باب پنجون
[/b] بسم الله، يعني شروع الله جي نالي سان ۽ ان پاڪ نالي سان هر ڪم جي شروعات بهتر رهي ٿي. اسان کي گهرجي ته ان تي مڪمل طور عمل ڪندا رهون. اهو اکر مسلمانن جي سڃاڻپ آهي ۽ ان کي پڪو ڪري ڇڏيو. پنهنجي دل ۽ زبان سان ان جو ايترو ورد ڪريو جو هر ڪم ۾ توهان جي زبان مان بي اختيار بسم الله جو اکر نڪري.
قديم زماني ۾ عربن جو اهو دستور هوندو هو ته هُو ڪنهن نه ڪنهن نامياري سردار جي نالي تي سفر ڪندا هئا ۽ ان جي بدلي سردار کي ڪجهه معاوضو ڏيندا هئا. خاص طور تي صحرا جي سفر وقت ڌاڙيلن جو خوف زياده هوندو هو ان ڪري ڪنهن سردار جي نالي تي سفر ڪرڻ جو مطلب سلامتي هوندو هو. ان وقت ۾ ٻه ڄڻا سفر تي سنڀريا. منجهانئن هڪ عجز ۽ انڪسار وارو شخص هو جڏهن ته ٻيو تمام مغرور ۽ هٺيلو هو. عاجز شخص هڪ مقامي سردار جي نالي تي سفر ڪري رهيو هو ۽ هٺيلو شخص پنهنجي نالي سان سفر تي هو. ڪجهه پنڌ ته آرام سان گذري ويو پر جڏهن هُو ڌاڙيلن جي حد ۾ داخل ٿيا ته عاجز شخص ته سردار جو نالو وٺڻ تي ڦرلٽ کان بچي ويو ۽ هٺيلو شخص پنهنجي هوڏ تي هليو ۽ الهه تلهه وڃائي ويٺو. اڳتي سفر ۾ ڪٿي رات پوندي هئي ته عاجز شخص کي هر سهولت ملي ويندي هئي پر مغرور شخص اتي به پريشان رهندو هو. هاڻي سفر ته ساڳيو هو پر هڪ جي حالت بهتر ۽ ٻئي جي ابتر هئي.
سو اي مغرور انسانو! ٻڌو ته جيڪڏهن توهان کي مقامي سردارن جي نالي تي ايتريون سهولتون ملي سگهن ٿيون ته هن ڪائنات جي مالڪ جي نالي سان ابتدا ڪرڻ تي توهان ان کان به وڌيڪ سهولتون ملي سگهن ٿيون. توهان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي ته پاڻ کي خدا جا ٻانها ثابت ڪريو. جيڪڏهن توهان خدا جا عاجز ٻانها ٿي رهندا ته توهان کي ڪنهن جي به اڳيان هٿ ڊگهارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. ڇاڪاڻ ته خدا ازل ۽ ابد جو مالڪ آهي.
“شروع الله تعاليٰ جي نالي سان” جي اکرن ۾ ايتري قوت آهي جو جيڪڏهن توهان جو ايمان پختو هوندو ته توهان کي ڪنهن جو به خوف نه رهندو. بسم الله جي اکر کي ايترو ته پڪو ڪريو جو اها توهان جي عاد ت بڻجي وڃي. ان سان اسين خدا جي ثنا ۽ ساراهه به ڪنداسين ته پاڻ کي محفوظ به بڻائينداسين. وڻ، ٻوٽا، جانور، پکي مطلب ته هر شيءِ خدا جي ساراهه ۾ مشغول رهي ٿي. جڏهن توهان خدا کي ياد رکو ٿا خدا به توهان کي ياد رکي ٿو.
سوال: اسان کي جڏهن ڪو ماڻهو ڪا خدمت فراهم ڪري ٿو ته اسين کيس ان جو اجورو ڏيون ٿا، ڇا خدا کي به ڪو اجورو ڏيڻو پوندو؟
جواب: ها بلڪل پر اهو اجورو رقم يا دولت جي شڪل ۾ نه هوندو پر صبر، شڪر ۽ عاجزيءَ جي شڪل ۾ هوندو. مطلب ته اسين ڪنهن به ڪم جي شروعات جيڪڏهن “بسم الله” سان ڪريون ٿا ۽ ختم “الحمد لله” تي ڪريون ٿا ته ان ۾ برڪت وجهڻ خدا جو ڪم آهي. شروعات ۾ عاجزي آهي ۽ خاتمو شڪر تي آهي. اهي ڪجهه اهڙا اکر آهن جن لاءِ اسان کي ڪا گهڻي محنت به نه ڪرڻي پوندي پر انهن جو ڦل مڙني کان مٿانهون آهي.
ٻيو لفظ
شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. اهي جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا.
