آپريشن گئليڪسيءَ جي سڃاڻپ
1980ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ جڏهن ملڪ مختلف اندرين ۽ ٻاهرين محاذن تي ڦاٿل هو ۽ عوام ڦاهي گهاٽن جي ڪوٺڙين ۽ ڦٽڪن جي ٽڪٽڪين ڏانھن وڌي رهيا هئا ۽ جنرل وري هائوسنگ سوسائٽين جي گڏجاڻين جي صدارت ڪري رهيا هئا تڏهن هٿيابند فوجن جي قطارن ۾ آئين جي بحالي ۽ سندن بيرڪن ۾ موٽ جي تحريڪَ، وقت جي اهم ترين گهرج هئي. اها تحريڪ قومي تحريڪ کان ڪٽيل تحريڪ ڪا نہ هئي، اها سچ پچ قومي جدوجھد سان هم آهنگ هئي ۽ آءٌ سچائيءَ سان محسوس ڪيان ٿو تہ انھيءَ ۾ هٿياربند فوجن، خاص طرح پاڪ آرمي (بري فوج) جي نجات هئي. هڪ مٿان ٻِي مارشل لا سبب اڳواڻيءَ جي وڌندڙ گهوٽالي ۽ سکيا جي اڻھوند سان نبرڻ جي هڪ ئي راھہ هئي تہ پنھنجن سکيا جي ميدانن ۾ موٽي وڃن.
سڄي سال جي جاچ ۽ کوج کان پوءِ نيٺ جنوري 1985ع ۾، اٽڪ قلعي جي هڪ ”هوا بند“ بئرڪ ۾ سازشن جو پُڇاڻو شروع ٿيو. آپريشن گئليڪسي کي پريس (خابرو ادارن) ۽ عام راءِ اٽڪ-سازش ڪيس جو نالو ڏنو جيڪو اڃا تائين هلي رهيو آهي. آءٌ سدائين مڃيندس تہ عدالت جو سرواڻ ۽ ميمبر سٺا سپاهي هئا پر ٻئي يا ٽئين ڏينھن کان ئي صفائيءَ جي وڪيلن تي آڏي پڇا جون اهي پابنديون مڙهيون ويون جو آءٌ پنھنجي ان وڪيل کي ڇڏڻ تي مجبور ٿيس جنھن کي مون پنھنجي سوچ ۽ ساڃاھہ خلاف رڳو تھمت لڳل (ملزم، مياري) ساٿين جي سَڌ جو احترام ڪندي مقرر ڪيو هو. منھنجي هڪ ساٿي ميجر نثار بخاريءَ بہ، جنھن جي سيني تي مشين گن جا ڦٽ اڃا بہ ڳڙي رهيا هئا، پنھنجي وڪيل کي ڇڏي ڏنو، پر ان جو وڪيل پاڪ آرميءَ جو اڳوڻو جج ايڊوڪيٽ جنرل برگيڊيئر اقبال احمد خان، جيڪو انتھائي خوددار ۽ بااصول ماڻھو هو. ذاتي طرح پاڻ مقدمي جي پوئواري کي ڏکيو سمجهندي وڪالت تان هٿ کڻڻ جي سڌ ظاهر ڪئي. پنھنجي صفائيءَ جي وڪيل کان موڪلائي ميجر نثار عدالت آڏو پنھنجي بيان ۾ چيو هو تہ:
”جيڪڏهن آئين کي بحال رکڻ جي گُهر ڪرڻ ڏوھہ آهي، تہ مان پنھنجو اڳ ئي پرڻ ٿيل سينو هڪ ڀيرو وري آڇيان ٿو. توهان فائرنگ اسڪواڊ (گوليون هڻندڙ جٿو) سڏايو.“
بھرحال، اسان لاءِ عدالت جي پٺيان هڪ ٻي سرڪاري وڪيلن وسيلي پنھنجي مرضيءَ جا ڪيترائي وڪيل مقرر ڪيا جن مان ڪجهہ ضمير جي آواز تي هليا ۽ ڪن تي دڙڪو داٻ ڇانئجي ويو ۽ ڪي اسان جي مرضيءَ خلاف 15 سؤ رپيا ڏهاڙيءَ تي اسان جو بچاءُ ڪندا رهيا. انھن وڪيلن جو پيشه ور اخلاق ۽ اسان جي مرضيءَ خلاف عدالت ۾ لاڳيتو اچڻ بہ ادارن جي تباهيءَ جو هڪ ثبوت هو، جيڪو جنرل ضياءَ جي ”گرانڊ اسڪيم“ جو اهم حصو هو.
