جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

مون کي بہ قتل ڪري ڇڏيو (ملزم جو واڌو بيان)

انٽيليجنس جي ڄاهن جا ڪرتب ۽ ڪرامتون(1 )

18-فيبروري 1984ع جي ڏينھن ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان خان فوجي ڊگرين سان گڏ، پوليس اسٽيشن نوان ڪوٽ ۾ پنھنجو ھڪ واڌو بيان لکائي رھيو ھو. انٽيليجنس جي ھڪ ڄاھي، ھڪ ڪرنل ھتي، ھن اسپيشل ملٽري ڪورٽ نمبر-64 اٽڪ قلعي جي ميدان شھادت (شاھدن جي ڪٽھڙي) ۾ ٻڌايو تہ ايف آءِ آر جو اھو واڌو بيان (ڳنڍڙ، Supplemnetary) سچ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ لکايو ويو آھي. 2-جنوري 1984ع تي اسان جي خلاف جنرل ھيڊ قئارٽر (جي ايڇ قيو) ۽ ان جي ڳنڍڙن پاران لکرايل ايف آءِ آر اھم ’ڄاھي‘ موجب ھڪ ڪُوڙي رپورٽ ھئي جيڪا رڳو قومي سلامتيءَ، سالميت ۽ وقار جي بچاءَ لاءِ لکرائي وئي ھئي. ھي اھو سڄو سارو ردي ۽ بيھودو دليل ھو جنھن کي پوريءَ طرح پچايو بہ نہ ويو ھو.
جيڪڏھن مون کي انساني حقن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ آھي بہ، تہ آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ ڪھڙيون شاھي رعايتون ھڪ فوجي تاناشاھي جو پيدائشي حق ھونديون آھن ــــ ڪوڙ، مڪاري ۽ ڌوڪو پاپا ڊوپلس( 2) جو بنيادي ۽ پيدائشي حق آھي. 5-جولاءِ 1977ع وارو اعلان جهاد، ان سان گڏ سمورن پاپا ڊوپلڪين يعني ان جي مصاحبن ۽ چمچن کي بہ سندس رند تي ھلڻ جو حق ڏي ٿو. اھو حق انھن ليڙن کي قومي سلامتيءَ جي نالي تي مليو آھي جيڪو گذريل اٺن سالن جي غليظ ليڙن جو ڪنوارو نالو آھي.
ھن عدالت کي سرڪار جي لکرايل انھن ٻنھي رپورٽن جي غليظ ليڙن جي مڪمل ھڪجهڙائي سمجهہ ۾ آئي يا نہ، آءٌ ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهان، پر ايترو ضرور چوندس تہ ان ڌوڪي ۽ دولاب کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن انڌي کي بريل (انڌن جي پڙھڻ لاءِ اڀريل اکرن جي لکت) جي گهرج ڪونھي ــــ اھا سڄي شھر جي ڄاڻ ۾ آھي تہ ايف آءِ آر جو ڳنڍڙ انٽيليجنس جي ڄاھن جي بيانن موجب 18-جنوري 1984ع تي نہ لکرايو ويو پر اھو آگسٽ-سيپٽمبر 84ع جو واقعو آھي جڏھن رايل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز جي گريجوئيٽ انٽيليجنس جي سڀ کان وڌيڪ انٽيليجنٽ (ذھين) جنرل جي ان معاملي ۾ ٿي ويل ’وڏي بيوقوفي‘ لڪائڻ جي گهرج محسوس ٿي.
دراصل تھمت لڳلن خلاف ڄاڻايل، گولي بارود ۽ ھٿيارن جو سَوَ مان ھڪ حصو بہ انھن ٻن ڪارن ۾ سمائجي نہ پئي سگهيو جن ۾ اھي رکي ايف آءِ آر جي چوڻ موجب اھي (تھمت لڳل) پاڪستان خلاف جنگ لاءِ نڪري رھيا ھئا. ها، اھو ٿي پئي سگهيو تہ اھي ڪارون پاڻ چرس جي ٿھن ۽ ٻئي مال سان ٽائرن کان ڇت تائين ايئن دفن ڪري سگهجن پيون جو انھن جو نالو نشان ئي نہ ملي.
ان پنھنجي اُڻيل ڄار مان جنرلن کي ڪڍڻ وارو اھو رسالي جو شھسوار بھادر ڪرنل جو جيڪو اسان جي سمري آف ايويڊنس پاڻ ريڪارڊ ڪري ان جي سوين صفحن تي پکڙيل ريڪارڊ سان ان ڪُوئي وانگر ايئن ڀڳو جيڪو ڪڏھن بہ ٻاھر نہ اچڻ لاءِ ٻِر (ٻرڙ) ۾ گِهڙيو ھجي.
چتونءَ جي چھنب جھڙي نڪ واري ان ڪرنل سمري آف ايويڊنس جي نتيجي ۾ ظاھر ٿيل حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ئي انٽيليجنس جي ڄاھن جي ڪارونڀار ۽ جنرل ھيڊقئارٽر جي برگيڊيئر رشيد بيگ کي نوان ڪوٽ جي تِڪي ڪباب واري دڪان ۾ ايف آءِ آر جو ڳنڍڙ لکرائڻ جي صلاح ڏني ھئي.
بھرحال ھڪ روايت قائم ڪئي وئي آھي، ھڪ رسم جي ابتدا ٿي چڪي آھي ۽ ھڪ مثال منھنجي آڏو آھي، تہ ڳنڍڙ ۽ واڌو بيان لکرائي ۽ ڏئي سگهجن ٿا، تنھنڪري اڄ ھڪ واڌو بيان ڏيڻ ۽ پنھنجي 27-مئي تي لکرايل ايف آءِ آر جي ڳنڍڙ لکرائڻ لاءِ منھنجي راھن ۾ ڪا بہ رنڊڪ ڪونھي.
ھيءُ ڪو ويل وڃڻ کان پوءِ پِٽڪو ناھي. مارشل لا جي ليڙن ۽ واڌو غلاظت جي وچ تہ ھڪ ڊگهي عرصي جي سوچ ويچار ھو.( 3 ) پر منھنجي 27-مئي جي بيان ۽ 10-جون جي ھن ڳنڍڙ ۾ رڳو ڪجهہ ڏينھن جِي وٿي آھي. ايترو وقت تہ خير اسان جي قومي رٿابنديءَ جي گهرجن جو بہ حصو آھي. منھنجو واڌو بيان نہ منھنجي ڪنھن ”بيوقوفيءَ“ جي ازالي جي ڪوشش آھي ۽ نہ ئي ھيءُ ڪنھن انتھائي شرم جھڙي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ ڏنو پيو وڃي. منھنجو بيان ۽ واڌو بيان ھڪ ئي ڪھاڻيءَ جو تسلسل آھي. ھِي آڪسيجن ٽينٽ( 4 ) ۾ ٻڌي رکيل ھڪ قوم جي ڏاکڙي جي ڪھاڻي آھي. اھو آڪسيجن ٽينٽ توھان ڄاڻو ٿا تہ گ.ا.ر جي امدادي پروگرام جو ھڪ حصو آھي.
ھيءَ ڪھاڻي آھي ھڪ قوم جي وڪاڻل سلامتيءَ ۽ گروِي رکيل عزت ۽ مانَ جي!
پنھنجي بيان ۽ جنتا خلاف پنھنجي ايف آءِ آر جي ڀيٽ ۾، جيڪا مون توھان جي عدالت ۾ لکرائي آھي، ھِن واڌُو بيان ۾ نہ رڳو توھان پر پاڪستان جي عوام، پنھنجون ھٿياربند فوجن ۽ ان ”سودي بازيءَ“ جي ”دلالن“ ۽ پوکيندڙن سان سنئون سڌو مخاطب آھيان.
اڄ کان گهڻو عرصو اڳ ”برطانوي واپارين“ ڪشمير جي سڄي ماٿريءَ کي گلاب سنگهہ ڊوگر جي ھٿن ۾ ڪجهہ لک سِڪا وٺي وڪڻي ڇڏيو ھو. تاريخ ھن ڏھاڪي ۾ وري ورجائي وئي آھي. ھاڻوڪو وڪرو برطانوي راڄ جي حقيقي جائنشين ۽ ڊوگر جي پڦاٽ جي ھٿان وجود ۾ آيو. ھن ڀيري ھڪ ملڪ پاڪستان جو سودو ڪيو ويو آھي!
ھڪ قوم کي وري وڪيو ويو آھي پر ھن ڀيري قيمت ... ڪجهہ مرڪن، شايد اڌ انچ، ڪجهہ ٻي جائداد ۽ 40 مُڱ ڦريون ۽ انھن جي ڪجهہ لک ڪميشن (ڀلاوڻي) تي ٻڌل آھي.(5 )
عدالت جا صاحب! اڃا تہ شاعر پھرين وڪري جي مرثين مان بہ واندا نہ ٿيا ھئا، ڪيرو تُرت ھي ٻيو سودو بہ کرو ڪيو ويو آھي!
۽ وڪامندڙ جي ماٺ ڪيڏي نہ اذيت ۽ ڏک ڀري آھي!
