باب ستون
[/b]شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي
تجويز ڪيل عبادت دين جو ٿنڀ آهي
جيڪڏهن توهان کي اها پڪ آهي ته ٻه واڌو ٻه جو نتيجو چار ئي نڪرندو ته پوءِ توهان کي اها به خبر پئجي سگهي ٿي ته رياضيءَ جا اهي بنيادي سوال ياد رکڻ ڪيترا ضروري آهن. بلڪل اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسين مسلمان آهيون ته پوءِ اسان کي ان کان به ضرور آگاهه رهڻ گهرجي ته تجويز ڪيل عبادت دين جو ٿنڀ ۽ اهم رڪن آهي. عبادت تمام ٿوري سيڙپ ۽ تمام گهڻي نفعي جو بهترين وسيلو آهي. جيڪي ان کان انڪار ڪن ٿا سي نقصان ۾ رهن ٿا. اچو ته هن ڪهاڻيءَ کي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه هوندو هو ۽ هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي گهرايو. هر هڪ کي سون جا 24 سڪا ڏئي روانو ڪيو ته سندس شاهي فارم تي وڃي رهن جيڪو اتان ٻن مهينن جي مسافريءَ تي هو. هن کين هدايت ڪئي “اها رقم توهان پنهنجي سفر جي خرچ طور به استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ جتي توهان رهندا اتي جي لاءِ ڪجهه ضروري سامان به ان مان خريد ڪري سگهو ٿا. فارم کان هڪ ڏينهن جي پنڌ تي هڪ اسٽيشن به آهي جتان توهان کي هرقسم جي ٽرانسپورٽ ملي سگهندي، ريل گاڏي ۽ هوائي جهاز جي سهولت به موجود هوندي پر توهان جيڪا به سهولت حاصل ڪرڻ چاهيندا ان جو خرچ توهان کي ادا ڪرڻو پوندو.”
ٻئي سفر تي روانا ٿيا. منجهائن جيڪو نيڪ هو تنهن خرچ ۾ احتياط ڪيو ۽ بچايل رقم هڪ نفعي واري ڪاروبار ۾ سيڙائي ڇڏيائين ۽ تڪڙو ئي اها رقم ٽيڻي چئوڻي ٿي وئي. ٻئي 24 سون جي سڪن مان 23 ته رستي تي عيش عشرت ڪندي خرچ ڪري ڇڏيا. وٽس باقي هڪڙو سڪو وڃي بچيو هو. تنهن تي نيڪ بخت نوڪر چيس ته اها رقم ڪٿي سيڙائي ڇڏ پر هن جو خيال هو ته اها رقم سيڙائڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو. هاڻي جڏهن بادشاهه کي اها خبر پئي ته نيڪ بخت نوڪر رقم مان ڪاروبار ڪري ناڻو به ڪمايو، پنهنجي رهڻ لاءِ جاءِ به ورتائين ۽ پوءِ به وٽس مليل رقم کان چئوڻ تي وڌيڪ رقم آهي جيڪا هو بادشاهه جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ چاهي ٿو. ان تي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس اڃا به وڌيڪ رقم انعام طور ڏنائين. جنهن عياشيءَ ۾ رقم خرچ ڪئي هئي تنهن کي حڪم مليو ته هو واپس اچي. هن وٽ رقم ته نه هئي سو بکون ڪاٽيندو پيادل اچي بادشاهه وٽ پهتو ۽ سزا به مليس.
سو اي نيڪدل انسانو! هت اسين عمر جي پونجي کڻي هن دنيا ۾ آيا آهيون ۽ اسان کي پنهنجي عمر سوچي سمجهي گذارڻي آهي ٻي صورت ۾ اسانجو آخرت جو سفر ڏاڍو اڙانگو هوندو. اهي جيڪي 24 سون جا سڪا هئا سي سمجهو ته ڏينهن جا 24 ڪلاڪ آهن هاڻي اهو اسان جي هٿ ۾ آهي ته اسين انهن مان ڪيترا ڪلاڪ خدا جي عبادت ڪري هڪ نفعي واري ڪاروبار ۾ سيڙايون ٿا. جيڪي اسان جي آخرت جي سفر ۾ اسان لاءِ آسانيون پئدا ڪندا ۽ انعام جو حقدار ٺهرائيندا. جيڪڏهن اهي چوويهه ڪلاڪ اسان عياشيءَ ۾ گذاري ڇڏيا ته پوءِ اسان لاءِ آخرت ۾ عذاب کانسوءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. جيڪڏهن اسين 23 ڪلاڪ پنهنجي مرضيءَ مطابق خرچ ڪريون ۽ باقي بچيل هڪ ڪلاڪ اسين عبادت لاءِ وقف ڪريون تڏهن به اسين آخرت جي سفر جو سٺو انتظام ڪري سگهون ٿا. ڏينهن ۾ پنج نمازون آهن ۽ انهن پنجن نمازن تي سراسري هڪ ڪلاڪ ئي خرچ ٿيندو.
[b]1. نماز ۽ سوئيڊن جي جمناسٽڪ
[/b]هتي اسين ان تي ويچار ڪنداسين ته ڪيئن اسلام جي پهرئين رڪن يعني نماز کي جمناسٽڪ لاءِ استعمال ڪيو ويو. اسان کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته نماز هڪ عبادت آهي ۽ ان کي ڪنهن به قسم جي مراقبي، يوگا يا جسماني ڪرتبن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. بهرحال اهو سچ آهي ته هن عبادت جي مدد سان الله پاڪ اسان کي جسماني فائدا پڻ عطا ڪيا آهن.
1776ع ۾ هينرڪ لنگ نالي هڪ شخص سوئيڊن ۾ طبي جمناسٽڪ جو بنياد وڌو هو. لنگ مذهبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو هو ۽ هن هڪ پادريءَ جي حيثيت ۾ جرمنيءَ جو دورو پڻ ڪيو هو. جنهن کان پوءِ هو ڊينمارڪ ويو جتي ڪوپن هيگن ۾ استاد طور به ڪم ڪيائين. اتي هو هڪ اهڙي مهانگي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو جنهن ۾ رڳو اميرن جا ٻار ئي پڙهي سگهندا هئا. ان ڪاليج ۾ گهوڙيسواري، تلواربازي ۽ ايٿليٽڪس سيکارڻ جو به انتظام هو، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ شاهي هنر سمجهيا ويندا هئا. اتي ئي هو وائي سور جو شڪار ٿيو. کيس ٻانهن ۾ ايترو ته سور ٿيندو هو جو برداشت کان ٻاهر هو. ان تڪليف کيس ان بابت وڌيڪ تحقيق تي مجبور ڪيو. اها ته هن کي خبر هئي ته ان تڪليف جو علاج صرف ورزش آهي پر اها ڪهڙي قسم جي ورزش هجي ان جي کيس ڄاڻ نه هئي.