جيتوڻيڪ مون هڪَ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي تيار ڪيل چارج شيٽ (ڏوھہ-چِٺي) بابت پنھنجي ”صفائيءَ“ جي حق ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ پئي رکي پر مڙهيل صفائيءَ جي وڪيلن جو وجود ۽ انھن جي هر گهڙيءَ جي ڇڪتاڻ عدالتي ڪارروائيءَ ۾ منھنجي مڪمل شرڪت جو بھانو ٿِي پئي. ان صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهہ ڏينھنِ جي ڪڙاڻ ۽ ڇڪتاڻ کان پوءِ جنرل جج ۽ مياري (تھمت لڳل) ميجر ڪيس جي ٽٽل انساني ناتن واري پل ٺھڻ لڳي. انھيءَ پل تان پار پئي آءٌ لشڪري (ملٽري) عدالت کي پنھنجي موقف جي سچائيءَ بابت قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي سگهيس. پڇاڻي جي نتيجي ۾ جيڪڏهن گهڻا ماڻھو ڇُٽي ويا تہ ان جو سبب ڪجهہ ٻين سان گڏ اهو بہ هو تہ جنرل اعواڻ کي منھنجي بنيادي سوچ جي سچائيءَ سان گهاٽو، دلي لڳاءُ ٿي چڪو هو. اهڙو اظھار هُن ان رات کلي عام ڪري ڇڏيو جڏھن هن برگيڊيئر اقبال احمد خان جي موجودگيءَ ۾ اندر جون ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ مون کي چيو تہ آءٌ پنھنجو بيان موٽائي وٺان... ”منھنجي ۽ تنھنجي حياتي هڪ جھڙي ئي گذري آهي... تون نہ ٿو ڄاڻين تہ تو ڪھڙي قسم جي ماڻھن سان وير ورتو آهي... آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ تون وڌيڪ اڻانگو اڙجي وڃين... پڪ ڄاڻ تہ تون انھن مان هڪ آهين جن سان آءٌ حياتيءَ ۾ هر هر ملڻ پسند ڪندس...“
لشڪري عدالت بي مثال همت کان ڪم وٺندي 2-جنوري 1984ع تي اسان جي گرفتاريءَ جي ڏينھن کان 31-ڊسمبر 1984ع تي عدالتي ڪارروائي شروع ٿيڻ تائين واري سموري ”حراست“ کي لاقانوني جو مظھر سڏيندي غيرقانوني چيو. نتيجي ۾ انھيءَ هلندي ڪيل سموري جاچ ڪارروائي، عدالتي بيان ۽ وڊيو فلمون غيرقانوني ڪيون ويون. هاڻي سرڪار اسان جي خلاف ٽِين پتي آزاد شاهدن جي وچور ڏني هئي جن کي اسان جا ڏوھہ ثابت ڪرڻا هئا پر عملي طرح هڪ بہ آزاد شاهد نہ آندو ويو. برگيڊيئر امتياز ۽ جنرل اختر عبدالرحمان جي هٿن سان اسان خلاف تيار ڪيل ايف آئي آر بہ اهو چئي نہ آندي وئي تہ اها هڪ ڪُوڙي ڪھاڻي هئي جيڪا مملڪت جي سلامتيءَ ۽ سنڀال لاءِ لکائي وئي هئي. نيٺ مون کي ۽ منھنجن ساٿين کي ڊگهي-مدت لاءِ سزائون سب-جيل سپريڊنٽ ٻُڌايون. مارشل لا عدالتن جي انھن فيصلن جو اعلان ڪنھن بہ اهڙي سپاهيءَ جي وس جي ڳالھہ نہ پئي ٿي سگهي جيڪي اُن پاڻ نہ ڪيا هجن.