خدا تي پختو يقين رکڻ سان ڪيتري خوشي ملي ٿي ان لاءِ اچو ته هيءَ ڪهاڻي پڙهون:
ٻه ڄڻا سفر تي سنڀريا. ٻنهي چاهيو ٿي ته گهمجي ۽ واپار به ڪجي. هڪ شخص انتهائي مغرور ۽ خود غرض هو ۽ ٻيو نيڪ ۽ شريف انسان هو. اتفاق سان ٻئي هڪٻئي کان الڳ روانا ٿيا ۽ ساڳئي ئي ملڪ ۾ وڃي پهتا. ٻنهي کي هڪٻئي جي موجودگيءَ جو علم نه هو.
مغرور شخص جڏهن اتي پهتو ته کيس هر طرف ظلم ۽ تباهي نظر آئي. هر شخص خوف جو شڪار نظر آيو هن جيڏانهن نظر ٿي ڊوڙائي ته کيس رڳو پريشاني نظر ٿي آئي. سڄي ملڪ ۾ ڄڻ ته روڄ راڙو متل هو. نه ڪو نفعي وارو ڪاروبار نظر آيو ۽ نه ئي ڪا دل وندرائڻ جي جاءِ مليس. بس رڳو شراب پيئندو رهيو. جيڪو مال کڻي ويو سو سڀ ئي خرچ ٿي ويس ۽ خالي هٿين واپس وطن وريو.
نيڪ دل شخص جڏهن ان ملڪ ۾ پهتو ته کيس هر طرف سک ۽ شانتي نظر آئي. هر ماڻهو ڏاڍو خوش هو ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ۾ اڳڀرو نظر ٿي آيو. ملڪ به ڏاڍو شاداب ۽ سکيو ستابو لڳو. مزي سان گهميو ۽ واپار ۾ به خوب نفعو ڪمايائين. وطن واپسيءَ تي ٻنهي هڪ ٻئي سان حال اوريو ته حيران رهجي ويا ٻئي ساڳئي وقت ساڳئي ملڪ جي ساڳئي ئي شهر ۾ هئا. ان تي نيڪ دل شخص ان مغرور ماڻهوءَ کي چيو ته هاڻي ته توکي خبر پئجي وئي هوندي ته جنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ جيڪي ڪجهه هوندو آهي سو ئي کيس ٻاهر به نظر ايندو آهي.
محترم دوستو! هاڻي توهان سمجهي ويا هوندا ته جن جي اندر ۾ ايمان جي روشني، صبر، شڪر ۽ قناعت هوندي آهي تن لاءِ ٻاهر به هر سهولت موجود هوندي آهي. جن جي اندر ۾ لالچ، لوڀ، غرور ۽ هٺ هوندو آهي تن کي ٻاهر به اهو ئي ڪجهه ملندو آهي. پنهنجون نيتون نيڪ رکو ته ڪابه ڏکيائي درپيش نه ايندي.
ٿورو غور ڪريو ته هروقت ۽ هرپل دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ ٻانگ يعني خدا جو نالو پڪاريو وڃي ٿو. انڊونيشيا کان فجر جي ٻانگ شروع ٿي اڃا ترڪي مس پهچي ٿي ته اڳين نماز جي ٻانگ انڊونيشيا ۾ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ آمريڪا ۾ اڃا سومهڻيءَ جي ٻانگ پئي هلندي آهي ته سوماٽرا ۾ وري فجر جي ٻانگ شروع ٿي ويندي آهي. مطلب ته ڪوبه پل اهڙو نه آهي جڏهن دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ “الله اڪبر” جو آواز نه گونجندو هجي. اها رڳو خدا جي واحد ذات آهي جنهن جي هر پل ايتري ثنا ٿئي ٿي.
