1
ڪتي کي ٻاهر ڪڍڻ جو سبب منھنجي وحشت آهي. جڏهن ننڍو هوندو هئس تہ خوشيءَ جو احساس وڌيڪ هوندو هيو. جوان ٿيس تہ مايوسي طاري ٿي ۽ هاڻي وحشت طاري آهي. وحشت انڪري تہ دنيا ۾ هر شيءِ بي وفا آهي، ٻيا تہ آهن پر انسان پاڻ سان بہ وفادار نہ آهي. هو زندگيءَ جي هر گذرندڙ پل ۾ پاڻ سان بي وفائي ڪندو اچي ٿو. جيڪي اڄ آهي اهو ڪلھہ نہ هيو ۽ جيڪي ڪلھہ هيو اهو سڀاڻي نہ هوندو.
ڪتو ڪڏهن بہ بي وفا نہ هوندو آهي پر بي وفائيءَ جي احساس مون کي يقين ڏياريو آهي تہ هر شيءِ بي وفا آهي ۽ ڪتو ضرور بي وفا هوندو.
در ٻاهران ڪتو بک تي آهي ۽ مان گهر اندر ڏڪندڙ هٿن سان ڳڀو کائي رهيو آهيان. گهر ۾ اڪيلو آهيان. گهر خالي آهي ۽ دل ۾ ڪا جاءِ خالي نہ آهي جنھن ۾ ياد وڌيڪ سوڙھہ ڪري سگهي.
ڪڏهن گهر خالي نہ هيو اهو ڀريل هيو. گهر ۾ ٽھڪن ۽ روئڻ جا آواز اڀرن تہ اهو خالي نہ هوندو آهي. هن گهر ۾ بہ ڪڏهن ٽھڪن ۽ روئڻ جا آواز گونجيا. هاڻي خاموشي آهي. ڪيترا چھرا مون چوڌاري ڦري رهيا آهن ۽ ڪيترا ڪتا بود مستيءَ مان ڊڪي رهيا آهن. مون کي پنھنجا عزيز ۽ ڪتا ياد آهن.
مون کي ڪتن سان پيار جي پيدائشي بيماري آهي. شايد ڪتن سان پيار جي اهڙي موروثي بيماري منھنجي ٻارن ۾ منتقل ٿي.
ننڍي هوندي مون کي روڊ سان هڪ لاوارث ڪتو نظر آيو، ان وقت منھنجي عمر پنج سال هئي. اهو اڇي رنگ جو گلر هيو، جيڪو لاوارث هوندي خبر نہ آهي ڪيئن تندرست ۽ توانو هيو، ٿي سگهي ٿو ڪجهہ وقت پھريان ماءُ جي ٿڻن کان الڳ ٿيو هجي ۽ لاوارث گهٽين ۾ ٿاٻا کائيندو هجي، مون ان کي هٿن ۾ کنيو تہ ان ڄڻ رضامندي ڏيکاري. ڄڀ وات مان ڪڍي مرڪڻ لڳو. ڏاڍو ڳورو گلر هيو. ان کي کڻي ٿورو هليس تہ سھڪڻ لڳس. ٿڪجي پيس. گلر کي هڪ دڪي تي رکيو ۽ ساھہ پٽڻ لڳس. وري کنيو ۽ هليس تہ وري ٿڪجي پيس، ائين ساهيءَ کان پوءِ ساهي پٽيندو گهر پھتس. امڙ منھنجي اهڙي حالت ڏسي ڪاوڙجي پئي ۽ ڇڙٻون ڏنائين.
“ڏس ڪتي جي وارن ۾ جيت ٿا گهمن.” ان چيو.
مون ڄڻ پھريون دفعو ڪتي کي ڏٺو. ڪتي کي هيٺ لاٿو ۽ اهو گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ويھي رهيو. امڙ منھنجا هٿ ڌوتا ۽ وهنجاري صاف ڪپڙا پارايا.
“ان کي ٻاهر اڇلي اچ.” امڙ چيو.
“نہ” مون جواب ڏنو. “ان کي پاليندس.”
امڙ گهڻو ئي سمجهايو پر نہ مڙيس ۽ ڪتي کي ڳڀو کارائي ڏسندو رهيس.
گلر سھڪي، ڄڀ ڪڍي مون ڏي ائين ڏسي رهيو هو جيئن چوندو هجي. “جنت ملي وئي.”
مون ڪتي جي صفائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جا وار صاف ئي نہ پئي ٿيا. ٻيو ڪو چارو نہ ڏسي، ان کي حوض ۾ وٺي ويس ۽ وهنجاريو پوءِ گهر جي وچين ڪمري ۾ ڀڳل کٽ هيٺان رکي آيس. اهو ڪمرو گهر جي اسٽور طور استعمال ٿيندو هيو. اوندھہ هوندي هئي ۽ ان جون ٻوريون هڪ ٻئي مٿان سٿيل هونديون هيون. ڪتو ڀڳل کٽ هيٺان ويھي رهيو ۽ مون اوندھہ ۾ ان جون اکيون ڏٺيون جيڪي ٽانڊن جيان چمڪي مون ڏانھن بي وسيءَ مان نھاري رهيون هيون.
رات گذري، مان صبح جو اٿي وچين ڪمري ۾ ويس. ڪتي کي ٻچڪر ڏئي سڏ ڪيم تہ نہ آيو. ڏٺم ڄڻ سمھيل هجي. هٿ وڌائي سوريم تہ اهو مئل هو.
منھنجي لاءِ حيرت جي ڳالھہ هئي، رنم ۽ امڙ آئي. ان جڏهن ڏٺو تہ کيس افسوس ٿيو، يقين نہ پئي آيو.
“ڇو مري ويو؟” ان ڄڻ منھنجو سوال مون کان پڇيو. سوال جو جواب نہ مون وٽ هيو نہ امڙ وٽ، گلر کي گند تي اڇلايو ويو. ڪھڙي شيءِ آهي جيڪا ڪارآمد آهي. سڀ شيون ناڪارا آهن. شيون ڪارآمد ايستائين آهن جيستائين ناڪارا نہ ٿي وڃن. انسان ڪارآمد آهي جيستائين ان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي قوت آهي. هو ٻار پيدا ڪندو ۽ ڪمائيندو. محنت مزدوري ڪندو، پوءِ ٻار وڏا ٿي محنت مزدوري ڪندا ۽ هو اپاهج ٿي ويندو. ڪتي جيان در تي پيو هوندو. ڳڀي جو محتاج هوندو، کنگهندو ۽ ڀونڪندو.
اسين گوشت جا پرزا آهيون ۽ پنھنجو گوشت کائي پنھنجي مرمت ڪيون ٿا. کائڻ جي قابل نہ ٿا رهون تہ ناڪارا ٿي وڃون ٿا.
اڄ ڪلھہ مون وٽ ڪتن لاءِ احترام نہ رهيو آهي. گهر جي ٻاهران راڪو ڪنھن ٻار جيان روئي رهيو آهي. ڪنھن بہ ڪتي کي داخل ٿيڻ جي اجازت نہ آهي. پر منھنجي يادن ۾ سوين ڪتا ڊوڙن ٿا.