آھہ! هي اڀرندڙ چنڊ واريون قومون جن بابت هڪ پياري ماڻھو سھرورديءَ(6 ) ڪھڙي نہ سٺي نشاندهي ڪئي هئي:
”ھي مسلمان قومون ڇا آھن ــــ ٻڙي + ٻڙي + ٻڙي = ٻڙي.“
عدالت جا صدر! ھِن ملڪ جي ھر شيءِ گروي رکي وئي آھي. اختراع پسند، چالاڪ چارڻ ڇوڪري رُونيءَ( 7) پنھنجين مُرڪن سان ڀريل ميلو کٽي ورتو آھي. ”بڊابير“(8 ) بحال ٿي چڪو آھي. يو(9 ) جو بدلو وٺڻ لاءِ ان جي اوسي پاسي روسي سپاھي قتل ڪيا پيا وڃن. ڪراچي ڊيگو گارشيا جو جاڙو شھر ٿي چڪو آھي. گوادر فتح ڪيل ۽ قبضي ھيٺ علائقن مان آھي ۽ ”پَسني“ ( 10) جا دورا ڪيا پيا وڃن.
پشاور سِي آءِ اي جي بين الاقوامي مھمن لاءِ ھِن علائقي جو منيلا ٿي چڪو آھي ۽ اسان جو ھيڊقئارٽر پينٽاگون( 11) جي ھڪ گهٽيءَ ۾ بدلجي چڪو آھي.
سِک ڪاروائين کان پوءِ موٽي رھيا آھن!
افغان تہ ڄائي ڄم کان سپاھي آھي!
۽ سريلنڪا جا سنھالي سکيا لاءِ شنڪياري(12) اچي رھيا آھن!
گذريل ڪجهہ عرصي کان ھن ملڪ ۾ آمريڪي سينيٽرن جي اچ وڃ ان جي عام شھرن جي گٽرن جي وھڪري جي دٻاءَ کان بہ وڌي چڪي آھي. اڄوڪي ڏينھن بہ پاڪستان ۾ ايترا سينيٽر ۽ ڪانگريس جا ميمبر موجود آھن جو شايد ئي ڪڏھن ڪئپيٽل ھِل جي جائنٽ ھائوس ۾ گڏا ٿيا ھوندا!
مون کي پڪ آھي تہ اسپيڪر ٿامس (پي) ٽپ اونيل کي ڪنھن اندروني آمريڪي مسئلي تي بہ اڄ تائين مختلف قسم جي ايترين متضاد سوچن ۽ مفادن وارن آمريڪي اڳواڻن جا گهڻا ھٿ ھڪ ئي دستاني ۾ نہ مليا ھوندا.
اھو اتفاق، سائين منھنجا، نہ تہ 98-ڪانگريس ۾ ٿيو ھو ۽ نہ ئي 99-ڪانگريس ۾ ٿي سگهي ٿو.
اسان جي قومي مقدر وارن فائيلن ۾ بہ ڪھڙا ڪھڙا اعزاز لکيل هئا. اسان جي ڪري گ.ا.ر ايڏيون متحد آھن، جو اڳ ڪڏھن بہ نہ ھيون. انھن کي پڪ ئي پنھنجي ”پياري اتحادي“ جي تاناشاھي جو ٿورائتو ٿيڻو پوندو.
اسين اڄ ”فرنٽ لائين“ (اڳين قطار) ۾ وڙھندڙ رياست آھيون. ناٽو (North Atlantic Treaty Organization) يا وارسا معاھدي جي ڪنھن بہ صحيح وجهندڙ ملڪ کان وڏي وڙھندڙ رياست!
پر اڃا بہ سائين منھنجا! اڄ اسين اُن دور جي ڀيٽ ۾ بہ گهڻو اڳين محاذ تي آھيون جڏھن ”مقدر جي ديويءَ“ جنرل راڻيءَ جي خوبصورت ھٿن ۾ اسان جي ڪمان ھئي.
اھا رنگون جي ديوتائن جي ڪرم نوازي آھي. انھن جي ڪرپا سان اسين ڀارت سان وڙھنداسون، اسين روسي رڇ سان زور آزمائينداسون، اسين تاملن خلاف جنگ ڪنداسون، اسين افغان انقلابين جي راھہ رنڊائينداسون ۽ اسين ڀُٽي جي روح ۽ پيغام خلاف جهاد ڪنداسون. اسان کي اجوري جي پرواھہ ناھي، پر اھو سڀ ڪجهہ اسين ھر صورت ۾ ڪنداسون.
اسين پنھنجن سمورن گوريلا جٿن، پيادن سپاھين جي ڪمپنين، جيلن جي وارڊن ۽ نواب پور جي صليبي جنگي ميدان جي فاتحن ــــ پنجاب پوليس جي مدد سان ويندي نيلسن منڊيلا جي جوڌن تائين، سمورن سرڪش انقلابين کي پنھنجن قلعن ۾ قيد ڪري رکنداسون.
اسلام جي ھن قلعي پاڪستان ۾ خيبر کان مھراڻ تائين قلعن جي ڪا کوٽ ڪونھي، اسلام جي تحفظ ۽ تبليغ جو اھو ئي ھڪ طريقو تہ رھجي ويو آھي.
عدالت جا صدر ۽ ڏيھہ واسيو! ”اڄ منھنجي حياتيءَ کان بہ اھم شيون داءَ تي لڳل آھن.“( 13) آءٌ عدالت جي ميمبرن کان بہ وڌيڪ باخبر آھيان تہ عدالت جي ڪارروائي ختم ٿيڻ کان اڳ ئي مون کي دائمي قيد جي سزا جو فيصلو ٿي چڪو آھي.
پر اڄ آءٌ اوھان کان مطالبو ٿو ڪريان تہ منھنجي جنم قيد کي ڦاھيءَ جي سزا ۾ بدلايو، منھنجي بہ قتل جا حڪم جاري ڪيو.
منھنجو قتل ان ڪري بہ لازم آھي جو آءٌ کلي عام چئي رھيو آھيان تہ اڄ پاڪستان کي گروي رکيو ويو آھي. ان سوديبازيءَ جو بيانو قسمت آزمائيندڙ بوناپارٽ جنرلن، گهوڙي ڊوڙ جي شيدائين، گاف جي چوسارين شرابين، بدمستن ۽ جواري بندوقچين لکيو آھي.
ھي ھڪ مڪمل وڪري جو ڏاکڙو آھي. عالمي بئنڪ پاران لاھور شھر جي گهٽين جي غلاظت جي صفائيءَ وارن قرضن کان وٺي ايل-80ع ۽ مڱ ڦريون حاصل ڪرڻ تائين ھر شيءِ تي ٻڌل.
ڪزن (سؤٽ) گلاب سنگهہ ڊوگر تہ ”ھڪ“ قوم کي ايڏو سستو ڪو نہ خريد ڪيو ھو!
دعا ڪيو تہ 1988ع جون پرائمريون( 14) اسلام آباد ۾ بہ ٿين، ھڪ عرصي کان مون کي پنھنجو ووٽ ڪرڻ جي تمنا آھي. آءٌ فوجي تاناشاھي جنرل ضياءَ کي ھن ملڪ جو صدر ڪڏھن بہ نہ ٿو مڃان. ان ڪري بہ منھنجي درخواست باوجود مون کي 19-ڊسمبر 1985ع واري عظيم ڌوڪي ۽ رڃ(15) لاءِ پوسٽ وسيلي بہ ووٽ وجهڻ نہ ڏنو ويو.
شايد پاڪ آرميءَ جو ايڊجوٽنٽ جنرل( 16) جنھن جي غيرقانوني حراست ۾ آءٌ انھن ڏينھنِ ۾ بند ھوس، نہ ٿو چاھي تہ ان جي بِلي ھيٺ آرميءَ جي وچور موجب ضياءَ جي حق ۾ وڌل ووٽن جي شرح 1.1 سيڪڙو ٿي وڃي ھا.
ايڊجوٽنٽ جنرل بھرحال سوا ڇھہ فوٽ ڊگهو ھجڻ سبب ھڪ ايماندار ۽ ديانتدار ماڻھو آھي. ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي تہ ھن جو نائب برگيڊيئر ھن جي قد جو اڌ بہ ناھي. اٽڪ قلعي جي اذيت گهر ۾ تہ ڄامڙا بہ بک ھڙتالي قيدي آفيسرن کي ”ٻي واٽ“ کان کاڌو کارائڻ جي ڌمڪي ڏئي سگهندا آھن.(17 )
پر ريڪارڊ لاءِ مسٽر پريزيڊنٽ اھو نوٽ ڪيو تہ 19-ڊسمبر 1984ع جي ريفرينڊم جي فراڊ واري ڏينھن جڏھن ھڪ چتونءَ جي چھنب جھڙي نڪ وارو نسوار ٿُڪيندڙ حوالدار منھنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڏھہ فوٽ ڊگهي زنجير سان ھتي ھن قلعي ۾ مون کي گهلي رھيو ھو، منھنجو ووٽ منھنجي ڳوٺ جي بئلٽ باڪس ۾ پئجي چڪو ھو.
مون کي ٻڌايو ويو آھي تہ اھو جنرل لاءِ ”ھا“ (Yes) ۾ ھو.
آءٌ پنھنجي ملڪ جي ”جهرلو“ اليڪشن ڪمشنرن جو ٿورائتو آھيان تہ انھن منھنجو دين ۽ دنيا ٻئي محفوظ رکيا. ھنن مون کي خدائي منشا جي پورڻتا نہ ڪرڻ کان بچائي ڇڏيو.
