ڏاهپ / اخلاقيات

تخليق خالق کانسواءِ؟

ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
Title Cover of book تخليق خالق کانسواءِ؟

باب پهريون

[b]1. دريءَ مان اندر جو منظر
[/b]فن جو هر شاهڪار ڊزائننگ واري عمل جو نتيجو آهي ۽ هر ڊزائن مان ان جي تخليقڪار جي مهارت جي خبر پوي ٿي. شاعريءَ مان ڪنهن شاعر، عمارت مان ڪنهن اڏيندڙ ۽ راڳ مان ان جي بنياد وجهندڙ جو ڏس ملي ٿو. تاج محل هجي يا نيري مسجد هجي اهي فن جا شاهڪار نظر اچن ٿا ۽ اهي ڪنهن ماهر تخليقڪار جي پڻ نشاندهي ڪن ٿا. هرماڻهوءَ کي انفرادي طور تي ڪجهه صلاحيتون عطا ڪيل هونديون آهن ۽ جيڪي انهن صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهندا آهن سي ئي دنيا ۾ مشهور ٿيندا آهن. اهو مقام ماڻڻ لاءِ شوق، محنت ۽ مسلسل جاکوڙ جي ضرورت پوي ٿي. ڇا اسين اهو تسليم ڪري سگهون ٿا ته تاج محل بنا ڪنهن اڏيندڙ جي وجود ۾ اچي ويو؟ مونا ليزا واري تصوير بنا ڪنهن آرٽسٽ جي جنم ورتو؟ ڪا شاعري بنا ڪنهن شاعر جي پاڻمرادو تخليق ٿي وئي؟ يقيني طور اها ٻاراڻي ڳالهه لڳندي ته ڪنهن شيءِ جو ڪو خالق نه هجي ۽ اها پاڻمرادو وجود ۾ اچي وئي هجي. جڏهن فن جو هر شاهڪار اسان کي ڪنهن فنڪار يا ڪنهن آرٽسٽ يا ڪنهن ڪاريگر جي ياد ڏياري ٿو ته پوءِ هن ڪائنات جا عظيم نظارا، فطرت جا عظيم شاهڪار ۽ خلا جا عظيم منظر ڇا اسان کي ڪنهن عظيم ذات، ڪنهن مختيارڪُل جي ياد نٿا ڏيارين؟ بلڪل ياد ڏيارين ٿا ۽ ان لاءِ اکين جي هجڻ يا نه هجڻ جو به ڪو شرط نه آهي.
يقيني طور ڪائنات جي هر مخلوق پنهنجي منفرد وجود ذريعي ان طرف اشارو ڪري ٿي ته کين وجود بخشيندڙ ڪا اهڙي اعليٰ ذات ضرور موجود آهي جيڪا بلڪل قادر مطلق آهي. ان کان انڪار ته ممڪن ئي نه آهي ڇاڪاڻ ته انڪار کان اڳ ۾ ان ذات جي شاهدي ڏيندڙن کي خاموش ڪرڻو پوندو جيڪو ڪنهن به طور ممڪن نه آهي.

[b]2. ڇا ڪا پُل پاڻمرادو ٺهي سگهي ٿي؟
[/b]امام اعظم ابو حنيفه هڪ عظيم مسلمان دانشور ٿي گذريو آهي سندس پوئلڳ حنفي سڏجن ٿا. چون ٿا ته هُو ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين هوندو هو. هڪ ڏينهن بغداد ۾ جتي ابو حنيفه رهندو هو هڪ اجنبي آيو جنهن کي پنهنجي علم تي تمام گهڻو ناز هو. هن بغداد واسين کا سوال ڪيو ته هتي ڪو اهڙو عالم آهي جيڪو منهنجي آڏو خدا جي وجود کي ثابت ڪري سگهي. ماڻهن چيو ته ها ابو حنيفه نالي هڪ نينگر آهي جيڪو تو کي ان جو جواب ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ابو حنيفه ان شخص جي سامهون آيو ته هُن ڏاڍي غرور مان ننڍڙي نينگر ڏانهن نهاري چيو ته ان جي هاڻي ئي خبر پئجي ويندي.
ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم گڏ ٿي ويو ۽ اهو اجنبي شخص هڪ اوچي مسند تي چڙهي ويٺو ۽ ابو حنيفه هيٺ ماڻهن سان گڏ سندس سامهون بيهي رهيو. اوچتو ابو حنيفه چيو “افسوس ان بحث لاءِ مددگار ڪتاب ته گهر رهجي ويا آهن، جيڪڏهن اجازت ڏيو ته اهي کڻي اچان ته پوءِ مناظرو شروع ڪريون.”
