وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. انھن ئي ڏينھن ۾ جِي ايڇ قيو کان هڪ ڄامڙي برگيڊيئر اٽڪ قلعي ۾ اچي گهٻراهٽ جي حالت ۾ نوان ڪوٽ ٿاڻي ۾ اسان جي خلاف ”رکيل“ هٿيارن ۽ ٻي ”جنگي سامان“ کي انھن ٻن ڪارن ۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جن ۾ اهو سڀ ڪجهہ رکي سازشي آفيسر ايف آءِ آر جي چواڻي، ڀَڄڻ جي ڪوشش ڪندي هڪ رتوڇاڻ ويڙھہ ۾ گرفتار ٿيا هئا. جڏهن ڪيترين ئي ٽرڪن ۾ اچي سگهندڙ ان سامان جي ڪا هڪ صندوق بہ انھن ڪارن ۾ سمائجي نہ سگهي، تہ ايف آءِ آر ۾ ترميم جا حڪم ڏنا ويا. ٻڌو آهي تہ اهي بارود بم هن شھر جي سڀ کان وڌيڪ عزت ڀري شھري جنرل ضياءَ جي گهاٽي يار سيٺ عابد امرتسر جي گوردواره صاحب کي هٿيار پھچايا ويندا آهن. توهان ڄاڻو ئي ٿا تہ ڪن خاص سببن جي ڪري اهو عزت ڀريو شھري تاناشاهي جو ڪيڏو نہ لاڏلو آهي.
ايف آءِ آر بدلائڻ لاءِ نوان ڪوٽ جي واقعي جي هنڌ بہ تبديل ڪرڻو پيو ۽ اهڙي طرح ڪوڙ تي ڍڪ وجهڻ لاءِ نيشنل سيڪيورٽي (قومي تحفظ) جو ناٽڪ کيڏيو ويو.(46 ) جڏهن تہ اها ئي اها جاءِ آهي جتي نيشنل سيڪيورٽيءَ جا ڪيرايل ڪارا پردا پنھنجو پاڻ کڄي ويندا آهن. سائين منھنجا! اهو جنرلن جي پيشورانہ صلاحيتن جو هڪ ٻيو شاهڪار آهي. فرياديءَ جي وڪيلن، فرياديءَ جي شاهدن (جيڪي هڪ ٻن کان سواءِ باقي سڀ انٽيليجنس جا ميجر ۽ ڪرنل هئا) ۽ ٻيا سمورا واسطيدار ماڻھو هن قصي ۾ نيشنل سيڪيورٽيءَ جي مسئلي جي وجود کي ثابت ڪرڻ ۾ صفا ناڪام ٿيا آهن. اهو مسئلو جنھن جي آڙ ۾ انھن ماڻھن ڪُوڙ جا ٿھا ڀري بيان ڪيا آهن.
وه بات جس ڪا ساري فساني مين ذڪر نہ ٿا
وه بات ان ڪو بُھت ناگوار گذري هي
اسان جي خلاف قلم-302 ختم ڪرڻ، بھرحال هڪ اسرار ڀريو مونجهارو آهي. اها ڳالھہ سڀ ڄاڻن ٿا تہ نوان ڪوٽ ۾ ماريل (هڪ صوبيدار، هڪ اين سِي او ۽ هڪ واٽھڙو) پنھنجن ئي انھن طوفاني جٿن هٿان قتل ٿيا هئا، جن جي ڪمان تھخاني جو هڪ ليفٽيننٽ جنرل ۽ هڪ برگيڊيئر بذات خود ڪري رهيا هئا. گهٽ ۾ هڪ صوبيدار جو لاش تہ آرمي هائوس تائين آندو ويو جت جنرل ضياءَ ان بيگناھہ ماريل جو آخري ديدار ڪيو هو. انھن ڏينھن تائين اهو قتل منھنجن جٿن مٿان مڙهيو ويو جيڪي ايف آءِ آر چواڻي هڪ والٿر پستول سان هٿياربند هئا. ۽ جنھن وسيلي انھن (جٿن) پاڪ آرميءَ جي هڪ ٿري اسٽار (ٽن تارن واري) جنرل جي ڪمان هيٺ گوريلا جٿن سان ڇتي ويڙھہ ڪئي هئي. اهو والٿر پستول بھرحال اڃا سوڌو عدالت ۾ پيش نہ ڪيو ويو آهي. شايد قومي تباهيءَ جو اهو موتمار هٿيار هتي آڻڻ ۾ بہ قومي سلامتيءَ جو مسئلو رنڊيل رهيو.
قلم-302 بابت تازيون خبرون بھرحال ڏاڍيون ڀليون آهن. مون ٻڌو آهي تہ اهي رڳو ٽيڪنڪي (هنري) چُڪون هيون جن هڪ ڪوڙ جي پوئواري کان انڪار ڪيو(47 ) ۽ اهڙيءَ طرح نوان ڪوٽ جي قاتلن ۽ قتل جي ”شھہ“ ڏيڻ وارن اسان باقي ميارين خلاف هنيل تھمت، ارادي سان قتل وارو قلم بيھي نہ سگهيو.
سائين منھنجا! ٽيڪنيڪون (هنر) ضمير وارا هوندا آهن، جڏهن تہ ڪارپوريشن ان خوبيءَ کان خالي هوندي آهي. محترمہ ٽيڪنڪ ان پھرين نظر ۾ ئي مون کي گهائي رکيو آهي. انساني سوچن ۽ ذهنن لاءِ هڪ ڄمار گذارڻ کان پوءِ اڄ مون کي اهو چوڻو آهي تہ منھنجي دل ۾ بيٺل آزاديءَ جي مظلوم مجسمي جي بلڪل ڀرسان ٽيڪنِڪن جو وجود بيھجي ويو آهي.
تازو جڏهن آءٌ ٽيڪنِڪن، انساني دلين ۽ ضمير جي ڳالھہ ڪري رهيو هئس، تہ شيڪسيپيئر هوريان هوريان منھنجي ڪَن ۾ سڙٻاٽ ڪيو آهي. توهان بہ ٻڌو، ڏاڍي ڪم جي ڳالھہ آهي:
What stronger Breast plate A Heart untainted,
Thrice is he Armed that Hath His qurrel just,
and he but nacked though locked up in steel,
whose conscience with injustice is corrupted.
ترجمو: زرھہ بند هڪ بي داغ دل کان وڌيڪ ڪير سگهارو هوندو، ٽيڻو هٿياربند آهي اهو ماڻھو، جو انصاف لاءِ وڙهي ٿو، ضمير جنھن جو بي انصافيءَ جي بڇڙائيءَ ۾ ورتل آهي ۽ پاڻ فولادي پوشاڪ ۾ لڪل آهي، پر پوءِ بہ اگهاڙو آ.
صدر صاحب! ٻنيءَ جي ٻارن جيان هڪ ڀيرو وري هيڏي هوڏي ٿي وڃڻ لاءِ مون کي معاف ڪندا. مون کي ڏوھہ-چٺي ۽ خاص طرح بي ڏوھہ جي ڳالھہ ڪرڻي هئي، پر آءٌ ڪجهہ پري نڪري ويس، ۽ سچ تہ اهو آهي تہ آءٌ آئيندي بہ نہ ڀٽڪڻ جي ڪا ضمانت ڏئي نہ ٿو سگهان. اهي ئي ڳالھيون، اهي سوچون ئي تہ اهي نُڪتا آهن جيڪي منھنجي بناوت ڏانھن اشارو ڪن ٿا ۽ اهي ئي اها پل آهن جن جي مدد سان توهان سڃاڻپ جي انھن اڻڄاتل سرچشمن ۽ نَدين کي اُڪري سگهو ٿا، جيڪي منھنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ موجود آهن.
انھن ئي پُلين کي اڪري اوهان پنھنجي مياريءَ کي ڄاڻي سگهندؤ! سڃاڻي سگهندؤ!
اها 1969ع جي ڳالھہ آهي جڏهن هڪ ڏينھن آءِ جيسور ڇانوڻيءَ ۾ گيريزن ڊيوٽي آفيسر(48) هوس. گيريزن ڊيوٽي آفيسر توهان ڄاڻو ٿا تہ اهي آفيسر آهن جيڪي تھمت لڳلن کي رضا خوشيءَ سان ڏوھہ قبول ڪرائڻ لاءِ ڪچھرين ۾ وٺي ويندا آهن ۽ ڏوھہ قبولڻ جي شادماني کان پوءِ گند، ڪچري جي ڍير جيان کين انھن ئي جاچو ايجنسين جي ڍونڍن ۾ ڦِٽو ڪري ويندا آهن جيڪي کين ڏوھہ قبولڻ تي مجبور ڪندا آهن.
بھرحال، آءٌ 1969ع جي ڳالھہ ڪري رهيو هئس. پنھنجن فرضن موجب مون سڀ کان پھريائين ڇانوڻيءَ جي سڀ کان وڏي هٿيارن جي ذخيري جا حفاظتي انتظام وغيرہ چڪاس ڪيا. هي اهو ئي ايمونيشن ڊمپ (گهڻو ڪري زمين هيٺ هٿيارن جو ذخِيري-گهر) هو جتي آرميءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال تائين ويڙھہ جي گهرجن جو ذخيرو ڪيل هو. اهو ئي جنھن کي اسان 1971ع ۾ ڪنھن هڪ بہ اِگلو (برفيلي جهوپڙي-ڊپو) تي ڪا رهنڊ آئي بنا نائين ڀارتي ڊويزن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. اتي آءٌ فيلگ اسٽاف هائوس (جهنڊيدار عملي لاءِ گهر) ڏانڳن ويس. هي اهو ئي فيلگ اسٽاف گهر هو پوءِ جنھن جو ڦڙڪندڙ چنڊ وارو جهنڊو اسان گولي جي ڪنھن بہ نشان کان سواءِ حفاظت سان ڀارتي فوج جي حوالي ڪيو هو. اتي باغيچي ۾ مون پنھنجن اڳواڻن کي ڏٺو جيڪي هڪ سھڻي شام آن دَ راڪس (ٽڪرين تي سُھڻي شام) ملھائي رهيا هئا.
موسم وڻندڙ هئي ۽ آءٌ رڳو هڪ سيڪنڊ ليفٽيننٽ، ان ڪري مون بہ پنھنجي ٽئنڪ-مار رائيفل واريءَ جيپ کي ڇانوڻيءَ کان ڪي 80 ميل پري هڪ شھر ڏانھن ڊوڙايو جتي تازو ئي هڪ سنهري وارن واري جيسور کان لڏي آئي هئي. هن سڄي ڪٽنب گهاٽن وڻن هيٺ منھنجي آجيان ڪئي. هن جي کل هٺيان هڪ شينھن جي دل هئي ۽ منھنجو ساڻس پيار ڀريو ناتو هو.
پر ڏکَ خوشين ۽ فرحتن جي ڄڃ جي اٿاريل ڌوڙ ۾ ماڻھوءَ جو پيڇو ڪري رهيا هوندا آهن. رڳو ارڙهن مھينن کان پوءِ اسان اهو گهر ــــ ٽھڪن ۽ خوشين ۾ رچيل وسيل گهر، ڏور مشرق (بنگلاديش) جي انتهائي سهڻن پام (کجي) جي وڻن ۾ وسندڙ گهر ــــ خاڪ جي ڍير جي صورت ڏٺو. کجيءَ جون ڊگهيرڙيون پوريون ڳچيون مشين گنن جي گولين جي وسڪاري سان پرڻ ٿيو پيون هيون. ان شھر جي لوڪ ڪھاڻين ۽ ڳيچَن موجب، ان گهراڻي جي عورتن بہ زندگيءَ تي موت کي مٿير سمجهيو، پنھنجي لڄ ۽ عزت برقرار رکڻ لاءِ لڄ لُٽ، باھہ ۽ ڦرلٽ جي ان طوفان آڏو سِيس نوائڻ بدران سڀني موت سان ڀاڪر پاتو.
ڪو ٻيو ملڻ جو هنڌ اسان جي مقدر ۾ ڪو نہ هو. وَچنن واعدن باوجود اسين ٻيھر نہ ملي سگهياسون، پر ٻئي ڏينھن مون هتي، هن قلعي ۾ ڪنھن کي ساڳي رنگ ڍنگ، ٻوليءَ ۽ انھيءَ آواز ۾ سُڙٻاٽ ڪندي ٻڌو. شايد اهو ڪو بيقرار روح هو. ان جو همراز ۽ هم قوم جنھن کي هِيءُ قلعو تيار ڪرائيندڙ قاهر ۽ جابر شھنشاھہ شاهي پٿرن ۾ ليپرائي ڇڏيو هو، پر شايد ان کان دلير ۽ همت ڀَرئي ماڻھوءَ جنھن ان خوني درندي (شھنشاھہ) جي 1980ع واري جانشين کي للڪاريو آهي.(49 )
His fall was destin’d to a barren strand,
A petty fortrees, and a dubious hand;
He left the name at which the world grew pale,
To point a moral, or adorn a tale.(50 )
آءٌ چئي نہ ٿو سگهان تہ شاعر سيموئل جانسن مٿيون (بيت) ڪنھن جي مانَ ۾ چيو هو. هُن درندي (شھنشاھہ) لاءِ يا هِن وحشي (ضياءَ) لاءِ، جنھن کي هاڻي وڃڻو آهي. پر آءٌ توهان کي اهو ضرور ٻڌائيندس تہ ان گهر جي خاڪ تي بيھي، جنھن جو مالڪ مسلم ليگ جو پايو وجهندڙن مان هو. مون اهو وچن ڏنو هو تہ هن ملڪ جي سڀ کان مضبوط، سڀ کان جٽادار سياسي جماعت يعني هٿياربند فوجن جي هڪ ڪميشنڊ ميمبر جي حيثيت ۾ آءٌ پنھنجن سياستدان جنرلن جي رندن تي هلندس، هڪ سپاهي سياستڪار جي حيثيت ۾ نہ، پر هڪ ننڍي محتسب جي روپ ۾.