مانوارا صدر! اھا ڪالھوڪي ڳالھہ ئي تہ آھي تہ واشنگٽن کان پھتل ”اسلامي عالمن“ اسان کي جنرل ضياءَ جي ٺيڪ اسلام موجب حڪومت بابت پنھنجن تصديقي الھامن جو ٻڌايو آھي. مون کي اھو بہ ياد پوي ٿو تہ انھن دين جي وارثن جي ان روحاني انڪشاف کان پوءِ ئي جنرل ضياءَ ”ضل ذوالجلال“ (خدا جي پاڇي) ھئڻ جي ھام ھنئي ھئي.
ملت کي تعظيمي رڪوع ۾ جهڪڻ گهرجي!
نَوشھري (اٽڪ ۽ مردان جي وچ ۾ شھر) کان ٽلاجوگيان تائين اسان جي فيلڊ فائرنگ رئنج جتي اسان پنھنجي سالياني ڪوٽا جو گولو بارود ساڙيندا آھيون ۽ انفنٽري اسڪول کان نيشنل ڊفينس ڪاليج تائين جتي اسان جو ٿنڪ ٽئنڪ پليا آھن، سول سروسز اڪيڊميءَ کان ايڊمنسٽريٽوِ اسٽاف ڪاليج جي گند ڪچري جي ڍير تائين ۽ منھنجي گهر کان آرمي ھائوس تائين ھر پاسي ريگنامڪس (ريگنائي علم؟) جو مينو (کاڌي جي نمونن جي ڄاڻ واري وچور) ۽ ريل گاڏين جي شيڊويول تائين ھر شيءِ جي وجود جو ضامن ۽ بنا ڪنھن جي شرڪت جي مالڪ آھي. گرئناڊا( 18) ”آزاد“ ڪرايو ويو آھي.
ساندانستا لاڳيتو محاذ تي ھئڻ (Seguminos de Front) باوجود ”ڪُوئا مار“ ۾ ۽ ڪنٽراز پوريءَ ھار باوجود پيش قدميءَ جي حالت ۾ آھي.( 19) ھيڏانھن اسان جي نيرن، منجهند، رات جي کاڌي سمورا ڪارڊ آمريڪين جو کيسن ۾ ھئڻ باوجود اسين ايڏا آزاد ناھيون جيڏا اڳ ڪڏھن بہ نہ ھئاسون.
آزاديءَ ۽ ڇوٽڪاريءَ جو اھو ئي تہ راز آھي جيڪو ويجهڙ ۾ ڊاڪٽر ھنري ڪيسنجر، تمغهء قائد اعظم اسلام آباد ھوائي اڏي تي کوليو ھو، جتي ان کي ملڪ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذاتي طرح پاڻ موڪلائي چوڻ ويو ھو.( 20 )
عدالت جا صاحب ۽ ھن ملڪ جا رھواسيو! آءٌ ھڪ اڻڄاتل گهٽيءَ سان واسطو رکان ٿو. آءٌ نہ تہ ھارلي اسٽريٽ آھيان ۽ نہ ئي منھنجو وال اسٽريٽ سان ڪو لاڳاپو آھي. ڪو جنرل اسان جي گهٽيءَ کي پنھنجي نالي سان منسوب ڪرائڻ پسند نہ ڪندو. بھرحال اسان جي حصي ۾ بہ ڪجهہ ڏاھا ... ان جي سوچ وارا ضرور آيا آھن.
آءٌ ننڍپڻ جي ڏينھن کان ئي ھڪ بگيءَ واري کان ويندي ھڪ استاد تائين ۽ ھڪ اڳوڻي بندوقچيءَ کان ويندي روزگار تي چڙھيل حاضر سروس تائين ڪيترن ئي ماڻھن کان اھو ٻڌندو آيو آھيان تہ پاڪستان کي ھلائڻ جو آخري طريقو ھاڻي اھو ئي رھجي ويو آھي تہ ان کي سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ کي ٺيڪي تي ڏنو وڃي.
سودو ٿي چڪو آھي، رجسٽري لکجي وئي آھي ۽ ڀت تي لکئي جي خواب جو تعبير نظر اچي رھيو آھي. اھا ٻي ڳالھہ آھي تہ اڄ 80ع جي ڏھاڪي ۾ توھان کي خوابن جي ڏاڍي ڳري قيمت ڏيڻي پوندي.
اڄ ڪلھہ تہ ھڪ خواب ڏسڻ جو مطلب بہ ھڪ صدي جڪڙيل پيرن سان گذارڻ برابر آھي.
بھرحال ٺيڪو ڏنو ويو آھي. ٻولي ان وقت تائين تہ گهٽ ۾ گهٽ اھا ئي رھندي جيستائين جنرلن جي ھن ڊگهيءَ رات جي پڄاڻي ٿِي باک نہ ٿي ڦٽي يا وري ڪابل (نديءَ) ۾ ستين سامونڊي جھازن جي جٿي جا ”گهوٻا“ (لنگر) ڦٽو ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿي پوي!
ڳڌو وڪرو جاري آھي، جمعہ بازار لڳل آھي، آئيڪ( 21) پنھنجا چنبا وچين محاذ تي ڦٻائي رکيا آھن. اسان کي جيڪڏھن مارشل زوخوف(22) اولھہ پاسي پيش قدمي ڪندي ڪوسي پاڻيءَ ڏانھن وڌي رھيو آھي.
جوزف فارلئنڊ( 23) مشرقي پاڪستان جي مسئلي لاءِ جيڪي ڪشالا ڪاٽيا ھئا، مغربي پاڪستان جي مسئلي جي آئيندي ۽ آخري حل جي سودي جا شرط ۽ معاملا انھن کان گهڻو وڌيڪ سولا ۽ سادا آھن.
مون کي لاھور ”منٽ“ ۾ ڪجهہ وڌيڪ تمغن جي گهاڙ جي ”بوءِ“ اچي رھي آھي.
جنرل نيازيءَ لاءِ ھلال جرئت کان پوءِ ھاڻي اين ايڇ (نشان حيدر) جنرل ضياءَ لاءِ، اين پِي ڪي (نشان پاڪستان) ڪئليفورنيا جي ڇوڪري لاءِ، ٽِي قيو اي (تمغئه قائد اعظم بار) پيڪنگ جي مسافر لاءِ ۽ ٽِي ٽِي اي يعني ”آڱوٺو“ پاڪستان جي عوام ۽ ان جي ساٿي ھن سازشي قيدي لاءِ!
توھان ڄاڻو ئي ٿا تہ سِي آءِ اي، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ھڪ ”ڄاھي“ اڳواٽ ئي قومي (؟) بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آھي ۽ لالا موسيٰ ۾ مھنگائي آھي. ھاڻ اسان لاءِ نہ ڪو لڏو آھي ۽ نہ ئي ”لمبو“.
اٽڪ قلعي جي ڪال ڪوٺڙي نمبر ھڪ مان توھان جي معرفت ابراھيم لنڪن ۽ مارٽن لوٿر ڪِنگ جي قوم کان سنئون سڌو ھڪ سوال ڪرڻ ٿو گهران. مون کي ان سودي ۽ ٻوليءَ جي ٺيڪيدارن رونالڊ ريگن ۽ جين ڪرڪ پيٽرڪ ۽ سندن ڪارپوريشن کان ڪجهہ وٺڻو ناھي.
مون کي کين اھو چوڻو آھي تہ ھاڻي گهڻو ڪجهہ ٿي چڪو. خدا جي واسطي ھاڻي نيويارڪ جي پاڻين ۾ بيٺل ٿڪل اداس فرانس جي مھاجر ”آزاديءَ جي مجسمي“ جو لاش( 24) کڻي وڃي ان کي تسلي متڀيد جي سامونڊي ڪنارن تي ”ڪيپ آف گُڊ ھوپ“ ۾ کوڙي ڇڏيو، تہ ان جي ڪجهہ علامتي اھميت تہ موٽي اچي.
ھاڻي جڏھن تہ ويھين صدي بہ پنھنجي پڄاڻي کي پھچي چڪي آھي توھان آمريڪين غلامي کي نئين معنا ڏئي ان جو ڀيانڪ احيا ڪيو آھي. غلامي ھاڻي مقامي نہ بين الاقوامي ٿي چڪي آھي.
سموريون پاڙون آفريڪا جي گهاٽن ٻيلن کان وٺي پراسرار مشرق تائين ھيون. ڏکڻ فرانس جي انگور جي ٻارن کان ويندي پرانھين پورال تائين توھان آيا ھئا. توھان اھي ماڻھو ھئا جيڪي عالم انسانيت جو ”واعدو“ ۽ ”اميد“ ھئا پر فضائن کي توھان ايٽم بم ۽ ھئڊروجن بم جي ڌماڪن جي کُنڀين (نانگ کُنڀين) سان ڍڪي ڇڏيو آھي ۽ غلاميءَ جا ڪڪر ھاڻي انڪل ٽام جي جهوپڙيءَ مان اٿي رھيا آھن.
آمريڪيو! توھان آمريڪا سان دغا ڪئي جيڪا ھڪ اميد ھئي، توھان آمريڪا سان ڌوڪو ڪيو جيڪا ھڪ سوچ ھئي، توھان ان کي جيئري ئي پوري ڇڏيو جيڪو ھڪ سندر سپنو ھو.