[b]1. گاڏين جي تياريءَ تي غور ڪريو
[/b]اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ اڄڪلهه ڪارن جي تمام گهڻي اهميت آهي. رستن تي اسان کي عام ڪارن کان وٺي اسپورٽس ڪارن تائين مختلف گاڏيون نظر اچن ٿيون. اهو طئه آهي ته هر ڪار جو هڪ ڊزائنر هوندو آهي. انجنيئر کان وٺي استعمال ڪندڙ تائين اسين ڏسنداسين ان ۾ تمام گهڻن ماڻهن جو عمل دخل نظر ايندو. اسين هيڊ لائيٽ کي ڏسون ته جيڪڏهن ايڊيسن بلب ايجاد نه ڪري ها ته اڄ هيڊ لائيٽ به موجود نه هجي ها. هيڊ لائيٽ گاڏيءَ جي گهڻ رخي ميڪنزم جو انتهائي ننڍڙو حصو آهي. رٻڙ جي ٽائرن بابت ڇا خيال آهي جيڪي پيٽروليم جي مصنوعات ۾ شمار ٿين ٿا. پلاسٽڪ جي تياري ڪيڏو نه ڏکيو عمل آهي. درين جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ان ٽيڪنالاجيءَ کي اڄوڪي معيار تائين پهچائڻ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جون محنتون شامل آهن. هڪ انجنيئر جي لاءِ اهي شيون گهڻي اهميت نٿيون رکن، هو ته بس پنهنجي ڊزائن جي لاءِ بهتر شين جي تلاش ڪندو آهي ۽ اهي ڪيئن ٺهن ٿيون ان تي گهڻو ڌيان نه ڏيندو آهي. ٽائر گول هوندا آهن ڇاڪاڻ ته رستي تي هلڻ لاءِ اها ئي مناسب ڊزائين آهي. اڳئين حصي ۾ طاقتور هيڊ لائٽس لڳل هونديون آهن ڇاڪاڻ ته رات جو ڊرائيور کي انهن جي ضرورت پوي ٿي. گاڏين ۾ هارن لڳل هوندو آهي ته جيئن پيادل هلندڙن کي هوشيار ڪيو وڃي ته هو گاڏيءَ کي رستو ڏين. اهي گاڏيون اهڙيءَ طرح تيار ڪيون وينديون آهن جو انهن ۾ سرديءَ ۽ گرميءَ کان بچاءُ جو انتظام به هوندو آهي. مطلب ته ماڻهوءَ جي هر ضرورت ۽ حفاظت کي نظر ۾ رکي ڪارون تيار ڪيون وينديون آهن. گاڏين جي تياريءَ بابت اڃا به گهڻا ئي مثال ڏئي سگهجن ٿا. هتي ياد رکڻ جي رڳو اها ڳالهه هوندي آهي ته انجنيئر کي آرام پهچائيندڙ شين ۽ استعمال ڪندڙن جي ضرورتن جي مڪمل ڄاڻ هوندي آهي ۽ ان سان گڏ نئين ايجادن تي به نظر هوندي آهي.
اها ته هئي گاڏين جي تياري هاڻي اچو ته انساني جسم جي ميڪانيڪي نظام تي ڪجهه نظر وجهون. جنهن کي سلامت رهڻ لاءِ توانائيءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيئن گاڏين کي توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پيٽرول پمپن جو رخ ڪرڻو پوندو آهي تيئن ماڻهن کي وري توانائي جي پورائي لاءِ ٻوٽن ۽ جانورن کان مدد وٺڻي پوي ٿي. انساني جسم جي لاءِ ساهه جي به سڀ کان گهڻي اهميت آهي. انسان جي ڦڦڙن کي جيتريقدر آڪسيجن ۽ ٻين گئسن جي ضرورت هوندي آهي ان جو انتظام فضائي ماحول ڪندو آهي. حياتيات جي ڪامل انجنيئر کي ان جي اڳواٽ ئي ڄاڻ هئي، جنهن جي ڪري هن سڄو ماحول ان جي حساب سان تيار ڪيو. پاڻي به جياپي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اسان جي جسم کي پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي. جيئن ڪار جي انجڻ کي ٿڌو رکڻ لاءِ پاڻي تمام ضروري هوندو آهي تيئن انسان جي جسم لاءِ به پاڻي ضروري آهي. ڪامل انجنيئر کي پاڻيءَ جي معيار ۽ مقدار جي به خبر هئي.
اهو ته ان سڄي تخليق جو رڳو هڪ رخ آهي. زبان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ ان ۾ رڳو ذائقو چکڻ جي صلاحيت نه هجي ها ته اسين لذيذ ميون ۽ غذائن جو لطف حاصل نه ڪري سگهون ها. هاڻي ڏسو ته مختلف ٻوٽن جي لڳ جو واحد ذريعو ماکيءَ جي مک آهي. سمورن ٻوٽن کي جيڪڏهن ان جو علم به هجي ها تڏهن به اهي سڀ گڏجي رڳو هڪڙي ماکيءَ جي مک به نٿا ٺاهي سگهن. بهرحال انسان کي ايترو علم ۽ هنر عطا ڪيو ويو آهي جو هو مختلف شين تي حاوي ٿي سگهي ٿو. ڪار انجنيئر ته رڳو هڪ شعبي متعلق ئي معلومات حاصل ڪري ٿو پر هيءَ فضا، سج، چنڊ، تارا، روشني، سردي، گرمي، ماحول، گئسون ۽ ٻيون زندگيءَ لاءَ ضروري شيون مطلب ته هر شيءِ جي ڪامل ڄاڻ رکندڙ هستيءَ بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ اهو ڪيترو وسيع علم آهي جنهن جي قادر مطلق کي ڪائنات جي تخليق کان به اڳ ۾ ڄاڻ هئي ۽ ان جي ڪري انهن مڙني شين کي نظر ۾ رکي هيءَ ڪائنات خلقي ڇڏيائين ۽ ان جو نظام پنهنجي هٿ ۾ کنيائين ته جيئن ڪٿي ڪا خرابي پئدا نه ٿئي.