اهڙيءَ طرح امام ابو حنيفه اجازت وٺي گهر روانو ٿيو ۽ تمام گهڻو وقت گذري ويو پر هُو واپس نه موٽيو. ماڻهن ۾ بيچيني پکڙڻ لڳي ۽ هو سوچڻ لڳا ته ڪٿي هُنن ابو حنيفه جي چونڊ ڪري وڏي غلطي ته نه ڪئي آهي. هاڻي شايد هو واپس نه اچي. وري به کين اهو خيال ٿي آيو ته ابو حنيفه اڄ ڏينهن تائين واعدي خلافي نه ڪئي آهي. بهرحال چڱو وقت گذرڻ کان پوءِ ابو حنيفه سهڪندو اچي پهتو. ابو حنيفه جي دير ڪرڻ جي ڪري اجنبي شخص خوشفهميءَ جو شڪار ٿي رهيو هو ته سندس ڪاميابي يقيني آهي. ابو حنيفه جي واپس پهچڻ تي هن سوال ڪيو “ايتري دير ڪري ڇڏيئي؟ شايد توکي پڪ آهي ته تون خدا جي وجود کي ثابت نه ڪري سگهندين.”
ابو حنيفه وراڻيو “خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي. اصل ۾ آئون دريا جي پرئين ڪپ تي رهان ٿو. جيئن ئي دريا جي ڪپ تي پهتس ته اهڙو طوفان لڳو جو سڀ ٻيڙيون تباهه ٿي ويون ۽ سموريون پليون ڪري پيون.”
اجنبي شخص چيو “پوءِ تون گهر ڪيئن پهتين؟
ابو حنيفه چيو “اهو تباهيءَ جو منظر ته مون پري کان ڏٺو ۽ جيئن ئي ڪناري تي پهتس ته ڏٺم ته پٿر پاڻمرادو هڪ ترتيب سان گڏ ٿي رهيا آهن. اوچتو ئي اوچتو پل جو بنياد تيار ٿي ويو، پوءِ ڪاٺ جا ٽڪرا اڏامندا آيا ۽ پنهنجي جاءِ تي اچي بيهي رهيا. جنهن کان پوءِ ڪليون وسڻ لڳيون ۽ ڪاٺ جي ٽڪرن کي ڳنڍڻ لڳيون. مسلسل هر شيءِ هڪ ترتيب سان ڳنڍبي رهي ان جي نتيجي ۾ اوچتو سڄي پل تيار ٿي وئي ۽ آئون هتي واپس پهچي ويس.
اها ڪهاڻي اتي موجود هر شخص ڏاڍي حيرت مان ٻڌي ۽ اجنبي طنزيه انداز ۾ چيو “ڇا اهو بهتر نه آهي ته ننڍڙي ڇوڪري بدران اوهين ٻيو ڪو عقلمند ماڻهو ڳوليو؟ مون وٽ اهڙين چريائيءَ واري ڳالهين لاءِ ڪو به وقت نه آهي.”
ابو حنيفه سوال ڪيو “منهنجي ڪهاڻيءَ جو ڪهڙو حصو تو کي بيوقوفيءَ وارو لڳو؟”
هُن وراڻيو “سڄي ڪهاڻي بيوقوفيءَ تي ٻڌل آهي. ڪا پُل پاڻمرادو ڪيئن ٺهي سگهي ٿي؟”
ابو حنيفه چيو “هڪ سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته پل جي ڀيٽ ۾ هيءَ دنيا ننڍي آهي يا وڏي؟”
هن شخص چيو “بيشڪ هيءَ دنيا پل جي ڀيٽ ۾ وڏي ۽ تمام گهڻ رخي آهي.”
هاڻي ابو حنيفه جو وارو هو “تنهنجي دعويٰ آهي ته هڪ پل جيڪا تمام ننڍي ۽ ٺاهڻ تمام آسان آهي سا پاڻمرادو اڏجي نٿي سگهي. ان لاءِ هڪ آرڪيٽيڪٽ جي ضرورت پوي ٿي ته پوءِ اها دعويٰ ڪيئن ٿو ڪرين ته هيءَ وشال ڪائنات بنا ڪنهن خالق جي وجود ۾ اچي وئي؟”
اجنبي شخص پنڊ پهڻ ٿي ويو ۽ ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ هو چوڻ لڳو “چڱو ٺيڪ آهي اهو مڃيان ٿو ته هيءَ ڌرتي ٺاهيندڙ ڪا هستي آهي.”