اڄ کان ڪي چوڏھن پندرھن سال اڳ مون کي چنڊ جي مسافر نيل آرم اسٽرانگ سان ملڻ جو اتفاق ٿيو ھو. ھُو ٻين خلابازن سان گڏ آسمان تان موٽي اچڻ کان پوءِ دنيا جي سير تي ھو ۽ آءٌ ڍاڪا ھوائي اڏي تي پنھنجي ورديءَ جي ٽڪيٽ ڪتب آڻيندي آجيان ڪندڙن جي قطار م وڃي بيٺو ھوس.
وڏن وڏن پيٽن وارين معزز شھرين ۽ شيروانين ۾ جڪڙيل ڪاموراشاھيءَ جي ڪارندن جي نراڙن تي ٺھندڙ گهنجن جي پرواھہ نہ ڪندي مون نيل کان پڇيو ھو: ”ڪرنل! اڃا تہ ھڪ دنيا جي کوجنا باقي آھي. انڌيرن ۾ غرق دنيا کي ڇڏي، ڇا جي لاءِ تون ھڪ نئين جنت جي ڳولا ۾ نڪتو ھئين؟“
آءٌ نہ ٿو چئي سگهان تہ ”ڪينئن“ جي انھن روايتي ميڙن ۽ انھن جي ”ڇڳن“ جي گهاٽن تھن جي موجودگيءَ ۾ ان قسم جي سوالن ۽ نياپن جي ڏي وٺ ڪڏھن ممڪن بہ ٿي سگهي ٿي. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ خلاباز نيل آرم اسٽرانگ منھنجي نياپي جي گهرائيءَ تائين پھتو بہ ھوندو يا نہ، پر مون ھن جي منھن تي اداسيءَ ۽ اميد جي گاڏڙ مرڪ ضرور پکڙجندي ڏٺي ھئي. اھا مرڪ ماڻھوءَ جي نہ، پر آمريڪا جي منھن تي ھئي: سھڻي، تازي تواني ۽ آئيندي بابت اميد ڀرِي.
آءٌ بھرحال، اڃا بہ پنھنجي سوال جي جواب جو انتظار ڪري رھيو آھيان!
جيتوڻيڪ آسمان ڇھندڙ جاين، ڪارپوريشن ۽ لابين جو آمريڪا بي-1 ايٽم بم ۽ نئين غلاميءَ جو موجد آمريڪا ڪيڏي نہ بدصورتيءَ جو ڏيک آھي.
ويـٽـنام ۾ تـوھـان نسل ڪشيءَ جا معجزا ڏيکاريا ھئا. گريناڊا ۾ توھان اڻ ٿِيڻيءَ کي ڪري ڏيکاريو، نڪارا گئا ۾ توھان جا چمڙا موڻڻ لاءِ کنڀڙاٽيون ھڻي رھيا آھن، توھان لبنان جا ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيا، ال سلواڊور توھان جي بڇڙن بوٽن ھيٺيان ڪنجهي رھيو آھي، ڪابل جي زمين ھيٺ توھان بارودي سرنگهون وڇائي ڇڏيون آھن ۽ قذافيءَ، ھن واريامي جي پٽ جي ڳچيءَ ۾ توھان جو ڦاھيءَ جو ڦندو ڏينھون ڏينھن سوڙھو ٿي رھيو آھي.
ھڪ ڪائنات ڏکڻ کان اتر ۽ اوڀر کان اولھہ تائين توھان جي ڪارپوريشن جي ڪرڀائتي بار ھيٺ تباھہ ٿي رھي آھي، ھيڏي پاڪستان ۾ توھان ھڪ بي دل فوجي جنتا جي عشق ۾ اڙجي ويا آھيو.
اوقيانوس سمنڊ ۾ ٽاٻڙڪو ڪندڙ مارڪوس ۽ سھارتو کان انھن جي ڪناري تي قابض پول پاٽ ۽ ڪم دوران تائين، طورخم جي سرحد تي بيٺل ڪيسابلانڪا بواءِ ضياءُ الحق کان نار وارين رياستن جي جنسي جنونين تائين، صدام حسين کان وٺي انقراه-بغداد-اسلام آباد محور تي مڙھيل سمورن فوجي تاناشاھن تائين، ٻن دنيائن جي ڪناري تي بيٺل ظلم ۽ جبر جي نشانن پِي ڊبليو بوٿا ۽ چليءَ جي پنوشي ۽ روم سمنڊ جي ڪناري کان توبچي ايرل شيرون تائين، توھان پيار، محبت ۽ عشق کي ڪھڙا ڪھڙا ويس ۽ مطلب ڏنا آھن! توھان ڪيڏي ھمت ۽ حوصلي سان ھر ان عقيدي جو بچاءُ ڪيو آھي جيڪو ڪن آمريڪين جي ايمان جو حصو آھي.
خان ڀائر ــــ ايوب خان ۽ يَحى خان، شھنشاھہ آريه مھر رضا پھلوي، بتستا ۽ ان جا ساٿي سنگتي، نگوڊين ۽ ان جي سھڻي ”مارگريٽ“ انستاسيو سيموزا ۽ بيگن، اھي سڀ ماڻھو توھان جي ٽوڪريءَ جا گندا آنا آھن.
ڪارپورل ھٽلر ۽ سندس سونَ جو چمچو بينتو مسوليني جيڪو ڪجهہ پنھنجي بدصورت فاشزم سان ھٿ نہ ڪري سگهيا، اھو سڀ ڪجهہ توھان پنھنجي ”خدا تي ايمان“ جي ڏڍ تي ھٿ ڪري ورتو آھي.
IN GOD WE TRUST
”خدا تي اسان جو پڪو ويساھہ آھي.“(25)
توھان جي ھن ڪائنات بابت سھڻن واعدن جي ڳالھہ تان مون کي پئٽ جي ڳالھہ ياد اچي رھي آھي جيڪا مون سان پئرس جي سين نديءَ تي پنجتاليھن منٽن لاءِ ملي ھئي. ناٽري ڊيم جي ويجهو ھڪ پراڻيءَ پل وٽ جڏھن اسين جدا ٿي رھيا ھئاسون تہ ھن ٽين دنيا جي ھڪ پيلي-ڪڻڪ رنگي ڳلي تي ٻاجهہ ڀري پيار جي ھڪ مھر ھڻندي چيو ھو:
”اسين ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھڪ نئين دنيا جي اڏاوت ڪنداسون. ستارن سان ڀريل جهنڊو تنھنجي لاءِ بہ ھن ڪائنات جي سونھن ۽ سرور جو پيغامبر ھوندو.“
عدالت جا صدر! ستارن سان ڀريل جهنڊو واقعي اسان لاءِ گهڻو ڪجهہ آڻي چڪو آھي. سٺ جي ڏھاڪي ۾ ھن يو-2 موڪليو ھو، ستر جي ابتدا ۾ ستون سامونڊي جھازن جو جٿو ۽ ستر جي پوئين اڌ ۾ جنرل ضياءُ الحق ۽ اڄ اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ اسان جي دروازن تي خوشين ۽ مسرتن جو ميڙ آھي ــــ اھي ايڏي تہ جوش منجهان کڙڪائي رھيون آھن جو منھنجن ڪنن جا پردا ڦاٽڻ تي آھن.( 26)
آمريڪيو! اسين ٽين دنيا جا پيلن ڳلن وارا ماڻھو ان غلاميءَ لاءِ جيڪا اسان جي دروازن، اسان جي شھرن ۽ ڳوٺن ۽ فتح ڪيل گاديءَ تي مڙھي رکي آھي، نہ تہ توھان کي وساري سگهون ٿا ۽ نہ ئي وري ڪڏھن معاف ڪنداسون.
اسين اھو وچن ٿا ڪريون تہ اسين ڀُٽي، ناصر، سوڪارنو، لوممبا، اڌ جيئري بن بيلا، مڪمل ڏاکڙو ياسر عرفات ۽ توھان جي ڪَن جي سور قذافي ۽ فيڊل ڪاسترو جي ڳچين ۾ توھان جي وڌل ڦاھيءَ ڦندن کي ڪڏھن بہ نہ وسارينداسون.
اسان توھان جي عوام ۽ انسانيت دشمنن سان انھيءَ سازشي سٽاءُ کان پڇون ٿا تہ اسان کي ٻڌايو وڃي تہ اسين ڪيستائين آمريڪي ادارن ۽ ھٿيارن جو فيلڊ فائرنگ رينج ٿيا رھنداسون؟ افغان ايڪشن جو آمريڪي فيڊريشن جي ڪرنل رابرٽ ڊائونز کي پنھنجو فضائي رسدي پل، پاڪستان جي فضائن مان ھٽڻ لاءِ ڪيترو وقت لڳندو؟( 27)
ملٽري آپريشن ڊائريڪٽوريٽ جا ان سلسلي ۾ تجزيا ڇا ٿا چوَن؟ اُٺ جي چيلھہ تي آخري ڪَک ڪڏھن ۽ ڪھڙي پاسي کان رکيو ويندو؟ ڇا اھو ڄاتل سڃاتل مشرقي محاذ طرفان ھوندو يا اڃا سوڌو ”پراسرار“ اڻ کوجيل الھندي محاذ جي پاسي کان؟
ھڪَ پينٽ (20 آئونس) بلئڪ ڊاگ جو پيشاب، ھڪ وھسڪي بوتل ۾ لکيل تنبيھہ نامو ۽ ھاڻي بيت المقدس کان بہ وڌيڪ مقدس ۽ پاڪ آخري ڪک جنرل ضياءُ الحق! منھنجي ملڪ جا رھواسيو ۽ سپاھيو! توھان ان للڪار جو جواب ڪڏھن ڏيندا؟ يارھن گهنڊ تہ اڳ ئي وڄي چڪا آھن. خدا جو قسم توھان جي نيرو وٽ ايترو وقت بہ ڪونھي، جو ھو اسلام آباد جي گرين ۾ موجود پنھنجي ڪارنر پلاٽ جو گيت ئي ڳائي سگهي.
