ڪانسٽِيٽيوشن اوينيو کان شاھراھہ قائد اعظم ڏانھن
اٽڪ قلعو، اٽڪ خورد جي لاءِ
عنوان:
ڪانسٽِيٽيوشن اوينيو کان شاھراھہ قائد اعظم ڏانھن
ادب سان آءٌ ھيٺ ڏنل معاملا توھان جي اطلاع، جائزي، ترت يا دير ڪرائيندڙ لاءِ پيش ڪري رھيو آھيان:-
الف: 13-مئي 1985ع تي اٽڪ قلعي سب-جيل جي ھڪ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ مون کان اھڙي فارم تي صحيح ورتي جنھن جو مقصد 2/3 جنوريءَ جي رات سيالڪوٽ ڇانوڻيءَ ۾ منھنجي جاءِ 225-شاھراھہ قائد اعظم تي ھنيل ”ڇاپي“ ۾ کنيل نہ-ڄاڻ ڪھڙين شين مان ڪجهہ موٽائي ڏيڻ جي نيت ظاھر ڪيل ھئي. اھو فارم جنھن جو نالو نامزدگيءَ جا ڪاغذ (Nominative Proforma) ھو، جنرل ھيڊقئارٽر جي پي ايس (PS) ڊائريڪٽوريٽ کان آيل ھو ۽ ان تي صحيح وٺي اوڏانھن ئي موٽائڻو ھو. مون نامزد ڪيو، صحيح ڪئي ۽ ڪاغذ اسسٽنٽ سپريڊنٽ جيل جي حوالي ڪري ڇڏيا.
ب: 14-مئي تي انھيءَ ئي آفيسر مون کي پنھنجيءَ آفيس ۾ سڏايو ۽ مون نامزدگي بدلائڻ لاءِ چيو ــــ ان ”نامزد“ (Nominee) جي تبديليءَ لاءِ جنھن کي ڇاپي کان ھڪ سال ۽ پنج مھينا پوءِ ڪيل ھن فراخدليءَ واري فيصلي جي نتيجي ۾ شاھراھہ قائد اعظم واري گهر ۾ کسيل ۽ ڪيس سان غير واسطيدار شين کي ”ڇاپي مارن“ کان موٽائي وٺڻو ھو. اھو عرصو جيتوڻيڪ ھن قوم ۽ ان جي انھن ماڻھن لاءِ ايڏو وڏو نہ ھو، جن کي ان قسم جي ڪيسن جي چڪيءَ ۾ پيٺو ويندو ھجي، مون بھرحال نامزدگي تبديل ڪرڻ جي حڪمن مڃڻ کان صاف انڪار ڪيو.
ٻ: منھنجا گهرڀاتي ۽ ٻيا ”ويجهي پري جا“ مٽ مائٽ، اڃا بہ سوِل ۽ ملٽري انٽيليجنس ايجنسين جي دھشتگرديءَ جو شڪار آھن. اھي سڀ مرد ۽ عورتون، جوان ۽ پوڙھا ۽ ٻار منھنجي گرفتاريءَ جي رات کان پوءِ ڏاڍي اذيت ڀوڳيندا رھيا آھن. مون کي ڪنھن قيمت تي بہ اھو گوارا نہ ھو، تہ اھي ان ڀوائتي رات تي نازل ٿيل مھانڊن جو ديدار ٻيھر بہ ڪن، ان ڪري مون ھن مقصد لاءِ ”اسلامي جمھوريہ پاڪستان“ جي حڪومت کي نامزد ڪيو ھو ــــ ”عوام“ جي ان حڪومت کي جيڪا ”عوام“ جي لاءِ آھي ۽ ”عوام“ جي ئي آھي ـــــ معرفت ڪانسٽيٽيوشن اوينيو، اسلام آباد.