[b]2. وچئين جُڳ کي روشن بڻائيندڙ
[/b]ڪارل مئگني (742ع کان 814ع) وچئين جُڳ جو ناميارو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن کي لکڻ پڙهڻ بلڪل نه ايندو هو. هن علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. تنهن زماني ۾ روم جي بادشاهت جو مرڪز استنبول هو ۽ ان جي حالت به ڪا گهڻي مختلف نه هئي. يونان ۾ تن ڏينهن ۾ تعليم رڳو ارسطو ۽ ٻين جي قديم ڪتابن تائين محدود هئي. ان دوران ڪا مثبت تبديلي آئي ته اها به ليون VI (911ع) جي ڏينهن ۾ ڏسڻ ۾ آئي جنهن رياضيءَ جي تعليم تي ڪي قدر ڌيان ڏنو. ساڳئي زماني ۾ هارون الرشيد (763 کان 809) جنهن نه رڳو علم جي ذخيرن کي محفوظ بڻايو پر ان کي ترقي به ڏياري. هُن ڪارل مئگني کي هڪ گهڙيال جو تحفو موڪليو هو ۽ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اهو گهڙيال يونانين لاءِ اچرج جهڙي شيءِ هئي.
جنهن زماني ۾ دنيا غفلت جو شڪار هئي تن ڏينهن ۾ اسلامي سلطنت ۾ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ مسلمانن جي سائنس، فلڪيات، رياضي ۽ جاگرافيءَ جي مئدان ۾ خاطرخواهه اڳڀرائي جاري هئي.
خليفي مامون الرشيد (786ع کان 833ع) جي ڏينهن ۾ بغداد ۾ “بيت الحڪمت” جي نالي سان هڪ وڏي لائبريري ۽ فلڪيات جي مشاهدي لاءِ هڪ وڏي رسدگاهه قائم هئي، جنهن ۾ طاقتور دوربينون لڳل هيون. ڌرتي ۽ سج جي جهڪاءُ بابت تمام اهم انڪشاف سامهون اچي رهيا هئا. زمين جي 23 ڊگري جهڪاءُ جي تصديق به انهن ڏينهن ۾ ڪئي وئي. بغداد ۾ سيارن جي گردش جا تفصيل ظاهر ڪندڙ چارٽ ٺاهيا ويا ۽ دنيا جو نقشو تيار ڪيو ويو. رياضي دانن حساب لڳائي زمين جي ڊگهائي ڦاڪ جي ڊيگهه جو تعين 123300 ميٽر ڪڍيو. اهو موجوده ڊيٽا کان رڳو 2360 ميٽر گهٽ آهي يعني غلطيءَ جو مارجن صرف 2 سيڪڙو آهي. بهرحال اهي ابتدائي انگ اکر ئي هئا جن زمين جي ڪل ڊيگهه ۽ ويڪر معلوم ڪرڻ ۾ سائنسدانن کي ابتدائي انگ اکر مهيا ڪيا ۽ رهنمائي ڪئي.
800ع ڌاري ٻه مسلمان سائنسدان موجود هئا جن جا طئه ڪيل قاعدا اڄ به ساڳي اهميت رکن ٿا. الڪندي نالي هڪ مسلمان سائنسدان هو جيڪو ڪوفي ۾ ڄائو هو. هُن جو چوڻ هو: “خلا، وقت، مادو ۽ حرڪت مان ڪوبه ٻئي کان اڳ ۾ وجود ۾ نه آيو آهي. اهي سڀ هڪٻئي جو لازمي جز آهن ۽ هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا آهن.” قرآ شريف ۾ به آيل آهي “جيئن مادو ۽ وقت پئدا ٿيا آهن ته انهن جي انتها به آهي ۽ اهي سڀ ڪنهن خالق ڏانهن اشارو ڪن ٿا.” اهائي آيت هئي جنهن الڪندي کي مجبور ڪيو ته هو ان جي مڪمل تحقيق ڪري. آئنسٽائن واري THOERY OF RELATIVTY به الڪندي جي ڪم جي تصدق ڪري ٿي.
لڳ ڀڳ هڪ هزار سال اڳ ۾ عباسي خلافت جي ڏينهن ۾ جابر بن حيان نالي هڪ شخص هوندو هو جيڪو حران نالي هڪ مدرسي ۾ ڪيمسٽري ۽ فزڪس پڙهائيندو هو. هڪ ڀيري هن ٻاهران آيل شاگردن کي ليڪچر ڏيندي چيو هو “مادو هڪ ڪثيف قوت آهي ۽ يوناني فزڪس جي ماهرن جي اها راءِ غلط آهي ته مادو هڪ مختصر حصي تائين ورهائجي سگهجي ٿو. ان جي مختصر حصي (ائٽم) کي به ورهائي سگهجي ٿو ۽ ان مان ايتري قوت خارج ٿيندي جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي. الامان الحفيظ، اها ايتري خطرناڪ قوت هوندي جو سڄي بغداد کي تباهه ڪري سگهي ٿي.”