لنگ کي سفر جو به شوق هوندو هو ۽ ان جي ڪري هو مختلف شهر پيو گهمندو هو. آخر هڪ ڀيري هو آفريڪا گهمڻ ويو. بهرحال قسمت نيٺ آڻي کيس مراڪش پهچايو. يورپي ماڻهن لاءِ مراڪش ۾ تمام گهڻي دلڪشي موجود آهي. اهڙي مهمان نوازي، خلوص ۽ دوستيءَ جو ته يورپ ۾ تصور ئي نه آهي. مراڪش ۾ ايندڙ يورپي ماڻهن لاءِ وضو هڪ دلچسپ سرگرمي آهي. بهرحال لنگ کي اسلام جي پنهنجي مذهب سان ڀيٽ ڪرڻ جو اچي شوق جاڳيو. هو پاڻ به جيئن ته مذهبي ماڻهو هو تنهنڪري پاڻ کي اسلام جي قريب تر محسوس ڪيائين.
لنگ کي جيئن ته راندين سان تمام گهڻي دلچسپي هئي تنهنڪري وضو ۽ نماز واري سرگرمي هن لاءِ تمام دلچسپ هئي. هن قديم يونانين بابت به تحقيق ڪئي هئي ته اهي پاڻ کي ڪيئن فٽ رکندا هئا. پر يونانين جو طريقيڪار اطمينان بخش نه هو. ڇاڪاڻ ته ان سان هڪ پَـٺو مضبوط ٿيو ٿي ته ٻيو ڪمزور ٿي ويو ٿي. جڏهن ته مسلمانن جو گلي، ٻانهن، هٿن، ٽنگن ۽ پيرن کان ويندي آڱرين تائين هر پَٺو بلڪل مضبوط هو ۽ اهو سڀ ڪجهه صرف نماز جي ڪري هو. اها اهڙي ورزش آهي جيڪا هر مسلمان کي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گھٽ پنج ڀيرا ڪرڻي پوي ٿي. لنگ روزانو نماز پڙهڻ شروع ڪئي. کيس نماز دوران جسماني حرڪت جا اهي طريقا تمام دلچسپ لڳا ۽ هو انهن کي گهر ۾ به دهرائڻ لڳو. هو مسلمان نه هو تنهنڪري کيس اهو علم نه هو ته نماز جسم سان گڏ روحاني صحت جو به هڪ ذريعو آهي. بهرحال نماز جي جسماني فائدن ئي لنگ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هڪ مهيني اندر کيس ٻانهن جي خطرناڪ سور مان نجات ملي وئي. کيس ورزش جو اهو طريقو ملي ويو جيڪو هن ڪوپن هيگن ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تڪڙو ئي هو جرمني هليو ويو جتي هن هڪ اشتهاري مهم هلائي ۽ ان ئي مهم ۾ هن اها دعويٰ ڪئي ته مسلمانن جي عبادت جو طريقو جسماني صحت ۽ فٽنيس لاءِ انتهائي مناسب آهي. هن ان جي به وضاحت ڪئي ته اها هڪ اهڙي منظم ورزش آهي جنهن سان جسم جو هر حصو متحرڪ ٿي وڃي ٿو.
ان کان پوءِ هو پنهنجي اباڻي وطن هليو ويو جتي هن اسٽاڪ هوم ۾ “رائل انسٽيٽيوٽ آف جمناسٽڪس” نالي هڪ ادارو قائم ڪيو. سندس پٽ به ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي ۽ اچي ساڻس شامل ٿيو. جتي هنن ٻنهي گڏجي سوئيڊش ميڊيڪل جمناسٽڪس جو بنياد وڌو ۽ ان ۾ سڀ کان گهڻي اهميت نماز وارن طور طريقن کي حاصل رهي. ڏسو ته نماز جا ڪيڏا فائدا آهن جيڪي اسان کي آخرت جي عيوض عطا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻيا ماڻهو رقم خرچ ڪري اهي سکندا آهن.
[b]2. قرباني
[/b]اهو هڪ ڏاڍو ٿڪائيندڙ ڏينهن هو. هن اکيون بند ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڊ کانئس ڪوهين ڏور هئي. سندس اکين مان ٿڪاوٽ ظاهر ٿي رهي هئي پر سوچن جو هڪ طوفان هو جيڪو سندس دماغ ۾ اٿل پٿل مچائي رهيو هو. هو اهڙي ڪيفيت مان ڪڏهن به نه گذريو هو. بهرحال اڄ کيس ان جو عجيب تجربو حاصل ٿي رهيو هو. هن ڪنهن ويڊيو ڪيسيٽ وانگر ريوائنڊ ڪري ساڳيو منظر ٻيهر ڏسڻ چاهيو.
هو هڪ اعليٰ رتبو رکندڙ خاندان جو فرد هو. هو جڏهن کان ايويئيشن ۾ آيو هو تڏهن کان وٺي پاڻ کي ڏاڍو پرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو هو. ايويئيشن ۾ به کيس پئراشوٽنگ ئي پسند هئي باقي پڙهائيءَ ڏانهن سندس ايترو ڌيان نه هو. هن کي هرروز پئراشوٽ ذريعي هوا ۾ ڪرتب ڏيکارڻ پسند هو. ان تي کيس ايترو ته فخر هو جو ڪنهن تي به سندس نظر ئي ڪانه پوندي هئي ۽ آسپاس جي ماحول کان بلڪل بي خبر ٿي ويندو هو. ننڍپڻ کان سندس زندگي اهڙي ئي هئي. ننڍپڻ ۾ کيس گهربل توجهه نه ملي سگهي جيڪا کيس والدين يا ڪٽنب ڀاتين کان ملڻ گهربي هئي. ان جي ڪري هو به تمام لاپرواهه ٿي ويو هو. سندس خواهش هئي سندس چوڌاري اهڙا ماڻهو هجن جيڪي سندس حڪم تي هلن. هو تمام گهڻو هيجان پسند هو ۽ خطرن سان کيڏڻ جي کيس عادت هئي. پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو ته شايد ان جي ڪري ئي هن پئراشوٽنگ ڪرڻ پسند ڪئي هئي.
پئرا شوٽنگ جو کيس جنون هو ۽ ان جي ڪري هن تعليم به اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي. هيجان ۽ جنون پسنديءَ کيس پئراشوٽنگ ۾ اڳتي وڌڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. جيئن جيئن خطرن جو مقابلو ڪندو ويو تيئن تيئن سندس خوداعتمادي به وڌندي رهي. هو سمجهندو هو ته کيس ڪنهن به شيءِ جو خوف نه آهي. پر حقيقت ۾ ڪجهه اهڙا سوال هئا جن کيس فراريت پسند بڻائي ڇڏيو هو. پئراشوٽنگ دراصل انهن سوالن کان فرار حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو هو. هن جي ذهن ۾ اڪثر اهو سوال اٿندو هو “آئون ڪير آهيان؟” “منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟” ۽ “آئون ڪهڙي راهه تي هلي رهيو آهيان؟” اهي اهڙا سوال هئا جيڪي کيس مسلسل پريشان ڪندا رهندا هئا. شايد اهي ئي سوال هئا جن کان هن لنوائڻ چاهيو ٿي.