مون کي پنھنجيءَ سزا بابت تہ ڪو شڪ ڪو نہ هو. ماءُ کان وڌيڪ مِٺو من ان معاملي ۾ ڪنھن جو ٿِي سگهندو! مون ان کي بہ ذهني طرح گهٽ ۾ گهٽ 25-سالن جي قيد لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو ـــــ پر مون کي اها اميد اوس هئي تہ آزاد شاهدن جي اڻھوند سبب ذاتي طرح جنرل منھنجن ٻين ساٿين مان ڪنھن کي بہ سزا ڏيڻ پسند نہ ڪندا ـــــ منھنجي ان اميد خلاف هي فيصلو 1987ع تائين منھنجي لاءِ هڪ راز ئي رهيو. اهو راز ان وقت کُليو جڏهن جنرل اعواڻ منھنجي هڪ ويجهي سنگتيءَ آڏو جھلم ڇانوڻي ۾، جتي هُو گيريزن ڪمانڊر هو، اهو مڃيو تہ حقيقتن کان پاسائتو عدالتي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ اهي سڀ ماڻھو ڇُٽي وڃن ها پر انھيءَ شرط تي تہ سندن هڪ اهم تھمت-لڳل ساٿي ايڊوڪيٽ رضا ڪاظم منھنجي آڏو واعدي معاف شاهد جو ڪردار ادا نہ ڪيو هجي ها. رضا ڪاظم مڃيو تہ جاچ هلندي ڊائريڪٽر جنرل انٽر-سروز انٽيليجنس ايجنسي جنرل اختر عبدالرحمان خان سان سندس اهو ٺاھہ ٿيو هو تہ هُو کيس هِن ڪيس مان نيٺ ڪڍي وٺندو. ترقي پسند تحريڪ ۽ سوچ جي علمبردارن لاءِ اهو شايد ٻيو ڏک هجي تہ پنھنجي زباني ”40-ورهين جي سوشلسٽ ڪميونسٽ جدوجھد جي روايتن جي امين“ رفيموف ڪاظيموف پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير ملڪ غلام مصطفى کَر جِي چائُٺ تي سھوَ جو سجدو ڪيو، تہ نتيجي ۾ سندس اهو بيان نڪتو جنھن ۾ سندس ساٿي تھمت لڳلن جو تفصيل هو ۽ جيڪو اٽڪ قلعي جي عدالتي حڪم خلاف سازش جي هن گڏيل پُڇاڻي ۾ هڪ انتھائي اهم ملزم جو هڪ انتھائي اهم ۽ تفصيلي بيان عدالت ۾ کولڻ- بنا ڪھڙي لاچار هيٺ قبول ڪيو هو. هِي پنا ان جي تفصيل کي جذب ڪرڻ لائق نہ ٿي سگهندا. هن وقت ايترو ئي صحيح تہ جنرل جي چواڻي، دانشور جو بيان عدالت ۾ نہ، پر ٽپال ۾ وڌو ويو هو، جيڪو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي ميز تي پھتو ۽ جنوري 1984ع جي سازشين جي مقدر جو فيصلو ٿي ويو.
آپريشن گئليڪسي هڪ وڏو ۽ گهڻن مقصدن وارو ڊيگهارو ناٽڪ هو. ان مان مارشل لا جنتا ۽ رنڊڪ-تحريڪ ٻنھي پنھنجن پنھنجن مقصدن لاءِ سگهہ ورتي، پر جيئن ظلم خلاف هر ناڪام ڪوشش بہ ان جي هيڻائيءَ جو ڪارڻ ٿيندي آهي تيئن هن مقدمي بہ جنتا جون پاڙون کوٽڻ ۾ هڪ خاص ڪردار ادا ڪيو. مون کي ان حقيقي ناٽڪ جا هيٺيان پاسا ڪجهہ اهم ڏسڻ ۾ آيا:
(1) ملڪ جِي 37-ساله تاريخ ۾ پھريون ڀيرو هٿياربند فوجن جي جونيئر (گهٽ عرصي کان نوڪري ڪندڙ) آفيسرن آئين جي بالادستيءَ ۽ عوام جِي امنگن جو مانُ رکندي ان وقت آواز اٿاريو جڏهن سندن پنھنجن سينئر (گهڻي عرصي کان نوڪري ڪندڙ) آفيسرن جي اقتدار جو سج پوري چمڪ دمڪ سان دُکي رهيو هو. اها ڳالھہ پاڻ بہ ڪا معمولي نہ هئي تہ ڄَمتُو حڪمران طبقي جو هڪ ٽولو پنھنجن عھدن، پنھنجين رعايتن، پنھنجن پيارن جي آئيندن ۽ پنھنجي حياتيءَ کي داءَ تي هڻي ان اونداهي چُر ۾ گهڙِي پيو جيڪا اوٿُن ۽ اوکاين سان ڏٽي پئي هئي ۽ ظاهري طرح ڪٿي بہ ڪو نہ پئي کُٽي. جمھوري حڪومتن خلاف سازشن، بغاوتن ۽ تختو اونڌو ڪرڻ جي روايتن جي ابتڙ جمھوري ادارن ۽ آئين سان وفا جو هِيءُ جتن ڪجهہ سپاهين پاران قوم کي هڪ ننڍڙي سوکڙي هئي.