اسان جي نيرو جي بانسري گهڻو ڪري پري کان واشنگٽن ڊِي سِي مان اچڻي آھي. روم تہ سڙندي وري بہ ڪجهہ ويرم ورتي ھئي، اسان جي لاءِ تہ 1971ع کان 1985ع تائين ھيءَ تاريخ جي وڏي وات جي ھڪ ڪوسي اوٻاسي ئي تہ آھي.
You Aint Seen Nothing Yet.
”توھان اڃا ڏٺو ئي ڇا آھي!“
گڏيل آمريڪي رياستن (گ.ا.ر) جي چوئيتاليھين قدر پنھنجي ٻي چونڊ واري مھم ھلندي پنھنجي قوم سان اھو ڄاتل سڃاتل واعدو پنھنجي آئنده ارادن بابت ڪيو ھو. ڪجهہ مختلف معنائن سان اھو واعدو اسان تي بہ لاڳو ٿئي ٿو. خدا ئي ڄاڻي تہ جڳ مشھور ”تاريخي جهڪاءَ“ (The Tilt) ( 28) جي ھن جائنشين جي ايجنڊا تي اسان لاءِ ھاڻي ڇا لکيل آھي!
عدالت جا صاحب! اسان جيڪو ڪجهہ اڃا تائين نہ ڏٺو آھي، اھو ٻين جي نظر بدران پنھنجين نظرن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اھو غلط آھي تہ اسين پنھنجي جاڳندڙ اکين، اڻ ڍڪيل ۽ کليل اکين سان ايندڙ سڀاڻي کي نہ ٿا ڏسي سگهون.
نوان ڪوٽ ۾ جنرل جيمز بانڊ جي ڪمالن بابت سوالن کان سواءِ مسٽر پريزيڊنٽ، آءٌ اوھان کان بين الاقوامي سطح جا سوال بہ ڪري رھيو آھيان، ان ڪري جو آءٌ توھان کي پريزيڊنٽ مڃان ٿو.(29 ) جڏھن تہ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي آءٌ ڪنھن بہ صورت ۾ ھن مقبوضہ ملڪ جو صدر مڃڻ لاءِ تيار ناھيان. آءٌ ان کي کُلي عام انڪار ڪيان ٿو. پاڪستان گاف فيڊريشن جو صدر توھان کان سواءِ پاڪستان ۾ ٻيو حقيقي صدر ھو، اھو جيڪو اليڪشن سيل جو انچارج جنرل بہ ھو، پر ھو بہ اڄڪلھہ مريض آھي ... ھو پنڪچر ٿي چڪو آھي.(30 ) ان ڪري انھن حالتن ۾ منھنجي لاءِ انھن سمورن سوالن جو نشانو توھان کي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا راھہ ئي نہ ھئي!
مھرباني ڪري منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ انھن کي سمجهايو جيڪي ھن بي وزن مملڪت ۾ وزن رکن ٿا.
مون کي ماڻھن کي ريجهائڻ ۽ پرچائڻ جا گُر نہ ايندا آھن. پاپا ڊوپلس جي حڪمن ھيٺ آءٌ گذريل ڏيڍ سال کان حراست ھيٺ آھيان ۽ انھيءَ مدي ۾ منھنجو گهڻن ڊوپلڪين ۽ ٿورن سپاھين سان واسطو پيو آھي. پاپا ڊوپلڪي( 31) انٽيليجنس جي ڄاھن کان بہ وڌيڪ شاھہ جا وفادار نظر ايندا ھئا پر دل سان نہ. ان جو سبب رڳو انھن جو روزگار ۽ ”اٽي لٽي اجهي“ جو ڀئه ھو، جيڪو ڪنھن بہ وقت ڪنھن بہ اڻ ڏٺل بلا جو ڪارڻ ٿي پئي سگهيو. ھيڏانھن سپاھي بہ مون کان ناخوش ھئا، ڇو تہ مون ڪن سببن جي ڪري پامر لائينز جي ”ڪوس گهر“ ۽ ھتي اٽڪ قلعي ۾ انھن پاران ڀڄي وڃڻ جا اشارا ۽ سڏ قبول نہ ڪيا ھئا.
ضيائيءَ (ڊوپلڪي) ۽ سپاھي ٻئي اھو ڪجهہ سمجهي نہ پئي سگهيا جنھن ۾ سندن نجات ھئي. ضيائين کي اھو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ ڦرلٽ کان نجات جي جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ ڪري انھن کي پنھنجي چوڌاري ويڙھيل زنجيرن کان سواءِ ڪجهہ وڃائڻو نہ ھو ۽ اھي زنجير انھن زنجيرن کان گهڻو وڌيڪ موتمار ھئا جن سان اھي مون ”لاچار“ کي جڪڙي رکندا ھئا. اھي اھو سمجهي نہ سگهيا تہ ان جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ سان اھي انھن سڀني ڪارين، خاڪي، ڀورِي ۽ ناسي پٽين کان بہ آزاد ٿي وڃن ھا جيڪي سندن بکايل بدن ۽ ڏٻرين چيلھين سان ٻڌل ھونديون آھن ۽ جن جي پيدا ڪيل ٻوسٽ ۽ انھن جي اندر جو سموريون سھڻيون تمنائون ساھہ ڏئي ڇڏينديون آھن. ٻئي پاسي منھنجا پھريدار سپاسي اھو نہ سمجهي سگهيا تہ انھن اڙانگن پيچرن تي پنڌ ڪندي پنھنجو سڀ ڪجهہ وڃائي ڇڏڻ ۾ ئي سوڀ ھوندي آھي، نہ ڪو ان جي سنڀال ڪرڻ ۾.
انھن وڙ وڪڙ دڳن ۾ تہ حياتي ھارائي ئي ڪو پنھنجي سوڀ جو ماڳ ماڻي سگهي ٿو. ڏکن ڏاکڙن ۽ للڪارن کان ڀاڄ تہ ھن واٽ جي سڀ کان وڏي ۽ آخري ھار ھوندي آھي.
مون لاءِ قلعي يا ڪال ڪوٺڙين کان ڀاڄ وسيلي جلاوطن ٿي وڃڻ وڏي ذلت جھڙي خودڪشيءَ جي برابر ھجي ھا، جيڪا آءٌ سھي نہ پئي سگهيس.
آءٌ انھن ٻنھي کي ناراض ڪري آيو آھيان. ضيائي ھاڻي اڳ کان وڌيڪ ڀئه ۾ ورتل آھن، ڇو تہ ھاڻي انھن کي ڦرلٽ کان آزاديءَ ۽ نجات لاءِ جدوجھد جي ضرورت جو اڌ ڪچو-اڌ پڪو احساس ٿي چڪو آھي. بٺي جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ماڻھن کي پڪ ئي ان باھہ کان وڌيڪ خوف ٿيندو آھي، جيڪو ان ۾ ڪِري پيو اھو تہ امر ٿي ويو ... ۽ سپاھي پنھنجي ذاتي احساس محرومي ۽ مھماتي رٿائن جي رد ٿيڻ واري نقصان تي ناخوش آھن.
ان ڪري مسٽر پريزيڊنٽ، انھن ماڻھن تائين خيال پھچائڻ ۾ منھنجي مدد ڪيو. منھنجي خلاف ھي ڪيس ھلائڻ لاءِ اوھان وٽ ڏاڍو گندو ”حڪم نامو“ ھو پر توھان وٽ مون کي سزا ڏيڻ يا نہ ڏيڻ جو وس بہ آھي. آءٌ اوھان پاران ملندڙ سزا قبول ڪيان ٿو، پر ان جي عيوض توھان منھنجي ڳالھہ جو عام اعلان ڪرائي ڇڏيو.
اھو ڪو خراب سودو تہ ناھي. مھرباني ڪري ماڻھن کي، سپاھين کي ٻڌايو تہ آمريڪا جي چوئيتاليھين صدر جي چونڊن واري واعدي جو اسان لاءِ ڇا مطلب آھي؟
اڄ اسين ھڪ ورھايل ۽ ورھاست اندر ورھاست ۽ تنھن ۾ بہ ورھاست جو شڪار قوم آھيون. توھان انھن کي ڪارنر پلاٽ چئو، مذھبي، لساني يا علاقائي ٻيٽ چئو يا ضيائي سياست جي ٻوليءَ مان ڪو نئون نالو ڏيو، سچ ھي آھي تہ ھيءَ قوم پنھنجي اصل سڃاڻپ ۽ سڳنڌ وڃائي چڪي آھي. ماءُ جي جهوليءَ کان وٺي استاد جي اداري تائين ھر پاسي مڪمل تباھيءَ جو زمانو آھي.