پئراشوٽنگ دوران کيس ڪافي نوان دوست به مليا ۽ هُو به اهو ئي شوق رکندڙ هئا. انهن مڙني دوستن ۾ البت هڪ اهڙو هو جيڪو سڀني کان مختلف هو. هو ڏاڍو پرسڪون، صاف سٿرو ۽ ايماندار هو. منجهس البت هڪ اهڙي عادت هئي جنهن تي ٻين کي عجب لڳندو هو. هُو پنهنجو ڪجهه وقت بلڪل اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هو. بهرحال ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هُو ٻئي هڪٻئي جا سٺا دوست بڻجي ويا. کيس سندس اهو نئون دوست اڪثر جيڪي حقيقتون ٻڌائيندو هو تن تي هو ويچار ضرور ڪندو هو. بهرحال هن کي اهو به اندازو ٿيڻ لڳو ته سندن دوستي گهڻو عرصو هلي نه سگهندي ۽ شايد جلد ئي سندن راهون جدا ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ٻنهي جي سوچ الڳ الڳ هئي.
گهڻو وقت گذري ويو ۽ هاڻي هنن تربيت مڪمل ڪري ورتي هئي. هو ٻئي پروفيشنل پئراشوٽر بڻجي چڪا هئا. هو پکين وانگر هوا ۾ پيا اڏامندا هئا. هڪ ڏينهن کيس سندس دوست چيو “هيءُ سمورا نظارا جيڪي اسين پکين وانگر اڏامندي هيٺ ڏسون ٿا، انهن مڙني جو هڪ خالق آهي.” هن جواب ڏنو “ها، بلڪل اهو ته يقيني آهي.” بهرحال ان حقيقت کيس ڪجهه سوچڻ تي مجبور ضرور ڪيو. کيس خيال آيو ته شايد ان خالق جي ئي مون کي به تلاش آهي.
گذريل رات کيس سندس ان ئي دوست ٻڌايو هو “اسين سڀ مسافر آهيون. پهرين اسين عالم ارواح ۾ هئاسين، جتان ماءُ جي پيٽ ۾ آياسين، پوءَ اسان جي هيءَ زندگي شروع ٿي، ان کان پوءِ عالم برزخ يعني قبر واري زندگي آهي ۽ ان کان پوءِ اسان جي دائمي زندگي شروع ٿيندي. اسين هتي مسافر آهيون. هڪ ڏينهن اسان کي پنهنجي خالق ڏانهن ضرور موٽڻو آهي ۽ اسان کي هن دنيا ۾ گذاريل زندگيءَ جو حساب ڏيڻو پوندو.” ان رات هو اهو سڀ ورجائيندو رهيو ۽ آخر کيس ننڊ اچي وئي.
اڳئين صبح تي هو ٻئي پنهن جي معمول جي پئراشوٽنگ جي لاءِ تيار هئا. هنن پنهنجي تياريءَ تي آخري نظر وڌي، پنهنجو پئراشوٽ چيڪ ڪيو ۽ ان کان پوءِ اضافي پئرا شوٽ تي نظر وڌي ۽ پنهنجي هوائي جهاز ڏانهن روانا ٿيا. سندن ڇهن ڄڻن تي ٻڌل گروپ هو. اڄ هوا تمام تيز هئي، هن چيو “اڄ جهاز مان ٽپو ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو، پر پاڻ ته اهڙين حالتن جا عادي آهيون.” هوائي جهاز جيئن ئي رن وي ڇڏيو ته هو دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳا ۽ اهي نظارا هنن لاءِ نوان نه هئا. بهرحال پوءِ ٻئي دوست ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويا. هوائي جهاز جڏهن گهربل اوچائيءَ تي پهتو ته هو ٽپو ڏيڻ جي تياري ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي سامان تي آخري نظر وڌي. اڄ هو ٻئي هڪ دلچسپ مظاهرو ڪرڻ وارا هئا. کين پئراشوٽ کولڻ کان اڳ ۾ هڪٻئي جو هٿ پڪڙي ڪجهه ڪرتب ڏيکارڻا هئا ۽ پهريون ڀيرو اهڙو مظاهرو ڪرڻ جي ڪري ڪجهه نروس به هئا. آخرڪار هو ٻئي ان هنڌ تي پهتا جتان کين هيٺ ٽپو ڏيڻو هو. هڪٻئي جي پٺيان ٻنهي هوائي جهاز مان ٽپو ڏنو. هنن پکين وانگر اڏامندي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخرڪار هڪٻئي جو هٿ پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن تي ٻنهي هڪٻئي کي اشاري سان مبارڪ ڏني ۽ هڪٻئي جي چهري تي مُرڪ ڏسي پئي سگهيا. نيٺ اهو مقام آيو جتي کين هڪٻئي کان ڌار ٿي پنهنجا پئراشوٽ کولڻا هئا. پهرين سندس دوست پنهنجو هٿ الڳ ڪيو ۽ هن به پنهنجو هٿ ان کان پوءِ آجو ڪيو. هن پنهنجو پئراشوٽ کولي دوست تي نظر وڌي ته کيس معلوم ٿيو ته دوست جو پهريون پئراشوٽ کلڻ بدران سندس جسم تي ويڙهجي چڪو هو. پئراٽروپرز جي زبان ۾ ته هو ڪينڊل ۾ هو. پوءِ هن ٻيو پئراشوٽ کوليو پر اهو به کلي نه سگهيو ۽ دوست ڪنهن پٿر وانگر زمين ڏانهن وڌڻ لڳو. هاڻي کيس بچائڻ جي ڪابه ڪوشش ممڪن نه هئي. اهو سڀڪجهه هن جي سامهون سيڪنڊن ۾ ٿي ويو. هن کي رڳو ايترو ئي ياد رهيو.
پوءِ جڏهن کيس هوش آيو ته هن کي پنهنجي پيرن ۾ شديد سور محسوس ٿي رهيو هو ۽ مٿي تي ته ڄڻ ڪنهن مڻين وزن رکي ڇڏيو هجيس. سندس ذهن ۾ ان سڄي واقعي جي فلم هلڻ لڳي. پوءِ اوچتو هن رڙ ڪئي “هُو ڪٿي آهي؟” جنهن تي موجود ماڻهن کيس ٻڌايو ته هو زمين سان ٽڪرائجڻ شرط ئي گذاري ويو. هن کي ان تي يقين ئي نٿي آيو، ايئن نٿو ٿي سگهي. پوءِ هو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
روئندي روئندي سندس سامهون دوست جو چهرو اچي ويو جيڪو چئي رهيو هو “اسين سڀ مسافر آهيون ۽ اسان سڀني کي هڪ ڏينهن پنهنجي خالق ڏانهن موٽڻو آهي.” ان وقت کيس محسوس ٿيو ڄڻ ته اهو سڀڪجهه رڳو کيس سبق ڏيڻ لاءِ پيش آيو آهي. هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو “مون کي اهو طريقو پسند نه آهي ته منهنجو ڪو دوست قرباني ڏئي مون کي سبق سيکارري.”
