هٿياربند فوجي، (قومي) مٽاسٽا ناڻو بي رحميءَ سان ذيان ڪري رهيا آهن
اهو سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪونھي، تہ مارشل لا هيڊقئارٽر زون ”اي“ جي قانوندانن ”آقائن“ ۽ ”غلامن“ کي گڏيل نموني هِن اسيڪنڊل (شرمناڪ واقعي) ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي آهي. ان ڪري، جو انھن سڀني کي هڪ گڏيل دشمن يعني سازشين جي هن ٽولي خلاف شيھو وڌل ڀت جيان بيھاري سگهجي. هيءَ انھي قسم جي ”پيشہ ور قدر“ جو حصو بہ آهي، جن جو ذڪر جناح صاحب گانڌيءَ جي پاسي مان هڪ نانگ جي بنا ڏنگي نڪري وڃڻ واري ”معجزي“ جي ڳالھہ ٻڌي ڪيو هو.
جيتوڻيڪ مون کي ”ڀاڙيتو سپاهيءَ (فوجيءَ) يا ”پوليس مئن“ جي ڪردار کان دلي نفرت آهي، پر تازو ئي جڏهن نار جي پيٽرو ڊالر جا دروازا آفيسرن سان گڏ سپاهين (۽ ننڍن عھديدارن) لاءِ بہ کوليا ويا آهن، تہ نہ چاهيندي بہ مون کي ڄڻڪ اطمينان مليو هو. رڳو ان ڪري، جو اهو در کلڻ سبب مون کي ”جوان“ (فوجي-سپاهي) ۽ ان جي ايندڙ نسلن جي ڪجهہ ڀلائي نظر آئي. جيتوڻيڪ مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي تہ ڪجهہ سال اڳ مون هڪ واسطيدار ميجر جنرل سان نار جي ڪنارن کان پنھنجي سرحدن ۾ داخل ٿيندڙ ان ”معاشي ديوَ“ جو ذڪر ڏاڍي ڳڻتيءَ واري نموني ڪيو هو. ان ڏينھن مون جنرل کي چيو هو تہ پيٽرو-ڊالر اسان سپاهين جي ڪردار کي خراب ڪري ڇڏيندو. اهو انھن (سپاهين) جي سادہ دلي، خلوص ۽ باھہ اوڳاڇيندڙ مورچن تي ڪاھہ لاءِ ”گهٽ ۾ گهٽ ضروري“ ۽ روايتي ”بي مغزي“ سڀ ڪجهہ وَهائي کڻي ويندو.
بھرحال، هاڻي آءٌ سمجهان ٿو تہ ايئن هاڻي هڪ لحاظ کان جائز آهي. جڏهن سپاهين جي ٻارڙن جي پٺي ۽ عورتن جا مٿا پوتيءَ سان چڱي طرح ڍڪجي ويندا. جڏهن انھن جي پيٽ ۾ ٽي وقت مناسب کاڌو پھچندو، تڏهن اهي پڪ پنھنجو مٿو کنھڻ شروع ڪندا. تڏهن اهي ضرور سوچيندا تہ سندن مصيبتن ۽ صدين پراڻي ڦرلٽ جو ذميوار ڪير هو ۽ آهي؟ ايئن انھن کي گهڻن ئي پراڻن، پوئتي رکيل سوالن جو جواب پنھنجو پاڻ ملڻ شروع ٿي ويندو. پوءِ اهي سوچيندا تہ ”جنگجو نسلن جي نظريي ۽ فلسفي جي پٺ-ڏيک ۾ ڪھڙا ڌوڪا ۽ ٺڳيون لڪل آهن. ”جنگجو نسلن جي نظريي“ جي آڙ ۾ انھن جا واهڻ ۽ ڳوٺ حياتيءَ جي سمورين گهرجن کان رڳو ان ڪري وانجها رکيا ويا هئا تہ پسماندگي ئي توبن جي ان چاري (گاھہ) جي پيداوار ۽ حصول جي اڪيلي ضمانت هئي.