ابو حنيفه چيو “بلڪل اها هستي خدا جي ذات آهي.”
اجنبي شخص ککو وکو ٿي ويو پر پوءِ به هن خيال ڪيو ته بحث اڳتي وڌائڻ گهرجي سو سوال ڪيائين “جيڪڏهن خدا آهي ته پوءِ اهو اسان کي ڏسڻ ۾ ڇو نٿو اچي؟”
ابو حنيفه ايئن مرڪڻ لڳو ڄڻ ته هُن ڪو ٻاراڻو سوال ڪيو هجي، پوءِ چوڻ لڳو “ان سوال جو جواب به ڏيندس پر گهڻي دير ٿي وئي آهي سو پهرين اچ ته ٿورو گرم کير پيون ۽ آرام ڪريون پوءِ ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا.”
ٻه گلاس کير جا اچي ويا ۽ ان ۾ ملائڻ لاءِ ماکي به آندي وئي. پهرين اجنبي شخص پنهنجي کير ۾ ٿوري ماکي ملائي ۽ پوءِ ماکي ابو حنيفه ڏانهن وڌائي. ابو حنيفه پنهنجي کير ۾ ماکي ملائڻ کان پوءِ ماکيءَ جو ٻيو چمچو ڀري اجنبي شخص جي کير واري گلاس ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته اجنبي شخص چيو “نه مهرباني، آئون کير ۾ ماکي ملائي چڪو آهيان.” پر ابوحنيفه ضد ڪرڻ لڳو ته کير ۾ ماکي نظر نٿي اچي تنهنڪري هُو ان ۾ وڌيڪ ماکي ضرور ملائيندو. جنهن تي اجنبي شخص ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو “آئون توکي ٻڌائي چڪو آهيان ته مون کير ۾ مٺاڻ ملائي ڇڏيو آهي!”
ابو حنيفه چيو “مون کي يقين نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ مٺاڻ نظر ئي نٿو اچي.”
اجنبي شخص وراڻيو “تو کي آخر مون تي اعتبار ڇو نٿو اچي!”
ابو حنيفه چيو “ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪا شيءِ نظر نٿي اچي ان تي اعتبار نٿو ڪري سگهان.”
اجنبي شخص چيو “تو کي کير ۾ مٺاڻ نظر نه ايندو ڇاڪاڻ ته اهو کير ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ توکي کير چکڻو پوندو. تون آخر منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران اجايون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين.”
ابو حنيفه چيو “ان سوال جو جواب ته تو پاڻ ڏئي ڇڏيو آهي ته مٺاڻ کير ۾ ملي چڪو آهي ۽ ان بابت خاطريءَ لاءِ اسان کي مختلف طريقن سان ڳولڻو پوندو. بيشڪ اسان کي الله نظر نٿو اچي پر اسين کيس سندس مخلوق ۾ ڳولي سگهون ٿا. هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو اسين جڏهن ان جا سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته خبر پوندي ته انهن سڀني جي پويان خدا جي ذات موجود آهي. تنهنجي اها حالت آهي جو مٺاڻ کير ۾ ملائڻ کانپوءِ ان کي ڏسي نٿو سگهين ته پوءِ انهن اکين سان هن مخلوق ۾ خدا کي ڪيئن ڏسي سگهندين. جيڪڏهن تون خدا کي ڏسڻ چاهين ٿو ته پوءِ اندر جون اکيون کول جيڪي تنهنجي منهن تي اکيون موجود آهن انهن سان نه ڏسي سگهندين. ڇاڪاڻ ته اهي رڳو محدود حد تائين ڏسي سگهن ٿيون.”
هاڻي اجنبي شخص کي ڀڄڻ کانسواءِ ڪا واٽ نظر نٿي آئي. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ چوڻ لڳو “چڱو آئون مڃيان ٿو ته خدا موجود آهي ۽ نظر به نٿو اچي. بس منهنجي آخري سوال جو جواب ڏي ته اهو خدا جيڪو صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو سو هن وقت ڇا پيو ڪري؟”
ابو حنيفه چوڻ لڳو ته ان سوال جو جواب تمام آسان آهي پر ان جو جواب آئون تڏهن ڏيندس جڏهن آئون تنهنجي جاءِ تي هجان ۽ تون منهنجي جاءِ تي هجين. ان تي اهو شخص وائڙو ٿي ويو ۽ پنهنجي جاءِ تان اٿي هيٺ اچي ابو حنيفه جي جاءِ تي بيٺو ۽ امام ابو حنيفه مٿي مسند تي ويهي چوڻ لڳو “خدا هڪ وڌيڪ مشرڪ کي سندس جاءِ تان هيٺ لاهي هڪ ٻار جي جاءِ تي آڻي بيهاريو آهي ۽ هڪ ٻار کي سندس مقام عطا ڪري اهو تماسو ڏسي رهيو آهي.”