جابر ۽ قاھر فوجي آمرن جي دَور ۾ بي انتھا ذلت، پستيءَ ۽ بي قدريءَ جنم ورتو آھي. پڪ ڄاڻو تہ ھٿياربند فوجون بہ انھيءَ تباھيءَ جو سڀ کان وڏو نشانو ٿيون آھن.
اھا ڪا پيغمبرانہ اڳڪٿي ناھي، رڳو گهر جي ڀيدِيءَ پاران جيڪو لنڪا کي ڊاھڻ نہ، پر ٺاھڻ گهري ٿو. حقيقت کي مڃڻ ۽ ان پاران ”سڏ“ آھي تہ مسٽر پريزيڊنٽ، اڄ ھن وقت اسين حملو يا جوابي حملو تہ رھيو ھڪ پاسي، اڀرندي يا الھندي محاذ تان ڪنھن ھڪ ڪاھہ روڪي رکڻ جي ڏات بہ ڪو نہ ٿا رکون.
ھا! اسين ”ھڪ ھزار سالن“ تائين وڙھي سگهون ٿا جيڪڏھن اسان کي عوام پاران پُٺ مليل ھجي.
ھا! جيڪڏھن ھڪ انتھائي خلوص ڀري ۽ بي رعايت ”سرجيڪل آپريشن“ وسيلي ھٿياربند فوجن جي مٿاھين سطح تي لڳل گئگرين (ڌپيل ڪِنو ڦَٽ) ڪاٽي ڦٽو ڪيون.
پر ياد رکجو! جيڪڏھن اھو سڀ ڪجهہ ڪو نہ ٿو ٿئي، تہ پوءِ ڪو بہ مورچو، ويجهو يا پري، ايندڙ صبح تائين بہ قائم رھي نہ سگهندو. ”جنرلن جي رات“ ھن قوم لاءِ تہ ڏاڍي ڊگهي، اينگهاري ۽ ڪڏھن بہ نہ ختم ٿيڻ واري تہ ٿي سگهي ٿي، پر دشمن لاءِ ان قبضي جي حيثيت رڳو ٻارھن ڪلاڪ مس ھوندي.
آءٌ نہ تہ پنھنجي ملڪ خلاف ڪنھن سازش ۽ نہ ئي ڌرتيءَ ماءُ خلاف ھٿيار کڻڻ جو ڏوھاري آھيان. ان تھمت خلاف آءٌ پنھنجي بي گناھہ ھئڻ جو اعلان ڪيان ٿو. اھا سراسر ڪوڙ آھي.
بھرحال عدالت جا صاحبو! اڄ آءٌ اوھان کان مطالبو ٿو ڪيان تہ مون کي ڦاھيءَ تختي تي لڙڪائڻ جو حڪم ڏيو. اھو ان ڪري اڻٽڙ آھي، جو اڄ آءٌ ڦاھيءَ چڙھندس تہ سڀاڻي ڪجهہ ٻين ماڻھن لاءِ بہ رستو کُلي پوندو. اسان لاءِ پنھنجين گهٽين، گهرن جي صفائي کان وڌيڪ ضروري اھا ڳالھہ آھي تہ اسين پنھنجي قطارن جي غلاظت ڌوئي ڇڏيون.
آءٌ اڄ بہ ھن ”ڪُوئا مار“ ۾ بہ 1973ع جي آئين جو حلف قائم رکيو ويٺو آھيان.( 32 ) ان قومي دستاويز سان منھنجو واعدو ۽ وفا منھنجي ايمان ۽ مذھب جو حصو آھي. آءٌ ان آئين خلاف انتھائي غداري ڪندڙ ”غدارن“ سان وفا ڪري نہ ٿو سگهان، پوءِ اھي منھنجي پنھنجي ”گهر“ جا ھجن يا اسلام آباد جو چڙيا گهر يعني ڪَٺ پُتلي پارليامينٽ!
”ميجر آفتاب“ ۽ ”جنرل ضياءَ“ جو تضاد ۽ جهيڙو ان ”فساد“ کان گهڻو وڌيڪ خطرناڪ ۽ تيز آھي جيڪو پنجن ستان واري جنرل ڊوگلس ميڪارٿر ۽ ھڪ ”چونڊيل“ آمريڪي صدر ٽرومين جي وچ ۾ ھو.
عدالت جا صدر! اڄ جيان اُن وقت، ان دَور ۾ بہ آمريڪي آئين پنھنجي جاءِ تي برقرار ھو. ميڪارٿر جي جنگ تہ رڳو شخصيت پرستيءَ جي وڌندڙ لاڙي خلاف ھئي، ان کي تہ رڳو اھا شڪايت ھئي تہ ”شخصيت“ کي اھڙي نموني گهڙيو پيو وڃي، جو ممڪن آھي تہ ھڪ ڏينھن اھا رياست جو حصو ٿي پوي.(33)
ھتي پاڪستان ۾ تہ ھيءَ فنا ۽ بقا جي آخري جنگ آھي. چوڌري رحمت علي اسان جي تاريخ جي ھن عظيم ڏاکڙي جي لفظن ۾ ”ھاڻي يا وري ڪڏھن بہ نه“ (No Or Never) جو مستانو نعرو اڄوڪي حالت تي بہ ٺيڪ ايئن لاڳو ٿئي ٿو جيئن پاڪستان کان اڳ ھو.
۽ ھا، آءٌ ان سان گڏ ئي توھان کي اھو بہ ياد ڏياريان تہ ھن ملڪ جي نالي جي خالق ۽ پھرين مصورن مان ھڪ نمايان مصور جون ھڏيون اڄ نہ امانت طور ڪيمبرج جي قبرستان ۾ دفن آھن. ڄڻڪ ان خاڪ جي موٽ ھن ملڪ جي جنرلن ۽ ڪامورا شاھيءَ جي گندن پيچڪشن جون پاڙون پٽي ڪڍندي.
نصرﷲ خان، اھو آزاديءَ ۽ جمھوريت جو مجاھد جنھن کي آءٌ نوابزادي واري عنوان جي گار ڏين نہ ٿو گهران، گذريل ڀيري چئي رھيو ھو تہ اھي جنرل جيڪي قومي اڳواڻن جي ھڪ ٽولي کي 1971ع جي جنگ (؟) جا تفصيل ٻڌائي رھيا ھئا، انھن جون ڄنگهون ڏڪي رھيون ھيون ۽ ڳالھيون بي ربط ٿڙڪڻيءَ جو شڪار ۽ ان ڪري سمجهڻ کان ٻاھر ھيون!
آءٌ وائڙو ٿي رھيو آھيان تہ اھو ڪٺ شھتير اھو ڇا پيو چوي. ھمت ۽ دليريءَ جي ڳولا؟ ڪھڙن ماڻھن ۾ سائين؟ خاڪ جي ڍير ۾ ھڪ شاعر پاران مچ ۽ ماڪ جي ڳولا منھنجيءَ سمجهہ کان ٻاھر آھي.(34 )
ھُو بہ اڻڄاڻائيءَ جو شڪار آھي، صدر محترم! اھو آزاديءَ جو مجاھد ڏاڍي گهري اڻڄاڻائيءَ جو شڪار آھي!! ۽ اھا ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھہ آھي!
نيٺ گذريل 38 ورھين کان ھلندڙ شڪستن، ذلتن، پسپائين ۽ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جي رسمن ھلندي يا انھن کان پوءِ ڪھڙو پاڪستاني جنرل اڄ تائين خود-احتسابي عمل مان لنگهي پنھنجي ضمير، جيڪڏھن ھجي، جي سڏ تي لبيڪ چوندي، پنھنجي ھارايل ڪمان تان استعيفا ڏني آھي؟ پر اھو ڪھڙو جنرل آھي جنھن ملڪ ۽ ملت خلاف ڪيل غدارين جي بدلي، پنھنجين ڀريل ٽجوڙين ۽ جاگيرن تان ھٿ کنيو ھجي يا محروم ڪيو ويو ھجي؟
ان اداري جي سلسلي ۾، اسين ڇو ھمت، دليريءَ، امانت ۽ ديانت جون ڳالھيون ڪيون جيڪو ڌوڪن، بي وفائيُن ۽ غدارين جي ”پليگ“ (مئل ڪوئن کان پکڙجندڙ ۽ وچڙندڙ بيماريءَ) جو شڪار آھي، جنھن کي انتھائي غداريءَ جي اڏوھيءَ ڳاري ڇڏيو آھي.
جنرل پريزيڊنٽ! آءٌ اوھان کي شرمندو ڪرڻ لاءِ اھو سوال ڇو ڪيان تہ ھيءَ قوم گذريل 38 ورھين ۾ ڇو ھڪ بہ ميڪارٿر، رڳو ھڪڙو ئي سام مانڪ شا ۽ جگجيت سنگهہ اروڙا پيدا ڪري نہ سگهي!
آءٌ نہ ٿو مڃان تہ ھن ڌرتيءَ جون مائرون ”وھڪي“ ويون آھن، ڪڏھن بہ نہ، ھي تہ قومي غدارين جو اھو اجورو آھي، بدلو ۽ خدا جو پَلئه آھي، جيڪو ھن ذلت ۽ ھار جي نشان اسان جي ھٿياربند فوجن جي ”ھاءِ ڪمان“ کان ورتو آھي.