قرآن شريف جي اها وضاحت ته مادي جو ننڍڙو حصو به ننڍڙن ذرن تي مشتمل آهي ۽ ان جابر بن حيان کي ڪوانٽم فزڪس جو ابو بڻائي ڇڏيو. ابن حيان جي مدرسي ۾ رياضي، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ نيچرل سائنس پڙهائي ويندي هئي. جابر بن حيان کي تڏهوڪي خليفي هارون الرشيد ان مدرسي جو سربراهه مقرر ڪيو هو. جابر بن حيان ڪل 826 ڪتاب لکيا. جن مان 112 اپلائيڊ فزڪس، 70 ٿيوريٽيڪل ڪيمسٽري ۽ 144 معدنيات ۽ اهڙين قوتن بابت هئا جن جي فزڪس يا ڪيمسٽري ۾ وضاحت ڪرڻ ممڪن نه هئي. ان کان سواءِ 500 ڪتاب ٿيوريٽيڪل فزڪس، ڪيمسٽري، فلڪيات، فلسفي ۽ مذهبن جي تاريخ بابت هئا.
جابر بن حيان ان جي به نشاندهي ڪئي هئي ته ائٽمي قدر ۾ تبديليءَ سان مادي جي هئيت ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. هُن ان تي به دليل ڏنا ته ڌاتو جي ائٽمي قدر ۾ تبديليءَ سان اهو ٻي ڌاتوءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. هُن آپٽڪس جا قاعدا به ترتيب ڏنا ۽ لينس جي ٿيوري به جوڙي هئي. هُن سج جي روشنيءَ کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آرسين جو به سهارو ورتو.
مغرب جي سائنسدانن جابر بن حيان کي هن وقت تائين جي 12 انتهائي ذهين سائنسدانن ۾ شامل ڪيو آهي. جابر بن حيان آلجبرا جو به بنياد وجهندڙ هو ۽ الجابر جي نالي جي مناسبت سان ان کي الجبرا چيو وڃي ٿو.
ان زماني هڪ ٻي اهم شخصيت عمر خيام (1016ع کان 1123ع) به هو. هُو دانشور، شاعر ۽ جج هو. هُن کي مذهب کان باغي سمجهيو وڃي ٿو پر اها ڳالهه درست نه آهي. عمر خيام آلجبرا جون مساوات ۽ حل ۽ ڪيوبڪ مساوات به پيش ڪيون. خيام n=2,3,4 … جي ٿيوري به پيش ڪئي جيڪا نيوٽن جي فارمولا سان مشابهت رکي ٿي. هُن ٽڪنڊي جي ڪاٿي جو فارمولا به پيش ڪيو هو. اڄ اسين ٽڪنڊي بابت پاسڪل جي ٿيوري تي عمل ڪريون ٿا جڏهن ته پاسڪل يا نيوٽن کان به 500 سال اڳ عمر خيام انهن ٿيوريز تي ڪم ڪيو هو.
عمر خيام اسڪوائر روٽ ۽ ڪيوبڪ روٽ جا فارمولا به پيش ڪيا. ڪيوبڪ مساوات بابت سندس ڪتاب 52 صفحن تي مشتمل آهي. خيام پهريون شخص هو جنهن آلجبرا کي جاميٽريءَ جي مساوات ۾ استعمال ڪيو هو. عمر خيام اڪليدس جي جاميٽريءَ جي اصولن تي ڪيترا ئي سوال اٿاريا ۽ جاميٽريءَ متعلق نيون ٿيوريز به پيش ڪيون. پوءِ اهي ٿيوريز ترڪيءَ جي نصيرالدين طوسيءَ استعمال ڪيون ۽ ان کان پوءِ مغرب تائين پهتيون. عمر خيام جا فلڪيات متعلق به ڪافي ڪتاب لکيل آهن.
تاريخ شاهد آهي ته اهڙا ڪيترائي بادشاهه گذريا آهن جن تعليم ۽ سائنس تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو. پر رڳو هڪ ئي بادشاهه اهڙو آهي جيڪو سائنسدان به هو. اهو عظيم ترڪ بادشاهه علوف بي (1394ع کان 1449ع) هو جيڪو ستاره شناس ۽ فلڪيات جو ماهر به هو. علوف بي جي ستارن ۽ فلڪيات بابت جدول کي “زائچ” چيو ويندو هو ۽ ان کي بطليموس جي جنتريءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي مڃيو وڃي ٿو. علوف بي جي جدول ۾ 1018 ستارن جي نشاندهي ۽ انهن جي هنڌ جي وضاحت ڪيل آهي. اها جدول سن 1437ع ۾ مڪمل ڪئي وئي. چيو وڃي ٿو ته سترهين صدي عيسويءَ تائين ان جدول کي بلڪل ٺيڪ ۽ غلطين کان پاڪ سمجهيو ويندو هو. علوف بي جو استاد ڪديزاد رومي هو جنهن کي پنهنجي وقت جو افلاطون چيو ويندو هو. ايازالدين جمشيد سان گڏجي هُن سمرقند ۾ هڪ رسدگاهه به قائم ڪئي هئي. ان رسدگاهه ۾ زمين، عطارد، زهره، مريخ، مشتري، زحل، يورينس ۽ ٻين گرهن جو مشاهدو ڪيو ويندو هو.