ڀ: مون کي ھاڻي بہ پنھنجي ”نامزد“ ڪيل جي نامزدگيءَ بابت ڪا ڳالھہ ”غير معمولي“ محسوس نہ ٿي ٿئي. ھا اھو ممڪن آھي تہ ايڊريس ۾ ڪا کوٽ رھجي وئي ھجي. دراصل جڏھن آءٌ ”نامزدگيءَ جا ڪاغذ“ ڀري رھيو ھوس تہ قلعي جي فضا ۾ ڪيترا ئي ايف-16 (جديد بمبار جھاز) الھندين سرحدن ڏانھن رڙندا پئي ويا. ان مھل آءٌ پڪ ئي اھو فارم ڀرڻ کان وڌيڪ انھن جي اڏام، ارادن، مِشن ۽ منزل بابت وڌيڪ ڳڻتي ۾ ھوس.(1) اھو بہ سچ آھي تہ پنھنجي ”نامزد“ جي ايڊريس جي وڌيڪ وضاحت ھاڻي بہ منھنجي وس جي ڳالھہ ناھي. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اھو ڪانسٽيٽوشن اوينيو ڪھڙي آئين سان لاڳاپيل آھي ــــ اھو آئين جيڪو ٺھي نہ سگهيو، اھي آئينَ جيڪي ٺھيا ۽ دفن ٿي ويا، يا ھي 1973ع جو آئين آھي ــــ ھڪ ٽنگيل ۽ پوئتي رکيل آئين، ھڪ وڃايل ۽ ھاڻي رد ڪيل آئين آھي، يا 1985ع جو آئين آھي؟ بھرحال، ايڊريس جي ڪا کوٽ منھنجن ”نامزدگي ڪاغذن“ جي ان نموني رد ڪرڻ جو ڪو سبب ٿي نہ ٿي سگهي جيئن اسان جي ملڪ جو جهرلو باز اليڪشن ڪمشنر ان قسم جي ڪاغذن کي قانوني ۽ قانون کان مٿانھن سببن جي ڪري رد ڪري ڇڏيندا آھن. سمجهو ڪري تہ ايڊريس ۾ غلطي ھئي بہ، تہ اھي ڪاغذ منھنجي ڦريل ملڪيت سميت جنرل ھيڊ قئارٽرز جي خطن واري ”مردار گهر“ (Dead Letter Office) ۾ جمع ڪرائي سگهجن پيا ـــــ اھو مردار گهر اھو ازدھا آھي جيڪو اڄ بہ منھنجي ”مال“ کي وڌيڪ ڪجهہ ورھين لاءِ ان وقت تائين ضبط ڪري رکڻ ۾ ڪو حرج نہ ھو جيستائين مون کي ڪجهہ تازي ھوا جي جهوٽن تائين پھچ نہ ٿي وڃي ھا. آءٌ ڄاڻان ٿو، ليُونِڊ برزنيف جي مرڻي کان پوءِ فضا ۾ چڱي تازي ھوا اچي چڪي آھي.(2)
ت: ھيٺ ڏنل حقيقتن جي ڪري آءٌ ھن عرضداشت کي عدالت جي ريڪارڊ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪري رھيو آھيان:
(1) اھا سرڪار پاران منھنجي گهر 225-شاھراھہ قائد اعظم، سيالڪوٽ ڇانوڻيءَ تي ھنيل ”ڇاپي“ جو شايد پھريون ۽ آخري ثبوت آھي.
(2) اھا ان ڳالھہ جو اٽل ثبوت آھي تہ منھنجي گهر مان ڪجهہ شيون ان ڇاپي ۾ اھڙيون بہ ضبط ڪيون ويون جيڪي ڪيس سان غير واسطيدار ۽ انڌاڌنڌ ڦرلٽ جو نتيجو ھيون، تڏھن تہ انھن مان ڪجهہ موٽائڻ جي نيت ظاھر ڪئي وئي آھي.
