ڏاهپ / اخلاقيات

تخليق خالق کانسواءِ؟

ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
Title Cover of book تخليق خالق کانسواءِ؟

باب يارهون

[b]1. الله جي رسول جا معجزا
[/b]
شق القمر
عبدالله ابن مسعود کان روايت آهي: هڪ رات اسين منيٰ ۾ موجود هئاسين جڏهن پاڻ سڳورن چنڊ کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جو معجزو ڏيکاريو. چنڊ جو هڪ ٽڪرو جبل جي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي هو. پياري پيغمبر ﷺ جن ان کان پوءِ فرمايو “توهان سڀ شاهد رهجو.”
خوراڪ ۾ برڪت
انس ابن مالڪ کان روايت آهي: ابو طلحٰه ام سليم کي چيو “آئون سمجهي نه سگهيس ته پاڻ سڳورن ڇا فرمايو. منهنجي خيال ۾ شايد بک لڳي اٿن. ڇا کائڻ لاءِ ڪجهه آهي؟”
ام سليم چيو “ها، ڪجهه موجود آهي” ۽ پوءِ هوءَ اندران جَوَن جي مانيءَ جا ڪجهه ٽڪرا کڻي آئي ۽ پنهنجي چُنيءَ ۾ ويڙهي منهنجي حوالي ڪيائين. آئون ماني پنهنجي ڪپڙن ۾ لڪائي مسجد ۾ ويس جتي پاڻ سڳورا جماعت سميت ويٺل ۽ آئون سندن ڀر ۾ ويهي رهيس. پاڻ سڳورن مون ڏانهن ڏسندي فرمايو “ابو طلحٰه موڪليو اٿئي؟”
مون جواب ڏنو “جي ها.”
پاڻ فرمايائون “ڇا ماني جو انتظام ٿي ويو آهي؟”
مون چيو “جي ها يا رسول الله.”
پوءِ پاڻ سڳورن سڀني کي اٿيڻ لاءِ چيو ۽ سڄي جماعت ابو طلحٰه جي گهر ڏانهن رواني ٿي. آئون به سندن پٺيان پٺيان هلندو پئي آيس. ابو طلحٰه اسان کي ايندو ڏسي ام سليم کي چيو “ام سليم! پاڻ سڳورا جماعت سميت هيڏانهن پيا اچن پر پاڻ وٽ ته ايتري خوراڪ جو انتظام نه ٿي سگهندو.”
ان تي ام سليم چيو “الله ۽ سندس رسول ان کان چڱي ريت واقف آهن.” جماعت ٻاهر بيٺي ۽ پاڻ سڳورا ابو طلحٰه جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ الله جي نبي فرمايو “ام سليم کائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه آهي سو کڻي اچ.” ام سليم جَوَن جي ماني ٿورو گيهه کڻي آئي. پاڻ سڳورن جَوَن جي مانيءَ جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري الله پاڪ کان دعا گهريائون ۽ پوءِ ابو طلحٰه جي اجازت سان جماعت مان ڏهه ڄڻن کي اندر گهرايائون. اهي ڏهه ڄڻا پيٽ ڀري ٻاهر ويا ته وڌيڪ ڏهه ڄڻن کي اندر اچڻ لاءِ چيائون ۽ اهڙيءَ طرح ان مانيءَ مان اسي ڄڻن پيٽ ڀري کاڌو پر ماني ختم نه ٿي.
صحيح بخاري ۽ مسلم ۾ آيل حديث پاڪ موجب عبدالرحمٰن بن ابوبڪر کان روايت آهي: “اسين هڪ سئو ٽيهه ڄڻا پاڻ سڳورن سان گڏ هڪ جنگي مهم تي هئاسين ۽ پاڻ سڳورن اسان کي حڪم ڏنو ته جنهن وٽ به کائڻ لاءِ ڪجهه هجي سو کڻي اچي. صرف هڪ شخص وٽ ٿيلهي ۾ ڪجهه اٽو هو سو کڻي آيو ۽ اسان ان مان ماني پچائڻ شروع ڪئي. ايتري ۾ هڪ مشرڪ رڍن جي ڌڻ سميت اتي اچي پهتو.”
پاڻ سڳورن ان مشرڪ کان پڇيو “اهي رڍون وڪري لاءِ آهن يا ڪنهن کي تحفو ڏيڻ پيو وڃين؟”
هن وراڻيو “وڪري لاءِ آهن.”
“پاڻ سڳورن پوءِ انهن مان هڪ رڍ خريد ڪئي ۽ اسان ذبح ڪئي. پاڻ سڳورن فرمايو “ان جو جيرو تريو.” اهڙيءَ طرح جيرو ترڻ کان پوءِ گوشت رڌيو ويو. مون کي قسم آهي الله رب العزت جو ته ان جيري مان نه رڳو اتي موجود ساٿين کي حصو ڏنائون پر جيڪي ساٿي اتي موجود نه هئا تن لاءِ به سندن حصو رکيائون. ان کان پوءِ رڌيل گوشت پليٽن ۾ لاٿو ويو ۽ هڪ سئو ٽيهه ڄڻن پيٽ ڀري گوشت کاڌو پر پليٽن ۾ موجود گوشت ختم نه ٿيو ۽ اهي ڀريل ئي رهيون. بلڪل ايئن ٿي لڳو ڄڻ انهن مان ڪنهن ڪجهه کاڌو ئي نه هجي.” بخاريءَ ۾ آيل هڪ ٻي حديث ۾ اهو واقعو جابر ابن عبدالله کان مروي آهي ۽ جنگ خندق سان تعلق رکندڙ ڄاڻايو ويو آهي. جنهن مطابق اهو کاڌو هڪ هزار ساٿين کاڌو هو پوءِ به ختم نه ٿيو هو.
پاڻيءَ جا معجزا
پاڻ سڳورا زروا ۾ اصحابن سميت موجود هئا ۽ پاڻي جو هڪ پيالو طلب ڪيائون. پاڻ سڳورن پاڻيءَ مان هٿ ٻوڙي ٻاهر ڪڍيو ته سندن آڱرين مبارڪن مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويو. پوءِ اصحابن هڪ هڪ ٿي ان مان وضو ڪيو. پوءِ راويءَ سوال ڪيو “اي ابو حمزه (اهو انس جو لقب هو) ڪيترن اصحابن وضو ڪيو؟”
ابو حمزه وراڻيو “لڳ ڀڳ ٽي سئو ماڻهن ان مان وضو ڪيو.”
