تعارف
هر ماڻهوءَ کي سوچڻ لاءِ لفظن جي ضرورت پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جيئن جيئن لفظن جو ذخيرو وڌي ٿو تيئن تيئن دماغ جي سوچڻ جي صلاحيت به وڌي ٿي. ان جي موٽ ۾ ماڻهوءَ جي ڏاهپ جي سطح به وڌي ٿي. ڪنهن جي به ڏاهپ جو اندازو لڳائڻ لاءِ سندس لفظن جو ذخيرو بهترين مددگار ثابت ٿئي ٿو. ذهانت به فوجيءَ وانگر آهي جيئن تربيت ۽ مشق جاري رهندي تيئن بهتري ايندي ويندي. معما حل ڪرڻ، مطالعو ڪرڻ، ڪتابن تي راءِ ڏيڻ ۽ ليڪچر ٻڌڻ پنهنجي لفظن جي ذخيري ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ذهن جي اوسر لاءِ بهترين مشقون آهن. لڳاتار مطالعي جي عادت لفظن جي ذخيري ۾ واڌ جو بهترين وسيلو آهي.
شيڪسپيئر پنهنجي ڪتابن ۾ 80،000 لفظ استعمال ڪيا ۽ گوئٽي پنهنجي ناولن ۾50،000 لفظ استعمال ڪيا. اڄ جي انگريز ۽ جرمن شاگردن کي اهي ڪتاب سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش نٿي اچي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته وٽن لفظن جو وسيع ذخيرو آهي جيڪو کين اهي ڪتاب سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
بدقسمتي اها آهي ته اسان جي يونيورسٽيءَ جي سطح جي شاگردن وٽ رڳو 3،000 کان 4،000 لفظن جو ذخيرو هوندو آهي. اهو ان ڪري جو هو مطالعو نٿا ڪن ۽ اسان جي درسي ڪتابن جي حالت به ڪا چڱي نه آهي. ٻين ڪتابن جي مطالعي جي تمام گهڻي اهميت آهي.
آمريڪا ۾ ذهانت جي سطح جي پرک لاءِ هڪ تجربو ڪيو ويو. ان لاءِ هنن ٻن مختلف ڪلاسن جي شاگردن جي چونڊ ڪئي سندن ذهانت جي سطح جو تعين ڪيو ويو. پهرين سيمسٽر ۾ ٻنهي ڪلاسن کي رياضي پڙهايو ويو. سيمسٽر جي پڄاڻيءَ تي ذهانت جي سطح جي پرک ڪئي وئي ته ٻنهي ڪلاسن ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نه آيو. ٻئي سيمسٽر ۾ شاگردن کي هدايت ڪئي وئي ته هو ليڪچر ٻڌڻ سان گڏ ڪجهه مخصوص ڪتاب به پڙهن. سيمسٽر جي پڄاڻيءَ تي ذهانت جي چڪاس ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته جن شاگردن ليڪچر سان گڏ ٻيا ڪتاب به پڙهيا تن جي ذهانت جي سطح ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو اضافو نظر آيو.
ان مان اسان کي اهو معلوم ٿيو ته ڪتاب پڙهڻ سان رڳو لفظن جو ذخيرو ئي نٿو وڌي پر ٻين علمن کي سمجهڻ ۾ به مدد ملي ٿي. زباني امتحان وقت اسان کان پڙهيل مواد مان سوال پڇيا وڃن ٿا. انهن سوالن کي ٽن ڪئٽيگرين ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
الف. جملن تي ٻڌل سوال: عام طور تي ايئن ٿيندو آهي ته اسان کي پڙهڻ لاءِ اڌ صفحو ڏنو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ ان مان ست يا اٺ سوال پڇيا ويندا آهن. ان ۾ اهڙا ٻار جيڪي مطالعو نٿا ڪن يا جن کي پڙهيل مواد ياد نٿو رهي سي ناڪام رهن ٿا ۽ سوالن جا درست جواب نه ڏئي سگهندا آهن. ان ڪري عام طور تي اهڙن ٻارن کي بار بار پڙهڻ جي ضرورت پوي ٿي. ان جي ڪري هو وقت جو درست استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا.