(2) 1965ع جي جنگ کان پوءِ پھريون ڀيرو عوام ۽ هٿياربند فوجن پنھنجين امنگن ۽ آرزوئن جو ڏيک پنھنجين اکين سان ڏٺو ۽ ڪَنن سان ٻڌو. جيلن، قلعن، ڦاهي گهاٽن ۽ ڦٽڪن جي ٽڪٽڪين تي چڙهيل رنڊڪ جي پتنگن محسوس ڪيو تہ اهي جيڪي ڏينھن-رات مُڇن کي تاءُ ڏئي ”پنھنجي“ حلقي جون ڳالھيون پيون ٿينديون آهن، حقيقتون انھن کان چڱيون مختلف آهن ۽ سپاهي بہ جنتا جي غارن کي ڇڏي نئين قومي وهڪري ۾ گڏجڻ لاءِ تيار هئا. ٽنھي فوجن جي ”آفيسرن ۽ عھديدارن ۽ انھن جي گهر وارن جي وڏي پيماني تي گرفتاريءَ وسيلي مارشل لا انتظاميا پنھنجي حلقي ۾ سجاڳيءَ جي آثارن کي اُٿندي ئي دٻائڻ گهريو. رياستي دهشتگرديءَ جِي هيءَ ڪاروائي حقيقت ۾ حڪمرانن جي ڳاٽي پئجي وئي ۽ سپاهين ۽ جھازن ۽ هوابازن کلي عام پنھنجن ڪمانڊرن کان ان ڪارروائي بابت سوال پڇڻ شروع ڪيا. آئين، مارشل لا جي ڊيگهہ، مشرقي پاڪستان جو ڏاکڙو، سرحد ۽ بلوچستان جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ نيم سوِل-وار (اڌ-گهريلو جنگ) جو ماحول آفيسرن جي ميسُن ۽ جوانن جي بيرڪن ۾ ڳالھہ ٻول جو انتھائي گنڀير ۽ اهم ترين بحثي موضوع ٿي پيا. هٿين-خالي عوام جي راءِ جيڪڏهن نظرانداز ٿِي ڪري سگهجي تہ هٿياربند سپاهين جي وچ ۾ ٽيپھريءَ جِي چانھہ ۽ پڪوڙن جيان گرم ”لنگر گپ“ کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهجي پيو؟
(3) انٽيليجنس جي رڪارڊ موجب کين پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سان منھنجي ڄاڻايل لاڳاپي جي خبر ڊسمبر 1983ع جي ابتدا ۾ ملي هئي جنھن کان پوءِ هنن اسان جو سرگرم پيڇو ڪيو هو. مارشل لا انتظاميا ان خبر سبب ڀُوڪَر جو شڪار ٿِي يا نہ، هنن ”هٿياربند عام راءِ“ خلاف پيش بنديءَ ۽ ڳجهہ ڳوھہ ۾ نئين صف بنديءَ جي رٿا پڪ ئي انھن ڏينھن ۾ شروع ڪري ڏني هئي. پارٽي اڳواڻ محترمہ بينظير ڀٽو اڃا بہ جيل ۾ بند هئي. انٽيليجنس جي سمورين ڇنڊڇاڻن جو نتيجو اهو هو تہ هن جي ملڪ نيڪالي سندس ايراني انقلابي اڳواڻ امام خمينيءَ جيان موٽڻ جي واٽ سڌي ڪري ها.
بھرحال، هٿياربند فوجن ۾ بيچينيءَ جي خبر ملندي ئي انتظاميان ان سلسلي ۾ متبادل راهون ڳولڻ لڳي. اهو آپريشن گئليڪسيءَ جي هنگامي انتظامن جو اڻ لکيل حصو هو، تہ جيڪڏهن بيرڪن ۾ صورتحال ٿوري بہ منجهائيندڙ هجي ها تہ ان کي هر حالت ۾ ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ها.