مون کي پڪ آهي، جڏهن انھن جي دلين ۾ اهي سوال اٿڻ شروع ٿي ويندا ۽ سندن زبانون سندن ساٿ ڏئي رهيون هونديون تہ انھن جي سوين سال پراڻي غلامانہ ڪردار جا سَنڌ ساڻا ٿي پوندا ۽ نيٺ سندن ”ڪلھن“ تي سوار اهو بڇڙو بار پنھنجي ڏوهن ۽ ذلتن سان ڀريل وجود سميت ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ ملي ويندو.
عزت وارا صدر! اِن مٽيءَ جي ڍير مان هڪ نئين فوج جنم وٺندي ”پيپلز لبريشن آرمي (عوامي نجات جي فوج) ـــــ اها فوج جنھن جا مقصد ۽ ماڳ (۽ قومي توڙي عوامي جهنڊا) بلڪل ٻئي نموني جا ۽ نوان هوندا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ اڄ اسان جا (سپاهي) اٺ پکيءَ( 1) واري راند کيڏي رهيا آهن. پر هڪ ڏينھن اوس اچڻو آهي جڏهن اهي سيمرغ (پنھنجي ئي خاڪ مان جنم وٺندڙ خيالي پکي) جو ڪردار ادا ڪري رهيا هوندا.
سائين منھنجا! ”نٿو“ ۽ ”ڦتو“ مٽاسٽا ناڻي سان ڪيئن کيڏي سگهن ٿا، جڏهن تہ ڀاڙيتو انھن سپاهين جون پگهارون بہ کين مقامي رپين ۾ ڏنيون وڃن ٿيون؟
هاڻي جڏهن اهو ثابت ڪيو ويو تہ اهي هٿياربند فوجن جا جوان ۽ عھديدار ناهن جيڪي مٽاسٽا ناڻي سان کيڏي رهيا آهن، تڏهن مٽاسٽا ناڻي جي هيءَ ڪھاڻي صفا چٽي پئي آهي. سائين منھنجا! هن ملڪ جو ناڻو اهي ماڻھو ڦري رهيا آهن جن جا هٿ ايڏا ڊگها آهن، جو اهي سولائيءَ سان قومي خزاني جو ٽجوڙين تائين پھچي سگهن ٿا ۽ هِي اهي ئي ماڻھو آهن جن جو ڏوهاري ضمير ڏوھہ-چٺي جي هن حصي ۾ رڙيون ڪري رهيو آهي.
هتي شايد ڪنھن کي اهو احساس ٿي رهيو هجي تہ آءٌ رڳو گئلريءَ آڏو آميڙو مچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. عزت وارا صدر! اڄ تائين آءٌ شايد ئي ڪنھن گئلريءَ آڏو ويو هوندس. هتي مون کي پنجاھہ جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ پنھنجي ڳوٺ کان يارهن ميل پري جھلم شھر ۾ حياتيءَ جي پھرين مووي فلم ڏسڻ جو واقعو ياد اچي رهيو آهي. سئنيما ھال خالي پيو ھو ۽ اسين ”ٿرڊ ڪلاس“ جي پوئين بينچن تي ويھي رھياسون. جيئن ئي فلم جو ھيرو ھڪ ڪٽارون-ڀريل اکين واري دنيا جي سھڻيءَ سان گڏ مُشڪي گهوڙي تي سوار پردي مٿان ظاھر ٿيو، منھنجو اڳواڻ ساٿي سؤٽ مون کي ڇڪي اڳين بئنچن ڏانھن وٺي ويو. مون کي ياد پوي ٿو تہ مون بہ ان جي ان وقتائتي فيصلي جي پوئواري ئي ڪئي ھئي.