(3) اھا ان حقيقت جو بہ ثبوت آھي تہ ڇاپو ھلندي ڇاپو ھڻندڙ جٿن ڪنھن بہ معاملي ۾ ڪا بہ تميز نہ رکي، ان ڪري جيڪڏھن مون وٽ ايئن ڪيو ويو تہ پڪ ئي اھڙن ”حملن“ جي زد ۾ آيل ٻيا گهر ڪٿي محفوظ رھيا ھوندا. چادر ۽ چارديواريءَ جي جڳ مشھور نئين نعري جي موجوديءَ باوجود ڇاپا مارن گهرن جي تقدس جي جيڪا بي عزتي ڪئي آھي، ان جو مثال نہ ٿو ملي.(3)
(4) اھو معاملو پنھنجي زبان سان سڏي سڏي ان رويي جو ٻڌائي رھيو آھي جيڪو جاچو دلالن حراست ھيٺ آفيسرن ۽ انھن جي گهرڀاتين سان جاري رکيو. انھن جي گهرن مان کنيل اھي شيون جنرل ھيڊقئارٽرز جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلايون ويون ھيون. عورتن جي زيورن ۽ رجمينٽل شيلڊن (Shields) کان وٺي جنگي يادگارن ۽ سوکڙين ۽ ڪتابن ۽ رسالن کان وٺي ڪجهہ ”نيرن خطن“ تائين ھر شيءِ شامل ھئي.
سائين منھنجا! 2/3 جنوريءَ جي وچ واري رات شاھراھہ قائد اعظم تي جيڪي قلف، پيٽيون ۽ دليون ٽوڙيون ويون، انھن جا ڦٽ نہ تہ اڃا ڇُٽا آھن ۽ نہ ئي ڇُٽي سگهندا. منھنجو بابا، ھڪ اڳوڻو سپاھي، پنھنجي منھن ۽ روح تي ڇَپيل گهرن ڦٽن جا نشان کنيو ناردرن ڪمانڊر ھيڊقئارٽر(4) جي ڪنھن ڪني ڪارندي وٽ اھي ڦريل شيون موٽائي وٺڻ جي حيثيت ۾ ڪونھي. آءٌ ذاتي طرح پاڻ پسند نہ ڪندس، تہ منھنجو پيءُ ان معاملي ۾ ”صاحب بھادر“ وٽ ويٺل ڪنھن مڪروھہ ڄامڙي ڀُوت آڏو پيش ٿئي. منھنجو خيال آھي، ”اولڊ مئن“ [پوڙھو ماڻھو يعني آفتاب جو پيءُ] 1937ع کان 1968ع تائين انھن بيرڪن ۽ ڀُوتن جي گهڻي ئي چاڪري ڪري چڪو آھي. آءٌ ھن کي ڪنھن اھڙي شيءِ وٺڻ لاءِ بہ اتي وڃڻ جو نہ چوندس جيڪا مُلھہ ۾ ان رقم برابر ھجي جيڪا اسين تربيلا جي سرنگهہ نمبر 2 ۾ غرق ڪري چڪا آھيون.(5) آءٌ اھو بہ پسند نہ ڪندس تہ ھُو ھڪ ڀيرو وري ڪنھن اونداھيءَ رات ۾ انھن جي ڪڍ دروازو ٽوڙي گهر ۾ گهڙي پوي. ڇاپا مارن جي رات اڳ ئي کٽڻ ۾ ڪو نہ ٿي اچي. ھنن حالتن ۾ منھنجو ڪو بہ مائٽ ان حيثيت ۾ ناھي جو ھڪ ھڪ ”تڙيل ماڻھوءَ“ جي ڦريل ملڪيت جي واپسيءَ لاءِ ”نوح جي ٻيڙيءَ جي مقدس ڇاپامارن“ جي سامھون اچي.
(5) مٿي ڏنل حقيقتن جي روشنيءَ ۾ آءٌ توھان کي درخواست ڪيان ٿو تہ توھان جيل جي حاڪمن کي منھنجا نامزدگي ڪاغذ، جيئن اھي آھن، ھيڊقئارٽرز موڪلڻ جو حڪم ڏيو. انھن نامزدگي ڪاغذن جي نوعيت کان ڪنھن کي بہ نہ ڪو ڀؤ هجڻ گهرجي ۽ نہ ئي اڄ سڀاڻي اهي وري ڪنھن لاءِ شرمندگيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ويجهڙ جي ئي تہ ڳالھہ آھي تہ ھڪ ”ٺيڪيدار“، جنھن جي نامزدگي ڪاغذن پرزائيڊنگ آفيسر کان وٺي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ھاءِ ڪورٽ جي بينچ کان وٺي ھن ملڪ جي سپريم ڪورٽ تائين سڀني رد ڪري ڇڏيا ھئا، ھن ملڪ جي وفاقي وزير تجارت جي عھدي جو حلف کنيو آھي.(6) ۽ ان ڪري آءٌ اھا اميد رکڻ ۾ حق بجانب آھيان تہ منھنجا نامزدگي ڪاغذ جيئن آھن تيئن قبول ڪري منھنجي گهر مان ڦريل سڀ شيون پھريائين ھن ”اسلامي حڪومت“ ۽ ان گهر ڏانھن موٽايون وڃن جتان اھي چورايون ويون ھيون.