2-جنوري 1984ع تي مختلف ڇانوڻين مان گرفتارين جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، اهو ايندڙ ڪجهہ ڏينھن ۾ ڏاڍو تيز ٿي ويو. سڄي ملڪ جي بيرڪن ۾ ريڊ اَلرٽ (خطرو، تيار رهو) جھڙو ماحول هو. مختلف ڇانوڻين، تان جو سياچن جي ويجهن مورچن مان بہ خصوصي هيليڪاپٽر، جِيپون ۽ ٽرڪون قيدي ڍوئيندي جاچ مرڪزن ڏانھن ڊوڙي رهيون هيون. صورتحال جو وڌيڪ خطرناڪ پاسو، بھرحال جنتا جي ميمبرن جِي پاڻ ۾ اقتدار لاءِ ڇڪتاڻ بابت هو. جنرل ضياءَ جي ڪِچن ڪابينا (رڌڻي واري وزارت) ڪجهہ سينئر جنرلن ۾ ڪن سببن جي ڪري شڪ ڪري رهي هئي. هيءَ اها صورتحال هئي جنھن کي نظر ۾ رکندي آرمي هائوس جي هڪ گهريلو گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ملڪ جي سڀ کان اهم قيدياڻيءَ محترمہ بينظير ڀٽو کي هڪدم ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. هوءَ گذريل پنجن سالن کان جيلن ۽ سب-جيلن جي سفر ۾ هئي. هٿياربند فوجن ۾ رنڊڪ واري تحريڪ جي پھرين گرفتاريءَ جي ستين ڏينھن هوءَ سُئس ايئر جي هوائي جھاز ۾ ان سفر تي رواني ٿي رهي هئي جيڪو نيٺ 2-ڊسمبر 1988ع تي وزير اعظم جي ايوان ۾ سندس موٽ تي ختم ٿيو. 9-جنوري 1984ع تي جڏهن کيس اڌ رات جو بنا پليٽ واري ڪار ۾ ڪراچي انٽرنيشنل هوائي اَڏي ڏانھن نئيو پئي ويو، مون کي ۽ منھنجن اگهاڙي پيرين ساٿين کي خصوصي جاچ شاخ، انٽرسروسز انٽيليجنس فيلڊ انٽروگيشن سينٽرز، فيلڊ انٽيليجنس يونٽس ۽ مخصوص اينٽي ٽيررسٽ اسقئاڊز جا هٿياربند گارڊ اکين تي پٽيون ٻڌي زمين-هيٺ ڪوٺين (بُھرن) ۽ اذيتي-اوزارن سان ڀريل جاچ-ڪمرن ڏانھن هلي رهيا هئا. ٿوري گهڻي وٿيءَ سان ڪنھن ٽرڪ يا ان سان گڏ جيپن جي اڱڻن ۾ اچ وڃ جا آواز ان رات بہ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ـــ گرفتاريون اڃا بہ پئي ٿيون.
محترمہ جي جلاوطنيءَ سبب مارشل لا جنتا کي پنھنجا ڪيترائي مقصد پورا ٿيندا پئي نظر آيا. اها هٿياربند فوجن ۾ حقيقي، ممڪن ۽ تخيلاتي، هر قسم جي رنڊڪ خلاف هڪ اڻٽر وِک هئي، ان جي ڪري آمريڪي سينيٽ ۽ عام راءِ کي مطمئن ڪري سگهجي پيو ۽ اهو انساني حقن جي علمبردار بين الاقوامي تنظيمن جو گوڙ گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو گُر بہ هو (سنڌ جي هڪ اڳوڻي وڏي وزير ۽ هڪ اڳوڻي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ انھن جي ”نالن“ جو ان ۾ ڪھڙو ڪردار هو، آءٌ ڪڏهن نہ ڪڏهن ان تي ضرور لکندس.)
1983ع جي جمھوريت جِي بحالي لاءِ تحريڪ، خاص طرح ان جي سنڌ ۾ شدت مارشل لا جي تنتن تي جيڪو دٻاءُ وڌو هو، اهو سڀ جو سڀ نيٺ فيلڊ (ميدان ۾ موجود) ڪپتانن، ميجرن ۽ ڪرنلن کي سَھڻو پيو، جيتوڻيڪ تحريڪ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ ئي رفتار جي تيزي وڃائي ويٺي هئي پر ڊسمبر 1983ع ۾ هٿياربند فوجن ۾ ان جي پوئواريءَ ۽ ”پٺڀرائيءَ“ بابت خبرون پڪ ئي پڪ پريشان ڪندڙ ثابت ٿيون هيون. جونيئر آفيسر جيڪي ملڪ جي ڊيگهہ توڙي ويڪر ۾ مشين گَنون کنيون ڊوڙي رهيا هئا، هاڻي ڀروسي لائق نہ پئي نظر آيا. انھن حالتن ۾ 70-ڪلفٽن جي قومي رنڊڪ مرڪز کي ان جي آخري رهاڪن کان وانجهو ڪرڻ پَڪ سان هڪ شڪاري چال هئي.