پاڻ سڳورا حديبيه جي مقام تي هئا ته اصحابن پاڻيءَ جي کوٽ جي شڪايت ڪئي. پاڻ سڳورن پنهنجي ترڪش مان هڪ تير ڪڍي اصحابن جي حوالي ڪيو ته اهو تير صمد جي کوهه ۾ وجهي ڇڏين. اصحابن جيئن ئي تير کوهه ۾ وڌو ته کوهه جو پاڻي مٿي چڙهي کوهه جي ڪنارن وٽان وهڻ شروع ٿي ويو ۽ تيستائين وهندو رهيو جيستائين سمورن اصحابن پنهنجي اڃ نه اجهائي.
بيمارن ۽ زخمين لاءِ شفا
بخاري ۽ مسلم ۾ آيل آهي ته خيبر واري معرڪي ۾ پاڻ سڳورا حضرت علي عليه السلام کي اکين جي تڪليف جي ڪري پوئتي ڇڏي آيا هئا. پر جڏهن جنگ وڌيڪ وقت وٺڻ لڳي ته پاڻ سڳورن حضرت علي عليه السلام کي طلب ڪيو ۽ پنهنجي ڦيڻ مبارڪ ڏکندڙ اکين تي لڳائي ته اهي بلڪل ٺيڪ ٿي ويون ڄڻ ڏکنديون ئي نه هيون.
عثمان بن حنيف کان روايت آهي: هڪ ڀيري هڪ نابين شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين “يا رسول الله ﷺ الله کان منهنجي لاءِ دعا گهرو ته مون کي اکين جو نور ملي.”
پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته اها دعا آخرت واري ڏينهن تائين موخر ڪريان يا تون چاهين ٿو ته هينئر ئي دعا گهران.”
هن شخص عرض ڪيو “حضور منهنجي لاءِ هن وقت ئي دعا ڪريو.”
پاڻ سڳورن ان نابين شخص کي هدايت ڪئي ته هو وضو ڪري ۽ پوءِ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪري. هن شخص وضو ڪري ۽ پاڻ سڳورن جي هدايت مطابق ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ جي تياري ڪئي. پاڻ سڳورن کيس اهي آيتون سيکاريون جيڪي کيس نماز دوران پڙهڻيون هيون. هو شخص نماز پڙهي جيئن فارغ ٿيو ته کيس اکين جو نور ملي ويو.

[b]پاڻ سڳورن کي جانور به سڃاڻندا هئا
[/b]حجرت دوران جڏهن پاڻ سڳورن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنها سان گڏ هڪ غار ۾ پناهه ورتي ته ان وقت هڪ ڪوريئڙي سندن اندر داخل ٿيڻ کان ترت پوءِ غار جي دروازي تي ڄاري ٺاهي ڇڏي. ڪافر سندن پيڇو ڪندا جڏهن غار وٽ پهتا ته ان جي مٿان ڄاري ڏسي خيال ڪيائون ته پاڻ سڳورا هن غار ۾ داخل نه ٿيا آهن. جيڪڏهن اندر داخل ٿين ها ته اها ڄاري ٽٽل هجي ها.
جابر بن عبدالله کان روايت آهي: هڪ معرڪي دوران منهنجي اٺ اڳتي وڌڻ کان بنهه جواب ڏئي ڇڏيو. پاڻ سڳورن اهو لقاءُ ڏٺو ته ويجهو اچي منهنجي اٺ تي آڱر رکيائون ان تي منهنجو اٺ ايترو تيز اڳتي وڌڻ لڳو جو اهڙو ڪڏهن زندگيءَ ۾ تيز نه هليو هو ۽ نبي پاڪ جن جو حڪم ٻڌڻ لاءِ مون کي مهار ڇڪي اٺ کي روڪڻو پيو.
انس بن مالڪ کان روايت آهي: خيبر جي معرڪي ۾ فتح کان پوءِ هڪ يهودي عورت پاڻ سڳورن جي لاءِ تيارڪيل گوشت کڻي آئي. هن ان گوشت ۾ زهر ملائي ڇڏيو هو. پاڻ سڳورن اهو گوشت ورتو ۽ کائي ڇڏيائون پر کين ڪجهه به نه ٿيو. اصحابن کي گوشت ۾ زهر ملائڻ جو علم ٿيو ته هو ان عورت کي پاڻ سڳورن وٽ وٺي آيا. پاڻ سڳورن کانئس پڇيو “تو اهڙي حرڪت ڇو ڪئي؟”
ان تي هن عورت چيو “اوهان کي مارڻ لاءِ مون گوشت ۾ زهر ملايو هو.”
پاڻ سڳورن فرمايو “تو کي الله ڪامياب ٿيڻ ئي نه ڏيندو.”
ابو دائود موجب پاڻ سڳورن کي اڳ ۾ ئي ڪٺل گهيٽي ٻڌائي ڇڏيو هو ته سندس ران ۾ زهر ملايو ويو آهي.
بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي: اسان جي پرسڪون گهر ۾ ڪجهه پکي به رهندا هئا. هر ڀيري جڏهن پاڻ سڳورا گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته اهي پکي بيچينيءَ سان گهر جي مٿان پيا اڏامندا هئا. پکين کي ان وقت تائين چين نه ملندو جيستائين پاڻ سڳورا موٽي گهر ۾ داخل ٿيندا هئا. پاڻ سڳورا گهر ۾ هوندا هئا ته پکي بلڪل خاموش ۽ پنهنجي ڪرت ۾ مشغول هوندا هئا.
انس بن مالڪ کان روايت آهي: پاڻ سڳورا سمورن انسانن کان وڌيڪ حسين، طاقتور ۽ دلير هئا. هڪ رات مديني جي شهرين تمام خوفناڪ آواز ٻڌا ته ڊڄندي ڊڄندي گهرن کان ٻاهر نڪري معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا ته اهو ڇا جو آواز آهي. هو آواز واري جاءِ تي پهتا ته کانئن اڳ پاڻ سڳورا ابو طلحٰه جي گهوڙي جي اگهاڙي پٺيءَ تي سوار اتي موجود هئا ۽ تلوار سندن هٿ ۾ هئي.
پاڻ سڳورن فرمايو “ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت ڪانهي، ابوطلحٰه جو گهوڙو ڪافي تيز ۽ آرامده سواري آهي.”
اها هر ڪنهن کي خبر هئي ته ابو طلحٰه جو گهوڙو تمام سست ۽ ڍلو آهي پر ان ڏينهن کان پوءِ ان جو شمار ڀلن گهوڙن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ هر ريس ۾ پهريون نمبر ايندو هو.
جبل ۽ پٿر به سندن نبوت جي شاهدي ڏيندا هئا
جابر کان روايت آهي: الله جي رسول فرمايو “مون کي ياد آهي ته مڪي جي پٿرن مون کي نبوت ملڻ کان اڳ ۾ ئي ان جي مبارڪباد ڏني هئي. مون کي اڄ به اها ڳالهه چڱيءَ ريت ياد آهي.”