1971ع جي ان لڱ ڪانڊاريندڙ تباهيءَ هلندي هڪ ماڻھو، آدم جي پُٽ جي روپ ۾ جوان ٿيو. اتي مون پنھنجي سڌ، تمنا، مرضيءَ ۽ هڪ سوچيل سمجهيل فيصلي موجب (پاڪستاني شھريت) اختيار ڪئي. منھنجي پاڪستاني هئڻ واري هام نہ تہ فطري بنيادن تي آهي ۽ نہ ئي جاگرافيائي ورهاست جي وجود تي، پاڙيسري علائقن مان هجرت ڪرڻ سبب ۽ نہ ئي ڪنھن نسلي وجود جي سھاري ۽ نہ ئي وري ڪنھن حادثي ٿيڻ سبب 24-مارچ 1971ع تائين آءٌ هڪ اهڙو پيدائشي پاڪستاني هوس جيڪو ٻين گهڻن جيان پِڪنڪ تي ويل هو. 25-مارچ 1971ع تي جڏهن اسان جا جنرل ”لومڙيءَ جي شڪار“ تي نڪتا، ان مھم جوئيءَ تي، جنھن جو مقصد هڪ قوم کي تباھہ ۽ برباد ڪرڻو هو. مون مذهب ۽ عقيدت، تمنا ۽ سڌ، ۽ هوش ۽ حواس سان پاڪستاني ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
سائين منھنجا! ان ڏينھن کان آءٌ ملڪي مسئلن ۽ معاملن سان لاڳاپيل رهيو آهيان، پر رڳو ايترو جنھن جي سڌ پاڪستان آرميءَ جي پھرئين پاڪستاني (؟) ڪمانڊر-ان-چيف ڪئي هئي.
”ملڪي فوجن جي گهٽين گهاٽن جي سياست کان پري ملڪي مسئلن بابت باخبر ۽ فڪرمند رهڻ گهرجي.“
اِهي اُهي لفظ آهن جن جو ورجاءُ، هُو سپاهين کي مخاطب ٿيندي گهڻو ڪري ڪندو هو.
اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ”فيلڊ مارشل“ پنھنجي سوچ ۽ لفظن جي عزت ڪڏهن بہ رکي نہ سگهيو ۽ نيٺ پاڪستان جي هائيڊ پارڪ ”موچي در“ ۾ ڪِرَئش لينڊنگ (هوائي جھاز جو هنگامي طرح زمين تي لھڻ) ڪري ويو. سچ تہ هِيءُ آهي تہ محمد ايوب خان کان عيدي امين دادا (غنڊي؟) تائين جيترن بہ فيلڊ مارشلن ٽِين دنيا جي اگهاڙي پيٽ مان جنم ورتو، انھن سڀني جي مقدر ۾ اهو ئي لکيل هو.
سواءِ سام-مانڪ-شا جي، جيڪو ان عھدي ۽ رتبي جو حقدار ئي نہ هو!
ڏوھہ-چِٺي ۾ منھنجي خلاف ٻِي ميار (تھمت) سائيڪوپيٿالاجي (نفسياتي مرض-ڄاڻ) جو ڏاڍو مظاهرو آهي. اها حڪمران تاناشاهن کان ويندي ڏوھہ-چٺي جي وردي پھريل يا بنا وردي ليکڪن، سڀني جي دلين ۾ سرڪندڙ ڏوهاري احساس جو شاهڪار آهي.
تھمت ۾ انھن گڏجاڻين ۽ تخريبي ادب جو ذڪر آهي جنھن ”وسيلي“ اسان وقت جي حڪومت خلاف نفرت ۽ بي اطميناني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهي ”ملاقاتون“، ”اهي گڏجاڻيون“ سندن چوڻ موجب ڌرتيءَ جي الھندي اڌ گولي جي شھرن کان وٺي مشرق جي ڇانوڻين تائين بين الاقوامي سطح تي منظم ڪيون ويون.
عزت لائق صدر! اسين هڪ بدترين احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا قوم آهيون. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن اسين ”پنھنجي ڏيھہ جي“ سوچن جي ڳالھہ ڪنداسون. مون کي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ نيٺ هن سرزمين، هن ڌرتيءَ، ان جي ماڻھن ۽ حڪومتن ۽ پاجامن ۽ زيرجامن (ڪَڇن ۽ گنجين) کان سواءِ ان خلاف هر ”سازش“ تي بہ ”ويسٽ منسٽر“ يا ”ڪيپيٽل هِل“ جي تصديقي مھر هڻڻ ڇو ايڏي ضروري سمجهي ويندي آهي. مون لاءِ اها بہ راز جي ڳالھہ آهي تہ اسلام آباد جي ايوانن ۾ گهڙيل هر لنڊن پلان (منصوبي، سازش) جي ڊراپ سين، آخري ڏيکُ ناڪاميءَ جي لفظن ۾ ئي ڇو لکيو ويندو آهي.
جڏهن تہ، سچ تہ اهو آهي، پينٽاگون ۽ ڪيپيٽل هِل جي مئچ سان ئي انقلاب اچي ويندا آهن.
ڪڏهن سبز انقلاب تہ ڪڏهن اڇو انقلاب!
مسٽر پريزيڊنٽ ۽ عدالت جا ميمبرؤ! توهان کي ياد هوندو تہ سَٺ واري ڏهاڪي ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ليفٽيننٽ جنرل(51 ) فوجي آفيسرن خاص طرح ويڙهاڪ جٿن جي رجمينٽ ميس لائف (رجمينٽ جي ميس واري حياتيءَ) کي اڊيڙي ڦٽو ڪيو ويو هو. پلاٽونن جي رجمينٽن جي روايتن جي امين آفيسرز ميسن کي بنا سوچي سمجهي پاڻ ۾ ملائي گارو ڪري ڇڏيو ويو. ان گاري کي ڪٿي اي، بِي، سِي ۽ ڊِي آفيسرن جي ميس جو نالو، تہ ڪٿي وري انھن کي ”قيدي نمبر“ ڏنا ويا جيئن هتي اوهان هنن مياري آفيسرن کي هڪ کان ستر تائين وارن نمبرن سان سڃاڻو ۽ سڏيو ٿا.
آءٌ هڪ ڏاکڙي جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان جنھن جي نتيجي ۾ ويڙهاڪ ايڪن (يونٽن) جي سڃاڻپ ختم ٿي وئي ۽ انھن جا اڳواڻ خاص طرح جونيئر لِيڊر بي گهر ٿي ويا. اهو ئي لاڙو هو جڏهن آفيسرن انھن ملاقاتن جي ابتدا ڪئي ۽ اهي گڏجاڻيون ان وقت اڃا بہ وڌي ويون جڏهن اسان جي ڦاهي چڙهي ويندڙ (شھيد) وزير اعظم باقي بچيل ميسن کي ”خشڪ ويرانن“ ۾ بدلائي ڇڏيو، تان جو پيئڻ لاءِ ايتري چُڪي بہ نہ بچي جيڪا ”پڻڪيءَ جيتري پيالي ۾ اچي سگهي“.
ان کان هڪدم پوءِ اسلامائيزيشن جو گوڙ اٿيو ۽ نوجوان آفيسرن جي ڪمرن ۾ باقي بچيل هلڙبازيءَ ۽ حياتيءَ جي حسن ۽ رومانس (پيار پريت) خلاف ڦٽڪن ۽ چھبڪن جا چڀڪا ۽ سُوسٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. حياتي ڏاڍي بور (بيزار)، ٺوٺي ۽ گهلجندڙ ۽ سُڏڪا ڀريندڙ مامري ۾ بدلجي وئي.
اهو سڀ ڪجهہ چوڻ جو ڪڏهن بہ ڪنھن بہ حالت ۾ اهو مطلب ناهي تہ آءٌ جرمنيءَ جي شھر ورتبرڪ ۾ لوٿر جي ڪمري ۾ اُڪريل انھن لفظن تي ايمان نہ ٿو رکان تہ:
”جنھن کي حوا جي نياڻيءَ، انگور جي ڌيءُ ۽ گيتن سان پيار ناهي، اهو اصل کان ۽ سدائين رهندڙ احمق آهي.“
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ انھن ٽنھي مان ڪنھن هڪ سان بہ منھنجي پاران پيار جو اظھار مون کي آرمي ايڪٽ سان گڏوگڏ هِن ملڪ ۾ رائج چئن مختلف متضاد قانونن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن هيٺ اسِي کان سؤ تائين ڦٽڪن جو حقدار ڪري سگهن ٿا، پر اها رڳو منھنجي گيتن سان پريت آهي جيڪا مون کي جنم ٽيپ جي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪافي ٿيندي. جيڪڏهن آءٌ ٻيھر ڄمندڙ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر( 52) جي ڀوَ کان جنت الفردوس مان آيل پھرين ٻن سوکڙين سان پيار جو اظھار نہ ڪيان پر گيت تہ آءٌ ضرور ڳائيندس. ڌرتي ماءُ سان تہ لافاني عشق ۽ آزادي ۽ ڇوٽڪاري جا گيت تہ آءٌ ضرور چوندس ۽ ان معاملي ۾ اوندھہ ۽ ڏاڍ جي پيغمبرن جي ”پلاٽونن“ جي قھر ۽ ڪروڌ جِي ذرو بہ پرواھہ نہ ڪندس. اڄُ انھن جو آهي پر سڀاڻي هر حالت ۾ اسان جو هوندو. هن ملڪ جي پٽن ۽ ڌيئن جو، جيڪي آزاديءَ جي ان ڏينھن کان پوءِ پنھنجي رت، پگهر ۽ سوچن سان هن ملڪ کي ڌرتيءَ جِي جنت ۾ بدلائي ڇڏيندا، اها ڌرتيءَ جي جنت جيڪا سڄي دنيا جي بيگهر ماڻھن جو پناھہ گاھہ هوندو.
ہمیں خبر ہے کہ ہم ہیں چراغِ آخرِ شب
ہمارے بعد اندھیرا نهیں، اجالا ہے
(ظہیر کاشمیری)
هڪ اهڙي جنت جيڪا پنھنجن پٽن ۽ ڌيئن کي انھن جي مذهب، عقيدن، رنگ ۽ نسل جي فرق سبب ڪڍي ٻاهرڦٽو نہ ڪندي، هڪ اهڙو گهر جتي ڪو بہ ماڻھو رزق ۽ زماني جي ڏک ۾ بيحال نہ هوندو، ڪو بہ ايئن نہ ٿڪبو جو جلاوطن ٿي وڃي.
پر عزت واري صدر! جيستائين گهر جي ياد ۾ بيقرار جلاوطن ماڻھو موٽي اچن، توهان کي، مون کي، شاعر وائيس چيف ۽ اسان سڀني کي پنھنجي پنھنجي ٻارڻ وسيلي اهو ڀنڀٽ ڀڙڪائي رکڻو پوندو.(53 ) توهان ان کي انصاف جي ڪرسيءَ تي روشن رکو ۽ آءٌ... پيرَ ڪَڙين سان ڦاهي گهاٽ ڏانھن سفر وسيلي. اها حقيقت مون تي چڱيءَ طرح پڌري ٿي رهي آهي تہ اسين جتي بہ آهيون، دل جي گهراين ۾ اسان جا مقصد ۽ تمنائون هڪجهڙيون آهن. آءٌ ڄاڻان ٿو، توهان مون کي پاڪستان جي نالي تي هر حال ۾ مون کي ان پياري ڏوھہ جي سزا ڏيندا، پر پڪ رکو تہ ان نالي تي آءٌ توهان کان اڃا وڌيڪ، اڃا وڌيڪ، اڃا بہ وڌيڪ، سزا جي گُهر ڪندس. اهو نالو منھنجِي ۽ توهان جي گڏيل سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن اهو نہ هجي ها تہ اسين سڀ تجريدي آرٽ جي ابتين سبتين ليڪن کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ هجون ها.
معاف ڪجو، آءٌ هڪ ڀيرو وري ڪجهہ پري نڪري ويس پر هن ڀيري ڳالھہ هن سازش واري ڪيس جي انت يعني سزا ۽ جزا بابت هئي. اها ڳالھہ پڪ تہ غير واسطيدار نہ هئي.