ھاڻي آءٌ محسوس ڪريان ٿو، تہ مون کي شروع کان ئي شين کي ويجهڙ کان ڏسڻ جو شوق رھيو آھي، ايترو ويجهڙو جو آءٌ حياتيءَ جي حقيقتن کي دل ۽ دماغ سان محسوس ڪري سگهان، انھن کي ڇھي سگهان ۽ انھن جي سڳنڌ سان واسجي سگهان. ان ڏينھن کان وٺي اڄ تائين مون کي ”گئلريءَ“ ۾ وڃڻ جي ضرورت ڪڏھن بہ محسوس نہ ٿي.
ھتي ئي، ڪجهہ ڏينھن اڳ مون کي ڪنھن ويس سينٽ لارينٽ جو ڏاڍو دلربا پرفيوم (خوشبوءِ) سوکڙيءَ ۾ ڏنو ھو، پر ان کان گهڻو وڌيڪ منھنجيءَ دل جي ويجهو ھن ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سڳنڌ رھي آھي. اڃايل مٽيءَ جي آڊوڪي سڳنڌ جا اھي جُهوٽا جيڪي مينھن جو پھريون ڦڙو ڪرندي ئي فضا ۾ گهلڻ شروع ٿي ويندا آھن، مون کي سڄيءَ ڪائنات کان وڌيڪ پيارا آھن.
سائين منھنجا! اھي شرفا جن ھِن ڏوھہ-چٺي کي ٻارھن مھينن جي غير-فطري حمل کان پوءِ ڄڻيو، ان جي منظوري ڏني ۽ ان تي تصديق جو ٺپو ھنيو، ھزارين ڀيرا ڪنھن ٿيٽر، ڪنھن چيني يا روسي طائفي جي شو ھلندي اڳين قطارن ۾ ويٺا ھوندا. آءٌ ڄاڻان ٿو چيف ضياءُ پاڻ بہ انھن جو ڏاڍو شوقين آھي، پر پڪ سان چوان ٿو تہ اھي ماڻھو نہ تہ ڪنھن سئنيما ھال ۽ نہ ئي وري ڪنھن جنگ جي ميدان ۾ اڳين بينچن يا مورچن ڏانھن وڌيا ھوندا.(2 )
مون کي خدشو آھي تہ اھي ”غير سپاھي“ سپاھي منھنجي زبان ڪڏھن بہ سمجهي نہ سگهندا. ھِي اھي ماڻھو آھن جن جو نہ تہ ڪو ماضي آھي ۽ نہ ئي ٻئي جي تجربن ۽ مشاھدن مان ڪڏھن ڪو سبق وٺي سگهندا.
جارج منتيانا جي لفظن ۾ ”انھن جي مقدر ۾ لکيل ھوندو آھي، تہ اھي ماضيءَ کي ورجائڻ جي سزا کائيندا رھن.“
عدالت جا صدر! آءٌ مٽا سٽا ناڻي جِي ڦرلٽ جي سلسلي ۾ ھنيل رياستي تھمت جي ڳالھہ ڪري رھيو ھوس. اھا حقيقت آھي تہ مون ان قسم جي معاملن ۾ ايڏا ردي تجربا ڪڏھن بہ ڪو نہ ڪيا ھئا. اھا سچائي منھنجين نظرن کان ڪڏھن بہ لڪل نہ رھي ھئي تہ ھٿياربند فوجن جي ھيٺين عھديدارن جي پھچ قومي ٽجوڙين تائين ڪڏھن بہ ناھي ٿي.
8-جنوري 1985ع تي ھنيل تھمتن جي ترديد ڪندي بھرحال اڄ آءٌ دھل جي ڏونڪي تي چئي رھيو آھيان تہ قومي خزاني ۾ مٽا سٽا ناڻي جي ڦرلٽ جو داستان ڪراري سچائين تي ٻڌل آھي.
صد افسوس جو ھن مھل مون وٽ ايترو وقت ڪونھي، جو آءٌ تاناشاھي دَور جي ٻہ ھزار ست سؤ اسي ڏينھنِ جي بي حساب ڪميشن (دلالي، ڀلاوڻي)، وياجِي ڪٽوتين ۽ انھن نذرانن جي ڳالھہ ڪري سگهان جيڪي سُوزرلئنڊ ۽ آمريڪا جي بئنڪن ۾ ڍير ڪيا ويا آھن، مون وٽ ڪا بہ وٿ ڪانھي!