سندس دوست جو لاش جنهن وقت وارثن جي حوالي ڪيو پئي ويو ته ان وقت به هن جي زبان تي اهي ئي الفاظ هئا “قرباني .... قرباني” هو روئڻ لڳو ۽ پوءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو. اهوئي واقعو هو جنهن کيس سنئين رستي تي آڻي ڇڏيو. ان وقت کان وٺي سندس سڄي زندگي تبديل ٿي وئي.
[b]3. سائو لباس
[/b]مون ٻانگ جو آواز ٻڌو ۽ پوءِ هن ڏانهن وڌيس.
کيس چيم “اڄ جمعي جو ڏينهن آهي ۽ ٻانگ به ملي وئي آهي اچ ته جمعي جي نماز پڙهڻ هلون.”
هن چيو “تو کي خبر آهي ته آئون مسجد ۾ نه ويندو آهيان.”
اها ته مون کي واقعي خبر هئي ته هو مسجد ۾ نه ويندو آهي ۽ اڳ ۾ انڪار ڪري چڪو آهي. پر مون کي اها اڻ تڻ هئي ته هو نماز ڇو نٿو پڙهي. سو پڇيم “آخر ان جو ڪو ته سبب هوندو؟”
هن چيو “مون کي خبر نه آهي ته ڇو. شايد ماڻهن جي ڪري يا شايد ان جي ڪري ته منهنجي ڪپڙن ۾ گهنج پئجي ويندا.”
مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو سو آئون بي اختيار کلي پيس. پڇيم “چرچو ته نه پيو ڪرين؟”
چوڻ لڳو “آئون بلڪل سنجيده آهيان، توکي خبر آهي ته آئون ڪپڙن جي معاملي ۾ ڪيترو حساس آهيان.”
اهو درست به هو ته هو چاهيندو هو ته سندس لباس نه رڳو صاف هجي پر ان تي ڪوبه گهنج نه هجي ۽ لباس ۾ به کيس سائو رنگ تمام گهڻو پسند هو. سندس لڳ ڀڳ هر لباس جو رنگ سائو هو بس رڳو انهن جا شيڊ ڪجهه الڳ هوندا هئا. ڪپڙن جي استريءَ جي معاملي ۾ تمام گهڻو حساس هو. مون وري پڇيو “ ڇا ننڍپڻ ۾ به مسجد ۾ نه ويندو هئين؟”
هن چيو “منهنجو ڏاڏو مون کي مسجد ۾ وٺي ويندو هو پر ان کان پوءِ نه ويو آهيان.”
مون کي محسوس ٿيو ته هن جو جواب ڪجهه اڻ چٽو آهي ان جي ڪري معاملي جي ڪجهه اپٽار ٿيڻ گهرجي پر اهو معاملو ڪنهن ٻئي وقت تي ڇڏي آئون نماز پڙهڻ هليو ويس.
ان کي ٻه مهينا گذري ويا، هڪ ڏينهن مون کي ڪنهن اچي ٻڌايو ته هو مسجد ۾ آيو آهي سو ڀڄندو مسجد ۾ وڃي پهتس ته ڏسان ته اها ڳالهه واقعي درست به آهي يا نه. اتي پهچي ڏٺم ته ڳالهه واقعي سچي هئي ۽ هو مسجد ۾ موجود هو. هو اڄ به معمول مطابق سائي لباس ۾ هو ۽ سڀ کان اڳين صف جي به اڳ ۾ هو. مون وڌي آهستي کانئس پڇيو “تو ته چيو هو ته تون ڪڏهن به مسجد ۾ نه ايندين؟”
مون کي ان جو ڪوبه جواب نه مليو ۽ ملي به نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو تابوت ۾ هو سندس جنازي نماز پڙهجڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون. ان کان اڳ ۾ جو توهان به ڪنهن اهڙي صورتحال جو شڪار ٿيو مسجد ڏانهن وڃڻ شروع ڪريو.
[b]4. نماز توهان کي جنت ۾ وٺي ويندي
[/b]عقبيٰ ابن عمر کان روايت آهي “اسان جي حوالي اٺ چارڻ جو ڪم هو. جڏهن منهنجو وارو آيو ته مون کي به صبح کان شام تائين اٺ چارڻ لاءِ وڃڻو پيو. هڪ شام جڏهن آئون اٺ ڪاهي واپس گهر اچي رهيو هئس ته پياري پيغمبر ﷺ جن سان ملڻ لاءِ ويس. ان وقت پاڻ سڳورا فرمائي رهيا هئا “جيڪو شخص وضو ڪري صرف ٻه رڪعتون نماز مڪمل طور خدا جي بندگيءَ جي نيت سان ادا ڪري ٿو ان لاءِ جنت واجب ٿي وڃي ٿي.” ان تي مون کان رڙ نڪري وئي “اهو ته تمام بهترين آهي.” ان تي ڀر ۾ ويٺل هڪ شخص چيو “اهو ته ڪجهه به نه آهي ان کان اڳ ۾ پاڻ سڳورن جيڪي فرمايو سو ته ان کان به بهترين هو.” مون غور سان ڏٺو ته اهو شخص حضرت عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنها هو. هن مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڳورن تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ فرمايو “جيڪو شخص وضو ڪري ۽ لاالهٰ الالله محمدالرسول الله چوي ٿو ته ان لاءِ جنت جا اٺ دروازا کلي وڃن ٿا هاڻي اها سندس مرضي آهي هو انهن مان ڪهڙي دروازي مان اندر داخل ٿئي.”
[b]5. نماز گناهن کي ڌوئي ڇڏي ٿي
[/b]حضرت عثمان رضي الله عنها جي غلام حارث کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن اسين حضرت عثمان رضي الله عنها سان گڏ ويٺا هئاسين ته جيئن ئي نماز جو وقت ٿيو ته هن وضوءَ لاءِ پاڻي گهريو. وضوءَ کان پوءِ چيائون “مون پياري نبي ﷺ جن کي بلڪل ايئن وضو ڪندي ڏٺو آهي جيئن هينئر مون وضو ڪيو آهي. جيڪو ايئن وضو ڪري ظهر جي نماز ادا ڪندو ته عصر تائين سندس سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا. جڏهن عصر جي نماز پڙهندو ته عصر ۽ مغرب جي وچ وارا گناهه معاف ڪيا ويندا. اهو سلسلو عشاءَ کان فجر تائين هلندو رهندو. نماز گناهن کي ڌوئي ڇڏي ٿي.”
اتي جيڪي به موجود هئا سي پڇڻ لڳا “اي عثمان اسين سمجهي وياسين، اسان کي ٻيون ڪي چڱيون ڳالهيون ٻڌائي.”
حضرت عثمان رضي الله عنها چوڻ لڳو “سبحان الله، الحمد لله، لاالهٰ الالله، الله اڪبر ۽ لاحول ولاقوت الا بالله اهي تمام سٺيون شيون آهن ۽ انهن جو ڪثرت سان ورد ڪرڻ گهرجي.”