آءٌ ڏوھہ-چِٺي ۾ ڪتب آندل اصطلاح ميٽنگز (گڏجاڻين) جي ماخذ ۽ ان جي ابتدا جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس. ڇا مون کي توهان کان اهو پڇڻ جو حق آهي تہ توهان، فاضل فريادي ڌر جي وڪيلن يا هن ڏوھہ-چٺي جي ليکڪن، عوامي مسئلن بابت ڪڏهن ڀلجي بہ نہ سوچيو هوندو؟ ڇا توهان ماڻھن، ڪڏهن ڌوڙ سان ڀريل روڊن جي پاسي ۾ ڪنھن کوکي جھڙي هوٽل ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي؟ توهان کي ڪڏهن دونھون ڇڏيندڙ ڪِينئن ماڪوڙن سان ٽمٽار ڪنھن سوزوڪيءَ يا ”هڏيون نڪتل“ بس جي ساھہ-ٻوساٽيندڙ ڍانچي ۾ سفر ڪرڻ جو اتفاق ٿيو آهي؟ ڪڏهن توهان انھن گهٽين منجهان لنگهيا آهيو، جتي اُڀامندڙ گٽرن، غلاظت سان بند نالين ۽ ڦٿڪندڙ مخلوق کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ هوندو آهي؟ ڪڏهن توهان ڪنھن تعلقي جي اسپتال جي ڀريل وارڊن ۾ رت-ٿوڪيندڙ، چِنگهندڙ، نڌڻڪن مريضن جي طبيعت پڇڻ لاءِ ويا آهيو؟ ڪڏهن توهان ڪنھن ڳوٺ جي ان پرائمري اسڪول ۾ گهڙيا جتي تپندڙ منجهند جو ڪو ڇانورو ابھم ٻارڙن لاءِ پيئڻ جو پاڻي ۽ انھن کي پڙهائڻ لاءِ ڪو استاد نہ هوندو آهي؟ ڪڏهن توهان ان ڳوٺ جي حالت تي ڌيان ڏنو آهي جنھن ۾ ڪو رستو ڪونھي، بجليءَ جو ٿنڀو ڪونھي، پيئڻ جو پاڻي ڪونھي! ڪڏهن توهان کي ڍَنڍن ڍير ۾ لڪل مڇرن جي ميڙن ۾ ساھہ کڻندڙ ڪچين آبادين ۾ رڳو هڪ رات ٽڪڻ جو موقعو مليو آهي؟ ڪڏهن توهان کي انھن وسندين جي انھن رهاڪن سان ڳالھيون ڪرڻ جو اتفاق ٿيو آهي جيڪي لتاڙيل سَڌن ۽ چيڀاٽيل تمنائن جي خوابن جا لاشا ڪلھن تي کنيو، سُڏڪي سُڏڪي حياتيءَ جا ڏينھن گهاري رهيا آهن؟ ڇا توهان ڄاڻو ٿا تہ هن ملڪ جا هاري ۽ مزدور ڪيڏي ذلت ڀري مسڪينيءَ جي پاڇن ۾ ساھہ کڻي رهيا آهن؟
ڇا هاڻي بہ مون کي اهو ٻُڌڻ جي گهرج آهي تہ اوهان آڏو بيٺل هن ڏوهاريءَ جون پاڙون انھن ئي ماڻھن جي وجود ۾ آهن؟ انھن ماڻھن جا خوف ۽ اميدون، انھن جا ڏک ڏاکڙا، انھن جون اڻپوريون خوشيون، انھن جا نفعا ۽ نقصان، انھن جا سڏڪا، انھن جا مرثيا ۽ نوحا، سڀ ڪجهہ منھنجو بہ آهي.
مون کي اوهان کان پڇڻو آهي، مون کي اوهان کان اهو پڇڻ جو حق آهي، تہ انھن حالتن ۾ توهان مون ۾ اها اميد ڇو رکي تہ آءٌ انھن مسئلن بابت ماٺ رهندس!
اهي مسئلا سڀ طرفا ۽ گهڻ-پاساوان آهن. اها رڳو هڪ گهٽي، هڪ ڳوٺ ۽ هڪ اسپتال ئي ناهي جتي وک وک تي اسين انھن اوٿن ۾ ڦاسون ٿا.
عزت وارا صدر! انھن مسئلن جا منحوس پاڇا اسان جي بيرڪن، اسان جي يونٽ لائينن ۽ اسان جي سکيا گاهن کي بہ پنھنجي زور هيٺ آڻي چڪا آهن. منھنجي لاءِ اهو ناممڪن هو تہ انھن حالتن ۾ بہ پنھنجي طبقي جي امن، سلامتيءَ ۽ سک جي ٻيٽ ۾ پاڻ کي قيد ڪيو ويٺو هجان هان!
شايد سرڪاري وڪيلن جي سمجهہ کان اها ڳالھہ ٻاهر ۽ مٿي هجي، پر آءٌ ڪيئن پنھنجي بٽالين ۽ پنھنجي فوج جي ان سپاهيءَ جي ڏک کان پري رهي سگهيس پئي جنھن کي ڊزن کن ماڻھن جي پيٽ جو جھنم ڀرڻو هجي پر جنھن جي پگهار جي پنجين پتِي رڳو سندس ڳوٺ ڏانھن اچ وڃ ۾ ختم ٿي وڃي! انھن کي اها خبر ڪٿي هوندي تہ فوج جي ڊيري فارمن جي مينھن جي کير تي، سپاهيءَ جي پُٽ جي نالي ۽ مقدر جو ٺپو لڳل ڪونھي! اهي پڪ ئي نٿا ڄاڻن تہ هٿياربند فوجن جي جوانن ۽ هيٺين درجي جي عھديدارن مان ڪي 5-10 سيڪڙو مس اهڙا هوندا جن کي سندن ڊيوٽيءَ واري جاءِ تي فيملي قئارٽر (ڪٽنب لاءِ گهر) ملي سگهندو آهي. هنن سرڪاري وڪيلن کي ڪير ٻڌائي تہ هڪ نئين ليفٽيننٽ ۽ ان جي نئين پرڻيل ڪنوار کي تہ هر حالت ۾ ٽن ڪمرن وارو بنگلو ملي ويندو پر پندرهنِ ورهَن کان نوڪري ۾ گسندڙ حوالدارن کي هڪ ڪوٺڙيءَ تي قناعت ڪرڻي پوندي آهي. شايد اها ڳالھہ سيٺين لاءِ ڪا بہ عجب جي ڳالھہ نہ هجي تہ ان عھديدار ۽ سندس زال کي سڄي ڄمار هڪ ئي ڪمري ۾ ٻارن جي هوندي زندگي جي ٻين معاملن سان گڏ شاديءَ جي حقن جو مسئلو بہ پورو ڪرڻو پوندو آهي.
ماڻھن ۾ فرق ۽ ورهاست ۽ هيٺ مٿاهين جو هي نظام رڳو بنگلن ۽ ڪوٺڙين سان ئي ناهي. هيءُ ڏاڍو اڻکٽ ”ڄار“ آهي. ان کي اسپتالن جي بسترن جي اسپرنگن جي ڳڻپ ۾ بہ برقرار رکيو ويندو آهي. هي ان ٻوليءَ ۾ بہ نظر ايندو آهي جيڪا سپاهيءَ ۽ هڪ آفيسر جي گهر ۾ ڳالھائي ۽ سمجهي ويندي آهي. اهو فرق ويندي لوڊشيڊنگ جي وقتن ۾ بہ نظر ايندو آهي.
عزت واري عدالت! هيءَ ”اپارٿي ازم“ (نسل پرستي) رڳو آفيسرن ۽ جوانن ۾ يا عھديدارن جي وچ ۾ ئي محدود ناهي پر ڪميشنڊ رئنڪن يعني آفيسرن جي طبقي ۾ بہ ”مھتر“، ”مصلي“ ۽ ”اڇوت“ موجود آهن. اها مخلوق ”شاهي ڏياٽن“ ۽ انھن جي نسل جي ٻين سونن چمچن وارن کان قطعي مختلف وجود ۽ معيار رکي ٿي.
۽ وري اسان جي هٿيار بند فوجن ۾ خوشامد پرستيءَ جي ڀُوتن جا منحوس پاڇا بہ مسئلو آهن. ترقي ۽ اڳتي وڏڻ جي انھن اجاين آرزوئن، تمنائن ۽ هوَس جو مسئلو آهي، جنھن جي آڏو ڪو بند ڪونھي، جن جي ڪا منزل ناهي، ڪٿي ماڳ ڪونھي، بيھڪ ڪانھي، ان ملٽري (لشڪري) ڪيريئرازم جو مسئلو آهي جنھن لاءِ ڪا بہ قيمت وڏي ڪانھي. پنھنجا نوازڻ ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند جا مسئلا آهن، ڪِريل قسم جي رجعتي رجمينٽل ازم جو مسئلو آهي، نسلي ۽ علائقائي ٽولي بازين ۽ ”گرائين بازين“ (ڳوٺائي بازي) ۽ غير ضروري رجيمنٽل ساڙ جو مسئلو آهي.
سائين منھنجا! اسين ڏاڍن ڳنڀير مسئلن ۾ ڦاٿل ۽ بند آهيون ۽ انھن مسئلن جي ڳالھہ ”سڄي شھر جي ڳالھہ“ ٿي چڪي آهي. جڏهن ڪڏهن رهي سھي سمجهہ جا مالڪ آفيسر هڪٻئي سان ملن ٿا تہ اهي رڳو موسمي حالتن ۽ جنگي هٿيارن جي ڪرت ۽ لياقت جي ئي ڳالھہ نہ ڪندا آهن.
اهي ”ملاقاتون“، اهي گڏجاڻيون“، اهي سماجي ميل ميلاپ جا موقعا ئي تہ آهن جتي اسان جا ماڻھو انھن مسئلن جي حوالي سان پنھنجا ڏک سور اوري سگهندا، ورهائيندا ۽ شريڪ ٿيندا آهن. جيستائين ملڪ ۽ هٿيار بند فوجون هن بدترين ڦورو نظام، جنھن جي چنبي ۾ اسين ڦاٿل آهيون، نجات نہ ٿا وٺون اهي گڏجاڻيون جاري رهنديون، اهي ڪنھن بہ حالت ۾ بند ٿي نہ ٿيون سگهن.
عدالت جا صدر! ٻيلن ۾ باھہ لڳي چڪي آهي، دلين جي باھہ ڀڙڪي اٿي آهي، سوچ جي اک سان هن ملڪ جي عدالت، اسپتال، ٿاڻن، پٽوار خانن، پاڙن، غلام سرائن، قلعن ۽ جيلن کي پيرس جي ”بستائيل جي رنگ روپ“ ۾ بدلجندو ڏسي رهيو آهيان. ٺيڪ هن گهڙيءَ هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ، هر گهٽيءَ ۽ هر ڳوٺ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي رهي آهي. هن ملڪ جي هر جهوپڙيءَ ۾ ظلم ۽ جبر جي هن نظام خلاف هڪ سازش جو بنياد رکيو پيو وڃي.
توهان کي لفظ سازش سان خاص لڳاءُ آهي. آءٌ ان کي سازش ئي چوندس. جڏهن تہ اها هڪ سڀ طرفي انقلاب جي ابتدا آهي. ملڪ اوٻڙ پد تي پھچي چڪو آهي. فاضل سرڪاري وڪيلن (۽ توهان کي) ايندڙ ڏينھنِ ۾ يا تہ اهڙين اڻڳڻ سازشن ۽ مقدمن سان هن ئي نموني نبرڻو پوندو يا وري انھن ڏينھنِ ۾ توهان سڀني کي ڪنھن نہ ڪنھن ميٽنگ (گڏجاڻيءَ) ۾ شامل ٿي اسان واري ”ڏوھہ“ ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو، ٻي ڪا صورت مون کي نظر نہ ٿي اچي.
حڪومت ۽ سرڪاري وڪيلن کي اسان جي سماجي ميل ميلاپ تي اعتراض آهي. انھن اسان جي هڪٻئي جي گهر وڃڻ کي ”گڏجاڻين“ جو نالو ڏنو آهي. اسان ماڻھن تي داٻ وڌو ويو ۽ ماريو ڦٽيو ويو، تہ اسين سندن سَڌن تي هلون. جيڪڏهن سرڪار جو اهو ئي گهربل مقصد آهي تہ پوءِ اڄ سڄو پاڪستان ڏوهاري آهي ۽ هن ملڪ جو ننڍو وڏو هن مقدمي جي کوري ۾ ڦٽو ڪرڻ لائق آهي.
هن قوم ۽ ملڪ خلاف هيءُ مقدمو هلائڻ لاءِ ڪنھن پري-ٽرايل ايڊوائيس (ڪارروائيءَ کان اڳ صلاح) جي بہ گهرج ڪانھي. اها حقيقت آهي عزت وارا صدر، تہ هن قلعي جي اوچن ڪوٽن کان ٻاهر هڪ ڏاڍي ويڪري ۽ پکڙيل جيل ۾ نظربند، هن نظام جي ڪَڙين ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل سمورا نَو ڪروڙ عوام اڄ بہ ڏوهاري آهن ۽ هڪ مقدمي جي ڪارروائي لوڙي رهيا آهن. فرق رڳو ايترو آهي تہ مون کي اڄ هڪ سال ۽ پنجن مھينن کان پوءِ نيٺ ڪجهہ نہ ڪجهہ چوڻ جو وجهہ تہ ملي ويو آهي پر انھن نَو ڪروڙ ڏوهارين کي تہ اٺن ورهين جي قيد يا مشقت ڪاٽڻ باوجود اڃا تائين ڪو ڏوھہ-چِٺو بہ نہ ڏنو ويو آهي.