ان جي نتيجي ۾ اجنبي شخص مڪمل طور لاجواب ٿي ويو ۽ اتي ئي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو.

[b]3. خدا جي وجود بابت وڌيڪ شاهديون
[/b]الف. هيءَ ڪائنات فاني آهي: ٿرمو ڊائنامڪس جي ٻئي نمبر قانون مطابق هن ڪائنات ۾ توانائي مسلسل خارج ٿي رهي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته گرمي پد، دٻاءُ ۽ ڪثافت ۾ فرق ان جو ئي نتيجو آهي ۽ اهو ايتريقدر جو ان جي هئيت تي به اثرانداز ٿي رهيو آهي. توانائي جو اهو اخراج هڪ ڏينهن نيٺ ان توانائيءَ جي خاتمي جو سبب بڻجندو ۽ هن ڪائنات جو حرڪي موت واقع ٿي ويندو. جيڪڏهن هيءَ ڪائنات ابدي هجي ها ته مرحليوار هجي ها ۽ هڪ مرحلو ختم ٿيڻ تي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃي ها. پر ٿرمو ڊائنامڪس جو قانون ٻڌائي ٿو ته هن ڪائنات جي هڪ ابتدا آهي. جنهن به شيءِ جي ابتدا آهي تنهن جي انتها لازم آهي.
ب. اليڪٽران: هر مادي ۾ اليڪٽران موجود هوندا آهن جيڪي مسلسل حرڪت ۾ رهن ٿا. اها مسلسل حرڪت مادي جي هئيت ۾ بدلاءُ پئدا ڪري ٿي. جيڪڏهن مادو لافاني هجي ها ته اها حرڪت به پنهنجا مرحلا مڪمل ڪندي رهي ها. جديد تحقيق مان اهو پڻ ظاهر ٿيو آهي ته مادي جي ائٽم ۾ موجود اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران وغيره جي هڪ عمر متعين آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته مادو فاني آهي.
ت. اسان جي سج ۾ 564 ملين ٽن هائيڊروجن هر سيڪنڊ ۾ هِيليم گئس ۾ تبديل ٿيندي رهي ٿي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي سج جي ڪثافت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هر منٽ ۾ ان جو 240 ملين ٽن مادو خرچ ٿي رهيو آهي. اهو به ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته ڪنهن به تاري جي سراسري عمر ڏهه ارب سال آهي. هن ڪائنات ۾ اربين ستارا آهن. جيڪڏهن هيءَ ڪائنات ابدي هجي ها ته انهن ستارن جو خاتمو نه ٿئي ها پر انهن جو رڳو مرحلو مڪمل ٿئي ها. جنهن مان اها خبر پڻ پوي ٿي ته هن ڪائنات جي هڪ شروعات آهي.

جيئن توهان ڏٺو ته ٿرمو ڊائنامڪس ۽ آسٽروفزڪس جي تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته مادو غير فاني نه پر فاني آهي.

[b]4. ڇا اهو ممڪن آهي ته مادو اتفاقي طور تي وجود ۾ اچي ويو هجي؟
[/b] فرض ڪريو ته اسان جي ڪمري ۾ ٽي ڪتاب پيل آهن. هر ڪتاب تي هڪ نمبر لڳل آهي ۽ اهي 1، 2 ۽ 3 جي ترتيب سان پيل آهن. ڪمري ۾ رڳو هڪ انڌو ٻار موجود آهي. ڇا هاڻي اسين اهو فرض ڪري سگهون ٿا ته اهي ڪتاب ان انڌي ٻار ترتيب سان رکيا هوندا؟ جيڪڏهن ڪتابن جو تعداد ويهن تائين وڌائي ڇڏجي ته پوءِ اسان جي راءِ ڇا هوندي؟
فرض ڪريو ته ڪنهن پبلشر وٽ لفظن جا 5 لک سيٽ موجود آهن ۽ اوچتو هوا لڳي ٿي ان مان ڪجهه اکر هيٺ ڪري پون ٿا، هاڻي فرش تي نطر وجهجي ته اهي اکر اهڙي ترتيب سان ڪريا آهن جو فرش تي جبل، لوڻ ۽ ڍنڍ جا لفظ ٺهي پيا آهن، ڇا اهو سڀ ڪجهه ممڪن نظر اچي ٿو؟ اسين ٿوري دير جي لاءِ ان جي ممڪنات کي مڃڻ لاءِ تيار به ٿي وڃون پر جيڪڏهن ڪو اها دعويٰ ڪري ته سڄو ڪتاب اتفاق سان اکر ڪرڻ جي ڪري ترتيب ۾ اچي ويو آهي ته پوءِ ڳالهه مڃڻ کان بنهه ٻاهر هوندي ۽ ان تي ڪير به يقين نه ڪندو.