عبدالله ابن مسعود کان روايت آهي: اسين جڏهن پاڻ سڳورن سان گڏ هوندا هئاسين ته اسان کي خوراڪ جي ذرن مان به الله جي ذڪر جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
مسلم ۾ ابوهريره کان مروي آهي: پاڻ سڳورا حضرت ابوبڪر رضي الله عنها، حضرت عمر رضي الله عنها، حضرت عثمان رضي الله عنها، حضرت علي ڪرم الله وجهه، حضرت طلحهٰ رضي الله عنها ۽ حضرت زبير رضي الله عنها سان گڏ جبل حرا تي بيٺل هئا ته جبل لڏڻ لڳو. ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “اي حرا پرسڪون ٿي وڃ هڪ نبي، هڪ صديق ۽ ٻيا شهيد تنهنجي مٿان بيٺل آهن.”

[b]پاڻ سڳورن جي معجزاڻي حفاظت
[/b]جابر کان روايت آهي: نجد واري مهم تان موٽي رهيا هئاسين. آئون پاڻ سڳورن سان گڏ هئس. واٽ تي هڪ هنڌ وڻن جو جهڳٽو هو اتي پاڻ سڳورن ڪجهه دير آرام جو فيصلو ڪيو. سڀئي ساٿي وڻن جي ڇانو ۾ آرام ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ سڳورن ڪجهه پرڀرو وڻ جي ٽاريءَ ۾ تلوار ٽنگي ۽ ڪجهه دير آرام خاطر ليٽي پيا. سڀني تي غنودگي طاري هئي ته اوچتو پاڻ سڳورن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سڀئي پاڻ سڳورن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا.
جڏهن اتي پهتاسين ته عجيب منظر هو. هڪ عرب بدو سندن ڀر ۾ ويٺو هو. پاڻ سڳورا فرمائڻ لڳا “آئون آرام ۾ هئس ته هي شخص آيو ۽ منهنجي تلوار مون تي اڀي ڪري چوڻ لڳو ته اوهان کي مون ڊپ نٿو ٿئي؟”
ان تي مون چيو “نه، مون کي توکان ڊپ نٿو ٿئي.”
ان تي بدو چوڻ لڳو “ته پوءِ هاڻي اوهان کي مون کان ڪير بچائيندو؟”
مون چيو “منهنجو رب منهنجو محافظ آهي.”
پاڻ سڳورن وڌيڪ ٻڌايو ته هيءُ شخص جيئن حملو ڪرڻ لاءِ وڌيو ته حضرت جبرائيل اچي ويو ۽ بدوءَ جي ڇاتيءَ تي مڪ هنيائين ته سندس هٿ مان تلوار ڪري پئي ۽ بدو دانهن ڪري ويهي رهيو. مون پنهنجي تلوار کڻي بدوءَ کي چيو “هاڻي تو کي مون کان ڪير بچائيندو؟”
ان تي بدوءَ چيو “ڪو به نه!”
ابوهريره کان روايت آهي: ابو جهل پنهنجي ساٿين کان پڇيو “ڇا محمد اڃا به ڪعبت الله ۾ زمين تي مٿو گسائي ٿو.”
سندس ڪنهن ساٿيءَ چيو “ها.”
ابوجهل چيو “مون کي قسم آهي لات ۽ عضيٰ جو جيڪڏهن مون کيس مٿو ٽيڪيندي ڏٺو ته سڌو ڪنڌ تي چڙهي ويهي سندس چهرو مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيندس.”
ابوجهل جي اڃا ڳالهه ختم ئي نه ٿي ته پاڻ سڳورا نماز پڙهڻ جي لاءِ ڪعبت الله ۾ آيا. پاڻ سڳورا جيئن ئي سجدي ۾ ويا ته ابوجهل پاڻ سڳورن جي گردن تي چڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هو جيتري تيزيءَ سان اڳتي وڌيو ان کان به وڌيڪ تيزيءَ سان پنهنجو منهن بچائيندو واپس وريو. سندس ساٿين جي پڇڻ تي هن ٻڌايو “محمد ۽ منهنجي وچ ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا جن کان منهن بچائڻ ئي مشڪل ٿي پيو ۽ اتي مون کي ڪجهه پَرَن واري مخلوق به ڏسڻ ۾ آئي.”
پاڻ سڳورن ان کان پوءِ فرمايو “جيڪڏهن هو مون ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري ها ته ملائڪ سندس سمورا عضوا هڪ هڪ ڪري جسم کان ڌار ڪري ڇڏين ها.”
بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي: “جيستائين ‘بيشڪ، الله توهان جي ماڻهن کان حفاظت ڪندو’ واري آيت نازل نه ٿي هئي تيستائين سندن ساٿي سندن حفاظت ڪندا هئا پر ان آيت کان پوءِ فرمايائون ته هاڻي منهنجو خدا منهنجي حفاظت ڪندو.”
پاڻ سڳورن جي دعا قبول ٿيندي هئي
انس بن مالڪ کان روايت آهي: هڪ جمعي جي ڏينهن تي پاڻ سڳورا خطبو ڏئي رهيا هئا ته هڪ شخص سندن ويجهو اچي عرض ڪيو “يا رسول الله، ڪافي ڏينهن کان برسات نه پئي آهي. مهرباني ڪري دعا ڪريو ته مينهن پوي.”
پاڻ سڳورن اڃا دعا گهري بس مس ڪئي ته ڪڪر اچڻ شروع ٿي ويا ۽ جلد ايتري ته تيز برسات وسڻ لڳي جو اسين مشڪل سان پنهنجي گهر پهچي سگهياسين. اها برسات مسلسل ٻئي جمعي جي ڏينهن تائين وسندي رهي. ان ڏينهن تي وري هڪ ٻئي شخص اچي عرض ڪيو “يا رسول الله، دعا ڪريو ته مينهن وسڻ بند ٿئي.”
پاڻ سڳورن دعا گهري “اي ڪائنات جا مالڪ، ڪڪرن کي حڪم ڏي ته اهي هتان پري هليا وڃن ۽ مديني حدن کان ٻاهر وڃي وسن.”
انس بن مالڪ چيو “مون کي قسم آهي رب العزت جو ته دعا گهرڻ شرط ئي ڪڪر هٽڻ شروع ٿي ويا ۽ سڄو هفتو مديني جي آسپاس ۾ برسات پوندي رهي پر مديني ۾ مينهن جو هڪ قطرو به نه پيو.”
هڪ ڀيري پاڻ سڳورن دعا گهري ته اي منهنجا رب، ابوجهل ۽ عمر ابن خطاب مان ڪنهن به هڪ کي اسلام قبول ڪرڻ جي توفيق ڏي. ان جي ٻئي ڏينهن تي عمر ابن خطاب پاڻ سڳورن وٽ اچي اسلام قبول ڪيو ۽ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.