صدر ۽ عدالت جا ميمبرو! آءٌ اوهان جو ٿورائتو آهيان جو توهان اسان جي جاچ جي قيد جي هن سال کن مدي جو عدالتي ”نوٽيس“ وٺندي، ان کي قطعي ”غير قانوني“ سڏيو آهي.(54 )
خاص طرح گذريل اٺن سالن (جيتوڻيڪ سمورا 35- ئي سال) هڪ جيل ۾ گذارڻ وڏي حوصلي جو ڪم آهي. اهو قيد منھنجي حياتيءَ جي هڪ هڪ گهڙيءَ کي قابو ڪري ٿو، پر شايد توهان اهو ٻڌي وائڙا ٿيو تہ ڪي ٽي چار ڏينھن اڳ مون هتي هڪ ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پنھنجي ٻِي ”سالگرھہ“ ملھائي هئي. اها حقيقت آهي سائين منھنجا! گذريل سال 1984ع ۾ مون پامر لائينز جي سيل نمبر 16 ۾، 23-مئي تي پنھنجي پھرين سالگرھہ ملھائي هئي. ان کان اڳ هنن عذاب گهرن کان ٻاهر گذاريل 35-جنم ڏينھن بس ايئن مڙيو ئي گذري ويا هيا. مون کي حقيقت جو احساس ۽ ادارڪ هن ڀيري ٿيو آهي.
پنھنجي عمل ۽ سوچن باوجود ڦاهيءَ جي هنن ڪال ڪوٺڙين کان ٻاهر آءٌ پنھنجن ماڻھن ۽ قوم کان ڪوهن جا ڪوھہ پري هوس. آءٌ ٿورائتو آهيان ”مھاڻن“ جو، جن مون کي ڄار ۾ ڦاسايو.
پر خدا جي واسطي مون کي ٻڌايو تہ توهان هن ملڪ جي عوام کي ايڏي ڊگهي عرصي کان ”غير قانوني قيد“ ۾ رکندڙن خلاف عدالتي نوٽيس ڪڏهن وٺندؤ؟ اها منير ۽ انوار الحق جي وس جي ڳالھہ ڪانھي. ڪڏهن بہ نه. توهان مون کي لڳي ٿو تہ پنھنجي سوچ ۽ فيصلي جي قوت هيٺ اڃا تائين ”شاداب“ آهيو.
ڇا توهان منھنجيءَ وينتي تي، هڪ مياريءَ جو چوڻ تي اهو ڪري سگهندو؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ائين ڪرڻ ۾ ڪيترائي جوکا لڪل آهن پر
What’s brave, what’s noble?
Let’s do it after the High Roman Fashion
And make death proud to take us.
”جيڪو ڪجهہ دليريءَ ۽ جيڪو ڪجهہ شرافت جو معيار آهي، اچو تہ رومي روايتن جي پوئواريءَ ۾ اهو ڪري ڇڏيون، اهڙيءَ طرح جو موت بہ اسان تي فخر ڪرڻ لڳي.“ (شڪسپيئر - ”انطوني ۽ قلوپطرہ“)
سرڪاري وڪيلن جو چوڻ آهي تہ آءٌ انھن ڳجهين ملاقاتن ۾ ڪنرلن ۽ ملڪ ۾ قائم فوجي تاناشاهي نظام تي تنقيد ڪندو رهيو آهيان. آءٌ انھن تي پڌرو ڪري ڇڏڻ ٿو گُهران تہ آءٌ اهو سڀ ڪجهہ ان کان بہ وڌيڪ چِٽي ۽ بي رحم انداز ۾ چوندو رهيو آهيان. چيف تاناشاهي سي ايم ايل اي (چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر) ۽ ٻين گهڻن ئي جنرلن، جَجن ۽ سوِل عھديدارن بلڪ حاڪمن جي موجودگيءَ ۾ بہ مون اهو ڪجهہ چيو آهي تہ جنھن کي مون سچ پئي سمجهيو آهي.( 55) پر هن کان اڳ ان کي سازش جو نالو ڪڏهن بہ نہ ڏنو ويو. مون کي سازشن ۽ سازشي ذهنن کان دلِي نفرت آهي. منھنجو طريقو ڪڏهن بہ منافقيءَ وارو ۽ اڄوڪي دؤر ۾ رائج ڌوڪيباز اسلامي طريقو نہ رهيو آهي. منھنجي بزرگ ۽ برتر خدا مون کي چڱي سگهہ ڏئي رکي آهي، تہ آءٌ جيڪو ڪجهہ بہ ڪيان، شيڪسپيئر جي لفظن ۾ ”اعلى رومي روايتن“ موجب ڪيان. پنھنجي حياتيءَ جي ڪتاب جي هر ضلعي تي پکڙيل گهڻن ئي اهڙن واقعن مان هڪ ٻيو قصو آءٌ هاڻي اوهان کي ٻڌائيندس، جيڪو منھنجن عقيدن ۽ نظرين جو هلڪو پاڇولو آهي.
ڪجهہ سال اڳ مون پنھنجي ”سازش“ جي سلسلي کي جاري رکندي انھن ڪاغذي جنگين تي تفصيل سان لکيو هو، جيڪي هڪ بٽالين هيڊقئارٽر کان وٺي جنرل هيڊقئارٽر ۾ ”جنگي رٿابندين“ ۽ ”سِکيا ۽ ڇنڊڇاڻ“ جي ادارن ۾ وڙهي پئي وئي. انھن ۾ مون پنھنجيءَ سطح تي سپاهين کي ملندڙ سکيا واري ڌوڪي کي بي نقاب ڪندي، حقيقت پسنديءَ ۽ اثرائتي سکيا لاءِ ڪيتريون ئي سفارشون بہ ڪيون. اهو ڇنڊڇاڻ ڪندڙ مضمون خدا ڄاڻي ڪيئن پاڪ آرميءَ جي مانائتي رسالي ”آرمي جرنل“ ۾ ڇپجي ويو. ان ۾ ڪيل ڪيترين ئي سفارشن کي ساراهيو ويو هو. مون کي ان سلسلي ۾ ڏهاڪين خط مليا جن ۾ ان نيت جو اظھار ڪيو ويو هو تہ اهي بہ ملڪ ۽ قوم سان ٿيندڙ ان ”سِکيا واري ڌوڪي“ کي اگهاڙو ڪندا.
ڪي ڇھہ ست مھينا گذريا تہ اهو ڇاپو ڌوڙَ مٽيءَ جي تھن ۾ گم ٿي ويو. هڪ ڏينھن آءٌ جنرل هيڊقئارٽرز ۾ هڪ واسطيدار جنرل جي آفيس ۾ ويس. منھنجو ارادو هو تہ کائنس پڇان، تہ انھن مسئلن تي ڪو عملي ڪم بہ ڪيو ويو يا نه! اهو سوال پڇڻ کان ڪي گهڙيون پوءِ هڪ مسڪين ٻليءَ جھڙي پرسنل اسسٽنٽ (ذاتي مددگار) جي ياد ڏيارڻ تي، سينئر ڪمانڊرُ هلڪي معذرت ڪندي سوشل مصروفيت لاءِ آفيس مان اٿِي ويو. مون پڪ ئي ڪنھن ردي، بيھودي ۽ بي مقصد موضوع تي هن سان ڳالھائڻ پئي گُهريو. مون ڪمانڊر جي ميز تي اها رقم رکي جيڪا لکت جي ”اجوري“ طور مون کي موڪلي وئي هئي ۽ ماٺ ميٺ ۾ ٻاهر نڪري آيس.
ڄاڻان ٿو تہ ڪيتريون ئي ڪارپوريشنون انھن مقرر ڪيل مقصدن لاءِ ڪونہ هلايون وينديون آهن جيڪي ٿلھن اکرن ۾ سندن چارٽر ۾ لکيل هونديون آهن. انھن جي نفعي ۽ نقصان جون بيئلنس شيٽون، سندن نفعا ۽ نقصان، انھن جون ڪاميابيون ۽ ناڪاميابيون احتساب کان مٿڀريون هونديون آهن. انھن جا اقتدار تي ويٺل مالڪ ۽ وس وارا پنھنجو حساب ڪتاب وٺندڙ پاڻ ئي هوندا آهن. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ تاريخ انھن کي مختلف وٿين کان پوءِ اگهاڙو ڪندي رهندي آهي. هِن ڪارپوريشن (پاڪ آرمي)کي بہ تاريخ ڪيترائي ڀيرا اگهاڙو ڪري چڪي آهي. آءٌ 1948ع ۽ 1965ع جي مالي سالن ڏانھن اشارو ڪري رهيو آهيان ۽ انھن ۾ 1971ع جو سال بہ شامل آهي جيڪو صحيح معنائن ۾ ان ڪارپوريشن جي ڪيل ڪرتيل جي مڪمل اجوري، بدلي ۽ ”انعام“ جو سال هو.
انھن ٽنھي مالي سالن جو قصو ڏاڍو ڏک ڀريو آهي. اهو هٿياربند فوجن جي اڳواڻن جي لاڳيتي گهوٽالي جو قصو آهي. هاءِ ڪمان جي نااهلي ۽ ”غداري“ ڪا اڄوڪي وٿ ڪانھي. 1948ع ۾ جڏهن ڪشميري آزاديءَ جا مجاهد پنھنجن قبيلائي اتحادين سان گڏجي سري نگر هوائي اڏي جو گهيرو ڪري چڪا هئا تڏهن هِن ڪاپوريشن جي پاڪستاني ڊائريڪٽرن ملڪ جي مفاد خلاف هڪ عظيم غداري ڪئي ۽ ان جي تسلسل انھن ڏينھن ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ موجود هٿياربند فوجن جي سڀني آفيسرن ۽ عھديدارن کي اڪيلي نموني ۽ رضاڪارانہ طور ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اجازت نامو ڏئي ڇڏيو هو پر هڪ اڌ ڇڏي، باقي سمورا غدار غدار جا پٽ (سٺ، ستر ۽ اسِي جي ڏهاڪي وارا جنرل) پنھنجن پنھنجن عھدن سان چنبڙيل رهيا. انگريزن جي پالتو پٺوئن ۽ دلالن جي ان ”ميڙ“ لاءِ آزاديءَ جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ تہ پري رهيو، ان بابت سوچڻ بہ ڏکيو هو. جنھن ايڪڙ ٻيڪڙ آزادي پسند سپاهيءَ قبيلائي ۽ ڪشميري لشڪر جو ابتدا ۾ ساٿ ڏنو بہ، تہ ترت ئي ان ”ميڙ“ جي بدنظر جو شڪار ٿي ويو، ڪي پنھنجي موت مري ويا ۽ ڪجهہ کي ملڪ خلاف ”غداريءَ“ جي اعلى ترين تمغن سان نوازيو ويو. پنڊي سازش ڪيس جو وڏو مياري منھنجو هڪ ”اڳرو اڳواڻ“ جنرل اڪبر خان انھن مان هڪ هو. ان حقيقت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي تہ انھن ڏينھن ۾ رڳو هڪ انفنٽري بٽالين ۽ ڇھہ کن شيفي ٽئنڪن جي پھچڻ سبب ننڍي کنڊ جي تاريخ جو رخ هميشه لاءِ ائين بدلجي وڃي ها جيئن ڏاکڻيون نديون. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن پاڪستان آرميءَ جي ڪينئن جي هنن ”ڇڳن“ جي بي عمليءَ، خاموشيءَ ۽ بي حسيءَ جي ان مظاهري ۾ پھرين سک لائيٽ انفنٽريءَ سري نگر جي هوائي اڏي تي لھي، ڪشمير جي مقدر تي شايد سدائين لاءِ ٺپو هڻي ڇڏيو هو.