فرض ڪريو ته اسين ڪاغذ جي ڏهه ٽڪرن تي 1 کان 10 تائين ترتيب سان انگ لکون ٿا ۽ پوءِ انهن کي هڪ هڪ ڪري هوا ۾ اڇلايون ٿا هاڻي انهن جو ساڳي ترتيب سان زمين تي ڪرڻ جو چانس هڪ ارب جي ڀيٽ ۾ هڪ هوندو. جيڪڏهن انهن جو تعداد 12 ڪريون ته اها نسبت وڃي هڪ سئو ارب تي بيهندي. جيڪڏهن تعداد 22 ڪجي ته پوءِ اها نسبت وڃي ڏهه هزار اربن تائين پهچندي.
جيڪڏهن اهو ناممڪن آهي ته ڪو انڌو شخص رڳو 20 ڪتاب نمبرن مطابق ترتيب سان رکي سگهي، جيڪڏهن اهو ناممڪن آهي ته ڪا مشين بنا ڪنهن مدد جي رڳو هڪ ڪتاب اتفاق سان درست ڇاپي سگهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن ڪائنات جو هيءُ شاهڪار ڪتاب ڪنهن اتفاقي حادثي جي ڪري وجود ۾ اچي سگهي. اها ڪائنات جنهن ۾ قسمين قسمين رنگن ۽ خوشبوءِ وارا قسمين قسمين گل، مختلف شڪلين ۽ مختلف خوبين وارا جانور، شاندار طبعي خوبيون رکندڙ انسان، ڪهڪشائون ۽ ستارا جيڪي سڀ هڪ خاص ترتيب سان گردش ۾ آهن سي سڀ ڪنهن اتفاقي حادثي جو نتيجو هجن. “هن سڄي ڪائنات ۾ هڪ ترتيب ۽ هڪ تسلسل نظر اچي ٿو سو محض اتفاق نه آهي، ان سموري ترتيب جو خالق الله تعاليٰ آهي.”

[b]5. ماءُ ۽ پيءُ جا حق
[/b] ماءُ ۽ پيءُ هن ڪائنات جون اهڙيون شخصيتون آهن جن جو احترام هر انسان تي لازم آهي. ساڻن بدسلوڪي خدا سان بدسلوڪيءَ جي مترادف آهي. جيڪي پنهنجي والدين کي رنجائين ٿا سي پاڻ به جلد ئي ان جو شڪار ٿيندا. انسان جڏهن نطفي مان ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ٿو ان وقت کان وٺي هو والدين تي بوجهه بڻجي ٿو. ان جو ڪير به ڪاٿو نٿو لڳائي سگهي ته والدين ڪيتري پيار ۽ پاٻوهه مان اولاد جي پرورش ڪن ٿا ۽ کين ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. سندن محبتن جو ڪاٿو سکڻي تعلق مان نٿو لڳائي سگهجي. اهوئي سبب آهي جو والدين جو احترام اسان سڀني تي نه رڳو فرض آهي پر اسان کي ان جو ڦل به ضرور ملڻو آهي.
اهي ماڻهو جيڪي والدين خوشنوديءَ کي خدا جي خوشنودي سمجهن ٿا سي دنيا ۽ آخرت ۾ سوڀارا رهن ٿا. جيڪي والدين جي وجود کي بار سمجهن ٿا ۽ ناقابل برداشت تصور ڪن ٿا سي تحقيق شيطان جا پوئلڳ آهن ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سزا جا حقدار بڻجن ٿا.
جيڪڏهن توهان اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪو شخص الله تعاليٰ جو ڪيترو احترام ڪري ٿو ته پهرين اهو ڏسو ته اهو شخص والدين جو ڪيترو احترام ڪري ٿو. ان مان بهتر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان شخص جي دل ۾ خدا جي لاءِ ڪيترو احترام آهي. اڄ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو خدا سان محبت جي دعويٰ ڪن ٿا سي به والدين جو جوڳو احترام نٿا ڪن ۽ بيزاريءَ جو اظهار ڪن ٿا.