ستين صدي عيسوي ۾ اناطوليه ۾ ٻه ڊزن اسپتالون هونديون هيون. ساڳئي وقت ۾ صوفين جا به آستانا هوندا هئا جتي روحانيت ذريعي ماڻهن جو طبي ۽ نفسياتي علاج ڪيو ويندو هو. پندرهين صدي عيسوي ۾ فاتح سلطان محمد (1431ع کان 1481ع) استنبول ۾ سن 1453ع ۾ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي جنهن ۾ طب ۽ جاميٽريءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. وقت سان گڏ ان ۾ فلڪيات به پڙهائي وڃڻ لڳي. علوف بي جي وفات کان پوءِ فاتح سلطان محمد سندس شاگرد علي ڪسڪو کي يونيورسٽيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو، جيڪو پوءِ سندس وقت جو ناميارو سائنسدان بڻيو. هن فلڪيات بابت گهڻو ڪم ڪيو ۽ ڪافي ڪتاب پڻ لکيا.
جارج سارٽن “انٽروڊڪشن ٽو دي هسٽري آف سائنس” نالي پنهنجي ڪتاب ۾ سائنس جي ترويج ۾ مسلمان سائنسدانن جي ڪيل ڪم جا سوين حوالا ڏنا آهن. وچئين جُڳ جي مسلمان سائنسدانن ۽ عالمن انسانيت جي ڀلائي ۽ دلين کي يڪجا ڪرڻ لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. اڄ جي سائنس ۾ به سندن ڪم کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ۽ ان مان تمام گهڻي مدد به ورتي وڃي ٿي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مسلمانن ۾ سائنسي اصولن بابت تحقيق جو اتساهه قرآن شريف پئدا ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ تمام گهڻي رهنمائي به ڪئي.
[b]3. زندگيءَ ڏانهن موٽ
[/b]هتي هڪ حقيقي واقعو پيش آهي. بظاهر ته اهو تمام سادو واقعو آهي پر غور ڪرڻ سان ان تي توهان کي تمام گهڻي حيرت ٿيندي. جڏهن ڪا ڇپ رڍن جي ڌڻ ڏانهن ايندي نظر اچي ٿي ته ريڍار کين بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو، يا ته ڇپ جو رخ موڙي ڇڏي ٿو يا وري ڌڻ کي اتان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. زندگيءَ ۾ اسان کي اهڙا ڪئين واقعا پيش اچن ٿا جڏهن اسان کي نقصان رسڻ جو يقيني انديشو پئدا ٿي ويندو آهي پر اوچتو ڪا غيبي قوت اسان کي ان کان بچائي وٺندي آهي. اسان کي ان تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي. هاڻي اچو ته هڪ اهڙي شخص جو قصو ٻڌون جنهن جي زندگي هڪ واقعي بدلائي ڇڏي:
مون کي جڏهن هوش آيو ته منهنجي جسم جو انگ انگ ڏکي رهيو هو ۽ مون کي پنهنجو مٿو تمام گهڻو ڳرو محسوس ٿي رهيو هو. آئون زمين تي پيل هئس ۽ اتي تمام گهڻي اونداهه هئي. مون جيئن سڌو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهنجو مٿو وڃي ڪنهن ڪاٺ سان ٽڪرايو. منهنجون اکيون پوريون کليل هيون پر مون کي ڪجهه به نظر نه اچي رهيو هو. منهنجي ذهن ۾ ان جي ڪري تمام گهڻو خوف پئدا ٿيو ۽ آئون سڄو پگهر ۾ ٻڏي ويس.
بهرحال آئون جنهن جاءِ تي پيل هئس مون ان جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو منهنجي ذهن ۾ موت جو خوف اچي جاڳيو ۽ منهنجي سڄي بدن ۾ ڊپ جي هڪ لهر پئدا ٿي ۽ پکڙجڻ لڳي. جڏهن مون ان خوفناڪ جاءِ بابت سوچڻ شروع ڪيو ته ٿوري دير لاءِ پنهنجي وجود جو به احساس نه رهيو. مون کي محسوس ٿيو ته منهنجا هٿ پير ڪم نه پيا ڪن ۽ منهنجي دماغ ۾ ڄڻ ته لکين ماڪوڙيون پيون سُرن.
پر هاڻي منهنجا حواس ڪم ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون کي يقين ٿي ويو ته آئون قبر ۾ آهيان ۽ منهنجو مٿو قبر جي مٿان رکيل ڪاٺ جي ڏڪن سان ٽڪرايو هو. آئون اهڙي هنڌ پيل هئس جتي منهنجا پاڙيسري ڪينئان، گڏرون، جيت ۽ ماڪوڙيون هيون. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته آئون مري چڪو آهيان ته پوءِ دنياوي زندگي پوري ٿي، هاڻي موت کان پوءِ واري زندگي شروع ٿيڻ واري هوندي ۽ اجهو ٿا ملائڪ پڇاڻو ڪرڻ اچن. مون کان منهنجي ڏوهن گناهن جي پڇا ٿيندي. مون کي به گهڻو ڪجهه ياد اچي رهيو ۽ دنيا ۾ ڪيل گناهه به ياد آيم. هاڻي ته منهنجو جسم به سُن ٿيڻ لڳو هو ۽ وقت ڄڻ ته هڪ هنڌ رڪجي ويو هو.