ھتي آءٌ توھان جو ڌيان سرڪاري شاھد اڳوڻي ڪئپٽن سبطين جي بيان ڏانھن ضرور ڇڪائيندس، جنھن تصديق ڪئي ھئي تہ گذريل سال جنرل ضياءُ الحق انٽروسروسز سليڪشن بورڊ ۾ جنھن سيمينار جو افتتاح ڪيو ھو ان تي لکين رپيا خرچڻ باوجود بورڊ جي ردي پراڻي نظام ۽ ڪرت ۾ ”ٽڪي“ جيتري واڌ ۽ سٺائي نہ ٿي سگهي ھئي. اسان لڳ ڀڳ ھڪ لک رپين جو جنرل جي پيرن ھيٺيان وڇائڻ لاءِ غاليچو ۽ فضائن جي رنگينيءَ لاءِ 50 ھزار رپين جا جهنڊا ۽ جهنڊيون اوس ڳڌيون ھيون پر جهنڊن جي ان واڌ سان اسين انھن سرنگون جهنڊن جي بحاليءَ لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهياسون، جيڪي اسان جي ھٿن سان دشمن جي پيرن ۾ اڇلايا ويا ھئا! جيتوڻيڪ اھا رقم سڌو سئون ڊالرن ۾ نہ ھئي، پر ان جو ماخذ ۽ سرچشمو تہ اھو ئي ھو ۽ ڊالر بہ تہ سائين وڏا، انھيءَ نموني گٽرن ۽ گندي نالين ۾ وھايا پيا وڃن.
انھيءَ اداري ۾ منھنجي ٽڪاءَ ھلندي آفيسرن جا ٻہ وفد ھڪ ٻي پٺيان بگن ھل انگلئنڊ کان جرمني ۽ سويڊن ۽ آمريڪا پئائنٽ سان گڏ وچ مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن جي بين الاقوامي دَورن تي روانا ٿيا ھئا. دنيا چوڌاري ان سفر جو مقصد اھو ھو تہ انھن ملڪن جي ھٿيابند فوجن جي چونڊ-نظام (سليڪشن سِسٽم) جو پنھنجين اکين سان ڳوڙھو اڀياس ڪري پنھنجي نظام کي وڌيڪ سٺو ڪيو وڃي. ٻئي ٽولي جي ڪمان تہ ھڪ ليفٽيننٽ جنرل جي ھٿ ۾ ھئي.
اڄ آءٌ پنھنجي خدا جي عزت ۽ مانَ جو نالو وٺي چئي سگهان ٿو تہ سير ۽ تفريح ۽ ”شاپنگ (خريداريءَ) جي انھن مھمن“ کان پوءِ اسان جي سليڪشن سسٽم ۾ نہ تہ ھڪ لفظ جو واڌارو ٿيو آھي ۽ نہ کوٽ. مون کي اميد آھي تہ ليفٽيننٽ جنرل زاھد علي اڪبر، ٻئي وفد جو اڳواڻ، گهٽ ۾ گهٽ ايتري اخلاقي ھمت تہ رکندو ھوندو جو منھنجي ھن ساک بيان جي تصديق ڪري سگهي.
سائين منھنجا! منھنجي مظلوم قوم ڪميشنن ۽ وفدن وسيلي دنيا جي ”نئين ڳولا“جي ڄار ۾ ڳچيءَ تائين ڦاٿل آھي. ”عام چونڊن“ جي طريقن جي اڀياس لاءِ اسان جي جنرلن، ڪامورا شاھيءَ جي ڪرتا ڌرتا ۽ ”خصوصي مشيرن“ جا سڄيءَ دنيا خاص طرح ”جمھوريت جي پينگهن“ سريلنڪا انڊونيشيا ۽ ترڪيءَ وغيرہ جا دورا (اسان جي قومي بقا لاءِ) بھرحال ڏاڍا ضروري ھئا.