ابو عثمان کان روايت آهي “آئون ۽ سلمان فارسي ويٺا هئاسين ته سلمان هڪ وڻ جي سڪل ٽاري کنئي ۽ ان کي زور زور سان لوڏڻ لڳو، ايئن ڪرڻ سان ٽاريءَ ۾ جيڪي سڪل پن هئا سي سڀ ڇڻي ويا. جنهن کانپوءِ هو چوڻ لڳو ‘تون اهو نه پڇڻ چاهيندين ته مون اها حرڪت ڇو ڪئي؟’”
مون چيو “توهان ايئن ڇو ڪيو؟”
سلمان چوڻ لڳو “اهو سڀ مون کي اسان جي پياري پيغمبر ﷺ وسلم جن ڪري ڏيکاريو هو، جڏهن سڀ پن ڇڻي وي تڏهن پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو وضو ڪري ٿو ۽ پنج وقت نماز پڙهي ٿو تنهن جا گناهه ايئن صاف ٿي وڃن ٿا جيئن هن سڪل ٽاريءَ جا پن ڇڻي ويا.”
[b]6. نماز
[/b]نماز عبادت جو اهو رڪن آهي جنهن جي حيثيت ڪلمهءِ توحيد جيتري آهي. الله ﷻ تائين رسائي جو واحد ذريعو نماز آهي. جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا تن جي لاءِ نماز لازمي بڻجي وڃي ٿي. ان جو ٻيو ڪوبه متبادل نه آهي. اهوئي سبب آهي جو جيئن ئي ٻانگ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ايمان وارا نماز لاءِ مسجد ڏانهن ڊوڙن ٿا. پنج وقت نماز گناهن، پريشانين ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪاري جو وسيلو آهي. نماز وقت خالق ئي سندن دل ۾ هوندو آهي. مسجدون ڇوٽڪاري لاءِ پناهگاهه جو ڪم ڏين ٿيون. جيڪي اتي پهچن ٿا سي خدا جي ڪرم ۽ ٻاجهه جا حقدار بڻجي وڃن ٿا.
جيڪڏهن ڪنهن ايمان واري جي دل ۾ خواهش رهي ٿي ته هو بلڪل صحيح طريقي سان نماز جي ادائيگي ڪري ته صرف اها سوچ پئدا ٿيڻ سان سندس اڳ پڙهيل نمازون درست ٿي وڃن ٿيون ۽ قبوليت جون حقدار بڻجي وڃن ٿيون. حديث مبارڪ آهي ته عملن جو دارومدار نيتن تي آهي ۽ شال اسان کي خدا نيڪ نيت سان نماز ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اسان جي پياري نبي ﷺ جن جو فرمان مبارڪ آهي “هڪ وقت ايندو جڏهن مسجدون ته ڀريل هونديون پر منجهن هڪ به مومن نه هوندو.” بدقسمتي اها آهي ته اڄ واقعي اسان کي مسجدون ته ڀريل نظر اچن ٿيون پر ان هوندي به اسان ۾ ڀائيچارو پئدا نٿو ٿئي. جنهن مان ظاهر آهي ته اسان جي نيتن ۾ فتور آهن. اسان صرف نماز جي رسم ادا ڪريون ٿا پر ان جي درست طريقن کان وقف ٿيڻ به نٿا چاهيون. خدا جي سامهون بيهڻ جي باوجود اسين اوٻاسيون ڏيندا رهون ٿا ۽ دنياوي فڪرن ۾ غافل رهون ٿا.
اچو ته نماز جي فائدن جو مختصر جائزو وٺون:
* ڪو به مومن فرض ڪيل رڪعتن جي ادئيگيءَ کان پوءِ جيتري چاهي نماز پڙهي سگهي ٿو.
* ملائڪن ۾ اها چٽاڀيٽي رهي ٿي ته ڪير سڀ کان اڳ ۾ نماز دوران نمازيءَ جي پڙهيل آيتن جو شاهد بڻجي. هو وضوءَ کان وٺي نماز جي مڪمل ادائيگيءَ تائين نمازيءَ جي هر حرڪت لکندا وڃن ٿا.
* حضرت عمر رضي الله عنها کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.”
* روايت آهي ته پاڻ سڳورا گهر کان مسجد تائين ننڍيون ننڍيون وکون کڻندا هئا، کانئن جڏهن ان جو سبب پڇيو ويو ته فرمايائون “نماز لاءِ کنيل هر وک جو نماز جيترو ثواب آهي، ان جي ڪري چاهيان ٿو ته جيتريون گهڻيون وکون هونديون ايترو وڌيڪ ثواب ملندو.” نماز لاءِ کنيل هر قدم جي اهميت تي غور ڪندا ته سڄي ڳالهه بلڪل واضح ٿي ويندي.
* نماز جي ڪري الله پاڪ گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو. هر روز پنج وقتن جي اها معافي ڪيتري نه چڱي ڳالهه آهي.
* پاڻ سڳورا نماز کي هر عمل تي ترجيح ڏيندا هئا ۽ ان کي افضل ترين عمل چوندا هئا. آخري وقت تائين “نماز نماز” پڪاريندا رهيا. نماز بندي کي خدا سان ملائي ٿي.
* “لوڪ کان لڪي ڪيل سجدي کان سواءِ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا خدا کي قريب تر ڪري.” حديث
* اي ايمان وارا، سجدي جي اهميت تي غور ڪريو ۽ ان جي ادائيگيءَ جو موقعو هٿان نه وڃايو. اهوئي ڇوٽڪاري جو رستو آهي
[b]7. اي نوجوان تو ڪڏهن هن ڳالهه تي سوچيو آهي؟
[/b]ڪائنات جي هر شيءِ ۾ هڪ ترتيب آهي. ان ۾ انساني جسم به شامل آهي جيڪو تمام ننڍڙن جيوگهرڙن مان ٺهيل آهي. اسين رڳو پنهنجي نڪ، ڪن، اکين يا وات متعلق سوچيون ٿا ته حيرت ۾ پئجي ٿا وڃون ته انهن ۾ ڪيتري نه ترتيب آهي. ٿوري به ڪٿي ڪا بي ترتيبي ٿئي ٿي ته اها تمام خراب لڳي ٿي.
ان تي ڪڏهن غور ڪيو آهي ته مختصر ترين ذري کان وٺي هن وشال ڪائنات تائين اهو سمورو نظام ڪنهن تخليق ڪيو آهي؟ اسين ته اهو به مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون ته ڪو انتهائي مختصر جملو به رڳو ڪنهن ڪاغذ تي حادثاتي طور تي مَس ڪري پوڻ جو نتيجو هوندو ته پوءِ هن ڪائنات جو وشال ڪتاب رڳو ڪنهن حادثي جي ڪري ڪيئن وجود ۾ اچي سگهي ٿو؟ سر جيمز جينز جو چوڻ آهي “توهان ڪنهن ڀولڙي کي ٽائپ رائٽر هلائڻ جي تربيت ته ڏئي سگهو ٿا ۽ گهڻو ڪجهه سيکاري سگهو ٿا پر ڇا هو پنهنجي طور تي ڪو هڪ به جملو لکي سگهي ٿو؟ پوءِ اها بيوقوفي نه هوندي ته ڪنهن ڀولڙي جي باري ۾ اهو چئجي ته هو شيڪسپيئر جون لکڻيون پڙهي ۽ انهن جا نوٽس وٺي سگهي ٿو؟ اهو ڪنهن بيڪار قسم جي چرچي کان گهٽ نه آهي ته هن سڄي ڪائنات جو ڪوبه خالق نه آهي ۽ اها رڳو هڪ حادثي جي ڪري وجود ۾ اچي وئي آهي.”