(6) آخر ۾، انصاف ۾ فيئر پلي جي حوالي سان ھڪ ڀيرو وري آءٌ توھان کي درخواست ڪريان ٿو، تہ منھنجي ھن درخواست کي عدالت جي ريڪارڊ تي آندو وڃي.
عدالت جا صدر! ان کان سواءِ آءٌ اڄ اوھان کي ھيءَ وينتي بہ ڪريان ٿو تہ توھان گذريل اٺن سالن ۾ ھن ملڪ ۽ قوم جون سموريون ڦريل ملڪيتون ڪانسٽيٽيوشن اوينيو معرفت(7) ۽ ”راھہ“ سان شاھراھہ قائد اعظم(8) کي موٽائي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو.
_______________
1. اِهي اُهي ڏينھن هئا جڏهن افغان روسي مگ ڏينھن رات اسان جي سرحدن تي بمباري ڪري رهيا هئا. انھن جو هر ڏينھن جو شڪار گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن سورهن پاڪستانين يا افغان مھاجرن کان ورلي ڪو گهٽ هوندو هو. اسان جي فضائيه پوريءَ طرح خصي محسوس ٿي رهي هئي.
2. برزنيف جي آخري رسمن مھل سرڳواسي آندروپوف سان ملاقات کان پوءِ جنرل ضياءَ جي قوم کي ٻڌايل خوش خبريءَ تان ورتل ته ”فضا ۾ گهڻي ئي تازي هوا محسوس ٿي رهي آهي“. اها تازگي پڪ ئي انھن بمبارين سان ڪري سگهجي ٿي جنھن سان اڄ بي هٿيار پاڪستانين جو واسطو آهي.
3. ڪيترن ئي آفيسرن جي گهرن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي ٿڦون هنيون ويون، پيٽيون ڀڳيون ۽ الماڙيون ڊاٿيون ويون، گهرن مان بي دخلي عمل ۾ آئي ۽ انڌاڌنڌ ڦرلٽ ڪئي وئي. انھن ڇاپن مان ڪنھن هڪ لاءِ به وارنٽ يا قانوني اجازتنامو نه ورتو ويو هو.
4. انگريز راڄ جي دَور ۾ پنڊيءَ جي انھن ئي بيرڪن ۾ جتي اڄڪلهه جِي ايڇ قيو آهي، ان جي ناردرن (اترين) ڪمان جو هيڊقئارٽر هو. نالو بدلجي ويو پر انھن بيرڪن جا مقصد ۽ ڪردار نه بدليو.
5. هيءَ اها ئي رقم ۽ ڏاکڙو آهي جنھن جو ذڪر ڪرڻ تي تربيلا ڊيم جي بريفنگ روم ۾ پِي اين اي جي واپڊا واري وزير چوڌري رحمت الاهيءَ کي چيئرمئن واپڊا هيروئن جي هٽي سردار سمگلر فضل حق جي ننڍي ڀاءُ جنرل فضل رزاق جي ٺونشن ۽ ٿڦن سان واسطو پيو هو.
6. همايون سيف اللھ
7. اهو اوينيو جيڪو ڪنھن ملڪ ۽ قوم جي اميدن جو مرڪز ۽ مقصدن ۽ منزل جي ”راهه“ هو.
8. شاهراهه قائد اعظم جتي ڪڏهن هن ملڪ جي هڪ شھريءَ جو گهر هوندو هو، پر 14-آگسٽ تي ته ست ڪروڙ پاڪستانين، سڀني جي آبادڪاري ان ئي ”شاهراهه“ تي ٿي. هاڻي هڪ گهر ئي نه، جناح جي هيءَ سڄي وسندي ۽ ان جي سوچ جي لٽيل شاهراهه اونداهين ۾ ٻڏل پئي آهي.