اڃا تازو آءٌ پاڪستان جي ان وفد جي عظيم الشان سوڀ جو چھچٽو ٻڌي رھيو ھوس جنھن ”ورلڊ بئنڪ“ وارن کي ”لاچار“ ڪري رکيو، تہ اھي لاھور شھر مان غلاظت ۽ گند ڪچرو ڍوئڻ لاءِ اسان جو ھڪ ٻيو وفد ھڪ ٻي ”قومي فتح“ جا دھل پٽيندو 40 ڪروڙ ڊالر کيسن ۾ کڻي آيو ھو. اھو قرض اسان پاڻيءَ پھچ (آبپاشي) سرشتي جي ننڍن واھن جي مرمت ۽ صفائيءَ لاءِ ورتو ھو. شايد ئي ڪا قوم پنھنجن سردارن، پنھنجن حاڪمن کي مٽاسٽا ناڻو ڏيڻ جي اھڙن ذلت جهڙن قرضن ۾ گروي رکي وئي ھجي.
ھِن ملڪ ۾ جتي توھان ھڪ سپاھيءَ تي ٻہ ھزار ٽي سؤ اٺ ڊالر خرچ ڪري رھيا آھيو، ان ۾ ھڪ شھريءَ جي تعليم تي رڳو پنج ڊالر ۽ صحت تي رڳو ھڪ ڊالر خرچ ڪيو ٿا. جتي اَٺ ڪروڙ جي آباديءَ لاءِ رڳو 2-لک، 65-ھزار استاد ھجن، پر ان جي شھرن ۽ ڳوٺن جي کٽڻ لاءِ ۽ انھن تي پنھنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ 4-لک، 29-ھزار بندوقچي ھجن، مون کي ٻڌايو تہ ان ملڪ جي قومي خزاني تي ڇا ڪجهہ گذرندو ھوندو، پوءِ اھي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا ھجن يا سرڪاري منٽ جا سڪا!
ھن ملڪ ۾ جتي بوئنگ جھاز سنگاپور ۽ ٻين شھرن ۾ خريداريءَ لاءِ خاتون اول، ٻہ ۽ ٽي جي ڪمانڊ ھيٺ ڏنا ويندا ھجن، جتي ”ولي عھد ۽ شاھي ڏياٽا“ سرڪاري ”ھنِي مُون“ لاءِ دنيا جي دوري تي وڃي رھيا ھجن ۽ اسان جا سفير بين الاقوامي اڏن تي انھن جي آجيان لاءِ قطارون ٻڌيو سيس نوايو بيٺا ھجن ۽ جتي نيلي بار جون مينھون ۽ عربي نسل جا گهوڙا فضائيہ (ھوائي فوج) جي جنگي ٽرانسپورٽ جھازن ۾ ”نئين دنيا“ (آمريڪا) جي پرانھن ”رانچن“ ۾ تبديل ڪيا ويندا ھجن، عدالت جا صدر! ان ملڪ ۾ سپاھين ۽ ھيٺين عھديدارن جي ڦرلٽ لاءِ باقي بچندو ئي ڇا؟
اھا رڳو شيرپائو پل جي جرنيلي ڪالوني ئي ناھي جتي حياتيءَ جي ھر گهرج برطانوي، فرانسي يا اٽيليائِي آھن. ان مرض جي جيوڙا منھنجا صاحب، انھن جنگبازن جي پرانھن ڳوٺن تائين پھچي چڪا آھن.