عبدالله بن عباس کان روايت آهي: پاڻ سڳورا غسل خاني ڏانهن ويا جتي مون اڳ ۾ ئي پاڻي ڀري رکي ڇڏيو هو ته جيئن کين وضوءَ ۾ آساني ٿئي. پاڻ سڳورن اندر داخل ٿيڻ شرط پڇيو “هيءُ پاڻي ڪنهن ڀري رکيو هو.”
ان تي مون جواب ڏنو “حضور مون ڀري رکيو هو.”
اهو ٻڌڻ شرط پاڻ دعا فرمايائون “شال خدا توکي دين کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي.”
اهو اظهرمن الشمس آهي ته پاڻ سڳورن جي دعا قبول پئي ۽ ابن عباس اسلام جو تمام وڏو عالم ٿي گذريو آهي ۽ حضرت عمر رضي الله عنها کيس تمام ننڍڙي عمر ۾ عالمن جي ڪميٽي (مجلس شوريٰ) ۾ ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو.
مسند مطابق رسول الله ﷺ جن هيءَ دعا گهري هئي “اي منهنجا الله کيس دين کي سمجهڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ جي توفيق عطا فرما.”
انس بن مالڪ کان روايت آهي: منهنجي والده مون کي نبي پاڪ جن وٽ وٺي آئي ۽ چيائين “اي الله جا رسول ﷺ، هيءُ منهنجو ننڍڙو پٽ انس آهي ۽ آئون هن کي اوهان جي حضور ۾ پيش ڪريان ٿي ته جيئن هيءُ توهان جي خدمت ڪري. توهان هن لاءِ دعا ڪريو.”
پاڻ سڳورن دعا گهري “اي منهنجا الله، هن جي دولت ۾ اضافو ڪر، هن جي اولاد ۾ برڪت وجهه.”
انس چوڻ لڳو “مون کي قسم آهي رب پاڪ جو ته اها دعا قبول پئي ۽ اڄ آئون دولتمند آهيان ۽ منهنجي اولاد ۽ ان جي اولاد جو تعداد هڪ سئو کان مٿي آهي.
انس بن مالڪ راوي آهي: رسول الله ﷺ جن هڪ ڏهاڙي منهنجي چاچي ام حرم سان ملڻ آيا. منهنجي چاچيءَ کين ڪجهه کائڻ لاءِ پيش ڪيو. ماني کائڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن ڪجهه دير آرام ڪيو. پاڻ جيئن ئي ننڊ مان اٿيا ته مُرڪي رهيا هئا. ان تي ام حرم پڇيو “يا رسول الله، توهان ڪهڙي شيءِ جي ڪري مرڪيا؟”
پاڻ سڳورن فرمايو “مون خواب ۾ ڏٺو ته ماڻهو بحري سفر ڪري رهيا هئا. جهازن تي سوار اهي ماڻهو بلڪل بادشاهه لڳي رهيا هئا. هو پنهنجي پوري جاهه ۽ جلال سان جنگ تي وڃي رهيا هئا.”
ان تي ام حرم عرض ڪيو “يا رسول الله، منهنجي لاءِ به دعا ڪريو ته آئون به انهن بحري مجاهدن ۾ شامل ٿيان.”
پاڻ سڳورن ام حرم جي لاءِ دعا ڪئي.
انس بن مالڪ چوي ٿو ته جن ڏينهن ۾ معاويه بن ابوسفيان دمشق جو گورنر هو ته جنگ لاءِ هڪ بحري ٻيڙو ترتيب ڏنو هئائين ۽ ان بحري لشڪر قبرص جي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو هو. ام حرم به ان لشڪر سان گڏ هڪ جهاز تي هئي ۽ ڪناري تي پهچڻ کان پوءِ مٿان ڪري فوت ٿي وئي هئي.
جِنَ ۽ ملائڪ به پاڻ سڳورن جي حاضري ڀريندا ۽ ساڻن ڳالهائيندا هئا
عبدالله ابن عمر کان روايت آهي: منهنجي والد عمر ابن خطاب ٻڌايو ته هڪ ڀيري اسين سڀ پاڻ سڳورن سان گڏ سفر تي هئاسين. هلندي هلندي اسان کي سفيد لباس پهريل هڪ شخص نظر آيو جنهن جا وار ڪارا هئا. اسان سڀني جي چهري تي سفر جي ٿڪاوٽ جا آثار هئا پر هن جي چهري تي اهڙو ڪوبه تاثر نه هو ۽ نه ئي سفر جي شروعات وقت ڏسڻ ۾ آيو هو. اسان مان ڪنهن به کيس نٿي سڃاتو. هڪ هنڌ آرام خاطر ويٺاسين ته هو اڳتي وڌيو ۽ پاڻ سڳورن جي پيرن ڏانهن جهڪي ساڻن مليو. هن پاڻ سڳورن کان ايمان، احسان ۽ آخرت بابت سوال ڪيو. پاڻ سڳورن کيس مڪمل اطمينان سان تفصيلي جواب ڏنو ۽ اسين سڀ به اهو جواب ٻڌندا رهياسين. پاڻ سڳورن پنهنجي گفتگو ختم ڪئي ته هو اٿيو ۽ پاڻ سڳورن کان موڪلائي هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ پاڻ سڳورن مون ڏانهن رخ ڪري چيو “اي عمر، سڃاتئي ته اهو ڪير هو؟”
ان تي مون وراڻيو “اهو رڳو الله ۽ الله جي رسول کي معلوم آهي.”
پاڻ سڳورن فرمايو “اهو جبرائيل هو. هن جو مقصد رڳو توکي دين بابت سمجهائڻ هو.”
سعد بن ابي وقاص کان روايت آهي: احد واري معرڪي ۾ مون ٻه ماڻهو ڏٺا جيڪي پاڻ سڳورن جي ساڄي ۽ کاٻي طرف کان بيٺل هئا. ٻنهي کي سفيد لباس پاتل هو ۽ هو وڏي مهارت سان پاڻ سڳورن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. اهي ٻئي ماڻهو نه مون ان کان اڳ ڪڏهن ڏٺا ۽ نه ئي ان کان پوءِ مون کي ڪڏهن ڏسڻ ۾ آيا. (اهي ٻئي حضرت جبرائيل ۽ حضرت ميڪائيل هئا.)
معاذ بن رفعه کان روايت آهي: مون کي منهنجي پيءُ رفعه بن رفعه ٻڌايو ته بدر واري معرڪي کان پوءِ حضرت جبرائيل عليه السلام حضور پاڪ جن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو “جنگ بدر ۾ جن شرڪت ڪئي تن بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟”
حضور پاڪ جن فرمايو “انهن جو مرتبو سڀني مسلمانن کان افضل آهي.”
حضرت جبرائيل چيو “جن ملائڪن جنگ بدر ۾ حصو ورتو هو اسان ملائڪن ۾ به انهن جو رتبو ٻين ملائڪن کان افضل ڪيو ويو آهي.”