(4) ڇھن ورهين جي مضبوط صف بنديءَ کان پوءِ ان تحريڪ جي ڪري 5-جولاءِ 1977ع وارن ڪاهيندڙن جي قطارن ۾ پھريون ۽ پويون ڏار پيو. ڪجهہ تفصيلي شاهدين جي ڪري ۽ ڪجهہ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جنرل اختر رحمان خان جي ذاتي سَڌن (ambitions) جي بار هيٺ اچي دوستن مان پنج اهم تارا ڪھڪشان کان ٽُٽي ويا. ان وقت جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف دي اسٽاف ڪميٽي جنرل محمد اقبال وائيس-چيف آف دي آرمي اسٽاف جنرل سوار خان ۽ ٽِن ڪور ڪمانڊرن، مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سنڌ ليفٽينَنٽ جنرل ايس ايم عباسي، ليفٽيننٽ جنرل احمد جمال خان ۽ ليفٽيننٽ جنرل سي آءِ عبيد کي جنوريءَ جي پھرئين هفتي ۾ ئي انٽيليجنس جي ڳجهي ڇانوري هيٺ ويھاريو ويو ۽ نيٺ ڪجهہ هفتن کان پوءِ سندن رٽائرمينٽ جو اطلاع کين فورٽريس اسٽيڊيم، گاف ڪورس، آفيسرز ڪلب ۽ گهرن ۾ جتي جتي اهي انھي گهڙيءَ موجود هئا، پھچايو ويو. جنرل اختر عبدالرحمان آرمي چيف ۽ پوءِ شايد صدارتي محل ۾ جاءِ نشينيءَ جا خواب ڏسي رهيو هو ۽ جنرل ضياءَ کي انھن ساٿين کان ڇوٽڪارو وٺڻو هو جيڪي پنھنجيون نوڪريون پڄائي نہ رڳو ڪجهہ ٿڪل هئا پر ڪجهہ ڪجهہ بيزار بہ هئا. انھن مان ڪجهہ کي پاڻ جيان اينگهہ ڏئي سگهجي پئي، پر انھن پِتن جي پرڪارن کان واقف ساٿين کان نجات وٺڻ ان ڪري بہ ضروري هو جو انھن مان ڪو هڪ ڪفارو ادا ڪرڻ جو بہ سوچي سگهي پيو. هڪ کان سواءِ باقي چارئي ساٿي پوٺوهار جا رهاڪو هئا. پوٺوهاري بھترين ٺھي-هلندڙ آهن، پر آمريت جي گوءِ ۾ هڪ ڏاڪي تي گهوڙن جي تبديلي انتھائي اڻ-ٽر ٿي پوندي آهي. هاڻي وقت هو تہ مٿينءَ سطح جي پاڪائيءَ وسيلي جالنڌر گروپ کي اڳتي آڻجي. جيڪڏهن حالتون مرضيءَ موجب هلنديون رهن ها، تہ ايندڙ چيف جنرل اختر عبدالرحمان ٿئي ها يا ان جو سؤٽ، سياچن گليشيئر ڀارت جي حوالي ڪندڙ، جنرل زاهد علي اڪبر يا وري سندس سيڻ جنرل رحيم الدين خان! جنرلن جي اها پاڪائي بہ پنھنجي پويان ڪيترائي سوال ڇڏي وئي. مارشل لا پنھنجن پايو وجهندڙن ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پنھنجن وفادار ساٿين کان وانجهو ٿي ويو. هاڻي پير پٽجي رهيا هئا. جنرل اختر مون کي جاچ هلندي چيو هو، ”تو اسان جي نراڙ تي ڪارنھن جو چُٽو هنيو آهي، پر بھرحال مون کي توهان ميجرن ۽ ڪرنلن سان نہ، پر انھن جنرلن جي نالن سان دلچسپي آهي جيڪي پيپلز پارٽي وارن سان مليل آهن. پيپلز پارٽي جي جنرلن ۾ تہ مون کي رڳو پوليس جي جنرل رائو شھيد ۽ آرميءَ جي جنرل ٽڪا خان ۽ ميجر جنرل نصيرﷲ بابر جا نالا ياد هئا جيڪي پاڻ تہ جيلن ۾ آيا پر انھن جا پُٽ، ڀائٽيا ۽ ڀاڻيجا بہ، جيڪي انھن جي سوچ سان متفق نہ هئا ۽ آمريت جي مقصدن جي نوڪري ڪري رهيا هئا ۽ ڪجهہ سالن کان پوءِ جمھوريت جا سمورا ميوا سندن جهوليءَ ۾ ڪِرڻا هئا. جاچُو آفيسرن جي زور باوجود سازشي جنرلن بابت اطلاع مون ڪجهہ هفتن کا پوءِ ڏنو. جنرل اختر مون پاران ان رضاڪارانہ اطلاع تي ٿوريءَ دير ۾ ئي جاچ مرڪز ۾ پھچي ويو. ”مون کي صدر سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي، ان کان پوءِ آءٌ ڪنھن اهم مشن (مقصد، مھم) لاءِ پر ڏيھہ وڃي رهيو آهيان. تون مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ تہ تو اهي نالا ايترا ڏينھن لڪايا ڇو؟“ سامھون ڪرسيءَ تي ويٺل ڀوري ڳاڙهي ٺاهُوڪي جنرل پنھنجي ڀرونءَ جي اک تي ڪِريل ڊگهي وار کي پٽيندي پڇيو. ”مون کي اڃا بہ اميد هئي تہ ماڻھو ڪو هٿ ڏيکاري ويندا.“ منھنجو خيال آهي تہ منھنجو جواب ڏاڍو عقل ڀريو ۽ قائل ڪندڙ هو... ”مون ڄاتو پئي.“ جنرل اٿندي چيو. منھنجو خيال آهي تہ جنرل اختر ان سوال جو جواب منھنجي ٻڌڻ کان اڳ ئي ڄاتو پئي.