مون جيئن ئي اکيون بند ٿي ڪيون ته منهنجي آڏو منهنجا گناهه اچي ٿي ويا جن کي هن وقت مون ياد ڪرڻ نٿي چاهيو. اوچتو مون کي پنهنجي زندگي اجايو وڃائڻ تي سخت افسوس ٿيڻ لڳو پر هاڻي ته اهو سڀڪجهه بيڪار هو. هاڻي ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. زمين تي مون کي پنهنجي 33 ورهين جي زندگيءَ ۾ ڪيل ڪوبه چڱو ڪم ياد نه اچي رهيو هو. جيڪي هر وقت مون سان گڏ هوندا هئا تن مان ڪير به مون سان گڏ نه هو.
هاڻي آئون خوف وچان ڏڪي رهيو هئس ۽ مون کي پڪ هئي ته گناهن جي بدلي عذاب ملندو. مون زندگيءَ ۾ جهنم بابت جيڪي تصور قائم ڪيا هئا سي منهنجي سامهون اچڻ لڳا. مون کي دفن ته زمين ۾ ڪيو ويو هو پر هاڻي پڪ ٿي رهي هئي ته جلدي ئي مون کي سزا لاءِ دوزخ ڏانهن نيو ويندو. هاڻي جهنم جي باهه منهنجي منزل هئي.
مون ڪجهه به ياد ڪرڻ نٿي چاهيو پر ڪا قوت مون کي پنهنجي دنياوي زندگي ياد ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. مون کي ياد آيو ته آئون 12 ورهين جو هئس جڏهن مون پنهنجي پيءُ کي دوستن سان گڏ شراب پيئندي ڏٺو هو. هُو ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هئا. مون ان وقت اهو سمجهيو هو ته کين اها خوشي شراب جي ڪري نصيب ٿي آهي. هو جيئن شراب پيئندا ٿي ويا تيئن وڌيڪ خوش نظر اچي رهيا هئا. اهو بلڪل اهڙو منظر هو جهڙو آئون ٽي ويءَ تي به ڏسي چڪو هئس. هاڻي مون کي پڪ ٿي چڪي هئي ته شراب ئي اصل خوشي ڏي ٿو. هاڻي مون بابا جي بوتل مان شراب پيئڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڏينهن هن مون کي پڪڙي وڌو پر گهڻي ڪاوڙ نه ڪيائين. هڪ گلاس ڀري ڏنائين ۽ چوڻ لڳو “پي، شراب ئي مردانگيءَ جي نشاني آهي.” هُو مون سان گڏ شراب پيئڻ لڳو. اهڙيءَ طرح مون ۾ شراب سان گڏ ٻين براين جو به شوق پئدا ٿيڻ لڳو ۽ آئون گمراهيءَ جي ان راهه تي اڳتي وڌندو ويس. سڀ شيطاني ڪم ڪرڻ لڳس. مون برائيءَ جي ابتدا پنهنجي عزيزن ۽ پاڙي وارن کان ڪئي ۽ پوءِ مون ۾ ڪنهنجي به سڃاڻپ نه رهي. منهنجي نظر ۾ انسان جي ڪابه اهميت نه رهي. منهنجي نظر ۾ ماءُ، پيءُ، دوستن ۽ ساٿين جي به ڪا اهميت نه رهي. هاڻي آئون مڪمل طور بوتل جو غلام بڻجي چڪو هئس ۽ هر ان شخص کي قتل ڪري ٿي سگهيس جيڪو منهنجو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪري ها. مون کي اهڙا واقعا به ياد آيا جڏهن پئسا نه ڏيڻ تي مون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ تي به هٿ کنيو هو. هو جن حالتن ۾ مئا ان جو به اهم ڪارڻ آئون ئي هئس. توڙي جو ان سڀ جي ابتدا منهنجي والد جي ڪري ئي ٿي هئي جڏهن هن پهريون ڀيرو شراب جو گلاس ڀري منهنجي سامهون رکيو هو. ٻئي طرف منهنجي ماءُ هئي جنهن جي حيثيت گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ واري مشين وانگر هئي. ان سڀ جي باوجود مون کي پنهنجي والدين جا احسان ياد اچي رهيا هئا ۽ دل ۾ شديد خواهش پئدا ٿي رهي هئي ته ڪاش مون کي هڪ موقعو ملي ته جيئن آئون پنهنجي والدين جي خدمت ڪري سگهان ۽ کانئن پنهنجي رويي جي معافي وٺي سگهان.