احمد ابن حنبل پنهنجي مسند ۾ ابن مسعود جي روايت ڪيل هڪ حديث پاڪ بيان ڪئي آهي. جنهن ۾ ذڪر آهي ته پاڻ سڳورا جنن کي به قرآن شريف جي تعليم ڏيندا هئا.

[b]مستقبل بابت اڳڪٿيون ۽ معجزا
[/b]بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي: هڪ ڀيري سج گرهڻ ٿي ته حضور پاڪ جن صلوات الخوف پڙهي ۽ ان کان پوءِ فرمايو “بيشڪ سج ۽ چنڊ ٻئي خدا جون آيتون آهن. جڏهن اهي گرهڻ جو شڪار ٿين ٿا ٻه رڪعتون صلوات الخوف پڙهو. مون کي قسم آهي رب العزت جو ته جڏهن آئون صلوات الخوف پڙهان ٿو هن ڪائنات جا سمورا راز مون تي عيان ڪيا وڃن ٿا. نماز دوران جڏهن توهان مون کي اڳتي وڌندو ڏسو ٿا ته ان وقت جنت جا انگور منهنجي ويجهو آندا وڃن ٿا ۽ آئون انهن مان هڪ ٻه داڻا کڻي وٺان ٿو. جنهن وقت توهان مون کي پوئتي هٽندي ڏسو ٿا ان وقت مون کي جهنم ۽ ان ۾ پيل ماڻهن جو نظارو ڪرايو وڃي ٿو.”
عبدالله ابن عباس کان روايت آهي: قبرستان ۾ حضور پاڪ جن ٻن قبرن جي وچ ۾ اچي بيٺا ۽ چوڻ لڳا “ياد رکو، هنن ٻنهي کي سندن گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي. هڪ پنهنجو لباس پاڪ نه رکندو هو ۽ ٻيو بهتان هڻندڙ هو.”
وڻ به سندن اطاعت ڪن ٿا
جابر بن عبدالله کان روايت آهي: اسين پيغمبر ﷺ جن سان گڏ سفر ۾ هئاسين ۽ اچي هڪ وسيع واديءَ ۾ پهتاسين. پاڻ سڳورن رفع حاجت جو ارادو ڪيو ته آئون پاڻيءَ جو ڪرو ڀري سندن پويان پويان هلڻ لڳس. پاڻ سڳورن هيڏانهن هوڏانهن مناسب جاءِ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پردو رهي. آخرڪار کين هڪ پاسي ٻه وڻ نظر آيا. حضور پاڪ جن هڪ وڻ جي ٽاريءَ کي جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪي چيو “خدا جي حڪم سان منهنجي اطاعت ڪر.” وڻ جي ٽاري ايئن جهڪي ڄڻ ڪنهن زور سان ڇڪي ان کي هيٺ نمايو هجي. پوءِ ٻئي وڻ جي ٽاريءَ کي به ساڳيءَ طرح ساڳيو ئي حڪم ڏنائون ۽ اها ٽاري به بلڪل ساڳئي نموني سندن اڳيان جهڪي پوءِ حضور پاڪ جن مون کان پاڻيءَ جو ڪرو وٺي ٻنهي وڻن جي وچ ۾ بيٺا ۽ وڻن سان مخاطب ٿيا “الله جي حڪم سان مون تي جهڪي مون کي ڍڪي ڇڏيو.” وڻن جون ٽاريون جلديءَ سان جهڪڻ لڳيون ۽ نبي پاڪ جن مڪمل طور تي ڍڪي ڇڏيائون.
عبدالله بن عمر کان روايت آهي: حضور پاڪ جن خطبو ڏيڻ وقت کجيءَ جي هڪ سڪل ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي بيهندا هئا. جڏهن منبر تيار ٿيو ته کين ان ٿڙ کي ٽيڪ ڏيڻ جي ضرورت ئي نه رهي. اوچتو کجيءَ جي ان سڪل ٿڙ مان سڏڪن جو آواز اچڻ لڳو. پاڻ سڳورا ان ٿڙ ڏانهن ويا ۽ مٿس هٿ رکيائون ته سڏڪن جو آواز اچڻ بند ٿي ويو.
ابو سعيد الحضري کان روايت آهي: هڪ ڏينهن سومهڻيءَ جي نماز کانپوءِ الله جي رسول ﷺ جن قتادا بن نعمان کي هڪ ڏنڊو ڏنو ۽ فرمايو “هيءُ ڏنڊو تو کي اڳيان ڏهن فٽن تائين روشني فراهم ڪندو ۽ تنهنجي پٺيان به ڏهن فٽن تائين ان جي روشني هوندي. تون جڏهن گهر ۾ داخل ٿيڻ وارو ٿيندين ته تو کي مبهم پاڇولي جهڙو هڪ شخص نظر ايندو جنهن جي شڪل غير واضح هوندي تون ان جي ڳالهائڻ جو انتظار نه ڪجانءِ ڏسڻ شرط هيءُ ڏنڊو مٿي ۾ وهائي ڪڍجانس. قتادا کي بلڪل ساڳي صورتحال پيش آئي جيئن نبي پاڪ جن فرمايو هو ۽ هن بلڪل سندن فرمان مطابق ئي ان تي عمل ڪيو.
2. هڪ حلوي خور پاڻ تي پٿر وسائڻ ڇو پسند ڪيو
افيون ۾ حسين نالي هڪ شخص هوندو هو جيڪو مجذوب هو ۽ ماڻهو کيس “حلوي خور” سڏيندا هئا. هو سڄو ڏينهن افيون جي گهٽين ۾ پيو گهمندو هو ۽ هو جيڪي ڪجهه ڇوندو هو سو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو هو. اهو حلوي خور منفرد روحاني قوتن جو به مالڪ هو ۽ ان جي ڪري ماڻهو سندس هر لفظ غور سان ٻڌڻ ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هن جي هڪ عجيب عادت هئي ته ڏينهن سڄو رلڻ کان پوءِ رات هو ڪنهن نه ڪنهن ميڊيڪل اسٽور جي اڳيان گذاريندو هو. افيون ۾ سردي تمام گهڻي ٿئي ٿي ۽ کيس اهڙي جاءِ گهربل هوندي هئي جيڪا گرم هجي. ميڊيڪل اسٽورن ۾ گرم رکڻ جو انتظام هوندو هو ۽ اهي به هن جي ان عادت کان واقف هئا. هو ڪنهن کي ايذائيندڙ به نه هو تنهنڪري ميڊيڪل اسٽور وارا به کيس ڪجهه نه چوندا هئا.