The Hour has struck
”گهنڊ وڄي چڪو آھي.“
(ذوالفقار علي ڀٽو: ”جيڪڏھن مون کي قتل ڪيو ويو“)
عدالت جا صدر! ”گهنڊ وڄي چڪو آھي.“ اچو، اسين پنھنجي ھن ملڪ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڪا ھڪ ئي قرباني ڏيون! اچو اسان گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن جي فوجي حڪمرانيءَ واري دَور ۾ ھن ڌرتيءَ جي ويران ۽ اجڙيل ٻنين مان جيڪو ڪجهہ ڦريو آھي، اسان ھن ملڪ جي نظرياتي ارتقا خلاف جيڪي ڌاڙا ھنيا آھن، اھا سموري مادِي ۽ نظرياتي ڦرلٽ پنھنجيءَ قوم کي موٽائي ڏيون!
چشمه-جھلم لِنڪ ڪئنال کي رڳو ھڪ مھيني لاءِ بند ڪرڻ يا کولڻ، ٻنھي صورتن ۾ اسان جون ٻنيون سڙي ويون.( 35) اھو تہ رڳو ھڪ واھہ جي کلڻ يا بند ٿيڻ جو قصو ھو. سائين منھنجا! ٿورو تصور تہ ڪيو، تہ گذريل اٺن سالن کان مڪمل قلعي بنديءَ، ڏڪار ۽ سوڪھڙي سبب ھن ملڪ جي نظرياتي ۽ شعوري محاذن تي ڪھڙيون ڪھڙيون بلائون نازل نہ ٿيون ھونديون.
عدالت جا صاحب! انسانيت، قومن ۽ ماڻھن جو ارتقائي سفر ان وقت بيھجي ويندو آھي جڏھن سنگينون اڀيون ڪيون وينديون آھن!
اچو تہ اسين گهنڊ جي سڏ جو جواب ڏيندي، سدا لاءِ ”بيرڪن“ ڏانھن موٽي ھلون. اسان جي سکيا-ميدانن ۾ اسان لاءِ ڏاڍو اھم ڪم رھيو پيو آھي.
جيڪڏھن ھن موٽ کان پوءِ قومَ اسان کان ڪجهہ ڪنڌن، ڪجهہ مٿن جي گُهر ڪري ٿي، تہ اسين ڇو دل من ھڻون؟ ڇا يونيفارم پھريندي، اسان پنھنجا ڪنڌ پنھنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ لکي نہ ڏنا ھئا؟
عدالت جا صدر! اسين سپاھي آھيون ۽ سپاھين جو اولاد بہ. اسان کي پنھنجا ڪنڌ اعليٰ رومن ۽ اسلامي قدرن موجب بھادريءَ ۽ ھمت جو مظاھرو ڪندي قوم لاءِ پيش ڪرڻ گهرجن!
جنگي ميدان ۾ مھاڙي ڪمپنيءَ جو ڪمانڊر ئي پھرين قطار جي اڳواڻي ڪندڙ ھوندو آھي. ان ڪري ھاڻ آءٌ بہ توھان کان اڳ پنھنجو ھِي ”ڳرو“ مٿو قوم جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
منھنجا جنرل! آءٌ پھريون ڪنڌ پيش ڪري رھيو آھيان، توھان ٻي (پنھنجي) ڪنڌ جي آڇ ڪريو، ۽ آءٌ اوھان کي پڪ ڏياريان ٿو تہ ٽين ڪنڌ آڇڻ جي گهرج ئي نہ پوندي.
ڪاش! توھان ھنن ماڻھن کي، پنھنجي قوم کي، ڄاڻندا ھجو ھا! اھي ماڻھو چريائپ جي حد تائين جذباتي ۽ پيار ڪرڻ وارا ماڻھو آھن. اھو انبوھہ چرياڻن ۽ وطن تي سر گهورڻ وارن جو انبوھہ آھي.
اھي اسان کان ٽيون ڪنڌ نہ گهرندا!
اچو، اسين ھن قوم جو وقار، غيرت، ننگ ۽ ”قومي فخر ۽ غرور“ ان جي فرزندن کي موٽائي ڏيون. انھن کي کانئن کسيل آزادي موٽائي ڏيون. اھي توھان کي ھن ويھين صديءَ ۾ معجزا ڏيکاريندا. اسان کي گهرجي تہ اسين تاريخ کي پنھنجي خلاف ھڪ ٻيو موقعو نہ ڏيون. اسان کي گهرجي تہ تاريخ کي اھو ورجائڻ جي موڪل نہ ڏيون، تہ اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ بہ ھن ملڪ سان اھو ئي ڪجهہ ٿيو جيڪو سٺ ۽ ستر جي ڏھاڪي ۾ ٿيو ۽ اھو بہ تہ اسان انھن سمورن ڏک ڀرين ڏھاڪن ۾ اھي جنرل ۽ ايڊمرل ئي ھئا جيڪي سڄيءَ قوم جي اميد ۽ تمنائن جا قاتل ٿيا.
۽ اھي ئي قاتل آھن جن ھڪ نظريي جي، جنھن جو نالو پاڪستان ھو، نسل ڪشي ڪري رکي.
سپاھيو! ھوا بازو! ملاحو! ملڪي بقا، نجات ۽ بچاءَ جي سلسلي ۾ توھان جو ذميواريون بہ اھي ئي آھن جيڪي ٻين شھرين جون آھن. اڄ توھان جي ماٺ ۽ خطرن کان اڻڄاڻائي انھن ڏوھن کان گهڻو وڏو ڏوھہ آھي جيڪو توھان پنھنجي ڪوتاھہ انديش اڳواڻن جي حڪمن جي پورائي ڪندي باريسال کان بولان ۽ بدين تائين ھن سڙيل ڌرتيءَ تي وڏي ڪوس جي صورت ۾ ڪيا ھئا.
اچي پنھنجي ماضيءَ جي بار کي لاھي ڦٽو ڪيو!
ان ڏاڍ ۽ ستم جي روايت کي پرزا ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي اصليت ڏانھن موٽي اچو. پنھنجي عوام جي قافلي ۾ اچي ملو، ڇو تہ ھاڻي گهڻا ھٿ ئي گڏجي پنھنجي باقي بچيل ميراث کي مڪمل تباھيءَ کان بچائي سگهن ٿا!
سپاھين جي عدالت نمبر-64 جا صدر! فريادي ڌر جي ”چوڻ“ موجب، آءٌ ڏوھن جي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرڀائتو ڏوھہ يعني غداري ڪندڙ آھيان.(36 ) اڄ تائين ھن مظلوم ڌرتيءَ خلاف ”غداريءَ“ جا سمورا ڏوھاري بي سزا رھيا آھن. اھو تہ رڳو ھڪ ”نواب“ جي قتل جو ناٽڪ ھو جنھن جي آڙ ۾ 4-اپريل 1979ع تي باک ڦٽڻ کان اڳ ئي ھن قوم جي ضمير ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاھيءَ ڦندي ۾ لڙڪايو ويو.
اھو ”قتل“ آرمي ھائوس جي پاسي ۾ ٿيو ھو. اھو آرمي ھائوس، جتي ھاڻي گاھہ ان وقت تائين نہ نسرندو، گل نہ ٽڙندا ۽ ميوا نہ ڦٽندا، جيستائين ان قتل جي ھن ڊگهيءَ رات جي پڄاڻي نہ ٿي ٿئي!
باک ضرور ڦٽندي ۽ گاھہ اوس نسرندو. اسان جا افغان ڀائر پنھنجن سڀني ڌڻن سان گڏ موٽي پنھنجي وطن بہ وڃن، تڏھن بہ ڌرتيءَ جي تازگيءَ ۽ سونھن لاءِ صبح ضرور ٿيڻو آھي ۽ گلن کي ٽڙڻو ئي آھي.
اچو، اسين ان وچ ۾ رڳو ايترو ڪري وٺون جو سڙيل مکڙيون وري ڦٽي پوَن.
آءٌ ھن سازش جي ڪيس جو وڏو مياري، غداري ڪندڙ ۽ پاڪستان يعني جنرل ضياءُ الحق خلاف جنگ جو ارادو رکندڙ ھِي ”وڏو مياري“ توھان کان ھڪ ڀيرو وري گهر ٿو ڪيان، تہ توھان ڪنھن فائرنگ اسقئاڊ کي منھنجي قتل جو حڪم ڏيو.
جنرل جج! آءٌ اوھان کي ميار ٿو ڏيان، آءٌ ھٿياربند فوجن جي سموري اڳواڻيءَ کي ڏوھاري ٿو سڏيان، ان ڏوھہ ۾ تہ اھي توھان ماڻھو ئي آھيو جيڪي ھن ملڪ جي تباھيءَ جو ڪارڻ ٿيا آھيو.
پر پوءِ بہ منھنجي سَڌ ۽ تمنا آھي تہ ھڪ ڀيرو تہ اوھان سڀ سرخرو ٿيو، ڪنڌ کڻو. ھڪ ڀيرو تہ توھان پنھنجي شيروانين، پنھنجن بلو پيٽرولن ۽ پنھنجي سينن جي گهنٽين ۽ تمغن تي ڄميل ھن ملڪ جي رت جون ڦينگون ڌوئي ڇڏيو.
ڪاش توھان جي انھن گهنٽين ۾ الارم جو سُيون بہ ھجن ھا!
اڄ آءٌ اوھان کي پنھنجي عھدي جا نشان ۽ ڪنڌ جو نذرانو پيش ڪري رھيو آھيان، پر منھنجو انداز توھان جي جنرل نيازيءَ جھڙو ناھي، ھي تہ منصور ۽ ڀُٽي جي ڳري ڳُوڙھي رسم جو پاڇولو آھي!