(5) هٿياربند فوجن ۾ مارشل لا خلاف ان تحريڪ جي حوالي سان مارشل لا جنتا جي وسيع ردعمل جو ڪاٿو ان مان بہ ڪري سگهجي ٿو تہ 2-جنوري 1984ع جي ٻيپھريءَ جو سيالڪوٽ جي گيريزن ڪمانڊر ميجر جنرل امتياز وڙائچ کي هڪدم سرگرم ڪمانڊ کان هٽائي اِنفنٽري (پيادي فوج) اسڪول ڪوئٽا جھڙي پراهين جاءِ تي وڃڻ جا حڪم ڏنا ويا. عارضي طرح هن کي پنھنجي ڪمانڊ هڪ برگيڊيئر ڇوڪر جي حوالي ڪرڻي هئي. اهو ان ڪري بہ ضروري محسوس ڪيو ويو تہ سندس ڊويزن مان پھرين سَٽ ۾ انفنٽري يونٽن جا ڪمانڊنگ آفيسر ٻہ ليفٽينينٽ ڪرنل، ٻہ ميجر ۽ هڪ ڪپتان ايندڙ ڪجهہ ڏينھن ۾ گرفتار ٿيڻا هئا.
جنرل امتياز 5-جولاءِ 1977ع واري آپريشن فيئرپِلي جي آفيسر انچارج جي حيثيت ۾ هڪ پڪو ماڻھو هو پر جڏهن ملڪي معاملا ڄاتل ادارن بدران انٽيليجنس ايجنسن جي ڌڻين وسيلي هلايا ويندا هجن، تہ ظاهر آهي تہ هر ماڻھو ۽ خاص طرح پنھنجن ساٿين جي پھرين نظر ۾ شڪي هجڻ لازمي ٿي پوندو آهي. اهو فرض بھرحال ان شڪي ماڻھوءَ تي اچي ٿو تہ هو پنھنجو پاڻ کي اڻ ڏکوئيندڙ ۽ هاڻي-بہ-وفادار ثابت ڪري.
23-مارچ 1984ع واري پريڊ جي ڪمانڊ ڍانچي تي بہ انتحريڪ جو پاڇو پيو. هن سال جي پريڊ جي سيڪورٽي ڪليئرنس عملن قيدي آفيسرن کان ڪرائي وئي. جنھن بہ مھل انھن مان ڪنھن تي بہ، صاحب سلام، رکڻ جو شڪ پيو، ان جي بدلِي ڪري اترين علائقن ڏانھن موڪليو ويو.
(6) آپريشن گئليڪسي کي شروع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪي جو نالو ڏنو پئي ويو. الذوالفقار جو هٿ هجڻ کان پوءِ هٿياربند فوجن ۾ سازش ۽ بغاوت جا جيوڙا پکيڙڻ جي ڏوھہ ۾ ملوث ڪري ان تي آئنده ڪنھن سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ جون راهون بند ڪرڻ جي رٿا ٺاهي وئي. پھريائين ان کي پارٽيءَ، فوج جي ماڻھن ۽ ٻاهرين طاقتن سان ڳٺ جوڙ جو نتيجو سڏيو ويو. جنھن جو مقصد جنرل ضياءَ ۽ ان جي ساٿين کي ڪُھِي حڪومت تي قبضو ڪرڻو هو. پارٽي چيئر پرسن بيگم نصرت ڀٽو چواڻي جڏهن ٻاهريَن ڏيھَن ۾ اهي سوال اٿڻ شروع ٿيا تہ هاڻي تہ پنھنجو ”حلقو“ بہ بغاوت تي سنبريل نظر ٿو اچي تہ جنرل ضياءَ ان کي چوويھہ پنجويھہ آفيسرن پاران رڳو هٿيارن جي سمگلنگ جو واقعو سڏيو.