1965ع جي جنگ ”جرنيل نِي ڪرنيل نِي“ ملڪه ترنم نور جهان جي سُرن ۾ کٽي هجي تہ ٻئي ڳالھہ، نہ تہ جنگ جي ميدان ۾ پنھنجي چٽي فوجي مٿيرائي هوندي بہ، بدڪردار، نااهل ۽ غدار اڳواڻيءَ سبب اهو سنهرو وجهہ هڪ ذلت جھڙي اسٽالمينٽ (پوئتي موٽ واري) ”ڇَڪ ڇَڪ“ کان وڌيڪ نظر اچي رهي هئي تڏهن پاڪستان جي فاتح ايوب خان پاران محاذ جي ڪمان ميجر جنرل اختر حسين ملڪ کان کسي اها ديُوس يحى خان حوالي ڪري ڪاهيندڙ جٿن کي ”پھيه جام غداريءَ“ جو شڪار ڪرڻ ان ڏاکڙي جو شاهڪار باب هو. ان جنرل سرفراز خان کي ”لاهور جو محافظ“ لقب ڏيڻ جنھن کي 6 سيپٽمبر 1965ع جي صبح جو اخباري نمائندن ننڊاکڙي حالت ۾ بيڊ ٽِي (صبح سوير بستري تي ملندڙ چانھہ) پيئندي پڪڙيو هو ۽ جنھن کي ان رات واهگه-برڪي محاذ تي ٿيل ڀارتي ڪاھہ جي شايد ئي خبر هجي، هن ملڪ خلاف ان ”مالي سال“ ۾ ڪيل سازش جِي ئي ڪڙي هو. هتي ٺيڪ حقيقت موجب ڪو شڪ ناهي تہ لاهور آڏو شِيھي-ڀت بيھارڻ وارو ليفٽيننٽ ڪرنل تجمل حسين ملڪ (رٽائر ٿيڻ مھل ميجر جنرل) اڄ ”غدارن“ جي قطار ۾ شامل گذريل ڇھن سالن کان ساهيوال جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ بند پيو آهي. ننڍي کنڊ جِي هِن وقت جي سڀ کان ڀوائتي جنگي مشين اسان جي فرسٽ آرمرڊ ڊويزن جي هڪ ننڍڙي واهي ۽ کيم ڪرن جي هن پار ڪپھہ جي ڦٽين ۾ ڦاسي وڃڻ جي ڏاکڙي تي تہ اڄ بہ انھن سڀني جنرلن کي هڪ هزار ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي جيڪي ان يلغار بليٽز ڪريگ رٿا ٺاهيندڙ، ڪمانڊر ۽ تماشو ڏسندڙ هئا. اهو واهو جنھن ۾ ايشيا جي هيءَ مايه ناز ٽئنڪ ڊويزن ڦاسي پئي، پاڪستان رينجرس جي سرپرستيءَ هيٺ ايندڙ ويندڙ بين الاقوامي سمگلرن جي اُٺن، گڏهن، گهوڙن ۽ ٽرڪن ۽ ڇڪڙن جا قيدي اهي جنرل گذريل ٽيويھن ورهين کان هن قوم جي مقدر جا سڪندر ٿيو ويٺا آهن ۽ ڪوبہ انھن کان پڇڻ وارو ڪونھي! وري انھيءَ ئي 1965ع واري جنگ خاص طرح لاهور محاذ جي جنگي ريڪارڊ کي تباھہ ڪرڻ وارن حڪمن تي عمل ڪيو ويو. ان جو حساب ڪير ڏيندو؟ ان سازش کي اگهاڙو ڪير ڪندو؟ يونٽن جي جنگي رپورٽن ۽ ڊائرين کي ساڙڻ جا حڪم ڇو مڙهيا ويا! جيڪڏهن اهو ريڪارڊ موجود هجي ها تہ اڄ اسين ڪھڙين قبرن جي ڍانچن کي ڪٽھڙن ۾ بند ڪري مينار پاڪستان تي لٽڪائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هجون ها؟
1965ع جي ڊينبن جنرلن، ڄامڙن ۽ اُٺ-پکين پاران ذوالفقار علي ڀُٽي تي هيءَ تھمت تہ پرڏيھي وزير جي حثيت ۾ هُن بين الاقوامي سرحدن تي ڪوبہ محاذ نہ کولڻ جي پڪ ڏياري هئي، سپاهيانہ بدديانتيءَ جو هڪ ٻيو شاندار ڪيس آهي. توهان مقبوضہ ڪشمير ۾ رياست اندر مڪمل گوريلا جنگ شروع ڪريو ويٺا آهيو. هوڏانھن اکنور محاذ تي ڪشمير ۾ ويٺل سموري ڀارتي فوج خلاف ڦَندن جو ڳنڍيون سوڙهيون ڪري رهيا آهيو ۽ ان سان گڏ اها سڌي سنئين احمقانہ ۽ اُلو جي پَٺن واري اميد رکندڙ ماڻھو فيلڊ مارشل، ليفٽيننٽ جنرل ۽ ميجر جنرل تہ ڇا حولدار ميجر ۽ لانس نائڪ بہ هڪ پاسي ديسي ڪَٻَڊِي (ڪوڏي ڪوڏي) جا سڀ کان ردي رانديگر سڏائڻ جا بہ حقدار نہ هئا.
هيڏانھن سچ اهو آهي تہ اسان جي مقبوضہ پارليامينٽ هائوس، عدالتي ايوانن، هيروئن جي فيڪٽرين، زرعي فارمن ۽ شگر ملن جي ڪمان واقعي جنرلن جي هٿ ۾ رهي آهي، جڏهن تہ جنگ جي ميدان جي ڪمان يا تہ ميجر، ڪپتان ۽ ليفٽيننٽ ڪندا رهيا آهن يا وري سپاهي، لانس نائڪ ۽ حوالدار، جن جي جنگ مقامي مورچن ۽ پنھنجي اوسي پاسي جي ڪجهہ ايڪڙن جي جنگ هوندي آهي. قومي سطح جي رٿابندين ۽ ڪارروائين ۾ نيٺ انھن ماڻھن جو حصو ڪيترو ٿي سگهي ٿو؟ آءٌ مڃان ٿو تہ ڪنھن ملڪ جو بچاءُ ايترو پڪو يا ڪچو هوندو آهي جيترو سندس سرحدن تي پَراهون اڪيلو مورچو، پر مورچا ڪڏهن بہ اڪيلا نہ هوندا آهن ۽ انھن جي مجموعي چرپر يا قوم جي حيثيت ۾ انجماد (ڄَمي وڃڻ) اسان جي روايتن مطابق ڪنھن جنرل جي ميڇ کان سواءِ ٿي ئي نہ ٿو سگهي. پر اڄ جنرل ضياءَ الحق کان وٺي جنرل عارف، جنرل رحيم الدين ۽ اسان جي ڪور ڪمانڊرن ۽ اڪثر ڊويزن ڪمانڊر ۾ سچ پچ ڪيترا جنرل اهڙا آهن جن جنگ جي ميدان ۾ پلاٽونن، ريجمنٽن يا فارميشنن جِي ڪمان ڪئي آهي؟ ڪيترا جنرل اهڙا آهن جن بارود جي دونھين ۾ ساھہ کنيو هجي؟ ڪيترا اهڙا آهن جي وردين تي پنھنجي ۽ پنھنجي اوسي پاسي ڪٽجي مرندڙ پنھنجن ساٿين جي رت جا ڦڙا پيتا هجن؟ هڪ قوم، هڪ ملڪ ۽ هڪ سوچ جي خون، اسان جي حسرتن، خوابن ۽ تمنائن جي رت ۾ هي ماڻھو پڪ سان وهنتل آهن. هي اهي ماڻھو آهن جيڪي هر اهڙي موقعي تي يا تہ ملڪ کان ٻاهر فلسطين جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ تنظيم جي خلاف ”جهاد“ ۾ رڌل هئا يا پينٽاگان جي اعلى فوجي ادارن ۾ تعليم هيٺ هئا يا محاذ کان پراهين ڦِرندڙ ڪرسين ۾ ويٺي وهسڪي سوڍا، پائيپ يا 555 جو سگريٽ يا ڪولڊ ڪافي پيئندا رهيا هئا.
رهي 1971ع جي سال جي ڳالھہ تہ، ان جو هاڻي ذڪر ئي ڪھڙو! اهو تہ ملٽري قيادت جي هٿان جناح ۽ اقبال ۽ رحمت عليءَ جي خواب جي مڪمل وڪري جو قصو آهي. ان جو پھريون باب 16-ڊسمبر 1971ع تي پلٽن ميدان ۾ جنرلن جي هڪ ڌڻ لکيو ۽ ٻيو باب 4-اپريل 1979ع تي هن واڙيل قوم جي سُڏڪن ۽ دانھُنِ ۾ قلمبند ٿيو جڏهن انھن سورمن کي پنھنجي ذهانت ۽ حب الوطنيءَ جي طاقت جي زور تي ڀارتي قيدي ڪئمپن مان ڪڍِي ايندڙ بي هٿيار، هٿين خالي ذوالفقار علي ڀُٽي کي انھيءَ ”آرمي هائوس“ جي پاڇولن ۾ ڦاهيءَ جي تختي تي چاڙهيو ويو جنھن جي عزت جي بحاليءَ لاءِ هو مري مري جيئندو رهيو.
ڪجهہ حقدارن جي انھن ٽن ”مالي سالن“ ۾ پنھنجي فرسٽ ۽ سيڪنڊ (سَڳن ۽ سؤٽي) سؤٽن، ڀاڻيجن، ڀائيٽن، پُڦاٽن، سالَن، سمڌين، ساهرن، دلالن ۽ ڇوڪرن کي شجاعت ۽ جرئت جي تمغن سان جنھن نموني نوازيو ويو، اهو انداز بہ هن ملڪ جي هٿياربند فوجن جي جوانن ۽ جونئير آفيسرن خلاف هڪ وڏيءَ سازش ۽ غداريءَ جو ئي حصو هو.
چوٿين يعني هاڻوڪي مالي سال جو انت ڪيئن ٿيندو ۽ ان جا مرثيا ڪير لکندو، ان بابت ڪجهہ چوڻ لاءِ اسان کي شايد اڃا بہ انتظار ڪرڻو پوندو.
عدالت جا صاحب! 1948ع، 1965ع ۽ 1971ع جي شرم جھڙي لشڪري ڪِرت کي اگهاڙو ڪرڻ لاءِ [حضرت] نوح جي ڄمار گهربي، هاڻي اها ڪٿي! سٺو ٿيندو تہ آءٌ جنرل هيڊقئارٽر جي سِکيا واري ڊائريڪٽوريٽ جو قصو تہ پورو ڪري وٺان.
جڏهن آءٌ موٽي وڃي اسٽيشن (فوجي ويھڪ واري هنڌ) پھتس، تہ عادت موجب مون پنھنجن ڪجهہ دوستن سان جنرل هيڊقئارٽرز جي ”مردار ليٽر بڪس“ ۾ اقتدار تي ويٺل ٽولي جي سوچ ۽ عمل ۾ تضاد بابت ڳالھہ ڪئي. ان ڏينھن بہ آءٌ ايترو ”فرسٽريٽڊ“ (وباڪل، محروم) هوس جو جيڪڏهن سرڪاري وڪيل ۽ انٽيليجنس مافيا جو ڪو دلال اتي موجود هجي ها تہ هي سازش جو مقدمو جيڪو جنوري 1948ع ۾ اٿاريو ويو، ان ڏينھن ئي وجود ۾ اچي ها.
عدالت جا صدر! جيڪڏهن سرڪار ۽ ان جا ”دلال“ مون کي ڄاڻندا هجن ها تہ انھن کي هيءُ سازش جو مقدمو تيار ڪرڻ ۾ ورهين جا ورهيه اوسيئڙو ڪاٽڻو نہ پوي ها، ۽ ها، جيڪڏهن اهي ماڻھو مون کي ٿڏي تي ٻڌائن ها تہ کين منھنجو تيار ڪيل ڪوبہ تخريبي پمفليٽ نہ ٿو ملي، تہ آءٌ پنھنجو پاڻ اهو کين تيار ڪري ڏيان ها. جيڪڏهن آءٌ پنھنجي ”ڏوهاري سازش“ جي ثبوت ۾ انھن کي ذڪر ڪيل آرمي جرنل جي هڪ ڪاپي ئي پڪڙائي ڇڏيان ها تہ شايد هن ردي ڏوھہ-چٺي جي شڪل، جيڪا انھن منھنجي خلاف تيار ڪئي آهي، ان کان ڪجهہ وڌيڪ ڀروسي لائق هجي ها.
ڪاش! آءٌ اِن مدد ۾ انھن کي پنھنجي ان ”پيپر“ جي هڪ ڪاپي مھيا ڪري سگهان ها جيڪو مون هن ملڪ ۽ قوم سان هڪ ڏاڍي وڏي فراڊ يعني ”نيشنل گارڊن“ واري رٿا بابت هڪ چئن ستارن واري جنرل کي ضروري غور ۽ فڪر لاءِ ڏنو هو. اها حقيقتن تي ٻَڌل ڇنڊڇاڻ هئي جنھن ۾ مون پنھنجي ملڪ جي قومي خزاني ۽ وسيلي جي کليل ڦرلٽ جي ڏک ڀري ڪھاڻيءَ جو نقاب لاٿو هو. ان ۾ مون نيشنل گارڊن جي ڪاغذي ڀرتين، خيالي سکيا جي ڀاڄ سان ڀرجندڙ گرافن ۽ ”ڪاغذي خرچن“ جي ڳالھہ ڪئي هئي، ان ڏک جھڙي ڌاڙي جي ”شاهدن“ جي نشاندهي ڪئي هئي، جيڪي ڪمانڊ جي هر سطح تي اُٺ-پکي ٿيو ويٺا آهن.
ڪاش! ان ڪڙي ڇنڊڇاڻ تائين ”مارشل لا“ زون ”اي“ جي سُلڇڻي ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل جي پھچ ٿي سگهي ها تہ رڳو انھيءَ بنياد تي هُو آئين کان مٿاهين ان حڪم نامي جي لٺ جي سھاري بيٺي بيٺي مون کي توهان جي عدالت واري ڪرسيءَ جي پاسي ۾ موجود ڦاهي گهر تائين پھچائڻ جي سفارش ڪري سگهي ها.