ڪو شخص والدين جي لاءِ جيتري محبت ۽ فرمانبرداري جو اظهار ڪري ٿو ته والدين به ان جي روح جي ڇوٽڪاري لاءِ ان کان وڌيڪ ڪوششون ڪن ٿا. والدين پنهنجي ٻارن کي بهترين استادن جي حوالي ڪن ٿا. جڏهن ڪو شخص والدين کي نظرانداز ڪري ٿو ته ان کي والدين به نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ اهڙا ٻار ڏاڍا بدقسمت هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪو شخص سنئين واٽ تي هلي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي والدين جي خوشيءَ جو ڪو ٺڪاڻو نه هوندو آهي. سٺا ڪٽنب ئي سٺي معاشري جي نشاني هوندا آهن. جنهن شخص کي پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪو مقام حاصل هوندو آهي ته معاشرو به ان کي احترام جي نظر سان ڏسندو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته جيڪو والدين جو احترام ڪري ٿو ته معاشرو ان جو احترام ڪري ٿو.

[b]6. ماءُ جي دل
[/b]ڪنهن زماني ۾ هڪ شخص هوندو هو جنهن کي هڪ پٿر دل حسينا سان عشق ٿي ويو هو. هڪ ڏينهن سندس محبوبا هڪ عجيب شرط رکيو. “آئون ڏسڻ چاهيان ٿي ته توکي مون سان ڪيتري محبت آهي، جيڪڏهن مون سان پيار ڪرين ٿو ته وڃ ۽ پنهنجي ماءُ جي دل ڪڍي آڻي مون کي ڏي.” اهو اهڙو شرط هو جنهن ان شخص کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو هو. هو ڏاڍو پريشان رهڻ لڳو. آخر جڏهن کيس اها پڪ ٿي وئي ته هو محبوبا کان سواءِ رهي نه سگهندو تڏهن هن ماءُ جي دل ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. هُو ڇري کڻي آيو ماءُ کي قتل ڪري سندس دل ڪڍي رومال ۾ ويڙهي تڪڙو تڪڙو محبوبا ڏانهن وڃڻ لڳو. اوچتو هُو ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ بي اختيار سندس وات مان آواز نڪتو “او.... امان”. ان تي ماءُ دل مان دانهن نڪتي “منهنجا پٽ تو کي گهڻو ڌڪ ته نه لڳو آهي؟” ته اها آهي ماءُ جي دل.

[b]7. ماءُ جي ممتا
[/b]هڪ نوجوان عورت اسپتال ۾ هڪ پٽ کي جنم ڏنو، هن نرس کي چيو “آئون پنهنجي ٻچي کي ڏسي سگهان ٿي؟” نرس جيئن ئي ٻار ماءُ جي حوالي ڪيو ته هن پنهنجي ٻچي کي کڻي سيني سان لاتو پر جڏهن هن پنهنجي پٽ جو چهرو ڏٺو ته بلڪل پنڊ پهڻ ٿي وئي. ڊاڪٽر ۽ نرس به پريشان ٿي ويا ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته نئين ڄاول ٻار جا ڪن بلڪل نه هئا. ڪنن جي جاءِ تي خالي سوراخ هئا ۽ چڪاس مان خبر پئي ته ان سان ٻار جي ٻڌڻ جي صلاحيت متاثر نه ٿيندي، بس رڳو ڪنن جي ظاهري شڪل موجود نه هئي.
سال گذرندا رهيا، اهو ننڍڙو نينگر هاڻي اسڪول وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن هُو روئندو گهر آيو ۽ ماءُ کيس ڀاڪر پائي روئڻ جو سبب پڇڻ لڳي. ڇوڪرو روئندي چوڻ لڳو “اسڪول جا ٻار مون کي ڪُولو (بنا ڪنن وارو) سڏين ٿا.” ان جي ڪري نينگر جي پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي ۽ هو هروقت پريشان رهڻ لڳو. هُن جي سماجي زندگي متاثر ٿيڻ لڳي. کيس جيڪڏهن خدا اهو عيب نه ڏي ها ته هُو هڪ بهتر انسان بڻجي سگهي ها. اها ڳالهه والدين کان برداشت نه ٿي ۽ هنن هڪ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو، جنهن ٻڌايو ته جيڪڏهن ان ڇوڪري کي ڪو ماڻهو پنهنجا ڪن ڏي ته سندس پلاسٽڪ سرجري ڪري سگهجي ٿي ۽ هُو هڪ مڪمل زندگي گذاري سگهي ٿو. سندس والدين هاڻي تمام گهڻو فڪرمند رهڻ لڳا ۽ گهڻي ڳولا جي باوجود کين ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو جيڪو نينگر لاءِ پنهنجي ڪنن جو عطيو ڏي. اهڙيءَ طرح وڌيڪ ٻه سال گذري ويا. آخر هڪ ڏينهن والدين کيس خوشخبري ٻڌائي ته کين ڪنن جو عطيو ڏيندڙ ملي ويو آهي. هنن کيس ٻڌايو “پٽ تون هاڻي آپريشن جي تياري ڪر، اسان کي عطيو ڏيندڙ ملي ويو آهي پر هُن جو شرط اهي ته سندس نالو راز ۾ رکيو وڃي.”