ب. لفظن جي ذخيري بابت سوال: هن مرحلي ۾ اسان کان عام طور تي ڪجهه لفظن جي معنيٰ يا انهن جا ضد پڇيا ويندا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪتاب پڙهڻ سان رڳو لفظن جو ذخيرو نٿو وڌي پر لفظن بابت ڄاڻ ۾ به واڌارو ٿئي ٿو.
ت. سمجهه بابت سوال: هي سوال ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي ته اهو اندازو لڳايو وڃي ته اسان جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي ان مان ڪيتريقدر پروڙيو ۽ سمجهه حاصل ڪئي آهي. هتي به توهان کي معلوم ٿيندو ته مطالعو ڪيترو اهم آهي. ان مان اسين ڪيتريقدر مهارت ۽ فصاحت حاصل ڪري سگهون ٿا.
شاگردن جي لاءِ ڪتابن جو مطالعو ڇو ضروري آهي؟
مطالعو هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جي فائدن جي ذڪر ۾ دفتر ڪارا ڪري سگهجن ٿا. هتي اچو ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ مختصر وضاحت ڪريون جيڪي سڀاڻي جي دنيا لاءِ تياريءَ ۾ مصروف آهن ۽ جيڪي زندگيءَ ۾ عظيم شين جي حاصلات جو مقصد رکن ٿا.
* جيمز هاويل چوي ٿو: “اسان جي دنيا تي قلم، ڪاغذ ۽ مس جي حڪمراني آهي.” ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هو بلڪل درست چوي ٿو. اسين ملازمت لاءِ ڪهڙي به فيلڊ جي چونڊ ڪريون ان اداري ۾ اسان جي حيثيت هڪ عدد واري هوندي. بالزاڪ چوي ٿو: “جيڪڏهن ڪو شخص ڄاڻ جي اعليٰ ترين حد تائين پهچڻ جي خواهش رکي ٿو ته ان لاءِ کيس ڪم جو غلام بڻجڻو پوندو.” زندگيءَ ۾ هڪ نمبر جي حيثيت جو مطلب اهو آهي ته مختلف موضوعن تي وڌ کان وڌ عام معلومات رکڻ. هاڻي ان مرحلي جي لاءِ به ڏسجي ته سڀ کان وڌيڪ اهميت مطالعي جي ئي نظر اچي ٿي.
ڪاميابيءَ جي رستي جو ٻيو سڀ کان اهم اصول آهي ته اسان کان اڳ جيڪي ٿي گذريا آهن تن جي تجربي مان سکڻ ۽ انهن غلطين کان بچڻ جيڪي اڳ ۾ ٻيا ڪندا رهيا. هڪ ننڍڙو مثال آهي ته اسين ڪمپيوٽر انجينيئر بڻجن چاهيون ٿا ۽ ان لاءِ اسان کي جيڪو ڪتاب پڙهڻو آهي سو اهڙي شخص جو لکيل آهي جيڪو ان مئدان ۾ 20 سالن جو تجربو رکندڙ هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان پنهنجي ڪم جي شروعات 20 سالن جي تجربي سان پيا ڪريو. ڇاڪاڻ ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسان جو پڙهيل هر هڪ صفحو ويهه سالن جي تجربي جو نچوڙ آهي.
اهڙيءَ طرح اهو به واضح آهي ته اسان پنهنجي لاءِ ڪم جو جيڪو به شعبو منتخب ڪنداسين ان ۾ ٻين جي مسئلن جي حل لاءِ اسان کي ساڻن رابطي ۾ رهڻو پوندو. ڪوبه شخص تڏهن ئي ڪامياب لکبو جڏهن هو ڪا اهڙي رٿا شروع ڪري جنهن سان خدا جي مخلوق کي فائدو پهچي. مثال طور ڪو ميڪنيڪل انجينيئر تڏهن ڪامياب ليکبو جڏهن وٽس اهڙن گراهڪن جو وڌيڪ تعداد هجي جيڪي سندس ڪم مان مطمئن هجن. هر شخص لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ رهي ته جيئن هو سندن ضرورتن کان آگاهه رهي سگهي.