آئون هڪ ڊاڪٽر آهيان ۽ ميڊيڪل اسٽور تي اچڻ منهنجو ڪم هوندو هو. ان ڪري جو ڏينهن هجي يا رات ڪنهن مريض کي ضرورت پوندي هئي ته سندس وارث مون سان رابطو ڪندا هئا ۽ آئون ميڊيڪل اسٽور تان ضروري دوائون وٺي مريض کي ڏسڻ هليو ويندو هئس. اهڙيءَ طرح منهنجي حسين سان سڃاڻپ ٿي. ڪجهه عرصي کان پوءِ اسين پاڻ ۾ دوست ٿي وياسين. هو مون وانگر ٻئي ڪنهن سان به ايئن کُلي گفتگو نه ڪندو هو.
آئون جڏهن به رات جو ڪنهن مريض کي ڏسڻ ويندو هئس ته ميڊيڪل اسٽور تي اچي گهربل دوائون خريد ڪري پوءِ ويندو هئس ۽ منهنجي چهري تي ڪجهه پريشاني به هوندي هئي. ڇو ته منهنجي خواهش هوندي هئي ته تڪڙو مريض وٽ پهچان ۽ هو منهنجي پريشاني ڏسي چوندو هو “ڊاڪٽر پريشان نه ٿي تنهنجو مريض ٺيڪ ٿي ويندو.” بهرحال آئون هليو ويندو هئس ۽ اهو مريض واقعي ٺيڪ ٿي ويندو هو. اها اهڙي گفتگو هوندي هئي جيڪا هو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به نه ڪندو هو. خبر نه آهي ته ڇا جي ڪري هو مون سان ايترو ويجهو ٿي ويو هو.
هڪ ڏينهن آئون پنهنجي هڪ مريض ٻار کي ڏسڻ جي لاءِ وڃي رهيو هئس ۽ مون ميڊيڪل اسٽور تان اچي پينسلين خريد ڪئي. پينسلين تن ڏينهن ۾ نئين متعارف ٿي هئي ۽ ڊاڪٽر ان جو استعمال به گهڻو ڪندا هئا. آئون جيئن ئي ميڊيڪل اسٽور مان ٻاهر نڪتس ته مون کي حسين ملي ويو پر آئون جلديءَ ۾ هئس سو هن ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڏنم. حسين مون کي تڪڙ ۾ ڏسي چيو “ڊاڪٽر اجايو وقت ضايع ٿو ڪرين، ٻار کي هاڻي تنهنجي علاج جي ضرورت ڪانهي، هو گذاري ويو آهي.” خير مون هن جي ڳالهه تي گهڻو ڌيان نه ڏنو ۽ آئون ٽانگي ۾ چڙهي روانو ٿي ويس. مريض جي گهر جي دروازي تي پهتس ته روڄ راڙو متل هو. ٻار واقعي فوت ٿي چڪو هو ۽ مون کي ان جو ڏاڍو افسوس ٿيو.
ان حلوي خور جي زندگيءَ جو هڪ دلچسپ رخ اهو به هو ته هُو ڏينهن جو جڏهن گهٽين ۾ پيو گهمندو هو ته شهر جا ٻار کيس “حلوي خور، حلوي خور” چئي چيڙائيندا هئا ۽ کيس پٿر هڻندا هئا. ٻار جڏهن کيس گهڻو تنگ ڪندا هئا ته هو کين گاريون ڏئي سندن پٺيان ڊوڙندو هو ته ٻار ٽڙي پکڙي ويندا هئا، هُو وري جڏهن پنهنجي راهه وٺندو هو ته ٻار وري به سندس پٺيان هوندا هئا. اهو روز جو معمول هو. هُو حلوو به گهڻو کائيندو هو ۽ حلوي خور چوڻ تي چڙندو به هو.
اسان جي دوستيءَ کي ڪافي عرصو گذري چڪو هو ۽ هاڻي هو مون تي گهڻو اعتماد به ڪندو هو ۽ واندڪائيءَ ۾ اسين هڪٻئي سان تفصيلي گفتگو به ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن مون کيس چيو “حسين تون اهو جيڪو ڪم ڪرين پيو سو گهڻو ڏکيو نه آهي؟ درويش ٿيڻ ۽ سڄو ڏينهن پٿر کائڻ ڪافي سخت ڪم آهي.” هن چيو “تون پيو ان راز تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪر هڪ ڏينهن پاڻ ئي سمجهي ويندين. آئون جيڪو ڪم ڪريان پيو ان کان بهتر ٻيو ڪوبه ڪم نه آهي. اهو تمام سهڻو ڪم آهي.” اها ڳجهارت واقعي ڏکي هئي ۽ منهنجي لاءِ ان جو راز پروڙڻ ڏکيو ڪم هو. هن جي زندگيءَ ۾ ته آئون اها ڳجهارت ڀڃي نه سگهيس ۽ آخرڪار سندس وفات کان پوءِ ان جو راز مون تي عيان ٿي ويو. حسين اصل ۾ هڪ سنت ادا ڪري رهيو هو. حضور پاڪ جن جڏهن طائف ۾ هئا ته شهر جا ٻار ايئن ئي سندن پيڇو ڪندا هئا ۽ کين پٿر هڻندا هئا. حسين پنهنجي جسم تي پٿر کائي اها تڪليف محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو جيڪا پاڻ سڳورن کي پٿر لڳڻ کان پوءِ محسوس ٿيندي هئي. سو حسين به ان سنت تي عمل ڪندو هو.
اهو حلوي خور به پاڻ سڳورن سان بيپناهه محبت ڪندو هو ۽ ان جي ڪري ئي کيس اهو روحاني مرتبو حاصل ٿيو هو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن نبي پاڪ جن پٿر کائي به صبر ڪن ٿا ته پوءِ کيس پٿر کائڻ کان پري نه ڀڄڻ گهرجي. نبيءَ جي محبت جي ڪري کيس اها درويشي حاصل ٿي هئي.

[b]3. بندگي
[/b]نبوت جو مطلب انسانذات کي سنئين واٽ ڏيکارڻ آهي ۽ اها سنئين واٽ بندگيءَ کان سواءِ ٻي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. قرآن شريف ۾ به ڪجهه اهڙي ئي وضاحت موجود آهي “مون پئدا ڪيو جنن ۽ انسانن کي ته هو منهنجي عبادت ڪن.” (51/56) خدا پاڻ ئي بندگيءَ جا قاعدا واضح ڪري ڇڏيا آهن.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته تخليق جو اهم مقصد الله کي سڃاڻڻ ۽ ان جي مناسب انداز ۾ بندگي ڪرڻ آهي. رڳو کائڻ، پيئڻ، پئسو ڪمائڻ، ڪارون بنگلا رکڻ ئي زندگيءَ جو مقصد نه آهي ۽ نه ئي انهن جي ڪا گهڻي اهميت آهي. بيشڪ اهي زندگيءَ جو ضرورتون آهن پر زندگيءَ جو مقصد نه آهن. وجود جو مقصد نه آهن. ان جي ڪري ئي اسان ڏانهن نبي موڪليا ويا ته جيئن هو اسان کي سنئين واٽ ڏَسي سگهن.