مون کي پنهنجي شاديءَ جو ڏينهن ياد آيو. منهنجي زال جي حيثيت منهنجي ساٿي واري نه پر جنسي خواهشن جي لئباريٽريءَ جهڙي هئي جتي آئون هر روز نت نوان تجربا ڪندو هئس . مون کي ياد نه آهي ته مون ڪڏهن کيس ڪا خوشي ڏني هجي. مون کي پڪ هئي ته منهنجي مرڻ تي کيس حقيقي خوشي نصيب ٿي هوندي. منهنجا ٻار به هئا جن کي ڪڏهن به پدري شفقت نصيب نه ٿي هئي ۽ هو منهنجي موجودگيءَ ۾ هر وقت خوف جو شڪار رهندا هئا. هو بلڪل صغير هئا ۽ مون کي افسوس ٿي رهيو هو ته هن پٿر دل دنيا ۾ سندن زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندي. ڪاش هڪ موقعو ملي ته جيئن آئون پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڪا خوشي ڏئي سگهان.
هاڻي منهنجي ڏڪڻي ته ختم ٿي چڪي هئي پر منهنجي دل اڃا به زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. مون کي پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ جو آواز ڪنهن دهل جي آواز وانگر ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. ان مڪمل خاموشيءَ واري دنيا ۾ اهو واحد آواز هو جيڪو مون کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. مون کي ٻين ماڻهن سان ڪيل پنهنجون زيادتيون به ياد اچي رهيون هيون.
جيڪو به مون سان ملندو هو تنهن کي ملڻ تي افسوس ئي ٿيندو هو. سڄي رات آئون گهٽين ۾ پنهنجي پاڙي وارن تي هڪلون ڪندو رهندو هئس، سندن دروازو کڙڪائي ساڻن وڙهندو هئس ۽ پئسا ڦري وٺندو هئس. پئسن لاءِ ته آئون پنهنجي اولاد تي تشدد ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو هئس. هاڻي مون کي ٻيو موقعو ڪيئن ملي جو آئون در در وڃي کانئن معافي وٺان.
هاڻي ته واپسيءَ جو ڪو به امڪان نه هو. هاڻي ته مون کي پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا لاءِ تيار ٿيڻو هو جيڪا خبر نه آهي ته ڪيتري تڪليف ڏيندڙ هوندي. رڳو 33 ورهين جا گناهه هاڻي منهنجي ابدي زندگيءَ کي عذابناڪ بڻائڻ وارا هئا. لوهه جون تپي ڳاڙهيون ٿيل سيخون منهنجي جسم سان لڳيون ٿي ته هڏيون به پگهرڻ ٿي لڳيون. منهنجو گلو خشڪ ٿي چڪو هو ۽ منهنجا چپ سُڪي هڪٻئي سان چنبڙي ويا هئا. اها ته ابتدا هئي ۽ عذاب جو وقت ته اڳتي اچڻ وارو هو.
اڃا ته سزا جو مرحلو شروع ئي نه ٿيو هو. اڃا ته مون کان منهنجي خدا جي حڪمن بابت پڇا ٿيڻي هئي. ڪڏهن تو خدا جي اڳيان سجدو ڪيو هو؟ اهو اهڙو سوال هو جنهن جو جواب يقيني نه هو ۽ ان کان پوءِ ته سزا جو عمل شروع ٿيڻو هو. مون ته دنيا ۾ رڳو شراب جي بوتل جي پوڄا ڪئي هئي. هاڻي منهنجي رڳو هڪ ئي خواهش هئي ته مون کي دنيا ۾ واپس وڃڻ جو بس هڪ موقعو ملي وڃي. قسمين قسمين سزائون ملي رهيون هيون ۽ آئون مسلسل عذاب ۾ هئس. منهنجي وات مان بي اختيار رڙيون نڪري رهيون هيون جن تي مون کي ڪو به اختيار نه هو. اڃا اهو عذاب جاري هو ته منهنجي اک کلي وئي.
چئوڦير نظر ڊوڙايم ته ڏٺم ته آئون هڪ پارڪ ۾ بئنچ جي هيٺان پيو هئس. رات حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ کان پوءِ مون کي ڪو به هوش نه رهيو. منهنجي ڪپڙن مان عجيب قسم جي بدبو اچي رهي هئي. منهنجي ڀر ۾ ڪجهه شراب جو بوتلون به پيل هيون پر هاڻي انهن کي هٿ لاهڻ کان به خوف اچي رهيو هو.
اهو اهڙو ڏينهن هو جنهن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. مون گناهن کان توبهه ڪري ڇڏي ۽ براين کان پاڻ کي بچائڻ لڳس. پنج وقت نماز منهنجو معمول بڻجي وئي. مٽن مائٽن، دوستن ۽ پاڙيسرين کان معافي ورتيم. پنهنجي گهر ۽ ٻارن سان محبت سان پيش اچڻ لڳس. توهان به ٿورو ان خوفناڪ عذاب جو تصور ڪريو ۽ پنهنجي زندگي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو. گناهن کان توبهه ڪريو ۽ نيڪ راهه تي هلڻ جي ڪوشش ڪريو.