ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو مختصر تعارف
ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ’شوق‘ ٻرڙو 25-مارچ 1952ع تي قنبر شھر، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻ قنبر-شھدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان پرائڻ کان پوءِ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري مان پاس ڪئي. هُن ٻہ سال ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ۽ ٿورو وقت ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ قنبر ۾ ’لطيف ڪلينڪ‘ قائم ڪئي. سندس شادي صفيه ميمڻ سان ٿي. سندس پٽ انجنيئر ڊاڪٽر ساجد محبت ٻرڙو اين اِي ڊِي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
ڊاڪٽر محبت ايل ايم سِي ۾ پڙهڻ دوران 1971-72ع ڌاري لکڻ جي شروعات ڪئي. هُن قنبر ۾ ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي. هُو ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني ميمبر، ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر“ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري بہ رهيو. هُو ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ ۽ ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر“ جو فڪري سرپرست ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو رڪن رهيو. هُو ”سنڌ فورم فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد (روشني فورم)“ سان لاڳاپيل پڻ رهيو.
ڊاڪٽـر محـبـت ٻـرڙو سياسي طور سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ مرڪزي اڳواڻ رهيو. هن سڄيءَ سنڌ ۾ 500 کان وڌيڪ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي موضوعن تي ليڪچر ڏنا، جن سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو. 1984ع ۾ قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ هن سياسي مضمون لکڻ سميت فلسفي ۽ جدوجھد جي موضوعن تي ڪتاب لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا. 1992ع ۾ کيس عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سان اختلاف رکڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جي بنياد تي ڌار ڪيو ويو.
سن 1990ع کان ڊاڪٽر محبت سياسي صورتحال تي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ، مختلف علمي مقالا ۽ مضمونَ لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاحسازي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ، ان جي لفظن ۽ گرامر تي تحقيق ڪرڻ، علمي ليڪچر ڏيڻ ۽ سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر محبت سڄي ڄمار ان راءِ جو رهيو، ۽ ان تي عمل بہ ڪندو رهيو، تہ جيڪو ڪجهہ بہ پاڻ کان عملي ۽ علمي ڪم ٿي سگهي ٿو سو اوَس ڪرڻ گهرجي.
هن عالم، اڻ مُلھہ ۽ محبتي شخص ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات دل جي دَوري سبب، 9 اپريل 1997ع تي قنبر ۾ ٿي. سندس ياد ۾ ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو بدلائي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ رکيو ويو. اڪيڊميءَ پاران هر سال سندس ورسي منعقد ڪرڻ سميت سندس لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو/ڪرايو وڃي ٿو. اڪيڊميءَ پاران 2002ع کان علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ نمايان شخصيتن کي ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ پڻ ڏنا وڃن ٿا. *