الله پاڪ نبوت جا ڪارڻ به واضح ڪري ڇڏي آهن. نبي رڳو ان ڪري موڪليا ويا ته اسان کي حقيقي مالڪ جي باري ۾ ٻڌائين، ان جي عبادت ڪرڻ سيکارين ۽ بتن جي پوڄا کان روڪين. نبين انسانذات ۾ بندگيءَ جو شعور ۽ سليقو پئدا ڪيو.

[b]الله جي رسول جي انفراديت
[/b]حضرت محمد ﷺ جن ٻين نبين کان مختلف هئا. پاڻ سڳورا واحد نبي آهن جن کي رحمت اللعالمين جو مقام عطا ڪيو ويو. کين نه رڳو انسانذات پر جنن جي به رهنمائيءَ لاءِ موڪليو ويو. عبدالله بن مسعود هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو پاڻ شاهد به آهي: هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا مون کي وٺي صحرا ۾ ويا. پاڻ سڳورن هڪ گول دائرو ڪڍي مون کي ان جي اندر ويهڻ ۽ ان مان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي. اهو به چيائون ته جيستائين پاڻ سڳورا موٽي نه اچن تيستائين ان دائري ۾ ويٺو رهان. پاڻ سڳورا مون کان اڃا ٿوروئي پري مس ويا هوندا ته مون کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا. مون کي پاڻ سڳورن بابت اچي کٽڪو ٿيو پر مجبوري هئي سندن ئي هدايت هئي ته آئون دائري ۾ ويٺو رهان. ڪجهه دير کان پوءِ مون رسول الله ﷺ جن کي واپس ايندو ڏٺو. مون کانئن انهن عجيب آوازن جي باري ۾ پڇيو ته پاڻ فرمايائون “جنن جي هڪ ٽولي مون سان ملڻ لاءِ آئي هئي پر هتي اچڻ کان پوءِ منجهن ڪنهن معاملي تان تڪرار ٿي پيو هو. ايمان وارن جنن جو مشرڪ جنن سان مقابلو ٿي پيو. اهي ئي آواز هئا جيڪي توکي ٻڌڻ ۾ آيا هئا. ان سان گڏ مون کي منهنجي موت جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.” ان جملي کان پوءِ پاڻ سڳورن وضاحت ڪجهه هن ريت ڪئي “مون کي بشر ۽ جنن کي الله جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ موڪليو ويو هو. اڄ جنن به منهنجي اسلام جي ڏنل دعوت قبول ڪري ورتي آهي ۽ ان جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻي منهنجو زمين تي ڪم ختم ٿيو. هاڻي منهنجي واپسيءَ جو وقت آهي.” انهن خيالن سان اسان تي نبوت جو مقصد پڻ واضح ٿي وڃي ٿو.

[b]4. فخر انسانيت
[/b]سوال: فخر انسانيت، ڇا هُو پاڻ پئدا ٿيا، ڇا پنهنجي زندگيءَ جو انتخاب پاڻ ڪيائون ۽ ڇا پنهنجي موت جو فيصلو پاڻ ڪيائون، ان سڀ جو مطلب ڇا آهي؟
جواب: ڪافي سال اڳ ۾ مون ان بابت تفصيل سان وضاحت ڪئي هئي ۽ اهي چيل ڳالهيون ياد نٿيون رهن. بهرحال آئون پنهنجي يادداشت جي سهاري انهن کي دهرائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
مشهور شاعر نجيب فاضل لکي ٿو “پاڻ سڳورن جي ڪري اسين خلقيا وياسين.” حديث قدسي جنهن جي صحت تي اڪثر عالم شڪ جو اظهار ڪن ٿا، پر پوءِ به هتي پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. ان حديث مطابق پاڻ فرمايائون “جيڪڏهن مون کي پئدا نه ڪيو وڃي ها ته هيءَ دنيا ئي نه خلقي وڃي ها.” ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي الله تعاليٰ هيءَ ڪائنات خلقي. ڪائنات جو هيءُ ڪتاب تصديق ڪري ٿو ته ڪائنات جو خالق الله پاڪ آهي ۽ محمد ﷺ سندس پيغمبر آهي. سندن وجود کان سواءِ هيءَ ڪائنات ممڪن نه هئي. پاڻ سڳورا نه هجن ها ته هيءَ ڪائنات مڪمل انڌيري ۾ هجي ها ۽ اسان کي ڪوبه راهه ڏيکارڻ وارو ئي نه هجي ها. قرآن شريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو “انسان ۽ جن ان جي ڪري خلقيا ته هومنهنجي عبادت ڪن.” ابن عباس ان جي تشريح هن طرح ڪري ٿو. “الله پاڪ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ اسان سڀني کي خلقيو.” اسان جي پياري پيغمبر کان سواءِ اسين خدا جي وجود کان غافل رهون ها. ان بنياد تي اسين چئي سگهون ٿا ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي هيءَ سڄي ڪائنات خلقي وئي.
کانئن اڳ ايندڙ سڀني نبين پنهنجي انداز ۾ سندن اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي.مثال طور اندلس جو عظيم عالم قاضي اياز ‘صفاءِ صرف’ ۾ بيان ڪري ٿو “حضرت آدم عليه السلام جنت مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ کين شفاعت ڪندڙ قرار ڏنو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهريائون “اي خدا مون کي محمد ﷺ جي صدقي بخش ڪر.” الله پاڪ کانئس پڇيو “توکي محمد جي خبر ڪيئن پئي؟” ان تي حضرت آدم عليه السلام عرض ڪيو “اي مالڪ مون لوح محفوظ تي ‘لاالهٰ الالله محمدالرسول الله’ لکيل ڏٺو آهي.” جنهن جو نالو لوح محفوظ تي اوهان جي نالي کان پوءِ ايندو هجي ته ان جي اوهان وٽ ڪيتري اهميت هوندي ان کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.”
حضرت عيسيٰ به سندن آمد جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ذڪر ڪيو آهي. هڪ ڀيري چيائون “آئون توهان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو، پر هن وقت توهان اهو سمجهي نه سگهندا. مون کي هاڻي هر صورت واپس وڃڻو آهي، ته جيئن ڪائنات جو سردار، پاڪ روح، سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ٻڌائيندڙ اچي ۽ توهان کي سچ کان آگاهه ڪري.”