ھاڻي تہ ھڪ وڌيڪ سازش ۽ ڪَوَرِ اَپ (Cover Up)، ان کي ڍڪڻ) جا حصيدار نہ ٿيو!
مون کي بہ قتل ڪري ڇڏيو!
عدالت جا صاحبو! مون کي ڦاھيءَ تختي تي وٺي وڃڻ جا حڪم جاري ڪيو. ھن ملڪ جا ”غدار“ ۽ ”سازشي“ ڪيترو وقت ايئن ئي ٽاڏون ڏيندا، ٿُونا ھڻندا رھندا.
ڪيستائين مسٽر پريزيڊنٽ!
نيٺ ڪيتري عرصي تائين؟

_____________

1. ( ) ليکڪ پاران هن جو عنوان ”جنتا خلاف منھنجي ايف آءِ آر جو ’اضافو‘“ ڏنل آهي.
2. ( ) پاپا ڊوپلس... سٺ جي ڏهاڪي ۾ يونان تي قابض ٿيندڙ ڪرنلن جي ٽلي جو سردار هو. ليفٽيننٽ پانا گولس جي هن خلاف سازش ۽ ان سلسلي ۾ جاچ پڇا ۽ فوجي عدالتي ڪارروائي ۽ اسان جي ڪيس ۾ وائڙو ڪندڙ هڪجھڙائي هئي. اطالوي صحافڻ اوريان فلاچي ان سلسلي ۾ ان سازش جو تفصيل لکيو آهي.
3. ( ) واڌُو بيان ايف آءِ آر کان گهڻو عرصو پوءِ لکرايو ويو هو.
4. ( ) ساهه جي شديد مُونجهه يا کوٽ جي حالت ۾ مريض کي آڪسيجن گئس واري هڪ شيشي جي وڏي خاني ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن کيس گهربل آڪسيجن ملي سگهي. - سنڌيڪار
5. ( ) چاليهه عدد ايف-16 بمبار جھاز، جيڪي عوامي پُٺ کان وانجهي فضائيه لاءِ مُڱ ڦرين کان به گهٽ حيثيت رکن ٿا.
6. ( ) پاڪستان جو ٻيو قتل ڪيل وزير اعظم.
7. ( ) صدر رونالڊ ريگن.
8. ( ) بڊابير، پشاور ۾ آمريڪي اڏو، جتان 50 جي ڏهاڪي ۾ گيري پاورز جو جاسوسي جھاز اڏاڻو، جنھن کي روسين ڪيرائي وڌو ۽ خروشيف جي چوڻ موجب پشاور چوڌاري ڳاڙهو ليڪو ڪڍيو ويو.
9. ( ) هِن علائقي ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو سامونڊي اَڏو.
10. ( ) گوادر ۽ پسني بلوچستان جا ٻه بندر، جن جي ڪجهه علائقن ۾ پاڪستانين جي وڃڻ تي پابندي آهي.
11. ( ) آمريڪي فوجن جو هيڊقئارٽر، دفاعي وزارت جو محڪمو.
12. ( ) شنڪياري ايبٽ آباد کان اتر ۾ هڪ علائقي جو نالو. - سنڌيڪار
13. ( ) چيئرمئن ڀٽو، ”ڦاهيءَ جي ڪوٺڙيءَ منجهان“.
14. ( ) آمريڪي صدر جي چونڊ جي هڪ ڪڙي.
15. ( ) اسلامي ريفرنڊم يعني جيڪڏهن اسلام گهرجيوَ ته آءٌ ضياءُ الحق توهان جو صدر آهيان، ڇو ته آءٌ ئي اسلام آهيان.
16. ( ) ميجر جنرل عمران اللھ خان، آرمي جي چونڊن واري ڪئمپ جو چيف ريفرنڊم ڪمشنر.
17. ( ) برگيڊيئر رشيد بيگ پاران بُک هڙتالي آفيسرن کي ڌمڪي.
18. ( ) آمريڪي اثر ۽ زور هيٺ آزاد ترقي پسند راڄڌاني، جنھن جي آزادي پسنديءَ جي ڏوهه ۾ آمريڪي فوجن باقاعدي ڪاهه کان پوءِ مھانڊا ۽ نظام بدلائي ڇڏيو.
19. ( ) نڪاراگئا خلاف وڙهندڙ رد ٿيل نظام جون پاڇيون جن کي کليل آمريڪي پٺ مليل آهي.
20. ( ) چيئرمئن ڀُٽي کي ان جي ايٽمي پروگرام خلاف هڪ عبرت جھڙو مثال ٺاهڻ واري ڌمڪي ۽ ان تي عمل ڪرڻ واري “ٻن جي بدمعاش ٽولي“ يعني ضياءُ ۽ ڪيسنجر.
21. ( ) اتحادي فوجن جو سپريم ڪمانڊر آئزن هاور جنھن جي اڳواڻيءَ هيٺ اتحادين برلن ڏانھن پيش قدمي ڪئي.
22. ( ) روسي فوجن جو ڪمانڊر، جنھن جي ڪمان هيٺ اهي فوجون برلن ۾ داخل ٿيون.
23. ( ) ستن ڏينھن لاءِ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير
24. ( ) نيويارڪ جي بندر جي ٻيٽ ايلس جي ”سي لبرٽي“ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کي پنھنجي ٻانھن ۾ پناهه ڏيڻ لاءِ بيٺي آهي. هاڻي جڏهن ته آمريڪا پنھنجيءَ دل جا دروازا ضمير جي مھاجرن تي بند پر بوٿا، پنوشي ۽ ضياءَ لاءِ کولي رکيا آهن، ته ان جي اتي وجود جو ڪو سبب ڪونهي.
25. ( ) آمريڪين جو قومي نعرو.
26. ( ) انهن ٽنهي سرحدي جاين تي ٻين گهڻين جاين سان گڏ اڄڪلهه به روسي مگ بمباري ڪري رهيا آهن ۽ هر صبح ۽ شام بي گناهه شھرين جا جنازا کنيا پيا وڃن.
27. ( ) هڪ آمريڪي تنظيم، جنھن افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان کان ڪابل لاءِ سڌو فضائي رستو گهريو هو، ته جيئن زمين بدران فضا مان ئي انقلاب مخالف قوتن جي مدد ڪري سگهجي.
28. ( ) 1971ع جي جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ستين سامونڊي ٻيڙي (جھازن جي جٿي) واري ڏٽي بابت ڪسينجر جو جهڪاءُ.
29. ( ) پر ان جو مطلب اهو ڪڏهن به ڪونهي ته آءٌ هِن نظام ۽ ”حڪم نامي“ کي مڃي رهيو هوس جنھن هڪ جنرل کي جج ۽ عدالت جو صدر ٺاهي ڇڏيو هو.
30. ( ) جنرل فيض چشتي.
31. ( ) پاپا ڊوپلڪي مان مراد يونان جي فوجي آمر پاپا ڊوپلس جا چمچا، پاڇا ۽ مجبور ماڻهو آهن. منھنجو خيال آهي ته اسان جي حالتن ۾ ضيائي ان جو صحيح بدل آهي.
32. ( ) هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڏاڍو مزيدار ٿيندو ــــ هر فوجي توڙي اعلى غير فوجي (سوِل) عھديدار کان اهو قسم (حلف يا ساک) کڻايو ويندو آهي ته هُو آئين ۽ آئين موجب آيل حڪومت سان وفادار رهندو. ان ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪري اقتدار ۾ آيل ڌر کي غدار يا انتھائي غدار ڳڻبو. ان موجب فوجي حڪومت ۽ ان سان سھڪاري سمورا سول عھديدار غدار ڳڻبا. غدارن جي ٺاهيل آئين موجب قسم کڻي اقتدار ۾ ايندڙ ڌر، مثال طور جوڻيجي واري ۽ اڄوڪي پارليامينٽ ۾ ويٺل ڌر کي آئين موجب ڇا سمجهڻ گهرجي؟ اڄوڪن فوجي ۽ غير فوجي عھديدارن کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ - سنڌيڪار
33. ( ) ان رومانوي هيرو جنرل ڊگلس، ملڪ جي صدر سان پنھنجن اختلافن جي ڳالهه هِن هڪ جملي ۾ چئي ته ”مون پنھنجي ملڪ جي آئين سان وفاداريءَ جو قسم کنيو آهي ۽ ان جو پابند رهندس، صدر ٽرومين جي حڪومت جو نه.“
34. ( ) آزاديءَ جا مجاهد شاعر به ته آهن.
35. ( ) بند هجي ته پنجاب جون ٻنيون سڙن ۽ کُليل هجي ته سنڌ جا فصل سڙن ٿا. بيان جي ڏينھنِ ۾ ”مفاد پرستن“ ان مسئلي تي ٻنهي صوبن کي هڪٻئي سامهون ”جنگي ميدان“ ۾ آڻي بيھاريو هو.
36. ( ) شق نمبر-6 موجب، غدارن جي حڪومت خلاف آواز اٿارڻ ٺيڪ منھنجو فرض هو. آءٌ ڪندڙ ته تڏهن هجان ها جڏهن آءٌ اهو ڪجهه نه ڪريان ها جيڪو مون ڪيو آهي.