هاڻي اچو ته ڪروڙين حيرت انگيز حقيقتن مان ڪجهه جو ذڪر ڪريون:
1 هن ڌرتيءَ جو سج کان مفاصلو 149.5 ملين ڪلوميٽر آهي. هاڻي ڇا توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهو مفاصلو ان جي اڌ جيترو يا ان کان ٻيڻو هجي ها ته صورتحال ڇا هجي ها؟
2 اسان جي ڌرتيءَ جي مٿان جيڪو گئسن جو ڪثيف دائرو آهي اهو سڀ ڪيميائي عمل اسان جي زنده رهڻ لاءِ ڪيترو اهم آهي.
3 هوا ۾ آڪسيجن جي موجودگي 21 سيڪڙو آهي ۽ اها جيڪڏهن ان کان مٿي يا گهٽ هجي ها ته پوءِ ڪيڏي تباهي اچي ها.
4 ڌرتيءَ جو پنهنجي محور تي جهڪاءُ 23.27 ڊگري آهي جنهن جي ڪري موسمن جي تبديلي ممڪن ٿئي ٿي. ان ۾ جيڪڏهن ڪا گهٽ وڌائي هجي ها ته اسين ڄمي وڃون ها يا وري سڙي وڃون ها.
5 اسان کي جانورن ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ ساهه کڻڻ واري تعلق کي به نه وسارڻ گهرجي. جانورن کي آڪسيجن ۽ ٻوٽن کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گهربل هجي ٿي.
6. توهان جو سمنڊ جي پاڻين بابت ڇا خيال آهي ته فضا کي صاف رکڻ لاءِ ڪيترو اهم آهي ۽ ان جي هر عمل ۾ ڪيترو توازن ۽ تال ميل آهي. ڌرتيءَ جي موجوده حالت کي برقرار رکڻ لاءِ ايتريقدر توازن جي ضرورت آهي جو جيڪڏهن رڳو واريءَ جو هڪ ذرو به گهٽ يا وڌ ٿئي ته اهو سمورو توازن بگڙي سگهي ٿو.
[b]8. هن ڪڏهن به نماز قضا نه ڪئي
[/b]زينبلي علي آفندي بايزيد ولي مسجد ۾ خطبو ڏئي رهيو هو، هن چيو “او مسلمانو! توهان مان هتي اهڙا گهڻا ئي ماڻهو موجود هوندا جن جي اها خواهش هوندي ته هو مسجد ۾ نماز لاءِ سڀني کان اڳ ۾ پهچن ۽ امامت ڪن. ڏسون ته اڄ ڪير ٿو امامت ڪري. اڄ جي امامت لاءِ اهڙو شخص اڳتي اچي جنهن بلوغت کان وٺي هيستائين ڪابه نماز قضا نه ڪئي هجي. آهي ڪو اهڙو شخص جيڪو امامت جي دعويٰ لاءِ اڳتي اچي؟
جماعت ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي. هر شخص ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ شخص اٿيو ۽ اچي زينبلي سان اچي مليو. هن کيس آهسته لهجي ۾ ٻڌايو “الله جا لک احسان آهن جو مون پنهنجي شهزادگيءَ کان وٺي سلطان بڻجڻ تائين ۽ هر جنگ دوران به ڪڏهن هڪ نماز به قضا نه ڪئي آهي.”
کيس امامت لاءِ چيو ويو، هو منبر تائين آيو ۽ اچي امامت ڪيائين “الله اڪبر!” اهو شخص ڪو ٻيو نه پر سلطنت عثمانيه جو سلطان بايزيد دوئم هو. ان مان اها به خبر پوي ٿي اها رعيت ڪهڙي هوندي جنهن جا بادشاهه ايترا ديندار هئا. ان کي بنياد بڻائي جيڪڏهن اسين سڄي سلطنت عثمانيه جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي اهڙا بي حساب ماڻهو ملي ويندا جيڪي بايزيد جهڙا متقي هئا.
[b]9. نماز بابت نبي ﷺ جن جو فرمان
[/b]* ابو قتادا ابن رِب کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “الله پاڪ جو فرمان آهي ته اوهان جي امت تي پنج وقت نماز فرض ڪئي وئي آهي، اوهان جي امت مان جيڪي پنج وقت نماز پابنديءَ سان پڙهندا تن جي لاءِ جنت جو واعدو آهي ۽ جيڪي نه پڙهندا تن جي لاءِ اهڙو ڪو به واعدو نه آهي.”
* عبادا ابن السمت کان روايت آهي ته پياري پيغمبر ﷺ جن فرمايو “جيڪي سجدو ادا ڪندا سي ئي الله پاڪ جي رحمتن جا حقدار هوندا، سندن هڪ سجدي عيوض هڪ گناهه معاف ڪيو ويندو ۽ هو الله جي وڌيڪ قريب هوندا، سو پابنديءَ سان سجدو ادا ڪندا رهو.”
* نيسائي جي تشريح مطابق “فجر جي نماز کان اڳ ۾ ادا ڪيل تهجد جون ٻه رڪعت نفل سڄي دنيا کان وڌيڪ قيمتي آهن.”
* پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو مغرب جي نماز کان پوءِ وڌيڪ ٻه رڪعتون پڙهندو ته سندس عبادت کي اعليٰ ترين مقام عطا ڪيو ويندو.”
* مغيره ابن شعبيٰ کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا رات جو ايتري دير تائين عبادت ڪندا هئا جو سندن پيرن ۾ لڦون پئجي ويون ۽ اسان عرض ڪيو “يا رسول الله ﷺ خدا ته توهان جا ماضي ۽ مستقبل جا گناهه به معاف فرمائي ڇڏيا آهن پوءِ ايتري عبادت ڇا جي لاءِ ٿا ڪريو؟” پاڻ فرمايائون “ايڏي احسان تي مون کي شڪرگذار نه ٿيڻ گهرجي؟”
* بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي “پياري پيغمبر ﷺ وسلم جن رات جي عبادت ڪڏهن به ترڪ نه ڪئي. بيمار يا زياده ٿڪاوٽ جي صورت ۾ ويهي به عبادت ضرور ڪندا هئا.”