حضرت عيسيٰ عليه السلام کين احمد جي نالي سان سڏيو آهي. اها به هڪ خوبصورت حقيقت آهي ته سندن ڏاڏي سندن نالو محمد رکيو ته جيئن عرش ۽ فرش وارا سندن شفاعت جا حقدار بڻجي سگهن. امام رباني محمد جي حقيقت ۽ احمد جي حقيقت تي زور ڀريو آهي. پاڻ سڳورا سندن ولادت باسعادت کان اڳ ۾ احمد جي نالي سان مشهور ٿي چڪا هئا. دنيا ۾ محمد جو نالو کڻي اچڻ جو مطلب هو ته انساني روپ ۾ به ان نالي سان انصاف ڪن. محمد جسماني لحاظ کان به نبين جي سردار جو نالو بڻجي ويو.
سندن آمد کان اڳ ۽ سندن جنم وقت جيڪي ڪجهه ٿيو پاڻ ان جي وضاحت ڪيائون ۽ اهو سڀ ڪجهه واقعي ٿي چڪو هو. سيار جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورن جي پئدائش وقت ڪعبي ۾ رکيل سمورا بت ڪري پيا، ايران جي قصريٰ جا ٿنڀ ڊهي پيا، ايران جا آتشڪده ٿڌا ٿي ويا جن ۾ هزارين سالن کان باهه ٻرندڙ هئي.
سندن حفاظت هر وقت الله پاڪ ڪندو هو، ايتري حد تائين جو ٻالڪپڻي ۾ به هو الله جي امان ۾ هئا. مثال طور تي جڏهن پاڻ اڃا ٻار هئا ته ڪعبي جي آرائش دوران پٿر ڪلهي کڻي اچي رهيا هئا ته سندن چاچي کين چيو ته توهان جيڪڏهن ڪلهي تي ڪپڙو رکي پوءِ پٿر کڻندا ته توهان جا ڪلها زخمي نه ٿيندا. پاڻ سڳورن پنهنجي احرام جو ڪجهه حصو ورائي ڪلهي تي رکيو ۽ پٿر کنيائون ته سندن نظر وڃي سندن ٽنگن تي پيئي جيڪي ظاهر نظر اچي رهيون هيون. توڙي جو ان وقت ٻيو ڪوبه ماڻهو سندن ويجهو نه هو پاڻ سڳورا اهو ڏسي ايترا ته شرمسار ٿيا جو بيهوش ٿي ويا. اتان لنگهندڙ ڪنهن شخص کين بيهوش پيل ڏٺو ۽ اچي سندن چاچي کي ٻڌايو. جنهن کين هوش ۾ آندو ته پاڻ کين ان سموري حقيقت کان آگاهه ڪيائون.
عرب ۾ هر طرف گمراهيءَ جو انڌيرو ڇانيل هو. هو غربت کان ڊڄندا هئا ان ڪري پنهنجون نياڻيون زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا ته سندن ملڪيت محفوظ رهي. ڌيءَ جي پئدائش تي هو شرم محسوس ڪندا هئا. پر ان سان گڏ منجهن ڪجهه خوبيون به هيون. عرب سخي ۽ دلير هوندا هئا. توهان ڏسندا ته سندن شاعريءَ ۾ توهان کي اهي به عنصر سڀ کان وڌيڪ ملندا. ها اها به اهم ڳالهه هئي ته هُو ايمانداريءَ جو تمام گهڻو قدر ڪندا هئا. جيڪڏهن مٿن ڪير اعتبار ڪندو هو ته پوءِ هر صورت ۾ ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهڙيون جيڪي به خوبيون ان وقت جي عربن ۾ موجود هيون تن ۾ رسول الله ﷺ جن مڙني کان اتم هئا. ان ڪري کين ‘محمد امين’ جو لقب مليل هو. پاڻ سڳورن سندن سموري شاعري ۽ ادب کي به پوئتي ڇڏي ڏنو ڇاڪاڻ ته هُنن پاڻ سان گڏ قرآن شريف آندو هو. جنهن جي مقابلي ۾ هڪ سٽ لکڻ به ڪنهن جي وس ۾ نه هو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته قرآن شريف هڪ معجزاتي تحرير آهي جنهن جو ڪوبه لفظ ڏاهپ کان خالي نه آهي ۽ نه ئي ان جهڙو سٽاءُ ڪنهن جي لاءِ ممڪن آهي.
جڏهن هر طرف کان ايذائڻ ۽ مٿن چرچا ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ هو ان وقت کين الله پاڪ معراج جو شرف بخشيو. ملائڪن جو سردار حضرت جبرائيل کين وٺڻ آيو هو. جنهن جي رهنمائي ۾ پاڻ عرش معليٰ پهتا ۽ صدر منتهيٰ تي حضرت جبرائيل کين چيو ته ان کان اڳتي وڃڻ جي مون کي اجازت نه آهي. اتان پاڻ اڪيلا وڃي خالق حقيقي سان هم ڪلام ٿيا.
پاڻ سڳورا تمام سادگي پسند هئا. هڪ ڀيري هڪ عورت کين ڏٺو ته پاڻ سڳورا زمين تي پيل خوراڪ جا ڪڻا چونڊي کائي رهيا هئا. ان تي اها عورت چوڻ لڳي “توهان غلامن وانگر زمين تي پيل ڪڻا ميڙي پيا کائو.” ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا توهان کي مون کان وڌيڪ سٺو ڪو غلام ملندو؟ آئون الله تعاليٰ جو غلام آهيان.”
پاڻ سڳورا واقعي خدا جا نيڪ ٻانها هئا. هڪ ڀيري ڏڪار پيو هو ۽ حضرت جبرائيل پاڻ سڳورن جي ڀر ۾ موجود هو. حضرت جبرائيل سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي بادشاهت ۽ الله جي غلاميءَ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته توهان ڇا ڪندا؟ پاڻ سڳورن پنهنجي لاءِ الله پاڪ جي غلامي پسند ڪئي هئي.
مڪي مان هجرت وقت جيڪا سندن سادگي هئي اهائي مڪي جي فتح وقت به موجود رهي ۽ پاڻ سڳورا مڪي جي فتح وقت اٺ تي ئي سوار هئا. ڏکئي ۾ ڏکيا مسئلا اک ڇنڀ ۾ حل ڪري وٺندا هئا. اهوئي سبب هو جو جڳ مشهور ليکڪ جارج برنارڊ شا کي چوڻو پيو “اڄ هن عمر ۾ به اسين مسئلن جي انبار جي هيٺان دٻيل آهيون ۽ انهن جي حل لاءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ ئي نالو اچي ٿو يعني (حضرت) محمد (ﷺ) جن جو جيڪي مسئلا ايئن حل ڪندا هئا ڄڻ ڪافي پي رهيا هجن.” مجموعي طور اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سڳورا پاڪدامن ڄاوا، پاڪدامن زندگي گذاريائون ۽ پاڪدامنيءَ ۾ ئي هن فاني جهان مان برقعو مٽايائون.