عزت وارا صدر! هن دنيا ۾ رڳو ڪجهہ جايون ئي تہ اهڙيون آهن جتي ماڻھو آزاديءَ سان وڻندڙ موسمن، پيار ۽ پريت، امن ۽ انسان دوستيءَ جون ڳالھيون ڪري سگهن ٿا. شايد ٽيمز جي ڪنارن کان ”رائن“ (نديءَ) جي ”ٻيلن“ تائين اهو ممڪن هجي تہ هجي، نہ تہ نيل کان نيلم تائين اسين سڀ هڪ هلڙ، هيجان ۽ طوفان جو شڪار آهيون، نيٺ اسان وٽ ڳالھہ ڪرڻ لاءِ آهي ئي ڇا؟ خوشيون، فرحتون، محبتون، انصاف، برابريون، وڻندڙ موسمون ۽ آزاديءَ جا گيت، انھن مان ڪجهہ بہ تہ اسان جي ڀاڳ ۽ مقدر ۾ ڪونھي.
سچ چئجو، ڇا توهان کي انھن سھڻين من-موهڻين شين منجهان ڪا هڪ بہ آئين ۽ ماڻھپي کان مٿاهين هڪ حڪنامي هيٺ وجود ۾ آيل هِن عدالت جي ڪمري يا ان جي اوسي پاسي نظر اچي ٿي؟
اڄوڪي پاڪستان ۾ آمريتن، ڦٽڪن، سازشن، ڌاڙن، ڪوس ۽ ڪيس، ڦاهيءَ جي ڦندن، غريبي، بک، اوگهڙ ۽ بيمارين کان سواءِ ٻيو آهي ئي ڇا؟ انھن کان سواءِ اهي ڪھڙا موضوع آهن جن تي اسين ڳالھايون ۽ اوهين چپ چوريو تہ ان سان گڏ ئي غداريءَ ۽ ”ڏوهي سازش“ جا ٺپا چرپر ۾ نہ اچي وڃن.
اڄ آءٌ هن ڦورو نظام جي ان ”ڪُوئامار“ جي لوهي چنبي مان ڳالھائي رهيو آهيان جنھن جي چنبن مان گذريل اَٺن ورهين کان هن قوم جو رت ڳڙي رهيو آهي. سائين منھنجا! اڄ بہ اوهان کي هِن سفاڪ ۽ بي رحم دؤر جي مقصدن بابت ڪو شڪ شبھو باقي آهي. هن ”نظام“ پنھنجيءَ بقا لاءِ پنھنجي ”چادر ۽ چؤديواري“ کان ٻاهر رڙندڙ اَٺ ڪروڙ اگهاڙن ۽ بُکين ماڻھن کي ”سازشي“ سڏي ڇڏيو آهي. ان وڻ ويڙهيءَ ڪيڏو نہ سٺو دفاعي گهيرو ٺاهي ورتو آهي جو اڄ پنھنجن مسئلن ۾ قومي بقا جي ڳالھہ ڪندڙ هر ماڻھو غدار، سازشي ۽ ڪنڌ ڪورڻ لائق ٿي پيو آهي.
مسٽر پريزيدنٽ ۽ عدالت جا ميمبرؤ! ٻي ”تھمت“ ان لٽريچر (ادب، لکت ۾ مواد) بابت آهي جيڪو لکيو، ڇپيو ۽ ورهايو ويو ۽ جنھن بابت کلي عام ڳالھيون ٿيون. ڇا اوهان آڏو ان قسم جو ڪو دستاويز پيش ڪيو ويو يا توهان سمجهو ٿا تہ ان معاملي ۾ انٽيليجنس جي دلالن جي شاهدي ئي ڏوھہ ثابت ڪرڻ لاءِ کوڙ آهي! آءٌ ڄاڻان ٿو، رياستي مشينريءَ لاءِ ڏوھہ-چٺي ۾ لکيل موضوعن تي هڪ پمفليٽ تيار ڪري توهان آڏو آڻڻ ڪو ڏکيو مسئلو نہ هو. هڪُ تہ ڇا ان معاملي ۾ پورا چاليھہ پمفليٽ تيار ڪري اوهان آڏو آڻي سگهجن پيا، پر هنن شايد نئين سر ”فيئر پِلي“ جو احساس پيدا ڪرڻ گهريو پئي يا وري اهي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي هن مقدمي بابت خاص ”حڪم نامي“ جي ”ڪِلي“ جي مضبوطيءَ جي احساس کان ايڏو تہ سرشار هئا جو ان جي گهرج ئي نہ سمجهي وئي يا وري قدرت انھن کان ايف آءِ آر جيان هڪ ڀيرو وري هڪ غير معمولي ”حماقت“ ڪرائي رکي.
سچ تہ هيءُ آهي تہ ايف آءِ آر کان وٺي ڏوھہ-چٺي تائين سرڪار جا سڀ يَڪا اونڌا ڪِريا آهن. جيتوڻيڪ هن ملڪ جي هاڻوڪي ”انتظاميا“ جي قانوني سبب يا بي سببيءَ جي ڳالھہ اڃا ڪرڻي آهي پر بھرحال مون کي اهو ڏسي ڏک ئي ٿيو تہ ڏوھہ-چٺو تيار ڪرڻ وارن ۽ سندن واهرو ڇوڪرن، حڪمرانن کي ڏاڍيءَ ذلت ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.
اهو ڏوھہ-چِٺو هڪ گندو چرچو آهي. اهو دراصل نوڪر شاهيءَ جو اهو ڄار آهي جنھن ۾ نيٺ پاڻ ڦاسي وئي آهي. ڏينھن-ڏٺي جي حقيقتن، گهٽيءَ گهيڙ جي ڳالھين، ڪراري سچائين، حقيقتون، نج حقيقيتون جن جي کُلي عام قبولِي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کان ويندي سرڪار جو ننڍو وڏو هر ”ڇاڙتو“ ڪري چڪو آهي، انھن جو ذڪر ڪرڻ منھنجي سازش ۽ ڏوھہ سڏيو ٿو وڃي.
سائين منھنجا! جنوري 1984ع جي سازشين جو ڏوھہ اهو ئي آهي جنھن ۾ سڄو ملڪ ملوث رهيو آهي.
عدالت جا صدر! اڄ مون کي جنرل شاهيءَ کي اهو ٻڌائڻو آهي تہ اهي ئي طور طريقا آهن جن جي مدد سان سوِل ۽ ملٽري ڪامورا شاهي، حڪومتن جون ڄنگهون ڇِڪينديون رهيون آهن، پوءِ بيشڪ اها ڄنگهہ-ڇڪ ”ترقيءَ جي ڏهاڪي“ جي پڄاڻيءَ تي ٿي هجي يا ”اسلامائيزيشن“ جي هار-کاڌل ساھہ ڏيندڙ هاڻوڪي ڏهاڪي جي پوين ڏينھنِ ۾.
جنرل ضياءَ تہ ”شورى ڪريسي“ جو اهو اصطلاح ”ايجاد“ ڪيو هو، جنھن جي عبوري گهوڙين جي سھاري هُن ”ڪجهہ مھينا“ وڌيڪ ”تڙڳي“ ورتو. ”بيوروڪريسي“ (ڪاموراشاهي) جو اصطلاح تہ اڳ ئي موجود هو ۽ آءٌ اڄ ”چارجنگ ڪريسي“ (تھمت شاهي) جو اصطلاح ايجاد ڪري رهيو آهيان. اها ”ڪريسي“ هڪ فوجي تاناشاهيءَ جي انھن سمورن مسئلن ۽ ڏکيائين جو ترياق رکي ٿي، جن جي اڳرائي”جنتا“ ڪري سگهي. ان ”ڪريسي“ ۾ انھن مسئلن جي ”شفا“ بہ ٿئي ٿي جن کي فوجي تاناشاهي پنھنجون اسٽريٽيجڪ خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ تفريح جي وٿين ۾ پاڻ ئي پيدا ڪندي رهندي آهي.
ملڪ تي مڙهيل هاڻوڪي نظام سان پوريءَ طرح اختلاف رکڻ باوجود مون کي پنھنجن سپاهين جي عزت، مرتبو ۽ سالميت ڏاڍي پياري رهي آهي. آرمي منھنجو گهر ۽ ٽِڪاڻو آهي. منھنجي خلاف ڏوھہ-چِٺو توهان لاءِ مون کي دائمي قيد جي سزا ٻڌائڻ لاءِ کوڙ آهي. اهو ڏوھہ-چٺو صليب تي چڙهڻ واري منھنجين پراڻين سَڌن ۽ خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. بھرحال، آءٌ وائڙو آهيان، پريشان ۽ ڏکارو آهيان، تہ چارجنگ ڪريسيءَ پنھنجين ”ميڪياويلي“ وارين چالن سان فوجي انتظاميا کي ڪيڏو نہ ذليل خوار ڪيو آهي.
پَڪ سان، هيءَ ذلت ”جنتا وسيلي“، ”جنتا لاءِ“، جنتا جي حڪومت جي مقدر ۾ پھرين ڏينھن کان ئي لکي وئي هئي، جيتوڻيڪ آءٌ ايترو ضرور چئي سگهان ٿو تہ انھن پاڻ ئي ان کي دعوت ڏني آهي. هاڻي آءٌ انھن لڪل ۽ کليل حقيقتن جي ڳالھہ ڪندس جيڪي هِن ڏوھہ-چٺي کي سائڪوپيٿالاجيءَ جي هڪ شاندار نموني جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آڻن ٿا. مون کي لفظ سپرا Supra مٿاهون، بالا) ۽ ان جو هر هر ورجاءُ ڏاڍو وڻيو آهي. خاص طرح تڏهن جڏهن اهو هر ڀيري ”گهوڙي“ جي وات مان نڪري رهيو آهي. اهو عربي نسل جو گهوڙو مسٽر ايم بي زمان، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر آهي جنھن اسان جي حياتيءَ جي هر پاسي تي ان اصطلاح جو زنجيري گهيرو وڌو آهي. فوجي تاناشاهيءَ جي جنھن ”حڪم نامي“ هيٺ اسان جي خلاف هي ڪيس ”کٽيو“ پيو وڃي، ان کي مسٽر زمان هڪ ”سپرا ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر“ (آئين کان مٿاهون حڪم) سڏيو آهي. وري سندس ئي لفظن ۾ اهو حڪم رڳو آئين کان مٿاهون ئي نہ، پر شريعت کان مٿاهون، تعزيرات پاڪستان کان مٿاهون، شاهديءَ جي قانون کان مٿاهون ۽ ملٽري لا کان مٿاهون آهي. ان ڪري آءٌ ان مان نتيجو ڪڍڻ ۾ حق بجانب آهيان تہ هن جي چوڻ موجب هيءُ قانون رياست کان مٿاهون، قرارداد مقاصد کان مٿاهون ۽ انسانيت کان مٿاهون آهي.
عزت وارا صدر! ان کي ئي تہ بُت تراشي چوندا آهن. اهو ئي تہ اهي چور دروازا آهن جن مان رت جي ڳاڙهن ذرن کي ناس ڪرڻ وارا اصطلاح ڪنھن قوم جي بدن ۾ گهڙندا آهن. ڪنھن سماج کي ”ڪوڙهيو“ ڪرڻ لاءِ ان کان وڌيڪ سٺو طريقو ڪھڙو ٿي سگهي ٿو ۽ نہ ئي وري ڪنھن قوم لاءِ گڏيل خودڪشيءَ جي ان کان وڌيڪ سٺي واٽ ٿي سگهي ٿي. ان قتلام ۽ نسل ڪشيءَ لاءِ آمريڪا جي گرو جونز( 56) ۽ سندس مقناطيسي شخصيت جي ڪابہ گهرج ناهي. هڪ لفظ، هڪ اصطلاح وسيلي اهي سمورا غليظ مقصد پورا ٿي سگهن ٿا.
توهان ڄاڻو ٿا تہ آمريت کي دماغ (ذهن) نہ هوندو آهي، جنرلي لٺيون ۽ ڏنڊا هوندا آهن. انھن لٺين چھبڪن ۽ آئين ۽ قانون کان مٿيرائي جي نقيب ڪنھن لفظ، ڪنھن اصطلاح جي چتي قيامت تائين انھن (جنرلن) جي غلامن جي ڀاڳ کي سيل ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿي.
آءٌ سائيڪوپيٿالاجيءَ جي ان شاهڪار جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس جيڪو ڏوھہ-چٺي جي ٻين تھمتن جي صورت ۾ منھنجي آڏو پکڙيل آهي.( 57) 8-جنوري 1984ع تي جڏهن اهو منھنجين نظرن ۾ آيو تہ ڪنھن هوري هوري منھنجي روح کي مخاطب ٿي سڙٻاٽ ڪيو تہ:
Eureka! Eureka!
”مون ڳولي لڌو ! مون ڳولي لڌو“ (آرڪمڊيز)
ان کان اڳ جو آءٌ توهان کي اهو ٻڌايان تہ مون ڇا ڳولي لڌو آهي. آءٌ چٽو ڪرڻ گهران ٿو تہ منھنجي هيءُ سڀ ڪجهہ چوڻ جو مقصد اهو ناهي تہ آءٌ پنھنجي يا پنھنجن دوستن پاران ڏوھہ قبول ڪري رهيو آهيان يا مون ڏوھہ-چٺي ۾ بيان ڪيل لفظن يا تھمتن کي رڳو ان نيت سان ڪيو، ڇپرايو يا سماج جي ڪنھن طبقي ۾ ورهايو جنھن نيت جي ڳالھہ سرڪاري وڪيل ڪري رهيا آهن.