صدر صاحب! ان ”ڪوڪا ڪولا بوئنگ“ بابت توھان ڇو چوندؤ جيڪو ڪجهہ عرصو اڳ اسلام آباد جي ھوائي اڏي تي لٿو ھو! ان سازش جو ڏوھاري ڪير آھي؟ ان اھم ترين شخصيت جنرل ضياءَ جيڪا ان فضائي بزنس پلازا ۾ ڏکڻ مشرقي ايشيا کان موٽي رھي ھئي، پنھنجن چور ۽ ڌاڙيل ھم سفر ساٿين لاءِ ڪنھن اسپيشل ملٽري ڪورٽ جي جوڙجڪ جا حڪم ڪڏھن جاري ڪيا ھئا. مون کي اميد آھي، توھان ڄاڻندا ئي ھوندا تہ ان وِي آءِ پِي فلائيٽ (ڏاڍو-اھم-ماڻھو يا ڏاڍن اھم ماڻھن لاءِ جھاز) ۾ ڪو بہ مسافر ھيٺيون عھديدار ڪو نہ ھو.
جناب والا! اھا تہ سمنڊ مان ھڪ ڦڙي ۽ ديڳ مان ھڪ چانور جي ڳالھہ آھي. آءٌ ڏاڍو لاچار آھيان تہ انھن حالتن ۾ ”چارجنگ ڪريسيءَ“ جي ضمير جي وڌيڪ ملازمت جي بندوبست لاءِ ٻين اڻڳڻ معاملن بابت ڪجهہ چوڻ جو مون وٽ وقت ڪونھي.
عزت وارا صدر! ھر سازش جو ڪيس ھڪ جئائنٽ ٽرايل ڪيس (گڏيل پڇاڻي يا جاچ جو مقدمو) ھوندو آھي. اڄ اسان خلاف جيڪو ڪيس ھلايو پيو وڃي، ان ۾ اسان ئي نہ، سڄي قوم اوھان آڏو ”ڏوھارين“ جي قطار ۾ بيٺي آھي. اهو در اصل منھنجي سڄي قوم ۽ ان جي ھر ماڻھوءَ خلاف ھڪ وڏيءَ سازش جو حصو آھي. آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ قوم خلاف ان سازش جو نوٽيس وٺو. لاھور شھر جي گهٽين مان گند ڪچري جي صفائيءَ کان وٺي وچ-پنجاب جي کلن جي مرمت تائين، ”پل ڪالونيءَ“ جي محلن کان ڪوڪا ڪولا فلائيٽس تائين، اھي سڀ ان سازش جون ڪڙيون آھن.
ان سازش جي ڪيس ۾ دفاع ۾ کاتي پاران ڪيل خريداريءَ ۽ وڪريءَ جي اداري کي شامل ڪرڻ نہ وسارجو ۽ ان سان گڏ ئي فضائي ۽ بحري ۽ بري فوج جي انھن جرنيلي وفدن کي بہ، جيڪي ”سير ۽ تفريح“ لاءِ يا تہ پرڏيھہ ۾ وڃي چڪا آھن، سنبت ڪري رھيا آھن، اھي ئي تہ اھي ماڻھو ۽ ادارا آھن جيڪي مٽاسٽا ناڻي سان کيڏي رھيا آھن.
آءٌ اوھان جي فيصلي جي سگهہ تي ڀروسو ڪري رھيو آھيان. مون کي اميد آھي، مون تي ان ”تھمت“ جا ھي پاسا توھان جي نظرن کان لڪل رھندا.
ڏوھہ-چٺي ۾ منھنجو ايندڙ ڏوھہ ڪُلڇڻائيءَ جو ذڪر ڪرڻ آھي.
________________________
(1 ) اُٺ-پکيءَ (Phoenix) جي فطرت آهي ته آنڌاري يا طوفان وقت هو پنھنجي مُنڍي واريءَ ۾ لڪائي، سمجهندو آهي ته بچاءُ ڪري ورتو اٿائين.
(2 ) جنرل ضياءَ ۽ جنرل عارف سميت ڪيترن ئي حڪمران جنرلن کي اڳيَن مورچن ۾ ته ڇا، پوئين هيڊقئارٽر ۾ به جنگ وڙهڻ جو مانُ نه مليو آهي.