* هڪ قديم چوڻي آهي ته “واپار سون جو ڪنگڻ آهي.” واپاريءَ کي سندس ڌنڌي مان مسلسل فائدو ملندو رهي ٿو. دولتمندن جي دولت ختم سگهي ٿي، اعليٰ عهدا کسجي سگهن ٿا پر توهان مطالعي مان جيڪو علم پرايو ٿا سو ختم نٿو ٿي سگهي ۽ اهو قبر تائين گڏ رهي ٿو. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ڪو اهڙو مرتبو ماڻيو جيڪو توهان کان ڪو کسي نه سگهي ته پوءِ پاڻ ۾ وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهو.
* اهو ته ضرور ٻڌو هوندو ته “دنيا جي هر مرتبي ۽ دولت کان انسانيت تمام وڌيڪ آهي.” انسانيت کي جيڪڏهن لفظن ۾ بيان ڪجي ته اهو لفظ ايمانداري، ذهني بلوغت، رحمدلي، مروت ۽ خوش اخلاقيءَ جو مجموعو نظر ايندو. اهڙيون اتم خوبيون رکندڙن سان ئي معاشرو پيار ڪري ٿو. اهي سڀ خوبيون حاصل ڪرڻ جو بهترين وسيلو ڪتاب آهن. سو جيڪڏهن توها چاهيو ٿا ته توهان سان معاشري جو هر فرد پيار ڪري ته پوءِ وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهندا رهو.
ڪتاب پڙهڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهوءَ ۾ خودشناسي پئدا ٿئي ٿي. پڙهڻ سان توهان پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي صلاحيتن متعلق بهتر ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٿامس ايڊيسن ۽ البرٽ آئنسٽائن مشهور طبعيات جو ماهر جن نوبل انعام به حاصل ڪيا سي يونيورسٽي گريجوئيٽس نه هئا. هنن رڳو ڪتاب پڙهي پنهنجي پاڻ کي دريافت ڪيو هو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جو دارومدار ڪتابن سان دوستيءَ سان لاڳاپيل آهي.
ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا به ڪيترائي طريقا آهن. جيئن اسين ليڪچر ۽ دستاويزي فلمن مان به ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا. هڪ مسئلو اهو به آهي ته ليڪچر وقت اسان کي موضوع تي گهڻو سوچڻ جو موقعو نٿو ملي ۽ اسان وٽ ملندڙ معلومات جي ڇنڊڇاڻ جو وقت به نه هوندو آهي. پر ڪتاب اسان کي ان جي مڪمل سهولت فراهم ڪري ٿو ۽ اسين ان کي بار بار پڙهي به سگهون ٿا. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته “ڪتابن کان سواءِ گهر ايئن آهي جيئن روح کان سواءِ جسم.”
ڪتابَ اڀياس ۾ اسان جي ڪيئن مدد ڪري سگهن ٿا؟
جيئن اسين اڳ ۾ ئي چئي چڪا آهيون ته ڪتابَ ذهني مشق ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪن ٿا. پڙهڻ سان اسان جي يادداشت وڌي ٿي ۽ ساڳئي وقت اسان جي لفظن جي ذخيري ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. انهن شين جي ڪري اسان ۾ فهم ۽ فراست پئدا ٿئي ٿي.
اسان اڳ ۾ به ان جي نشاندهي ڪري چڪا آهيون ته اسڪولن ۾ به اسان کي تحريري مواد پڙهايو وڃي ٿو ۽ ان مان ئي امتحان ورتو وڃي ٿو. ٻوليءَ بابت ڄاڻ وڌائڻ جو جو اهو ڪارائتو وسيلو آهي. امتحان جي تياريءَ لاءِ به اسان کي ڪتاب ئي پڙهڻا پون ٿا.
ڪتابن جو مطالعو رياضي يا فزڪس جهڙن مضمونن کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدد پڻ ڪري ٿو. اهي اهڙا مضمون آهن جن کي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻي ذهني قوت، محنت ۽ سمجهه جي ضرورت پوي ٿي. پر ڪتاب انهن ڏکين مرحلن کي سمجهڻ ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿين ٿا. اڄ جي وقت ۾ هر ٽيسٽ لاءِ ڪارڪردگيءَ جي ضرورت پوي ٿي. ان جو مطلب ٿيو ته اسان کي سوالن جا ترت جواب ڏيڻا پوندا ۽ مسئلن جي حل لاءِ هروقت تيار رهڻو پوندو. امتحان جي وقت منٽ سون کان به وڌيڪ قيمتي هوندا آهن. ان جي ڪري ضروري ٿي پوي ٿو ته هر شاگرد سوالن کي نه رڳو جلد سمجهي پر انهن جي جواب ڳولڻ ۾ به ڦڙت هجي. هاڻي امتحان ۾ ڪاميابيءَ لاءِ به مطالعو اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو.