ٻين ميارن لاءِ لفظ ”دوست“ ڪتب آڻيندي منھنجي دل دڙڪي پئي آهي. اهو ناتو رڳو مڇيون پڪڙڻ وارو هڪ ڄار ٿي پيو آهي ۽ دوستن ۽ دوست هجڻ جي ڏاڍي ڳرِي قيمت چڪائي آهي. جيڪڏهن توهان بہ ان نتيجي تي پھچي چڪا آهيو تہ لفظ ”دوستي“ لفظ ”سازش“ جو هم معنى ۽ هم پلئہ ٿي چڪو آهي، تہ مون کي ضرور ٻڌائجو.
رياستي توبُن جو پھريون وسڪارو منھنجي خلاف هيئن شروع ٿئي ٿو، مون تي تھمت آهي تہ مون جنرلن خلاف پروپيگنڊا ڪندي چيو ۽ لکيو آهي تہ ” جنرل ڪڏهن بہ رٽائر نہ ٿيندا آهن“.

***

_______________________
1. ( ) Special Service Group يا S.S.G گوريلا يا ڪمانڊو جٿا اٽڪ قلعي ۾ اسان خلاف چوگرد حفاظتي جٿو جيل جي اندر ئي مقرر ڪيل هو. بئرڪن کان ٻاهر سول پوليس، انهن مٿان هڪ انفنٽري بٽالين ۾ انهن کان ٻاهران اهي ڪمانڊو جٿا مقرر هئا.
2. ( ) قلعي جي اها مشھور بيرڪ، جتي اسان کان اڳ به سازش جا مقدما هلي چڪا هئا. جِتي مون مٿان هڪ اهڙي ڪاري قانون هيٺ ڪيس هلايو پئي ويو جيڪو خالق ڏني هال جي جج مسٽر بِي سِي ڪينيڊي (جنھن محمد علي جوهر ۽ ٻين خلاف ڪراچيءَ ۾ ساڳين تھمتن-هيٺ سازش جو ڪيس هلايو هو) جي وهم گمان ۾ به نه پيو اچي سگهي. قلعي ۾ حفاظتي انتظامن جو ٽيون گهيرو بٽالين يا پلاٽون پيدل فوج جي اَٺ نوَ سؤ ماڻهن تي ٻڌل يونٽ هوندو آهي.
3. ( ) هٿياربند فوجن جا جونيئر ڪميشنڊ آفيسر يعني (J.C.O) نائب صوبيدار، صوبيدار ۽ صوبيدار ميجر جي عھدي جا آفيسر، جن کي انگريز آقا انگريز آفيسر ۽ ديسي سپاهيءَ جي وچ ۾ هڪ ”گهر جي نه گهاٽ جي مخلوق“ طور پيدا ڪيو هو.
4. ( ) اسلام آباد جو سھڻو علائقو.
5. ( ) لاهور ۾ شير پائو پل ويجهو جنرلن جي محلن واري ڪالوني، جنھن کي عام طرح جنرل ڪالوني چيو ويندو آهي.
6. ( ) اسپيشل انويسٽيگيشن برانچ. آرميءَ جو چُونا منڊي ادارو.
7. ( ) پراڻين جنگي رسمن موجب جنگ جي ميدان ۾ مرندڙ سپاهيءَ جي رائيفل قبر جي نشاندهيءَ لاءِ سنگينَ کوڙي بيھاربي آهي يعني مرڻ کان پوءِ سنگينَ جو رخ آسمان بدران زمين ڏانھن هوندو آهي.
8. ( ) جنرل موسى خان جي پنھنجن سينئرن خاص طور جنرل ايوب خان سان غير مشروط وفاداري اڄ به مثالي طور مشھور آهي، جيتوڻيڪ هُو به سپاهيءَ مان جنرل ٿيو هو.
9. ( ) اسان جي جاچ ۽ ڏاڍ سان قبول ڪرايل بيانن کي سرڪار اسان جي پنھنجي ضمير جي آواز جو ردعمل سڏيو هو، ڇو ته نه جاچ ٿي ۽ نه ئي تشدد ۽ ڏوهه قبولجي ويو.
10. ( ) ڪنھن فوجيءَ کي گرفتار ڪرڻ جي نشاني ان جو بيلٽ (چيلهه-پٽو) لھرائي وٺڻ آهي. [ڪنھن به فوجيءَ کي جيڪڏهن پنھنجي گرفتاري ڏيڻي هوندي آهي، ته هُو پنھنجو بيلٽ لاهي پنھنجي آفيسر حوالي ڪندو آهي.]
11. ( ) ريشتاغ (Reichtag) جرمن پارليامينٽ، جنھن جي جاءِ کي هٽلر ۽ نازي پارٽيءَ پاڻ باهه ڏياري ان جي تھمت جرمن ڪميونسٽ پارٽيءَ تي هڻي نيٺ ان کي ختم ڪري ڇڏيو.
12. ( ) لاهور شھر ۾ ملتان روڊ تي هڪ پوليس اسٽيشن جو علائقو، جتي انٽيليجنس ايجنسين ’بيڪار‘ هٿيارن جي ڍير جو هڪ ڄار وڇائي شروع ۾ هن سازش ڪيس جي ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو. ان پوليس اسٽيشن ۾ 2-جنوري 1984ع تي پھرين ايف آءِ آر لکي وئي، جنھن کي پوءِ حڪومت پاڻ ئي قومي مصلحتن سبب ڳالهايل ڪوڙ سڏيو ۽ ڪيترن ئي مھينن کان پوءِ بدليل ضرورتن موجب هڪ واڌُو رپورٽ لکرائي، جنھن کي ’سچو‘ سڏيو ويو. اهو ’سچ‘ ذري پرزي پھرين قصي جي قطعي ابتڙ هو.
13. ( ) تھمت-لڳلن جا ئي ٻه ساٿي آفيسر جن کي صادق هال ۾ ويٺل ٻي خصوصي عدالت ۾ هڪ ڏينھن ۾ ئي ڪيس هلائي ڊگهيون سزائون ٻڌايون ويون ۽ ٻي ڏينھن انهيءَ واعدي سان اسان خلاف شاهد ڪري وٺي آيا ته شاهديءَ کان پوءِ انهن کي معافي ڏني ويندي. انهن مان هڪ آفيسر جي ته زال کي به قلعي اندر قابو رکيو ويو. ان مظلوم سيدياڻيءَ کي ان وقت ڇڏيو ويو جڏهن سندس مڙس سرڪار جي سَڌ موجب بيان ڏنو.
14. ( ) هاڻي اهو ڪو راز نه رهيو آهي ته ڪارپورل هٽلر جو ڀُوت جنرل ضياءَ جي روپ ۾ گذريل نون سالن کان پاڪستان جي دوري تي آهي، ريش مارشل ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس اختر عبدالرحمان کان سواءِ ڪو ٻيو نه آهي ۽ انهن ئي مفاد پرستن پاڪ آرميءَ کي عوام خلاف نازي پارٽيءَ جي روپ ۾ بدلايو آهي.
15. ( ) ريفرنس جون ڳالهيون ته اڄڪلهه وري ٻڌيون پيون وڃن.
16. ( ) چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي پنڊيءَ جي صدر بازار ۾ آخري تقرير.
17. ( ) نوان ڪوٽ جي پھرين ڪُوڙي ايف آءِ آر شام جو ستين وڳي کان پوءِ درج ڪرائي وئي ۽ پوءِ ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان به خارج ڪيو ويو.
18. ( ) ميجر ڊومو، نگران (بورچي) خانو، ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان.
19. ( ) هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انٽيليجنس جنھن کي پنھنجي ساٿي آفيسر جي زال جي لڄ لٽڻ جي ڏوهه ۾ فوج کان ڪڍيو ويو پر پوءِ ساڳي عھدي تي کيس نوڪري ڏني وئي. هُو جنرل جيلانيءَ جي ٽائوٽ (چاپلوس) برگيڊيئر عبدالقيوم جو سالو هو ۽ اهو ئي اسان خلاف مُک شاهد به هو.
20. ( ) هن واقعي ۽ قصي جي جاچ هلندي پوٺوهار گروپ جي جرنلن جي جاءِ تي فوج جي مڪمل ڪمان جالنڌر گروپ جي حوالي ڪئي وئي. جنرل سوار، جنرل اقبال، ليفٽيننٽ جنرل احمد جمال، ليفٽيننٽ جنرل مجيد ۽ جنرل عباسي رٽائر ڪيا ويا ۽ جنرل رحيم الدين، جنرل عارف، ليفٽيننٽ جنرل زاهد علي اڪبر وغيره مرڪزي اثرائتين ڪمانن ۾ مقرر ڪيا ويا.
21. ( ) مشرقي پاڪستان جي فاتح مسز اندرا گانڌيءَ جي وفات جي سوڳ ۾.
22. ( ) ڪِين لِين مِين (Keen Lean Mean) يا (KLM)، توبچين جو پيشه ور خطاب.
23. ( ) ’مان ئي ته رياست آهيان.‘ فرانس جي بادشاهه لُوئي جي جَڳ مشھور چوڻي.
24. ( ) هن خصوصي ملٽري ڪورٽ جو صدر، انهن ئي ڏينھنِ ۾ ميجر جنرل جي عھدي لاءِ سندس نالو وِڌو ويو.
25. ( ) اسان جي خلاف جهنگ جي قانون جي سڄي سال لاءِ هلت کان پوءِ مقدمو شروع ٿيڻ وقت 31-ڊسمبر کان اٽڪ قلعي جي هڪ حصي کي تاخيري سوچ سبب سب-جيل ڪيو ويو.
26. ( ) مَلڪ امير محمد خان، نواب آف ڪالا باغ، انهن ڏينھنِ ۾ گورنر مغربي پاڪستان.
27. ( ) هيءُ مئي 1985ع جو ذڪر آهي جڏهن 1973ع جو آئين ڪٺ پتلي اسيمبليءَ ۽ هٿياربند فوجن جي ناز نظر جو شڪار بي مثال سياسي داداگيري ۽ فوجي تخريبڪاريءَ جي عمل مان گذري رهيو هو.
28. ( ) پنڊيءَ جو سٽي مئجسٽريٽ، جنھن جي عدالت ۾ 151 جي نگرانيءَ هيٺ، زوريءَ ڏوهه قبول ڪرائي ريڪارڊ ڪيا ويا.
29. ( ) منھنجن صفائيءَ جي 41 شاهدن مان هڪ کي به عدالت ۾ اچڻ جي موڪل نه هئي.
30. ( ) ان فيصلي موجب، ٻي فوجي تاناشاهه يحى خان کي ان وقت غاصب سڏيو ويو جڏهن هو تخت ۽ تاج کان وانجهو ٿي هارکي اسٽريٽ ۾ بلئڪ ڊاگ (شراب) جون آخري چسڪيون ڀري رهيو هو.
31. ( ) مسٽر ايم بي زمان، جنھن اسان جي ڪيس جي ٻُڌڻي هلندي ئي ڊن هاگ (دَ هيگ) هالئنڊ جي هڪ عدالت سمن جي اڻ پَڪي خبر جي بنياد تي پاڪستان جي فخر لائق سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير کي شايد هن صديءَ جي اهم ترين ايٽي رازن جي چوريءَ جي ڏوهه ۾ ڏنل عمر قيد سزا ختم ڪرڻ جو حڪم ٻڌو هو. ان جي ڀيٽ ۾ هن ئي فوجي عدالت اسان جي ڪيس جي ٻڌڻيءَ کان اڳ ان سموري قيد کي غير قانوني سڏي چڪي هئي جنھن دوران زبردستي ڏوهه قبول ڪرايا ويا ۽ مسٽر زمان پوءِ به مون ۽ ٻين لاءِ موت جي سزا جو سَڌڙيو هو.
32. ( ) شھيدن جي قطار ۾ پنھنجو نالو شامل ڪرائڻ لاءِ جنرل اختر عبدالرحمان ذاتي طرح پاڻ مون کي ڪيترا ئي ڀيرا چيو ته سندس نالو ته پڪ سان مون ئي هِٽ لسٽ (جن کي مارڻو آهي، انهن جي وچور) ۾ رکيو هو. جنگ جي ميدان ۾ شھادت جي جذبي جي ڀيٽ ۾ هي ”شھادت“ پڪ سان وڌيڪ ۽ ترت پئمينٽ (اجوري) جو ڪارڻ ٿي سگهي پئي.
33. ( ) ”ظلم ڪِي داستان“، چيئرمين ڀٽو خلاف فوجي تاناشاهي پاران ڪردارڪشيءَ جي مھم جو ٽي وي سلسلو.
34. ( ) ٽِي وي جو هڪ خبرون پڙهندڙ.
35. ( ) هٿَ ٺوڪيو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جيڪو پنجين پنجاب رجمينٽ سان واسطو رکندو هو. ان بٽالين کي انگريز آقا ڦرلٽ جي سنڀال لاءِ ٻي (وڌيڪ ايندڙ صفحي 54 تي) (صفحي 53 تان آندل) وڏي جنگ هلندي شاندار ڪرناما ڪرڻ سبب ”شير دل“ جو نالو ڏنو هو. اهو ”نالو“، جنھن کي هي ماڻهو اڄ به ڀاڪر ۾ ڀريو ويٺا آهن. فيلڊ مارشل کي جرمن ڪمانڊر مون ان ڪري چيو آهي ته هُو پنھنجي رنگ روپ ۽ قد ڪاٺ جي ڪري پاڪ فوج ۽ قوم کي جرمن فوجن ۽ قوم سان ڀيٽيندي فخر محسوس ڪندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري جرمنيءَ جي ان وقت جي چانسلر، ڊاڪٽر ايڊنائر، فيلڊ مارشل جي مانَ ۾ ڏنل دعوت ۾ مھمان خاص پاران اهڙي ڀيٽ ۽ تشبيھه تي عجب جو احساس ظاهر ڪيو.
36. ( ) محمد شاهه رنگيلي جو استاد جنرل آغا محمد يحيى خان ”صدر“ اسلامي جمھوريه پاڪستان ۽ ان جا حواري جنرل حميد، جنرل پيزادو ۽ ٻاٽ ڪاري دَور جا ڪيترائي ٻيا مرڪزي ڪردار، هڪ ئي بٽالين جي پيداوار هئا.
37. ( ) 5 جولاءِ 1977ع واري وڏي غداري ۽ بغاوت جنھن جي پردي پٺيان اصل ڪردار جنرل فيض علي چشتي، جنرل سوار خان، جنرل جھانداد خان ۽ ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان، سڀئي هن جابلو رجمينٽ سان تعلق رکندا هئا. جابلو رجمينٽ جي سڀ کان ڳَري ملڪيت خچر ٿيندا آهن، جيڪي توبن کي ٽڪرين تائين پھچائڻ ۽ لاهڻ جو ڪم ڪندا آهن.
38. ( ) خچر گڏهه ۽ گهوڙي جي ميلاپ سان پيدا ٿيندو آهي. خچر مان خچر جي اولاد نه ٿيندي آهي.
39. ( ) منھنجي بيان کان ڪجهه ڏينھن اڳ مسٽر ايم.بي زمان ان ڳالهه جي ڪري رسالت جي توهين جي بھاني ۾ واڪ آئوٽ ڪري ويو جو هڪ شاهد هڪ معياري (تھمت لڳل) جنھن جي ذات سيد هئي، جي گهر کي تشبيھه ڏيدي رسول جو گهر چيو هو، پوءِ هُو عدالت پاران ناپسندي ظاهر ڪرڻ سبب هڪدم معافي وٺي موٽي آيو. شريعت تي عمل ڪندڙ ان مسلمان وڪيل کي ڪيس هلندي جاري رکيل کُلي لاقانونيت خلاف ر سول جا حڪم ڪڏهن به ياد نه آيا.
40. ( ) چين ڪجهه وٺڻ کان وڌيڪ اسان کي ڏنو هو.
41. ( ) سياچن گلئشيئر تي جنرل ضياءَ جي بي مثال بيان مان واڌو ٽڪرو.
42. ( ) ڪورو (Coro) سينٽرل آفيسرز رڪارڊ آفيس، آفيسرن جي رڪارڊ رکڻ واري مرڪزي آفيس.
43. ( ) جنرل ضياءَ ۽ اختر عبدالرحمان جي ذاتي حڪمن هيٺ مون کي حسن جي منھن ڏسڻ کان به محروم رکيو ويو.
44. ( ) وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، جنھن کي جنرل ضياءَ ڏاڍين منتن ميڙن کان پوءِ کاريان ڇانوڻيءَ ۾ هڪ شاندار شادماني ۾ آرمرڊ ڪور (رسالي، بڪربند گاڏين واري فوج) جي ڪرنل-ان-چيف جي عھدي جا بيج (تارا) هنيا هئا. چيئرمين ڀٽو، پاڪ آرميءَ جي تاريخ جو پھريون ۽ آخري سولين (غير فوجي، شھري) ڪرنل-ان-چيف هو.
45. ( ) ميجر جنرل محمد حسين اعواڻ، عدالت جو صدر به ان شھيد ڪرنل-ان-چيف جي رجمينٽ آرمرڊ ڪور مان هو.
46. ( ) ايف آءِ آر موجب مياري (تھمت لڳل) آفيسر ٻن ڪارن ۾ هٿيار ۽ ڌماڪي وارو مادو کڻي ملتان روڊ تي پئي ويا ته فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ گرفتار ٿيا. تبديل ڪيل واڌاري موجب انهن کي نوان ڪوٽ جي هڪ گهر مان سڳ سوڌو پڪڙيو ويو. جِي ايڇ قيو موجب پھرين ايف آءِ آر ڪوڙي هئي، ڇو ته سچ ڳالهائڻ ۾ قومي سلامتيءَ کي خطرو هو تنھنڪري ڪوَر اسٽوري ٺاهڻي پئي (ڍڪڻ رکيو ويو). ڪوَر اسٽوري ۽ سچي رپورٽ ۾ فرق رڳو هِي هو ته سامان جو ڏهون حصو به ڪارن ۾ پئجي نه پئي سگهيو.
47. ( ) پوسٽ مارٽم (مرڻ کان پوءِ جاچيل) رپورٽ موجب مرڻ وارا 7.62 ملي ميٽر (م.م) جي رائيفلن ۽ مشين گنن جي فائرنگ سان مئا هئا. جڏهن ته پھرين ايف آءِ آر موجب قاتلن وٽان هڪ والٿر ۽ هڪ 2.5 م.م جو پستول مليو جيڪو به هڪ ڊاڪٽر، زخمي نثار حسين جي کيسي مان اهڙي حالت ۾ لڌو جو ان ۾ ڇهه ئي گوليون موجود هيون. ڊاڪٽر جي ان شاهديءَ کان پوءِ ٽيڪنڪي طرح قلم-302 ختم ٿي ويو.
48. ( ) هر ڇانوڻيءَ ۾ هڪ آفيسر کي پنھنجي واري تي ستن ڏينھن لاءِ موجود شيُن، سامان وغيره جي سنڀال ۽ ٻين سڀني عام انتظامي مسئلن جي جاچ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. ڪمانڊر جي حڪمن موجب اها ڊيوٽي ڏيندو آهي. هتي ان ناٽڪ ڏانھن اشارو آهي جيڪو انٽيليجنس انهن جِي ڊِي اوز (گيرزن ڊيوٽي آفيسرن) وسيلي اسان کي ڪچھرين ڏانھن موڪلڻ ۽ اتان وري پاڻ ڏانھن گهرائڻ لاءِ کيڏيو.
49. ( ) شھنشاهه اڪبر ۽ انارڪلي ـــــ ۽ ـــــ جنرل ضياءُ ۽ ...
50. ( ) هي سِٽون، ارڙهين صديءَ ۾ انگلئنڊ جي مشھور ادبي شخصيت، شاعر، مضمون نگار ۽ لغت نويس سموئيل جانسن/Samuel Johnson جي (وڌيڪ ايندڙ صفحي 69 تي) (صفحي 68 تان آندل) نظم ”The Vanity of Human Wishes“ (انساني خواهشن جي هَلڪڙائِي) مان ورتل آهن، جن جو ترجمو ميجر آفتاب ڏنو نه آهي. مون ان جو ترجمو لاڙڪاڻي جي ڪامرس ڪاليج ۾ انگريزي مضمون ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، سعيد احمد سومري صاحب کان ڪرايو، جيڪو، سندس ٿورن سان، هتي ڏجي ٿو:
”هن جي نصيب ۾ ڪو بنجر علائقو، ڪو ننڍڙو قلعو ۽ ڪي مشڪوڪ هٿ ئي لکيل هئا، پنھنجي وڃڻ کان پوءِ هن اهو نالو ڇڏيو جنھن سان ڪو سبق يا ڪو قصو منسوب ڪندي، ماڻهن جا چھرا ڦِڪا پئي ٿيا.“
- رياضت
51. ( ) ليفٽيننٽ جنرل عتيق الرحمان جنھن وٽ هڪ سپاهيءَ جي پھرِين ۽ آخري سڃاڻپ ۽ هن جي ضابطي (ڊسيپلين)، همت ۽ ڪردار جو ماپو ان جي گهيٽي جيان ڪوڙيل مٿو هوندو هو.
52. ( ) ٻيھر ڄاول (Born again) مسٽر ايم بِي زمان، غلام مصطفى کر جي اقتدار وارن ڏينھنِ ۾ سندس گهاٽو يار، پيالي ۽ نوالي-ڀائي ايڊوڪيٽ جنرل، جيڪو جنرل ضياءَ جي دَؤر حڪومت ۾ جڏهن منھنجن ڀاڳن ۾ لِکيو ويو، ته هڪ شرع جي پابند، سچي ۽ ڪراري مسلمان جو روپ ڀري چڪو هو. اها ٻِي ڳالهه آهي ته عدالت ۾ هن سمورن خدائي قانونن کي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو.
53. ( ) جڏهن آءٌ پنھنجي رت ۽ تمنا جو هِيءُ ڀنڀٽ ڀڙڪائي رهيو هوس تڏهن مون کي ڪھڙي خبر ته جلاوطنن ۾ سڀني کان گهڻو سھڻو جلاوطن، علي ڀٽو ۽ ياسر عرفات جو پُٽ شاهنواز ان جي جهريل روشنيءَ ۾ گهر موٽي نه سگهندو پر پنھنجو ساهه ڏئي جيڪو ڀنڀٽ هُن روشن ڪيو آهي، ان جو سوجهرو ۽ جَرڪو هِن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ايئن آهي ڄڻڪ هر هڪ ۾ سج اڀري آيو هجي. مون کي الذوالفقار جي گرفتار ڪيل آزادي پسندن مان بڻيل شھيد جي ڳاڙهسري انقلابي مُنھن جو پاڇولو نظر اچي رهيو آهي. هاڻي مسئلو رڳو پنھنجو ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ جو ناهي. هاڻي ته ڀنڀٽ مان ڀنڀٽ ڀڙڪائي، صدين جي اوندهه ۽ ڪارنھن کي ساڙي خاڪ ڪرڻ جو آهي.
54. ( ) فريادي ڌر جي سڀني شاهدن مڃيو ته تھمت لڳل جي گرفتاري ڪنھن قانون هيٺ يا قانون موجب نه آهي ۽ ئي انهن کي ٻڌايو ويو ته کين ڪھڙي قانون هيٺ اسان جي جاچ يا پڇا ڪرڻي هئي، نه ته ڪي گرفتاريءَ جا وارنٽ هئا، نه ڪڏهن رمانڊ ورتو ويو ۽ نه ئي وري ميارن کي ڪنھن جوڊيشنل لاڪپ ۾ رکيو ويو. عدالت سڄي سال جي قيد کي غيرقانوني ته سڏيو پر انهيءَ قيد دوران قبول ڪرايل بيانن جي بنياد تي اسان کي ڊگهيون سزائون ٻڌائي، فوجي عدل ۽ انصاف جو هڪ شاهڪار نمونو تيار ڪيو ويو.
55. ( ) اهڙا ڪيترا ئي واقعا منھنجِي شاهدن جي وچور ۽ صفائي-شاهدن جي تفصيل ۾ ڏنا ويا آهن جيڪي هن بيان جي آخر ۾ ڳنڍيل آهن. اِهي اُهي واقعا هئا جن جي تصديق ڪجهه سرڪاري شاهدن کي ڪرڻي پئي.
56. ( ) گرو جونز جنھن جِي شخصيت جو جادو جو شڪار ٿي لڳ ڀڳ 500 ماڻهن، عورتن، ٻارن ۽ ٻڍن سندس حڪم مڃيندي گڏيل خودڪشي ڪئي.
57. ( ) ٻيءَ تھمت موجب مون پنھنجو پاڻ هڪ ٿلهو پمفليٽ لکيو، ڇپرايو ۽ ورهايو جنھن وسيلي هٿياربند فوجن ۾ بي اطميناني، فوجي حڪومت خلاف نفرت ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پمفليٽ جي مختلف بابن ۾ لکيل هو ته ”جنرل ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندا آهن، ماڻهن کي ڪيس هلائڻ کان سواءِ ئي قيد رکيو وڃي ٿو، عوام جا حق پيرن هيٺ لتاڙيا وڃن ٿا، هٿياربند فوجن جا ماڻهو پرڏيھي ناڻي کي انڌاڌند اڏائي رهيا آهن، ملڪ ۾ ڪُلڇڻائي اوج تي آهي، پاڪستان-نظرئي جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي، پاڪستان هڪ فوجي حڪومت جي دؤر ۾ ٻه ٽُڪر ٿيو، لاڳيتي مارشل لا ننڍن صوبن ۾ بي اطمينانيءَ کي جنم ڏنو آهي جنھنڪري پاڪستاني وفاق کي شديد خطرا لاڳو ٿي پيا آهن، جنھن جو نتيجو پاڪستان جي آخري تباهيءَ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو، جنرلَ منظم نموني ملڪ کي ڦُري رهيا آهن، وڪيلن کي گهرجي ته ملڪ جي بقا لاءِ اُٿي بيھن.“ انهيءَ تھمت تي مون ايندڙ صحفن ۾ عدالت آڏو انهن موضوعن بابت پنھنجي مؤقف جي مختصر وضاحت ڪئي هئي.