* ابو هريره کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جڏهن توهان مان ڪو شخص سومهڻي نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ سمهي پوي ٿو ته شيطان اچي سندس ڳچيءَ ۾ رسي ٻڌي ان کي ٽي ڳنڍيون ڏي ٿو ۽ هر ڳنڍ ڏيڻ وقت چوي ٿو “تمام گهڻي دير تائين سمهندو رهه.” پوءِ جيڪڏهن اهو شخص جلدي جاڳي ۽ الله جو نالو وٺي ٿو ته هڪ ڳنڍ کلي وڃي ٿي، جڏهن وضو ڪري ٿو ته ٻي ڳنڍ کلي وڃي ٿي ۽ جڏهن نماز پڙهي ٿو ته ٽئين ڳنڍ به کلي وڃي ٿي. ان کان پوءِ جيڪڏهن هو صبح تائين سمهندو رهي ته شيطان سندس قريب نه ايندو ۽ هو صبح جو پاڪ صاف اٿندو ٻي صورت ۾ اهو غافل شخص اهڙي حالت ۾ اٿندو جو سندس روح ڪارو هوندو.”
* عقبيٰ ابن عمر کان روايت آهي “اسان جي حوالي اٺ چارڻ جو ڪم هو. هڪ شام آئون اٺ گهر ڇڏي پياري پيغمبر ﷺ جن سان ملڻ لاءِ ويس. ان وقت پاڻ سڳورا فرمائي رهيا هئا “جيڪو شخص وضو ڪري صرف ٻه رڪعتون نماز مڪمل طور خدا جي بندگيءَ جي نيت سان ادا ڪري ٿو ان لاءِ جنت واجب ٿي وڃي ٿي.” ان تي مون کان رڙ نڪري وئي “اهو ته تمام بهترين آهي.” ان تي ڀر ۾ ويٺل هڪ شخص چيو “اهو ته ڪجهه به نه آهي ان کان اڳ ۾ پاڻ سڳورن جيڪي فرمايو سو ته ان کان به بهترين هو.” مون غور سان ڏٺو ته اهو شخص حضرت عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنها هو. هن مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڳورن تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ فرمايو “جيڪو شخص وضو ڪري ۽ لاالهٰ الالله محمدالرسول الله چوي ٿو ته ان لاءِ جنت جا اٺ دروازا کلي وڃن ٿا هاڻي اها سندس مرضي آهي هو انهن مان ڪهڙي دروازي مان اندر داخل ٿئي.”
* عبدالله الصنابهي کان روايت آهي ته اسين سڀ پاڻ سڳورن سان زيت الرقع واري معرڪي ۾ گڏ هئاسين. هڪ ڪافر پنهنجي قبيلي وارن جي اڳيان اهو قسم کڻي نڪتو هو ته جيستائين پيغمبر ﷺ جن جي ڪنهن اصحابيءَ جو رت نه وهائيندو تيستائين واپس نه ايندو. هن گهران نڪري پيغمبر ﷺ جن جو پيڇو ڪيو. پياري پيغمبر ﷺ جن هڪ هنڌ تي رات ترسڻ جو فيصلو ڪيو. لشڪر خيما کوڙيا ته پاڻ سڳورن پڇيو “رات جو پهرو ڪير ڏيندو؟” پهري لاءِ ٻن ماڻهن جي چونڊ ڪئي وئي، جن مان هڪ مهاجر ۽ ٻيو نصارا مان هو. کين هدايت ڪئي وئي ته هو داخلي رستي تي هوشياريءَ سان پهرو ڏين ۽ مناسب سمجهن ته واري واري سان آرام به ڪري سگهن ٿا. داخلي رستي تي پهچڻ کان پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏيل راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ته رات جي پهرين پهر ۾ مهاجر آرام ڪندو ۽ نصارا پهرو ڏيندو ۽ پويون پهر وري نصارا جي آرام جو هوندو. مهاجر سمهي پيو نصارا پهرو ڏيڻ شروع ڪيو ڪجهه دير کان پوءِ نصارا نماز پڙهڻ شروع ڪئي. ايتري ۾ اهو ڪافر به اتي اچي پهتو ۽ پهرو ڏسي پري ٿي ويهي رهيو. جڏهن هن نصارا کي نماز پڙهندي ڏٺو ته سمجهيائين ته هڪ ئي پهريدار آهي ۽ اهو به عبادت ۾ مشغول آهي سو مناسب موقعو ڄاڻي هن هڪ تير نصارا تي هلايو، نصارا کي تير لڳو پر هن بنا ڪنهن تڪليف جي اهو تير ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. ڪافر سمجهيو ته نشانو صحيح نه لڳو سو وري ڪشي ٻيو تير هلايائين نصارا اهو به بنا تڪليف جي ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. ڪافر وري ٽيون تير هلايو پر ايتري ۾ نصارا نماز پڙهي چڪو هو ۽ مهاجر جي به اک کلي وئي. ڪافر ته ٻيو پهريدار ڏسي ڀڄي ويو ۽ نصارا جي ڪپڙن تي رت ڏسي مهاجرکيس هڪل ڪري چيو ته تو مون کي پهريون تير لڳڻ تي ڇو نه جاڳايو. ان تي نصارا چيو “نماز ۾ آئون قرآن شريف جي اهڙي ته سهڻي آيت جي تلاوت ڪري رهيو هئس جو منهنجي دل ئي نه چيو ته ان کي اڌ ۾ ڇڏي ڪنهن ٻئي شيءِ بابت سوچيان.”
* ابو هريره کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو به فجر جي نماز جماعت سان گڏ پڙهي ٿو سو الله جي امان ۾ هليو وڃي ٿو ۽ الله تعاليٰ پاڻ ان جي خاطري ڪرائي آهي. مون کي اميد آهي ته جيڪي ايئن نٿا ڪن (جماعت سان گڏ نماز نٿا پڙهن) تن کي سزا نه ملندي. اها خاطري جنهن کي به حاصل ڪرڻي آهي سو پنهنجي خالق سان رابطو ڪري.”
* ابو هريره کان هڪ ٻي روايت آهي ته پياري پيغمبر ﷺ جن فرمايو “ڏينهن ۽ رات ملائڪ توهان جي مٿان چڪر لڳائيندا رهن ٿا. فجر ۽ عصر جو گڏ ٿين ٿا. پوءِ جن به ملائڪن توهان جي نگراني ڪئي سي خدا جي روبرو توهان جي ڪارگذاري پيش ڪن ٿا. الله پاڪ جيڪو سڀ ڪجهه بهتر ڄاڻي ٿو سو کانئن پڇي ٿو “توهان منهنجن ٻانهن کي ڪيئن ڏٺو؟” ملائڪ جواب ڏين ٿا “اسان کين نماز پڙهندو ڏٺو ۽ نماز پڙهندي ئي ڇڏي آيا آهيون.”
* عماره ابن روعيبه کان رويت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو “جيڪي سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نماز پڙهن ٿا ۽ سج لٿي کان اڳ به نماز پڙهن ٿا سي ڪڏهن به دوزخ ۾ داخل نه ٿيندا.” اهي فجر ۽ عصر جا وقت آهن.
* سعد ابن المصعب کان روايت آهي ته پياري نبي ﷺ جن فرمايو “اسان ۾ ۽ مشرڪن ۾ رڳو فجر ۽ عصر جي نماز جو فرق آهي. مشرڪن کي ان عرصي ۾ بي اثر بنائي ڇڏيو وڃي ٿو.”