آپريشن ڪامياب ٿيو. ڇوڪري جي چهري تي ڪنن جو اضافو ڪاميابيءَ سان ٿي چڪو هو. هاڻي ڇوڪري جي زندگي بهتر گذرڻ لڳي. هُو اسڪول جي هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. يونيورسٽيءَ مان ڪاميابيءَ سان ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هُو سفارتڪار بڻجي ويو. والدين کان هُو مسلسل ڪنن جو عطيو ڏيندڙ بابت پڇندو رهيو پر کيس سدائين هڪ ئي جواب مليو ته اهو ٻڌائڻ ممڪن نه آهي ڇاڪاڻ ته ان راز کي ڳجهو رکڻ جو عهد ڪري چڪا آهن. اهڙيءَ طرح ان راز جي اپٽار نه ٿي سگهي.
گهڻا سال گذري ويا ۽ هڪ ڏينهن ان نوجوان کي اطلاع مليو ته سندس والده فوت ٿي وئي آهي. هُو ڳوڙها ڳاڙيندو اچي جنازي ۾ شريڪ ٿيو. جنهن وقت کيس سندس والده جو آخري ديدار ڪرايو پئي ويو ان وقت سندس والد ميت جي چهري تان وارا هٽايا ته نوجوان دنگ رهجي ويو. ڇاڪاڻ ته سندس والده جا ٻئي ڪن غائب هئا. تڏهن سندس والد کيس ٻڌايو “تنهنجي ماءُ تنهنجي آپريشن کان پوءِ پنهنجا وار کليا رکندي هئي جنهن تي تو ڌيان نه ڏنو پر ان جو ڪارڻ اهو هو ته هُن پنهنجا ڪن توکي عطيي طور ڏيڻ کان پوءِ اهو طريقو اختيار ڪيو هو.” ان وقت ان نوجوان کي خبر پئي ته سندس حقيقي سونهن جو ڪارڻ ڪير بڻيو هو. ته اها آهي ماءُ جي ممتا جيڪا پنهنجي اولاد جي تڪليف ڪنهن به طور برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ اولاد جي سک لاءِ پنهنجي سونهن به قربان ڪري سگهي ٿي.

[b]8 . طور طريقا
[/b]عام طور عالمي اخلاقيات ۽ لڇڻن جي قائم اصولن مطابق سڀاءُ ۽ ڳالهائڻ جو انداز طور طريقن ۾ شمار ٿئي ٿو. کلڻ، ڳالهائڻ. اٿيڻ، ويهڻ کان ويندي بيهڻ ۽ روئڻ جو مناسب انداز سٺن طور طريقن ۾ شمار ٿئي ٿو. ابتدائي لحاظ کان والدين ئي طور طريقن جي تربيت ڏيندڙ ليکيا وڃن ٿا. مطلب ته ڪو ٻار جڏهن معاشري ۾ نئون نئون وارد ٿئي ٿو ته سندس طور طريقا اهي ئي هوندا آهن جيڪي کيس والدين سيکارين ٿا. جنهن بعد اسڪول ۽ معاشرو ٻار جي طور طريقن تي مثبت يا منفي اثر ڇڏين ٿا. پر اهو ياد رکڻ گهرجي جن ٻارن کي والدين طرفان بهتر طور طريقا سيکاريا وڃن ٿا تن تي ٻاهر جا اثر تمام گهٽ پون ٿا.
اسلامي تعليمات مطابق سٺن طور طريقن کان سواءِ دين ۽ دنيا جو علم حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. اهو به سچ آهي ته سٺا طور طريقا ديني توڙي دنياوي تعليم جو بنيادي جز هوندا آهن. ان ابتدائي ڏاڪي کان سواءِ ڪوبه علم حاصل نٿو ڪري سگهجي.