اسان کي ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن
سڀ کان پهرين ته اسان کي اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته اسين اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جتي جانور به پنهنجي خوراڪ لاءِ پسند جا ٻوٽا ڳولين ٿا. اهڙي ماحول ۾ هڪ انسان کي مطالعي جي معاملي ۾ تمام گهڻي احتياط جي ضرورت پوي ٿي. ان لاءِ ابتدائي طور تي ته اسان کي وڏن کان ئي مدد وٺڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اسين جنهن ماحول ۾ رهون ٿا اتي سچ، اخلاقي قدرن ۽ موقعن کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. ان کان هٽي ڪري ڏسجي ته اسان کي هر ان موضوع تي ڪتاب پڙهڻ گهرجن جنهن ۾ اسين سڀ کان وڌيڪ دلچسپي رکون ٿا.
ان بابت اسان جي پياري نبي صلي الله عليه وسلم جن جو هي فرمان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ته “آئون خدا کان هر اهڙي ڄاڻ کان پناهه گهران ٿو جنهن جو ڪو به فائدو نه آهي.” تاريخ جي مطالعي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هر اها قوم ۽ تهذيب تباهيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نوجوان نسل جي ذهن ۾ بيڪار ڄاڻ ڀريل رهي آهي. ان ڪري اهو ضروري ٿي وڃي ٿو ته اسان کي اهڙن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي جيڪي نه رڳو اسان جي ذهانت ۾ واڌارو ڪن پر اسان جي دل کي به سڪون بخشين. اسان کي اهو به نه وسارن گهرجي ته انسان کي جسم سان گڏ روح به عطا ڪيل آهي.
بدقسمتيءَ اسان جي آباديءَ جي اڪثريت کي ڪتابن جي مطالعي جي عادت ڪانهي. توهان ٿورو پنهنجي چئوڦير نظر ڊوڙايو ۽ ڏسو ته اهڙا ڪيترا ڪٽنب آهن جيڪي پاڻ مطالعي جو شوق رکن ٿا ۽ پنهنجن ٻارن کي به مطالعي لاءِ همٿائين ٿا. ان مان خبر پوي ٿي ته جيئڻ لاءِ خوراڪ ۽ پاڻيءَ سان گڏ جنهن اهم شيءِ جي ضرورت پوي ٿي ان کان اسين ڪيترو پري آهيون. والدين هڪ وڏي بنيادي غلطي اها ڪن ٿا ته هُو سمجهن ٿا ته سندن ٻارن جي علم لاءِ درسي ڪتاب ئي ڪافي آهن. هُو بس رڳو ٻارن کي اسڪول موڪلي اهو سمجهن ٿا ته سندن فرض پورو ٿي ويو. پر شايد اهو درست نه آهي، درسي ڪتابن ۾ رڳو بنيادي معلومات ئي هوندي آهي پر ماحول کي مڪمل طور سمجهڻ لاءِ ان کان وڌيڪ علم جي ضرورت پوي ٿي. سڀ کان اهم معلومات جيڪا اسان کي گهربل هوندي آهي سا آهي پنهنجي شخصيت بابت معلومات. ڇا اسان ڪڏهن پنهنجي وجود ۽ پنهنجي آخري منزل بابت به سوچيو آهي؟ هر گذرندڙ ڏينهن اسان کي موت ڏانهن وڌيڪ ويجهو ڪندو وڃي ٿو. ڇا ان ماحول ۾ اسين چئي سگهون ٿا ته اسان موت جي لاءِ مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي؟ اسين مسلمان آهيون ۽ اسان کي انهن مڙني معاملن بابت لازمي طور تي سوچڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي دين بابت مڪمل معلومات هجڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو غيرمسلم اسان کان اسان جي عقيدي متعلق ڪو سوال ڪري ته اسان کي ايتري ڄاڻ هجڻ گهرجي ته کيس اطمينان جوڳو جواب ڏئي سگهون. بدقسمتيءَ سان اڄ اسين مسلمان هجڻ جي دعويٰ ته ڪريون ٿا پر پنهنجي دين بابت مناسب ڄاڻ به نٿا رکون. هاڻي ان کان وڌيڪ فطري ڳالهه ٻي ڪهڙي هوندي ته جڏهن ڪو ٻار علم حاصل ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته کيس درسي علم سان گڏ مناسب ديني تعليم به ڏني وڃي.
ڪتاب پڙهڻ
قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پياري پيغمبر ﺾکي هيءُ چوڻ جي ترغيب ڏئي ٿو: “اي خدا، منهنجي علم ۾ واڌارو فرما ......” (طٰحٰه 114). هن ڪائنات جي رازن جي ادنيٰ ترين کان وٺي اعليٰ ترين ڄاڻ اسان کي خالق ڪائنات جي مدد سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو خدا پنهنجن ٻانهن کي دعا گهرڻ وقت علم ۾ واڌاري جي دعا گهرڻ جي به هدايت ڪري ٿو. ٻي مخلوقات جي ڀيٽ ۾ انسان اهڙي مخلوق آهي جيڪو مڪمل طور غافل پئدا ٿئي ٿو. بهرحال اسان کي اها سگهه عطا ڪيل آهي ته اسين تڪميل جي راهه تي هلندي هروقت ڄاڻ حاصل ڪندا رهون ٿا. انسان سڄي زندگيءَ ۾ ظاهري توڙي باطني دنيا ۾ ٿيندڙ حيرت انگيز واقعن کي سمجهڻ ۽ انهن جو مطلب تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. اسان جي اندر جي هورا کورا اسان جي ذهن ۾ پئدا ٿيندڙ سوالن جا جواب ڳولڻ ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي مجبور ڪري ٿي. اها اُڻ تُڻ اسان کي ان ذات ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي جيڪا ڪل علم الغيب جو به مڪمل علم رکندڙ آهي ۽ هر علم ۾ يڪتا آهي.
هڪ دلچسپ حقيقت اها به آهي ته قرآن شريف جي ابتدا ئي “اقراء” يعني پڙهه سان ٿئي ٿي. هتي اها وضاحت نه ڪئي وئي آهي ته ڪهڙي قسم جون لکڻيون پڙهه، جنهن مان اها مراد ورتي وڃي ٿي ته هر اهو علم حاصل ڪر جيڪو توهان جي تشنگي دور ڪري. سائنس، ادب، سوشيالاجي يا ٻيو ڪو به رخ جنهن بابت توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ان بابت پڙهو. قرآن جي ان ابتدائي هدايت مان اها به خبر پوي ٿي ته الله پاڪ جي ذات وٽ پڙهڻ جي ڪيتري اهميت آهي. ان مان اهو مطلب به نڪري ٿو ته علم جو ڪوبه ڇيهه نه آهي.
مسلمانن شروعات ۾ قرآن شريف جي ان هدايت کي سمجهيو ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مئدان ۾ حيرت انگيز ڪارناما سر انجام ڏنا. ان باري ۾ فرانز روزينٿل هيءُ دلچسپ بيان ڏنو “دنيا جي ڪنهن به مذهب علم ۽ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ مذهب ۽ سائنس کي سمجهڻ تي ايترو زور نه ڏنو آهي جيترو اسلام ڏنو آهي.” ان لاءِ هتي اسين اهي چند مثال پيش ڪرڻ چاهينداسين جن فرانز روزينٿل کي اها راءِ قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
اندلس جي سلطان الحڪم ڏور ڏيهن تائين سوداگر اماڻيا ۽ کين رقم به ڏني ته جتي به ڪو نئون ڪتاب ڏسن ته خريد ڪري کڻي اچن. انهن ڪتابن جو وڏو ذخيرو اندلس ۾ موجود هو. فرانس جي مشهور فزڪس جي ماهر پي. ڪيوري چيو “اندلس مان حاصل ڪيل 30 ڪتابن جي ڪري ئي اسين ائٽم کي تقسيم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پنج لک ڪتاب جن کي محفوظ ڪيو ويو هو انهن جي ڪري اڄ اسان لاءِ خلا جو سفر ممڪن ٿي سگهيو آهي.”
ڏهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪارڊوبا جي لائبريرين ۾ ڇهه لک ڪتاب موجود هئا. ٻئي طرف فرانس جي بادشاهه چارلس پنجم جي لائبريريءَ ۾ 900 ڪتاب موجود هئا. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته کيس يورپ جو سڀ کان تعليم يافته بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. بغداد ۾ مامون الرشيد جي لائبريريءَ ۾ ڏهه لک ڪتاب موجود هئا. اهو به هڪ ريڪارڊ آهي ته سندس ڏينهن ۾ بغداد جي ڪل آباديءَ جو ٽيون حصو مطالعي جو شوق رکندڙ هو.
جڏهن ترڪيءَ تي هارون الرشيد فتح حاصل ڪئي ۽ بازنطيني فوج کي مامون الرشيد شڪست ڏني ته هنن انهن ملڪن ۾ پڙهو ڏياريو ته جنهن وٽ به ڪي علمي ڪتاب آهن ته کڻي اچي کيس ان جو معاوضو ڏنو ويندو. ٻنهي بادشاهن سون جي سڪن بدران هٿ سان لکيل ڪتابي نسخن جي فرمائش ڪئي. سلطنت عثمانيه ۾ به ڪتابن کي ايتري ئي اهميت حاصل رهي. ملڪن جي فتح وقت سلطنت عثمانيه جي بادشاهن اتي موجود ڪتابن جون فهرستون گهريون هيون. اهو به چيو وڃي ٿو ته بادشاهه سليم اول جڏهن مصر تي ڪاهه ڪئي هئي تڏهن ساڻس گڏ هڪ اٺ به هو جنهن تي صرف ڪتاب لڏيل هئا.
هاڻي اچو ته ٿورو اڄ جي دنيا تي غور ڪريون، بدقسمتيءَ سان مسلمان جي حيثيت ۾ اسان جي پڙهڻ ڏانهن ايتري رغبت نه آهي جيتري اسان جي وڏن جي هئي. اڄ اسان جي ڪتابن ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي، اڄ اسين ڄاڻ لاءِ ٽيليويزن کي ترجيح ڏيون ٿا ۽ ان وسيلي جيڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي سا رڳو 15 سالن جي عمر جي ٻارن جي سطح جي آهي. ٽي ويءَ ذريعي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ان ڪري ڏکيائي پيش اچي ٿي جو اسڪرين تي هلندڙ تصوير اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿي جنهنڪري يڪسوئي برقرار نٿي رهي. ٻئي طرف وري مخصوص نظريا رکندڙ ڌريون ان ڄاڻ تي اثرانداز پڻ ٿين ٿيون. ان لحاظ کان ڪتاب ئي ڄاڻ جو بهتر وسيلو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڏسجي ته ميرِڪ جنهن ڏينهن رات ڪتاب پڙهڻ جي ڪري پنهنجي اکين جو نور وڃائي ڇڏيو ۽ علي اميري آفندي جنهن چيو “اهڙيون ڪئين راتيون منهنجي زندگيءَ ۾ گذريون آهن جڏهن ڪتاب پڙهندي پڙهندي مون کي سج اڀري ويو هجي.” اهي ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته مطالعي جي ڪيتري اهميت آهي.
اڄ جي ماڻهن جي ذهن تي رڳو روزمرهه جي اهڙين ڳالهين جو غلبو آهي جن مان ڪجهه به حاصل ڪري نٿو سگهجي. تعليم جي ته ڪڏهن به منع نه ڪئي وئي آهي اسان کي ته پينگهي کان قبر تائين تعليم حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بهتر آهي اسين ٽي وي تي رنگين تصويرون ڏسڻ کان ڪجهه مهلت حاصل ڪري اهو وقت ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاريون.
توهان ڏٺو هوندو ته اهڙا ماڻهو جن ۾ مطالعي جي عادت آهي تن جي شخصيت ٻين کا ڪجهه الڳ هوندي آهي ۽ هُو جڏهن ڳالهائيندا آهن ته سندن لهجو اثرائتو ۽ وزندار هوندو آهي. هنن وٽ لفظن جي کوٽ نه هوندي آهي ۽ نه ئي وٽن معلومات جي ڪا ڪمي هوندي آهي. هو ڏاڍا ڪارآمد نظر ايندا آهن ۽ نئين سوچ نوان خيال رکندڙ هوندا آهن.
مطالعي جو هڪ ٻيو رخ
انسانذات جي لاءِ تعليم تمام گهڻي اهميت رکي ٿي ۽ ان سان ئي اسين پنهنجي پاڻ بابت آگاهي حاصل ڪري سگهون ٿا. زندگيءَ جي بهتر رٿابنديءَ جو واحد ذريعو تعليم ئي آهي. تعليم اسان کي سماج ۾ هڪ مقام ڏياري ٿي. ابتدائي تعليم کان يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪرڻ تائين 15 سالن جو عرصو لڳي ٿو ۽ ڀرپور تياريءَ لاءِ اهو تمام گهڻو وقت آهي. اسان جي مذهب ۾ موت کان پوءِ واري زندگيءَ جو به ذڪر آهي تعليم ان جي تياريءَ ۾ به مدد ڪري ٿي. مطلب ته مذهبي لحاظ کان به تعليم تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. هر مسلمان لاءِ ضروري بڻجي وڃي ٿو ته پنهنجي آخرت اجارڻ لاءِ علم حاصل ڪري. جيڪڏهن علم مثبت هوندو ته اڳتي ان جو نتيجو به مثبت ئي ملندو ۽ جيڪڏهن علم منفي هوندو ته اڳتي ان جو نتيجو به منفي ئي ملندو. اسان کي آخرت ۾ ئي خبر پوندي ته اسان پنهنجو وقت اجايو وڃائي ڇڏيو ۽ علم حاصل ڪرڻ کان غافل رهياسين. اسان کان پڇاڻو ٿيندو ته اسان دين بابت ڪيتري آگاهي حاصل ڪئي. آخرت ۾ ڏمر جو شڪار ٿيڻ کان بهتر آهي ته اسين دنيا ۾ ديني علم به حاصل ڪريون. اهو اسان جي لاءِ ضروري آهي ته دنياوي علم سان گڏ ديني تعليم پڻ حاصل ڪريون. موت هڪ وڏي سچائي آهي ۽ اهو هر ڪنهن لاءِ ضرور اچڻو آهي. اسان کي ان لاءِ هروقت تيار رهڻ کپي.
حتمي لفظ
اسان تعليم جي اهميت ۽ افاديت تي ته گهڻو ڪجهه ڳالهايو ۽ هاڻي اچو ته ان جا ڪجهه مثال پيش ڪريون: 1945ع جي آخر ڌاري جاپان هڪ تباهه حال ملڪ هو. آمريڪا جي ائٽمي حملن سڄي ملڪ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو هو. اڄ جاپان ايتري ته ترقي ڪئي آهي جو آمريڪي معيشت تي به غلبو حاصل ڪري ورتو آهي. ان مان اندازو لڳايو ته جاپان ۾ رڳو هڪ اخبار جون روزانو 11 ملين ڪاپيون وڪامن ٿيون جڏهن ته سڄي ترڪيءَ ۾ سمورين اخبارن جون ڪل 4 ملين ڪاپيون وڪامن ٿيون. يعني جيڪي پڙهڻ جو شوق رکن ٿا سي جلد ئي ڏکين حالتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ خوشحالي سندن منتظر رهي ٿي.
سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ جڏهن سلطان سليم اول اڃا شهزادو هو تڏهن هو 3 ڪلاڪ سمهندو هو ۽ 8 ڪلاڪ پڙهندو هو. اڄ جي هڪ سروي مطابق ترڪيءَ ۾ پڙهيل نوجوانن جي 69 سيڪڙو کي ڪتاب جو عنوان به ياد نه هوندو آهي. لينن جنهن عظيم روس جو بنياد وڌو سو سائبيريا جي رت ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ ڪارل مارڪس جا لکيل ڪتاب پڙهندو هو. هاڻي اسان جو پنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ دنيا جي قديم ۽ حسين ترين تهذيب جا وارث هجڻ جي باوجود اسان جي علم ڏانهن ڪا خاص رغبت نه آهي. علم کان سواءِ اسين پنهنجي ڄاڻ کي عمل ۾ ڪيئن بدلائي سگهنداسين؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين پنهنجي پاڻ کان علم بابت ضرور سوال ڪريون ۽ جيڪڏهن مناسب سمجهون ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ مطالعي جو شوق پئدا ڪريون.