* حضرت عثمان رضي الله عنها کان روايت آهي ته پياري نبي ﷺ جن فرمايو “جنهن سومهڻيءَ جي نماز جماعت سان ادا ڪئي تنهن کي اڌ رات جو مالڪ بڻايو ويو ۽ جنهن فجر جي نماز جماعت سان ادا ڪئي تنهن کي سڄي رات عطا ڪئي وئي.”
* سعد ابن المصعب کان روايت آهي ته انصار سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جو آخري وقت هو ۽ مرڻ کان اڳ ۾ هو چوڻ لڳو ته آئون توهان کي هڪ حديث پاڪ ٻڌايان ٿو صرف ان ڪري ته جيئن مون کي ڇوٽڪارو نصيب ٿئي. مون پياري پيغمبر ﷺ جن کي هڪ ڀيري اهو چوندي ٻڌو “جڏهن توهان مان ڪو شخص وضو ڪري نماز جي لاءِ وک وڌائي ٿو ته سندس هر ساڄي قدم کڻڻ تي خدا کيس هڪ نعمت عطا ڪري ٿو ۽ هر کاٻي قدم کڻڻ تي سندس هڪ گناهه معاف ڪيو وڃي ٿو. سو توهان جڏهن مسجد ۾ نماز جي لاءِ وڃو ٿا ۽ وري واپس موٽو ٿا ته ڇوٽڪاري جا حقدار بڻجي ٿا وڃو. توهان کي جيڪڏهن مسجد تائين پهچڻ ۾ دير به ٿي وڃي تڏهن به توهان انهن نعمتن ۽ عنايتن جا حقدار رهو ٿا. دير جي صورت ۾ توهان نماز جي ادائيگي اتان کان شروع ڪريو جتان کان جماعت ڪري رهي آهي ۽ پوءِ پنهنجون رهجي ويل رڪعتون پڙهي وٺو. توهان ان صورت ۾ به رحمتن جا حقدار رهندا.”
* ابو سعدِ الهدري کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو “الله ﷻ کي ٽي شيون تمام گهڻيون عزيز آهن، نماز جون صفون، اڌ رات جو تهجد پڙهندڙ شخص ۽ اهو شخص جيڪو جهاد ۾ حصو وٺي ٿو.”
* حضرت عمر ابن خطاب رضي الله عنها کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو شخص لڳاتار چاليهه ڏينهن تائين جماعت سان گڏ سومهڻي نماز ان طرح پڙهي ته هو پهرين رڪعت کان ئي جماعت ۾ شامل هجي ته الله پاڪ ان شخص کي دوزخ جي باهه کان ڇوٽڪارو مليل شخص جو خطاب عطا فرمائي ٿو.”
* يحيٰ ابن السعد جي تشريح آهي “قيامت جي ڏينهن توهان کان سڀ کان پهريون سوال نماز بابت پڇيو ويندو. جيڪڏهن توهان جون نمازون مڪمل هونديون تڏهن ئي توهان کان ٻين معاملن بابت پڇاڻو ٿيندو. جيڪڏهن نمازون مڪمل نه هونديون ته ٻيا معاملا اتي ئي ڇڏيا ويندا ۽ توهان جو سموريون نيڪيون ضايع ٿي وينديون.
* حضرت علي ابن ابي طالب فرمايو “آخري وقت تي پياري پيغمبر ﷺ جن جي زبان تي نماز ۽ نماز جا لفظ هئا ۽ اهو به چوندا رهيا ته جن جي خدمت توهان جي ذمي آهي تن جا حق ادا ڪريو ۽ خدا جي عذاب کان ڊڄندا رهو.”
* حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنها کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو فجر جي نماز ادا ڪري ٿو سو الله پاڪ جي امان ۾ هليو وڃي ٿو. ان خاطريءَ کي نظر انداز نه ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي شخص کي ڪو شخص قتل ڪندو ته الله پاڪ قاتل کي ان جي سزا ڏيڻ تائين ان شخص جون نيڪيون جاري رکندو.”
* عبدالله ابن سلمان کان روايت آهي ته خيبر جي فتح واري ڏينهن تي هڪ شخص آيو ۽ نبي سڳوري کي چوڻ لڳو “اڄ مون تمام گهڻو نفعو ڪمايو آهي؟” پاڻ سڳورن فرمايو “ڪهڙو نفعو؟” هو شخص چوڻ لڳو “واپار ۾ اڄ سڄي ڏينهن ۾ مون 300 دينار نفعو ڪمايو آهي.” پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا تون ان سموري دولت کان به وڌيڪ نفعي واري شيءِ بابت ڄاڻڻ چاهين ٿو؟” هو چوڻ لڳو “ها بلڪل حضور، ٻڌايو اها ڪهڙي شيءِ آهي؟” پاڻ سڳورن فرمايو “اهي فرض نماز جي ادائيگيءَ کان پوءِ پڙهيل نماز جون وڌيڪ ٻه رڪعتون آهن.”
* هڪ حديث مبارڪ ۾ آيل آهي ته پاڻ سڳورن کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته ڪنهن ٻار تي نماز ڪڏهن فرض ٿئي ٿي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جڏهن ڪو ٻار پنهنجي کاٻي کي ساڄي کان الڳ ڪري سگهي ته مٿس نماز فرض بڻجي وڃي ٿي.”
* انس کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جڌهن ڪنهن کي ڪا نماز پڙهڻ وسري وڃي ته کيس ان جي جيئن ئي يادگيري اچي ته ان ئي وقت پڙهي ڇڏي. قضا ٿي ويل نماز جي ادائيگيءَ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به طريقو نه آهي.”
* تابِر پاڻ سڳورن کي اهو فرمائيندي ٻڌو “نماز بندي ۽ شرڪ جي وچ ۾ ديوار آهي.”
* عبدالله ابن الشڪيڪ کان روايت آهي “اصحاب سڳورا جنهن شيءِ کي ڪفر جي سڀ کان وڏي علامت سمجهندا هئا سا نماز نه پڙهڻ هئي.”
* ابن العمر کان کان روايت آهي “اهو شخص جنهن کان عصر جي نماز رهجي وڃي ٿي تنهن جي حالت اهڙي آهي جهڙي ان شخص جي هجي جنهن کان سندس ڪٽنب ۽ ملڪيت هلي وئي هجي.”
* بره کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪي نماز پهرين صف ۾ بيهي پڙهڻ جي خواهش رکن ٿا تن تي الله ۽ ان جي فرشتن جون رحمتون نازل ٿين ٿيون. جيئن ئي ٻانگو ٻانگ ڏيڻ شروع ڪري ٿو ته خدا جي نعمتن جو نزول شروع ٿي وڃي ٿو. سڪل هجي يا آلي هر شيءِ جيڪا ٻانگ جو آواز ٻڌي ٿي سا ان جي تصديق ڪري ٿي. جيڪو جماعت سان گڏ نماز پڙهي ٿو ان تي رحمتون ٻيڻيون ٿي وڃن ٿيون.”