پر نيٺ اسان تي اهي ڏوھہ مڙهيا ويا تہ هڪ قانوني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪِني سازش ۾ ملوث هئا.
بھرحال، عدالتي ڪارروائيءَ کان اڳ پرڏيھي مداخلت جي وڏي-واڪ هامُن، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز ۽ دٻايل پريس پاران ان ڳالھہ جون پرچارڪ هامُون، تھمتون ۽ ڪردارڪشيءَ جي جي مھم باوجود نہ تہ ڪو شاهد پيش ڪيو ويو ۽ نہ ئي ڪنھن بہ قسم جو ڪو ٻيو ثبوت.
(7) آپريشن گئليڪسي کي سکُ ڪارڊ جو وڌندڙ بار هلڪو ڪرڻ لاءِ بہ ڪتب آندو ويو، اڃا بہ نوان ڪوٽ لاهور ۾ هٿيارن جي سمگلنگ جي واقعي وسيلي ان جي پھرين ڏيک جي شروعات بہ ان سلسلي جي هڪ ڪَڙي هئي.
*
2-جنوري 1984ع جي ٿڌيءَ رات جو بنا وارنٽ گرفتاريءَ کان 27-مئي 1985ع جي ڪاڙهيندڙ منجهند تائين جڏهن آءٌ خصوصي عدالت ۾ پنھنجو آخري بيان ڏئي رهيو هوس تڏهن ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ ٿيو، جنھن جو ذڪر مھل سِر ضرور ڪندس.
گذريل هڪ سال ۾ حالتون ڪھڙيون ڪھڙيون قلابازيون کاڌيون آهن. آپريشن گئليڪسي جو ليکڪ، ڇپائيندڙ، مصنف ۽ حاڪم سڀئي بھاول پور جي حادثي جو شڪار ٿِي، خدا جي عدالت ۾ پھچي چڪا آهن. جنرل اختر عبدالرحمان، برگيڊيئر صديق سالڪ، ميجر جنرل محمد حسين اعواڻ ۽ جنرل محمد ضياءالحق ڪير بہ تہ انھن سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ موجود ڪونھي تہ وطني حب ۽ انتھائي غداريءَ جو ماپو ڪھڙو آهي؟ ملڪ ۽ قومون ادارن جي وجود سان قائم رهن ٿيون يا شخصي اقتدار جي گهوڙين تي؟ ضمير، عوام جي تاريخ جي عدالت ۾ شاهدي ضروري آهي يا بذات خود هر عمل جو سبب هجڻ؟ ۽ ڇا اسان کي هڪ ئي گولائيءَ ۾ گهمڻو پوندو يا سڌي راھہ بہ ڪا ٿيندي آهي؟
جنرلن جي ڊگهيءَ رات تي باک ڦٽي چڪي آهي ۽ اسان جي رڳن ۾ اڃا ايترو رت باقي آهي جو ان سان اسين زيتون جي هڪ سڄي باغ کي پاڻي ڏئي ڀري سگهون ٿا، ۽ اهو اسين ضرور ڪنداسين، پوءِ ڇو نہ ان لاءِ اسان کي هزارين ورھہ وڙهڻو پوي يا هزار بھشت زهرہ آباد ڪرڻا پون! موجودہ حالتون ظاهري طرح ان جي راھہ هموار ڪندي نظر نہ ٿيون اچن پر صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين موجودہ حالتن جي گليشيئر کي پگهرڻو ئي پوندو. ڪا دير ڪانھي جڏهن گهٽيون بند ۽ شاهراهون کلندي نظر اينديون. شاهراهن جي مسافرن ۾ منھنجو ايمان آهي. مزدور، هاري ۽ پورهيت ۽ سپاهي، جھاز ۽ هواباز گڏجي نڪرندا، اهو ڪو اسان جو مقدر نہ آهي تہ اسين سڀاڻي بہ ساڳي ڦرلٽ جي نظام جي چنبي ۾ ڦاٿل رهون.
(اڳوڻو ميجر) آفتاب احمد
اسلام آباد، ڊسمبر 1988ع