[b]9. استادن جو احترام
[/b]ساحل بن عبدالله جڏهن بصره ۾ رهندو هو ته ماڻهن ڏٺو ته هُو پنهنجي هڪ آڱر تي پٽي ٻڌيو گهمندو هو. جڏهن کانئس ان جو سبب پڇيو ويو ته هُن ٻڌايو ته آڱر ۾ تڪليف جي ڪري پٽي ٻڌي اٿس. تن ڏينهن ۾ بصره مان ڪو شخص مصر ويو ته اتي ڏٺائين مشهور ديني عالم ذوالنون مصري کي به آڱر تي پٽي ٻڌل هئي. پڇڻ تي خبر پئي ته کيس آڱر ۾ تڪليف آهي. پاڻ ساحل بن عبدالله جا استاد هئا ۽ جيڪڏهن استاد تڪليف ۾ هجي ته پوءِ شاگرد ڪيئن ٿو سک سان سمهي سگهي.
ان واقعي کي گهڻا ڏينهن گذري ويا. هڪ صبح جو شاگرد جڏهن مڪتب ۾ آيا ته ڏٺائون ته ساحل بن عبدالله ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي ۽ سندس ٽنگون کليل آهن. اهو اهڙو انداز هو جيڪو سندس شاگردن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هُن پنهنجي شاگردن کي چيو “اڄ جيڪي پڇڻو اٿو سو پڇو.” شاگردن سوال ڪيو “استاد محترم توهان پنهنجي اڄ جي انداز بابت ٻڌايو، ڇو ته اسان اوهان کي ان حال ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو آهي؟”
ساحل بن عبدالله وراڻيو “هر شاگرد لاءِ تمام ضروري آهي ته پنهنجي استاد جي زندگيءَ ۾ پنهنجا طور طريقا بلڪل استاد جهڙا رکي.”
ان جي ڪجهه دير کان پوءِ کين خبر پئي ته ذوالنون مصري لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

[b]10. غلطيءَ کي درست ڪيئن ڪجي؟
[/b]نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا ڏوهٽا امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام هڪ ڏهاڙي مسجد ۾ بيٺا هجن ته هڪ پوڙهو بدو نماز پڙهڻ لاءِ آيو. هُو جڏهن وضو ڪرڻ لڳو ته امامن ڏٺو ته هُو وضو درست نه پيو ڪري. کين خبر هئي ته وضوءَ جي وقت جيڪڏهن تر جيتري به غلطي ڪجي ته وضو نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن وضو نه ٿيو ته نماز ڪانه ٿيندي.
امام حسن عليه السلام پنهنجي ڀاءُ کي چوڻ لڳو “ اوهان ڏٺو ته هُن ٻانهون صحيح نه ڌوتيون آهن.”
ايتري ۾ هُن شخص پير به صحيح نه ڌوتا ته امام حسين عليه السلام فرمايو ته هيءُ ڪراڙو شخص آهي جيڪڏهن کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ٻار سمجهي ناراض ٿي پوي. تنهنڪري هاڻي ٻيو طريقو اختيار ڪريون ٿا. پوءِ ٻئي امام گڏجي ان شخص وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا “اي بزرگ شخص اسان کي وضو درست نموني ڪرڻ نٿو اچي تنهنڪري اسين چاهيون ٿا اسين وضو ڪرڻ شروع ڪريون ته توهان اسان تي نظر رکو ۽ جتي غلطي ڪريون اتي اسان کي درست ڪرڻ جو حڪم ڏجو.” ان تي پوڙهو بدو راضي ٿي ويو ۽ ٻئي امام بلڪل درست نموني وضوع ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ان شخص کي اهو اندازو به ٿي ويو ته هُن پاڻ وضوع وقت ڪٿي ڪٿي غلطي ڪئي هئي.
پوڙهي بدو کي خبر پئجي وئي ته هي ٻار رڳو سندس غلطي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، تنهن امامن جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو “غلطي اوهان کان نه ٿي آهي پر اصل ۾ وضوع وقت مون کان غلطيون ٿيون هيون جيڪي اوهان درست ڪري ڇڏيون آهن.”
ان ڪري اي منهنجا نوجوان ساٿيو توهان ڏٺو ته رڳو ڄاڻ هجڻ ڪافي نه آهي پر اصل معاملو اها ڄاڻ ٻين تائين پهچائڻ جو آهي. ٻين تائين ڄاڻ پهچائڻ جو طريقو انتهائي مناسب هجڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي بيعزتيءَ جو احساس به نه ٿئي ۽ توهان ان تائين ڄاڻ پهچائي ڇڏيو. ٻين تائين اهڙيءَ طرح پهچايو جو ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي.