ڏاهپ / اخلاقيات

تخليق خالق کانسواءِ؟

ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
Title Cover of book تخليق خالق کانسواءِ؟

باب ٽيون

[b]1. ايمان يا عقيدي خلاف بحث
[/b]عقيدي خلاف مشرڪ جيڪي دليل پيش ڪن ٿا تن کي ٽن اهم حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
الف. مادو محض ڪنهن اوچتي حادثي ۽ مسلسل بي ترتيب واقعن جي ڪري وجود ۾ آيو.
ب. ان پنهنجي پاڻ کي خود تخليق ڪيو.
ت. فطرت (نيچر) ئي آهي جنهن هر شيءِ تخليق ڪئي.
هڪ ڀيرو جيڪڏهن انهن دليلن کي باطل قرار ڏنو وڃي ته پوءِ ڪير به خدا جي وجود جي خلاف بحث ڪري نه سگهندو.

[b]الف. هر شيءِ محض حادثاتي طور يا ڪجهه اوچتن بي ترتيب
[/b] واقعن جي ڪري وجود ۾ آئي
اسان جو خيال آهي ته مادو محض حادثاتي طور يا ڪجهه اوچتن عجيب واقعن جي ڪري وجود ۾ اچي نٿو سگهي. اچو ته ان جي ناممڪنات بابت ڪجهه ثابتيون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
اچو ته فرض ڪريون هڪ وڏو دوائن ٺاهڻ جو ڪارخانو آهي جنهن ۾ قسمين قسمين ڪيميائي مادا رکيل آهن. انهن ڪيميائي مادن مان ڪجهه خاص قسم جون دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون. اسين ان مان هڪ دوا ٺاهڻ چاهيون ٿا پر مسئلو اهو آهي ته ڪيميائي مادا بلڪل درست مقدار ۾ ملايا وڃن ۽ ڪنهن به مادي جو معمولي ۽ هڪ ملي گرام جيترو گهٽ يا وڌ مقدار ان دوا کي قاتل زهر بڻائي سگهي ٿو. هاڻي اچو ته اهو فرض ڪريون ته توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي انهن مان اها دوا ٺاهڻ جا رڳو ٻه ئي امڪاني طريقا آهن.
پهريون طريقو اهو آهي ته اهي ڪيميائي مادا جيڪي هڪ ڪٻٽ جي خانن ۾ ڌار ڌار رکيل آهن. هڪ رات اوچتو تيز هوا لڳي ۽ ڪٻٽ فرش تي ڪري ڀڄي پوي. ڪيميائي مادا جن کوکن ۾ رکيل آهن سي ڦاٽي پون ۽ سڀ ڪيميائي مادا هڪٻئي سان ملي وڃن. عجيب اتفاق اهو ٿئي ته اهي ڪيميائي مادا حيرت انگيز طور بلڪل درست مقدار ۾ ملي وڃن ۽ اسين جيڪا دوا ٺاهڻ چاهيون ٿا سا پاڻمرادو ٺهي پوي.
ٻيو امڪاني طريقو اهو آهي ته هڪ ماهر ڪيميا دان رکيو وڃي. جيڪو هر ڪيميائي مادي جو درست مقدار ڪڍي هڪٻئي سان ملائي ته جيئن اها گهربل دوا تيار ٿي پوي. هاڻي انهن ٻنهي مان توهان ڪهڙو طريقو پسند ڪندا. ڪنهن حادثي جو انتظار ڪندا يا وري ڪو ماهر ڪيميا دان رکڻ پسند ڪندا؟
جيڪڏهن اسين گوشت، ڪاٺيون، مصالحا ۽ ماچيس هڪٻئي جي ڀر ۾ رکي ۽ پوءِ ويهي انتظار ڪريون ته تيز هوا لڳي پوي. هوا جي ڪري ماچيس مان تيليون نڪري ٻري پون ۽ انهن مان ڪاٺين کي باهه لڳي پوي. ان باهه جي ٻرڻ کان پوءِ گوشت پاڻهي اچي انهن ٽانڊن تي پوي ۽ پاڻمرادو بلڪل صحيح طريقي سان پچي راس ٿي پوي. اهڙيءَ طرح مصالحا به هوا جي زور تي پاڻمرادو پيسجي تيار ٿي وڃن ۽ اسان جي لاءِ خوراڪ جو مڪمل بندوبست ٿي پوي. اسان جي لاءِ اهو طريقو ڪيتريقدر بهتر رهندو؟ جيڪي چون ٿا ته مادو محض ڪنهن اتفاقي حادثي جي ڪري وجود ۾ آيو سي به بلڪل ان ئي طريقي جا ئي دعويدار آهن. هُو مادي جو وجود ته اوچتي حادثي جو نتيجو قرار ڏين ٿا پر پنهنجي خوراڪ جي تياريءَ لاءِ ڪنهن اهڙي حادثي جو انتظار ڪرڻ بلڪل پسند نٿا ڪن.

[b]ب. مادي پاڻ کي خود تخليق ڪيو
[/b]انساني جسم به هڪ محل وانگر آهي پر اهو دنيا جي ڪنهن اڏيل محل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مڪمل آهي. ڇا توهان اهو يقين رکو ٿا ته ڪو محل پاڻ کي خود ئي اڏي مڪمل ڪري؟ ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته انساني جسم جهڙو خوبصورت محل پنهنجي تعمير پاڻ ڪري.
ٿورو پنهنجي رڳن جي اندر ڊوڙندڙ رت تي غور ڪريو ته اهو بلڪل ڪنهن نديءَ جي وهڪري وانگر لڳي ٿو. اسان جي رڳن ۾ رت جي ٻن قسمن جا خليا ۽ ٻن قسمن جي پروٽين موجود هوندي آهي.
رت جا ڳاڙها جزا: اهي رت کي ڳاڙهو رنگ بخشين ٿا. رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب ۾ لڳ ڀڳ چاليهه کان پنجاهه لک رت جا ڳاڙها جزا موجود هوندا آهن. انهن جو ڪم اهو آهي ته هُو آڪسيجن کڻي ضرورت وارن هنڌن تائين پهچائين. رت جا اهي ڳاڙها جزا لڳ ڀڳ هڪ سئو کان هڪ سئو ويهه ڏينهن تائين پنهنجو اهو ڪم ڪن ٿا ۽ پوءِ ختم ٿي وڃن ٿا ۽ سندن جاءِ وري نوان جزا والارين ٿا. ڳاڙهن جزن جي ختم ٿيڻ ۽ نون جزن جي وجود ۾ اچڻ جو اندازو ان مان لڳايو ته انساني جسم هر سيڪنڊ ۾ ڏهه هزار رت جا ڳاڙها جزا تيار ڪري ٿو.
رت جا اڇا جزا: رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب ۾ رت جي اڇن جزن جو تعداد لڳ ڀڳ چارکان ڏهه هزار هوندو آهي. اڇا جزا انساني جسم ۾ داخل ٿيندڙ وائرس ۽ مائيڪروبز کان بچاءُ ڪن ٿا. بيماريءَ وقت انهن جو في ملي ميٽر ڪيوب تعداد ڏهه کان ٽيهه هزارن تائين وڌي وڃي ٿو.
رت ۾ ٻن قسمن جي پروٽين به شامل هوندي آهي، هڪ فائبرينوجن ۽ ٻي ٿرومبن. فائبرينوجن رت کي ڄمائڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٿرومبن وري فائبرينوجن جا ٽڪرا ڪري رت کي ڄمائڻ جو عمل تيز ڪري ٿي. عام حالتن ۾ ته رت جو ڄمڻ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو پر ڪو زخم يا ڪٽ لڳڻ جي ڪري جيڪڏهن رت وهڻ شروع ٿئي ۽ ترت بند نه ٿئي ته اهو به موتمار هوندو آهي. وهندڙ رت کي اهي پروٽين جا ٻئي قسم بند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جيئن پروٽين کي سگنل ملي ٿو ته جسم جي ڪنهن حصي مان رت وهڻ شروع ٿي ويو آهي ته ٿرومبن پروٽين فوري طور فائبرينوجن کي ڪٽڻ شروع ڪري ٿي ۽ ان ڪٽيل فائيبرينوجن کي فائبرين چئبو آهي. فائبرين پروٽين ۾ جيئن ته چهٽڻ جي صلاحيت هوندي آهي ۽ اها زخم واري هنڌ تي پهچي هڪٻئي سان چنبڙڻ شروع ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ڄار ٺهي پوي ٿو جيڪو رت کي وهڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن اهو خوبصورت نظام اسان جي جسم ۾ موجود نه هجي ها ته اسين رت وهڻ جي ڪري ئي مري وڃون ها.
اسان ته اڃا رڳو جسم جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب جيتري حصي جو جائزو ورتو آهي ته اسين حيرت ۾ ٻڏي ويا آهيون ته هاڻي سڄي جسم جو تصور ڪريو ته ان ۾ ڪيترا حيرتڪده موجود هوندا. اسين سڀ اڃا ته جسم جي سمورن خوبصورت سرشتن جي مڪمل ڄاڻ به حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. ان نظام کي سمجهڻ کان پوءِ ڇا اسان جي ذهن ۾ ان کي جوڙيندڙ جو تصور نٿو اڀري؟ اهو ڪيترو نه ڪامل ذهن رکندڙ هوندو جنهن اسان جي جسم جي ذري پرزي جو مڪمل خيال رکيو آهي؟
ڇا هاڻي ڪو اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته اهو سمورو نظام محض حادثاتي طور ۽ ڪجهه بي ترتيب واقعن جي ظهور پذير ٿيڻ جي ڪري وجود اچي ويو؟ جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته پوءِ کيس گهرجي ته هو پنهنجي ٻانهن ڪپي ۽ ان کان پوءِ ان جي ٻيهر ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪري. ڇا ڪير اهو ڪري سگهي ٿو؟ ان سموري بحث کان هٽي ڪري اسين جيڪڏهن ڏسون ته رڳو اهو پاڻي جيڪو اسين پيئڻ لاءِ استعمال ڪريون ٿا سو پاڻمردو گلاس ۾ داخل ٿي نٿو سگهي. هر عمل لاءِ هڪ سبب گهربل هوندو آهي، ته پوءِ اها ڪهڙي ذات آهي جيڪا رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب جي پويان موجود آهي؟ ان حيرت انگيز نظام جي تخليق لاءِ اسين ڪنهن کي ان جو ذميوار قرار ڏيون؟ اهو ايترو وسيع نظام جوڙيندڙ خدا کان سواءِ ٻي ڪا اهڙي ذات ڪامل توهان کي نظر اچي ٿي. يقيني طور نه ايندي ڇاڪاڻ ته ٻي ڪابه ذات هر فن ۾ يڪتا ٿي ئي نٿي سگهي.

[b]ت. اهو سڀ فطرت (نيچر) جي ڪري وجود ۾ آيو آهي
[/b]فطرت ڇا آهي؟ اسان جي چئوڦير ماحول ۾ اسان کي جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو اها ئي فطرت آهي. اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته هر قسم جو مادو پوءِ اهو وڏو هجي يا مختصر فطرت جو حصو آهي. هاڻي ان جي هڪ حصي يعني رڳو ڳئون جو مشاهدو ڪريون. کير جي ڀريل هڪ بالٽي ڳئون جي اڳيان رکي کيس چئو ته ان کي ڌنئوري ۾ تبديل ڪري؟ اسان مان هر ڪنهن کي اها پڪ آهي ته اهو ناممڪن آهي. هڪ ڳئون اهو سڀ ڪجهه نٿي ڪري سگهي. هاڻي ڀلا اچو ته فطرت جي هر حصي کي درخواست ڪريون ته مهرباني ڪري ڳئون جي مدد ڪن، پوءِ ڇا ٿيندو؟ فطرت جا سمورا ميمبر گڏجي رڳو مادي جو هڪ مختصر ترين حصو يعني هڪ ائٽم به نٿا ٺاهي سگهن. ڇاڪاڻ ته فطرت جي هر حصي جي تخليق ٿي آهي هو خالق نه آهن.
ان جو بس هڪ ئي مطلب نڪرندو ته فطرت جي هر حصي جي خالق ٻي ڪا هستي آهي جيڪا يقيني طور خدا کان سواءِ ڪا ٻي ٿي نٿي سگهي. ڇو ته هُو هر مخلوق کان اڳ ۾ به موجود هو ۽ هر مخلوق کان پوءِ به موجود رهندو. اسين کيس ڏسي نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته اسان کي زمين تي امتحان لاءِ لاٿو ويو آهي. ها اهو ضرور آهي ته الله تعاليٰ اهڙيون لکين نشانيون خلقيون آهن جيڪي سندس موجودگيءَ جي گواهي ڏين ٿيون. هاڻي جنهن کي خدا مت ۽ عقل ڏنو آهي سو ان مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. ائٽم کان وٺي ڪهڪشائن تائين هر شيءِ گواهي ڏي ٿي کين خلقيندڙ هستي موجود آهي ۽ اها هستي يقيني طور فطرت يا نيچر نه آهي. ڇاڪاڻ ته مادي کان سواءِ نيچر جو ڪو به وجود نه آهي. مادو آهي ته نيچر آهي. هتي اهڙي هستيءَ جي ضرورت آهي جيڪا مادي يا نيچر کان به اڳ ۾ موجود هجي. اها هستي خداءِ ذوالجلال کان سواءِ ٻي ڪابه ٿي نٿي سگهي.
هن ڪائنات جي ڪينواس تي موجود هر نظارو ماهر خالق جي موجودگيءَ جو گواهه آهي ۽ سندس ثناخواني ڪندو رهي ٿو. هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسين هن ڪائنات کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا ۽ ان مان ڪهڙو مطلب ڪڍون ٿا. باقي اهو ته هر ڪو مڃيندو ته هر شيءِ ڀرپور ماڻ ۽ ماپي سان تخليق ڪيل آهي.

[b]2. ڪائناتي تال ميل
[/b]جيڪڏهن هر شيءِ پنهنجي محور ۽ مدار ۾ درست نموني متحرڪ نه هجي ها ته ڇا اسين بچي سگهون ها؟ سوچيو ته جيڪڏهن ڪوئا گهوڙن جيڏا ۽ گهوڙا ڪوئن جيڏا هجن ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ سوچيو ته جيڪڏهن اسان جي هڪ اک پيٽ تي ۽ ٻي پٺيءَ تي هجي ها، اسان جي زبان اسان جي ٻانهن تي هجي ها، اسان جو نڪ هاٿيءَ جي سونڊ جهڙو هجي ها، اسان جا ڀرون مٿي جي وارن وانگر وڏا ٿيندا رهن ها، اسان جا ڏند نه وڌن ها مطلب ته سوچيو ته جيڪڏهن هر شيءِ مختلف هجي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟
اهو يقيني آهي ته هر شيءِ برجستي انداز ۾ پئدا ڪيل آهي. ان جي ڪري هر مخلوق کي اهو ڪجهه ملندو رهي ٿو جنهن جي کيس ضرورت آهي.
جيئن قرآن شريف ۾ سوال ڪيل آهي “ڇا هُو نٿا ڏسن، اُٺ کي ڪيئن خلقيو ويو آهي؟” سو اچو ته اسين قرآن شريف جي پيروي ڪندي اُٺ جي تخليق تي ٿوري نظر وجهون. عام يعني هڪ ٿُوهي وارو اُٺ بنا پاڻيءَ جي به وڏو عرصو زنده رهي سگهي ٿو. ان جو سمورو راز سندس ٿوهي ۾ لڪيل آهي. جڏهن به سندس جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي ته ٿُوهي ۾ موجود چرٻي ڳري هائيدروجن پئدا ڪري ٿي ۽ ساهه جي رستي جسم ۾ داخل ٿيندڙ آڪسيجن سان ملي پاڻي ٺاهي ٿي. قدرت جي ان ڪرشمي جي ڪري اٺ صحرا ۾ پاڻيءَ کان سواءِ ڪافي ڏينهن تائين زنده رهي سگهي ٿو. مثال طور جيڪڏهن هزار ڪيميادان صحرا جو سفر ڪن تڏهن به سڀ گڏجي پاڻيءَ جو هڪ به قطرو نٿا ٺاهي سگهن. اها صلاحيت رڳو اٺ ۾ آهي. هاڻي جيڪڏهن اهو چئجي ته اها حرفت اٺ جي تخليق آهي تڏهن به اهو ممڪن نٿو نظر اچي. اها صلاحيت منجهس قدرتي طور تي موجود آهي جيڪا خودڪار نموني ڪم ڪندي رهي ٿي. ٿورو ان تي غور ڪريو ته اٺ جي اکين جا پلڪ ڪيترا وڏا آهن. اهي رڳو ان جي ڪري ته سندس اکيون واريءَ جي طوفان کان محفوظ رهي سگهن. هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ڏسو ته اٺ جا چپ ڪهڙي نموني جا آهن. اٺ جو مٿيون چپ رڳو ان ڪري چيريل هوندو آهي ته جيئن کيس ڪنڊن واريون ٽاريون کائڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. اٺ جا پير وڏا ۽ ٿاڦوڙي جهڙا ان ڪري آهن ته جيئن هو ڪنهن ڌٻڻ ڦاسي نه سگهي. ان مان خبر پوي ٿي ته اٺ جو وجود هر لحاظ کان مڪمل آهي.

[b]3. نيچر ۾ عمدو توازن
[/b]فطرت کي متوازن رکڻ الله پاڪ انتهائي بهتر ماحولياتي توازن کي متحرڪ رکيو آهي. جانور وڻ ٻوٽا کائڻ سان گڏ هڪٻئي کي به کائين ٿا ۽ ان جي ڪري توازن برقرار رهي ٿو. مثال طور هڪ ننڍڙو شڪاري جيت ٻين جيتن کي کائي نيچر کي متوازن رکي ٿو. اهو شڪاري جيت هڪ وقت ۾ 350 آنا لاهي ٿو جيڪي وري ٻين جيتن جو کاڄ بڻجن ٿا.
هڪ ڪوئو سال ۾ 400 ٻچا پئدا ڪري ٿو. هاڻي هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي ته هڪ ڪوئي جو نسل ٻن سالن ۾ 65 هزارن تائين پهچي سگهي ٿو. هاڻي آفاقي قوت جيڪڏهن رڳو هڪ ڪوئي جي واڌ ويجهه ۾ توازن نه رکي ها ته شايد ڪجهه سالن ۾ هن ڌرتيءَ تي رڳو ڪوئا ئي ڪوئا هجن ها.
ان کان به وڌيڪ دلچسپ توازن جو نمونو سمنڊ جو آهي. توهان کي اها خبر آهي ته هر سيڪنڊ ۾ هڪ ڪروڙ سٺ لک ٽن پاڻي ٻاڦ بڻجي هوا ۾ شامل ٿي وڃي ٿو؟ اها ٻاڦ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙي وڃي ٿي. ان توازن کي برقرار رکڻ لاءِ جيڪڏهن اسان کي ايترو پاڻي ٻاڦ بڻائڻو پوي ها ته اسان کي هر سيڪنڊ ۾ 4100 کرب ٽن ڪوئلو ساڙڻو پوي ها. پر خدا جو شڪر آهي ته سج جي 6000 ڊگري گرمي اهو سڀ ڪجهه خودڪار نموني ڪريو ڇڏي.
ٿورو اچو ته ڀونوچ سمنڊ جي ماحول کي ڏسون. ان جي فضا به ڏاڍي دلچسپ آهي. هن سمنڊ مان هر سيڪنڊ ۾ هڪ لک سورهن هزار ٽن پاڻي ٻاڦ بڻجي فضا ۾ پکڙجي وڃي ٿو. پوءِ اها ٻاڦ ڪڪرن جي شڪل ۾ دنيا جي مختلف هنڌن ڏانهن رواني ٿيو وڃي ۽ جتي ضرورت ۽ سازگار ماحول ملي ٿو اتي برسات بڻجي وسيو پوي. ڀونوچ يعني ڀونءِ يا ڌرتيءَ جو وچ ۽ اهو سمنڊ جو به وچ آهي. ان کي گهربل پاڻي ڪٿان ملي ٿو. ٻي صورت ۾ ڀونوچ سمنڊ جي سطح ساليانو ڏيڍ ميٽر گهٽجي سگهي ٿي. اهو سمنڊ هر سيڪنڊ ۾ 31 هزار ٽن پاڻي حاصل ڪري ٿو ۽ ان ۾ جيڪڏهن مختلف درياهن جو في سيڪنڊ جي حساب سان 7300 ٽن پاڻي به شامل ڪيو وڃي تڏهن به 75 هزار ٽن پاڻيءَ جي کوٽ رهي ٿي. ڪجهه کوٽ وري بحر اسود ((black sea پوري ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته ان سمنڊ مان پاڻيءَ جي ٻاڦ بڻجڻ جو مقدار تمام گهٽ آهي. بحر اسود ۾ ٽي اهم درياهه به ڇوڙ ڪن ٿا پوءِ به ان جي سطح وڌي ڪانه ٿي ڇاڪاڻ ته هر سيڪنڊ ۾ 6 هزار ٽن پاڻي ڀونوچ سمنڊ ۾ هليو وڃي ٿو. ڀونوچ سمنڊ جي باقي 70 هزار ٽن في سيڪنڊ پاڻي جي کوٽ جو پورائو وري بحر اوقيانوس يا ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪري ٿو. جيڪو جبرالٽر يا جبل الطارق وٽان ڀونوچ سمنڊ سان ملي ٿو. ڇا ته حسين توازن آهي!

[b]4. هر شيءِ خدا ڏانهن اشارو ڪري ٿي
[/b]قرآن شريف بيان ڪري ٿو “اسان هر شيءِ مڪمل حصي ۽ توازن مطابق خلقي آهي.” ٿورو اڃا وڌيڪ غور ڪريو ته عورت جي ٻچيدانيءَ ۾ zygote نالي ننڍڙو آنو يا جيو گهرڙو هوندو آهي. ان جو وزن صرف هڪ گرام جي به 17 لک هين حصي جيترو ٿئي ٿو. جيڪو مرداڻي آني سان ملي ايمبريو يا ڳڀ ٺاهي ٿو جيڪو پوءِ وڌي هڪ هزار کرب زنده جيو گهرڙن تي ٻڌل هڪ مڪمل انسان بڻائي ٿو. ڇا هاڻي اسين اهو چئون ته عورت جي ٻچيدانيءَ وارو هڪ ننڍڙو جيو گهرڙو ايترو هوشيار آهي جو اهو انساني جسم جو هر حصو ۽ هر جيو گهرڙو تخليق ڪري ٿو ۽ کين سندن ڪم به ورهائي ڏي ٿو؟
اسين جيڪڏهن هڪ مختصر ترين جيو گهرڙي تي غور ڪنداسين ته اهو هڪ اهڙي لئباريٽري نظر ايندو جيڪا هڪ وقت ۾ ٻه هزار مختلف ڪم ڪندي نظر ايندي. هڪ انسان جي جسم ۾ اهڙا لڳ ڀڳ هڪ هزار کرب زنده جيو گهرڙا موجود هوندا آهن. هر جيو گهرڙو پنهنجو ڪيميائي ڪم بلڪل ماڻ ۽ ماپي مطابق ڪندو رهي ٿو. هاڻي دل تي هٿ رکي چئو ته اهي سڀ ڪم پاڻمرادو يا اوچتي حادثي جي ڪري ممڪن ٿي سگهن ٿا. اهو سمورو نظام انتهائي اثرائتي طريقي سان پنهنجو ڪم ڪندو رهي ٿو.
ڌرتي پنهنجي محور تي گردش به مڪمل رٿابنديءَ سان ڪري ٿي. ڌرتيءَ جي پنهنجي محور تي گردش جي رفتار آواز جي رفتار کان وڌيڪ هوندي آهي. جيڪڏهن اها رفتار ان کان اڃا به وڌيڪ هجي ها ته اسان لاءِ زمين تي پنهنجو توازن برقرار رکڻ ممڪن نه رهي ها. ٻئي طرف جيڪڏهن اها رفتار موجوده رفتار کان گهٽ هجي ها ته پوءِ موسمن جي چڪر ۾ توازن برقرار رهي نه سگهي ها. جيڪڏهن زمين جو سج کان مفاصلو گهٽ يا وڌ هجي ها تڏهن به زمين تي زندگيءَ جو تصور به ممڪن نه هجي ها. ان جو بهترين مثال زهره ۽ مريخ آهن. زهره جو تاپمان هر وقت ايترو هوندو آهي جو شيهو آرام سان ڳري وڃي ٿو ته ٻئي طرف وري مريخ جو گرمي پد ڏينهن جي گرم ترين حصي ۾ به ڪاٽو 22 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي. انهن ٻنهي سَيارن سان ڌرتيءَ جي ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پوي ٿي جيڪڏهن زمين جي گردش ۽ سج کان مفاصلو مڪمل رٿابنديءَ مطابق نه هجي ها ته هتي جون حالتون ڪهڙيون هجن ها. چنڊ جو زمين کان مفاصلو به ڪجهه گهٽ دلچسپ نه آهي ڇاڪاڻ ته ان جو سمنڊ جي لهرن ۽ جوار (سمنڊ ۾ اٿندڙ سڀ کان وڏي لهر جنهن کي چانڊي جوار يعني چنڊ وارو جوار به چوندا آهن: سنڌيڪار) تي سڌو اثر پوي ٿو. ڌرتي پنهنجي محور تي 23.5 ڊگريءَ تي بيٺل آهي. اهو سڀ ان مڪمل رٿابنديءَ جو ڪمال آهي جيڪا آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ توازن به برقرار رکي ٿي. يقيني طور تي اها سموري رٿابندي رياضيءَ جي ڪنهن مطلق ماهر جي ڪمال ڏانهن اشارو ڪري ٿي.

[b]5. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه خدا تخليق ڪيو ته پوءِ خدا کي ڪنهن تخليق ڪيو؟
[/b](اسان کي ان سوال تي افسوس ته ضرور آهي پر ڇا ڪجي جو اهو اهڙو سوال آهي جيڪو اسان کان بار بار پڇيو ويندو رهي ٿو.)
هر ڀيري جڏهن اهو سوال ٻڌون ٿا دل مان بي اختيار اهو آواز اچي ٿو “اي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم توهان بلڪل درست فرمايو هو.” ان جو سبب اهو آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو اهڙي سوال جو تصور به نٿي ڪري سگهيا تڏهن به پاڻ سڳورن فرمايو هو “اهڙو ڏينهن به ايندو جڏهن ماڻهو پلٿي هڻي ويهي چوندا ‘خدا کي ڪنهن خلقيو؟’”
اچو ان سوال جو ڪو تمثيلي جواب ڳوليون: ٿورو غور ڪريو ته هڪ ريل انجڻ آهي جنهن جي پٺيان اسي گاڏا لڳل آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪير اهو پڇي ته آخري گاڏي کي ڪير ٿو ڇڪي ته جواب هوندو ته اڳيون گاڏو. اهڙيءَ طرح اهو سوال ۽ جواب جو سلسلو هلندو رهي ته معاملو اچي پهرين گاڏي تي پهچندو ۽ ان جو جواب هوندو ته ان کي انجڻ ڇڪي ٿي. ان کان پوءِ سوال جي گنجائش ئي نٿي رهي پر پوءِ به جيڪڏهن ڪو بيوقوف اهو سوال ڪري ته انجڻ کي ڪير ٿو ڇڪي ته جواب هوندو ته ڪوبه نه ڇاڪاڻ ته انجڻ پنهنجي قوت پاڻ پئدا ڪري ٿي.
فرض ڪريو ته توهان هڪ اهڙي ڪرسيءَ تي ويهڻ چاهيو ٿا جنهن جون پٺيون ٽنگون نه آهن ته توهان جو ڪرڻ يقيني بڻجي ويندو. هاڻي توهان ان جي هيٺان ٻي ڪرسي رکو ٿا پر ان جون به پٺيون ٽنگون نه آهن. هاڻي به توهان لاءِ صورتحال ساڳي هوندي. اهڙيءَ طرح لکين ڪرسيون رکندا وڃو پوءِ به صورتحال بدلجي نه سگهندي. ان ۾ تبديلي رڳو ان صورت ۾ ايندي جڏهن توهان ڪا چئن ٽنگن واري ڪرسي رکندا. ان مان اها خبر پئي ته اسان کي ويهڻ لاءِ مڪمل ڪرسيءَ جي ضرورت آهي پر ڪرسيءَ کي ڪنهن جي به مدد جي ضرورت نه آهي. بيشڪ خدا ڪنهن جي به مدد جو محتاج نه آهي، هُو ئي قادر مطلق آهي ۽ هُو ئي لازوال لافاني آهي.
توهان کي مٿئين بحث مان اهو ته معلوم ٿي ويو هوندو ته ان قسم جو بحث محض حقيقت کان اکيون ڦيرڻ جي برابر آهي.
ان کان پوءِ ٻيو اهم سوال جيڪو اسان کان اڪثر پڇيو ويندو آهي سو آهي ته قرآن شريف ۾ الله پاڪ جڏهن پنهنجي پاڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته ان لاءِ “اسين يا اسان” جا لفظ ڪتب آندا آهن ان جي پٺيان ڪهڙو فلسفو آهي؟
ڪجهه آيتون اهڙيون به آهن جن ۾ لفظ “مان يا آئون” استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه آيتن ۾ “اسان” جو لفظ آيل آهي. ان لاءِ اچو ته قرآن شريف جي آيتن کان ئي مدد وٺون.
“اي بني اسرائيلو ! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جنهن جو مون اوهان تي انعام ڪيو. ۽ منهنجو انجام پاڙيو ته آءُ اوهان سان انجام پاڙيان. ۽ مون کان ئي ڊڄو.” (البقرة: ٤٠)
“۽ جڏهن توکان منهنجا ٻانهان منهنجي پڇا ڪن ته (چئو ته) بيشڪ آءُ ويجهو آهيان. سڏيندڙ جي سڏ جو جواب ڏيان ٿو جنهن وقت هو مون کي سڏي ٿو. پوءِ منهنجو حڪم قبول ڪن ۽ مون تي ايمان آڻين ته مَنَ رستو لهن.” (البقرة: ١٨٦).
“۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.” (الذاريات: ٥٦)
اسين جيڪڏهن غور سان ڏسنداسين جتي الله پاڪ پاڻ سڌو مخاطب آهي اتي لفظ “آئون يا مان” استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جتي ڪنهن ٻئي جي ذريعي يا اڻسڌو مخاطب آهي اتي لفظ “اسان يا اسين” استعمال ڪيو ويو آهي. سڌي مخاطب هجڻ جي صورت ۾ پنهنجي هيڪڙائي ظاهر ڪرڻ لازمي ٿي وڃي ٿي. پر جڏهن ڪو نمائندو يعني حضرت جبرائيل عليه السلام جي معرفت يا ڪنهن نبيءَ جي معرفت مخاطب آهي اتي ئي “اسان يا اسين” جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن نمائندي کي اهو اختيار نه هجڻ گهرجي ته هُو پنهنجي مالڪ جو ذڪر احترام کان سواءِ ڪري. اهو سچ آهي ته الله پاڪ کي ڪنهن نمائندي جي ضرورت ئي نه آهي پر نمائندي جي موجودگي الله پاڪ جي مختيارڪل هجڻ گواهيءَ خاطر آهي. اسين سببن ۽ جوازن جي دنيا ۾ رهون ٿا ۽ ان جي ڪري هر معاملو ڪنهن نه ڪنهن سبب يا جواز سان سلهاڙيل آهي. مثال طور ڪنهن ٻار جي ڄمڻ لاءِ ماءُ ۽ پيءُ جو هجڻ ضروري بڻجي وڃي ٿو پر الله پاڪ انهن سببن کان بلڪل آجو آهي. ڪجهه اهڙا واقعا پيش ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته الله پاڪ قادر مطلق آهي. جيئن حضرت آدم عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پئدائش جا واقعا ڪنهن به سبب جا محتاج نه آهن. اسان کي ضرورت ان ڪري پوي ٿي جو اسين هتي امتحان لاءِ آيا آهيون پر الله پاڪ کي ڪنهن به امتحان جي ضرورت نه آهي. ڇاڪاڻ ته هُو پاڻ امتحان وٺڻ وارو آهي.
بيشڪ اسان ئي قرآن کي نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسين ئي ان جا نگهبان آهيون. (٩)
۽ بيشڪ اسين مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن (ڇڏيل) نشان لکون ٿا ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻي ڇڏيو آهي. (١٢)
توڙي جو اسين انسان آهيون پر پوءِ به اسين جڏهن پنهنجي ماتحتن سان مخاطب ٿيندا آهيون ته پنهنجي لاءِ به جمع جو صيغو لڳائيندا آهيون. جيئن قديم شاهي لکتن ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته مخاطب ٿيڻ جو اهڙو ئي انداز توهان کي نظر ايندو.

[b]6. جيڪي شيون اسان کي نظر نٿيون اچن تن تي ڪيئن يقين ڪريون؟
[/b]اڪثر ڪمزور عقيدي وارا يا مشرڪ اهو سوال ضرور ڪندا آهن. ان سوال جو ڪيترن ئي طريقن سان جواب ڏئي سگهجي ٿو. يقين مڪمل طور دل جو معاملو آهي. ڪنهن به شيءِ تي يقين ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. انهن مان ڏسڻ به هڪ آهي پر ڏسڻ واحد طريقو نه آهي. اسين آواز ڏسي، چکي يا سونگهي نٿا سگهون. جسم ۾ موجود تڪليف يا سردي به اکين سان ڏسي نٿي سگهجي. اکيون ڪنهن به شيءِ جي موجودگي جي خاطريءَ جو واحد ذريعو نه آهن. هاڻي اهو ته طئه ٿيو ته ڪنهن به شيءِ جي موجودگيءَ جي تصديق لاءِ عقل جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اسين ڪنهن جي وجود کي مڃڻ لاءِ رڳو اکين کي ئي واحد وسيلو سمجهنداسين ته پوءِ آواز، خوشبوءِ، ذائقو، احساس ۽ جذبات سڀني کان اسان کي انڪار ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن عقل ۽ سڀني حواسن کي استعمال ڪنداسين ته اسين انهن سڀني موجودگيءَ سمجهي ۽ محسوس ڪري وٺنداسين.
ڪيتريون ئي مابعدالطبعياتي، مافوق الفطرت ۽ تصوراتي شيون آهن جيڪي اسان جي نظر يا تصور کان پري آهن ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي عقل، فهم ۽ دل جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي اسين جيڪڏهن دماغ سان سمجهي نٿا سگهون ته انهن لاءِ اسان کي دل جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اسان جي منطق، فهم يا داراڪ محدود آهن ان جي ڪري اسان کي پنهنجي عقل ۽ عقيدي جو استعمال ڪرڻو پوندو.
مثال طور جيڪڏهن اسين برف تي پيرن جا نشان ڏسون ٿا ته ان مان سمجهي وينداسين اتان ڪو ماڻهو لنگهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسين پيرن جي نشانن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکون ٿا ته اسين ان ماڻهوءَ جي وزن جو اندازو به لڳائي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن اسين پيرا کڻڻ جا ماهر آهيون ۽ اهو پير اسان جو اڳ ۾ ڏٺل آهي ته اسين ان ماڻهوءَ جي نالي کان به واقف ٿي وينداسين، هاڻي اهو سڀ اسان جي عقل ۽ فهم ۽ ڄاڻ تي ڇڏيل آهي. هڪ ماڻهو رڳو اهو سمجهندو ته اهو ڪنهن انسان جو پير آهي، ٻيو اهو به سمجهي ويندو ته ان ماڻهوءَ جو وزن ڪيترو آهي پر ماهر اهو به سمجهي ويندو ته اهو پير ڪنهنجو آهي. ان مان اهو ئي معلوم ٿيو ته جنهن جو جيترو فهم هوندو سو ايترو ئي سمجهي سگهندو. ٻيو اهو ته اسان برف تان ڪنهن کي لنگهندي ته نه ڏٺو پر پنهنجي عقل ۽ فهم جي مدد سان سمجهي وياسين ته اتان ڪو ماڻهو لنگهيو آهي. هاڻي اسين جيڪڏهن ڪو ڍڳو آڻيون ۽ کيس وٺي اچي اهي پيرن جا نشان ڏيکاريون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ يقيني طور ڍڳي کي اکيون ته آهن پر اهو فهم ته نه آهي جيڪو انسان کي آهي. ڍڳو ڪجهه به ٻڌائي نه سگهندو. رڳو اکيون هجڻ يا اکين سان ڏسڻ ڪافي نه هوندو آهي ۽ نه ئي رڳو اکين سان ڏسڻ سان ئي ڪنهن جي موجودگيءَ تي يقين ڪري سگهجي ٿو.

[b]7. ايمان جو وڻ
[/b]اسان ٿورو انهن جي باري ۾ سوچيون جن کي هن دنيا ۾ سندن جائز حق نه مليا آهن، جيڪي غربت ۾ گهارين ٿا ۽ کين ان هنڌ تي ٻين پهچايو آهي. اسين انهن جو تصور ڪريون جن کي ٻين بلڪل وساري ڇڏيو آهي، اهي جيڪي اڄ جي اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ شامل نه آهن ۽ اهي جيڪي بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن.
ها اهڙن ماڻهن جو ڪجهه ذڪر ڪجي جيڪي محروميءَ جو شڪار آهن، جن جون سڀ اميدون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ جن کي هر دروازي تان ڌڪاريو ويو آهي جنهن جي ڪري هُو گهٽين ۾ گهارڻ تي مجبور آهن. اهڙين حالتن جي شڪار ماڻهن کي باغي نه بڻجڻ گهرجي، کين اهو نه چوڻ نه گهرجي “اسان کي هن حالت ۾ خدا پهچايو آهي، خدا اسان کي غربت ڏني آهي. خدا اسان جي ڪنهن به معاملي ۾ ڪابه مدد نه ڪئي آهي نه اسان کي مال دولت ڏني اٿس ۽ نه ئي عزت ۽ شهرت ڏني اٿس. معاشري ۾ اسان جو ڪوبه قدر نه آهي. جڏهن ته اسان جي چوڌاري امير ۽ دولتمند ماڻهو موجود آهن. اسين به مسلمان آهيون، اسين به آدم جو اولاد آهيون. پوءِ اسين ڇو بدحاليءَ جو شڪار آهيون ۽ ٻيا ڇو عيش پيا ڪن؟”
او منهنجا ڀائرو! اهڙا لفظ ڪڏهن به پنهنجي وات مان نه ڪڍو. پنهنجي حالت جو پاڻ جائزو وٺو توهان کي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو. ڇاڪاڻ ته توهان جي اها حالت خدا نه ڪئي آهي پر ان جا ڪي ٻيا سبب ضرور هوندا. ڪجهه استحصالي قوتون هونديون جيڪي ان سڀ جو ڪارڻ هونديون. خدا هر انسان کي آزاد ۽ خود مختيار ڪري پئدا ڪيو آهي. توهان کي سوچ، سمجهه ۽ عقل ڏنو آهي. توهان کي صبر، شڪر ۽ برداشت جي سگهه عطا ڪئي آهي. توهان کي ايمان، علم ۽ ڀائيچارو عطا ڪيو آهي. پنهنجي ايمان کي ڪمزور نه ڪريو. ايمان کي مضبوط رکندا ته توهان کي ان جو اجر خدا ضرور ڏيندو. قرآن شريف ۾ ان لاءِ خدا فرمايو آهي جنهن جو مطلب ڪجهه هن ريت آهي “جيڪي تڪليف ۾ به صبر ۽ شڪر جو مظاهرو ڪن ٿا تن کي قيامت جي ڏينهن ان جو ايترو اجر ملندو جو ڪوبه انسان ان جو تصور به نٿو ڪري سگهي.” ته پنهنجي ابدي زندگيءَ متعلق سوچيو ۽ هن فاني دنيا ۾ ثابت قدم رهو ته جيئن ابدي زندگيءَ ۾ ان جو انعام حاصل ڪري سگهو. هن فاني دنيا ۾ پنهنجي حالت سڌارڻ جي پاڻ ڪوشش ڪريو ۽ خدا تي يقين رکو ته هُو توهان جي ڪوشش ضرور ڪامياب ڪندو. ان يقين سان ڪجهه به شروع ڪندا ته ان جا تمام بهتر نتيجا نڪرندا.

[b]8. هڪ معذور ٻار جو ايمان
[/b]منهنجون اکيون هن تي کتل هيون. هو مشڪل سان تيرهن ورهين جو هو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهيو هو. مون کي محسوس ٿيو ته سندس چيلهه کان هيٺ وارو حصو مفلوج آهي. ان جي باوجود هُو هلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هو. هن لاءِ سڌو هلڻ ممڪن نه هو تنهنڪري پاسيرو ٿي جهٽڪي سان هلي رهيو هو ۽ ان جي ڪري سندس جسم اڃا به مختصر نظر اچڻ ٿي لڳو. هن مون کي ڄڻ ته مسمرائيز ڪري ڇڏيو هو ۽ آئون هن کي ڏسندو رهيس. هُو جهٽڪي سان هلندو پئي ويو. کيس هر وک تي جهٽڪي سان پير اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي. اوچتو هڪ جهٽڪي وقت هو پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ ڪري پيو. مون جلدي اڳتي وڌي کيس اٿيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تڏهن خبر پئي ته هو روئي رهيو هو. مون سندس پٺي ٺپيندي چيو “خير آ، اهڙيون شيون زندگيءَ ۾ پيش اينديون رهن ٿيون.”
هو چوڻ لڳو “آئون ان تي پريشان نه آهيان، مون کي ڪو به فڪر نه آهي.”
مون سندس ڳوڙها اگهندي چيو “پر تون ته روئي رهيو آهين.”
هن چيو “اصل ۾ مون کي ٻانهن ۾ ڌڪ لڳو ان جي ڪري روئي پيس.”
مون سندس قميص جي ٻانهن مٿي ڪئي ته خبر پئي ته هن جي ٻانهن ڪٽيل آهي. تڏهن محسوس ڪيم ته هو هڪ ٻانهن جي سهاري توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيو هو. هن کي شايد خبر پئجي وئي ته مون کي ڏک پهتو آهي سو چوڻ لڳو “هيءُ ڌڪ مون کي اڳ ۾ لڳل ڌڪ جي ڀيٽ ۾ ته ڪجهه به نه آهي، تڏهن ته منهنجي هٿ تان ڪار چڙهي وئي هئي.”
آئون ڪجهه دير لاءِ ته بلڪل خاموش ٿي ويس، پوءِ کيس چيم “خير آهي، گهٽ ۾ گهٽ زنده ته آهين.”
هن چيو “مونکي ڪو به فڪر نه آهي ۽ نه ئي مون هن حالت بابت ڪنهن کان ڪا شڪايت آهي.”
مون چيو “اهو ته تون اڳ ۾ به چئي چڪو آهين، ان حوصلي جو ڪهڙو سبب آهي؟”
هن چيو “منهنجو خدا تي ايمان آهي. اهي جيڪي خدا تي پختو يقين رکن ٿا تن کي دائمي زندگيءَ ۾ خدا ڀرپور ۽ مڪمل جسم عطا ڪندو.”
مون سوچيو ته يا خدا! آئون ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ ڪڏهن به ڪنهن جي دل ۾ خدا تي ايترو ايمان مون نه ڏٺو آهي جيترو هن جي ننڍڙي دل ۾ موجود آهي. هو منهنجا ٿورا مڃيندو هليو ويو. مون سوچيو “ڪير سڀ کان وڌيڪ قناعت پسند آهي هُو يا آئون؟”

[b]9. هدايت حاصل ڪريو
[/b]اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو فرمان اهي ته ‘دين هدايت آهي’ سمجهو ته ٽن لفظن ۾ اها دين جي مڪمل وصف آهي. ايمان آڻيندڙن تي اهو فرض آهي ته دين جي مڪمل ڄاڻ هدايت سمجهي حاصل ڪن ۽ پنهنجي حقيقي خالق تي ايمان ڪامل رکن. ڪجهه جن ايمان ته آندو پر هو اڃا تائين وسوسن جو شڪار آهن.
اها حقيقت آهي ته وسوسن جا شڪار ماڻهو شفاعت کان محروم رهندا. ڪجهه وري اهڙا به آهن جن ايمان به آندو ۽ آگاهي به حاصل ڪئي پر ان تي عمل نٿا ڪن. هنن کي اها ڄاڻ ئي نه آهي ته الله پاڪ سندن رهنمائي ڪري سگهي ٿو بس رڳو وک وڌائڻ جي دير آهي. ڪجهه اهڙا به هوندا جن نه رڳو ايمان آندو پر خدا جي حڪم تي عمل به ڪيو. پڪ ڄاڻو ته خدا مٿن مهربان آهي ۽ هو خدا جي رحمت جي ڇانو ۾ رهن ٿا.
توهان کي هدايت تڏهن ئي ملندي جڏهن توهان خدا حڪم جي مڪمل پيروي ڪندا. عجز، انڪساري ۽ عاجزي اختيار ڪندا. الله پاڪ جا عاجز ٻانها ٿي گذاريندا ته اهڙن ماڻهن کي موٽ ۾ الله پاڪ جنت ۾ اعليٰ مقام بخشيندو.

[b]10. ٻاجهه ۽ ڇوٽڪاري جا حقدار بڻجو
[/b]انسان جي تخليق اهڙي انداز ۾ ٿيل آهي جو هُو هر وقت ماحول کي تنقيدي نظر سان ڏسي ٿو ۽ چئوڦير ٿيندڙ واقعن تي نظر رکي ٿو ۽ انهن مان سبق حاصل ڪري ٿو. انسان ۾ صورتحال جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي اتم صلاحيت موجود آهي ۽ ان جي آڌار تي هو اڳڪٿي به ڪري سگهي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انسان خدا جي بهترين تخليق آهي. پر هن دنيا ۾ انسان مهمان جي حيثيت ۾ موجود آهي ۽ اڳئين جهان ۾ ابدي زندگي ملڻ جي بشارت ڏني وئي آهي. انسان کي پهرين هدايت نبين جي معرفت ڏني وئي ۽ ان کان پوءِ هدايت ڏيڻ جو ڪم خدا نيڪ ٻانهن جي حوالي آهي. اسان کي ان تي پختو ايمان رکڻ گهرجي ته هيءَ عارضي دنيا آهي ۽ اسين هتي مختصر وقت جا مهمان آهيون.
اسان کي هر حال ۾ شڪرگذار رهڻ گهرجي، قناعت کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي. شيطان اسان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو تنهنڪري اسان کي گمراهيءَ کان بچڻ گهرجي. هر انسان کي گهرجي ته هُو هر وقت پنهنجي دل ۾ اصلاح ۽ هدايت جي گنجائش رکي. جيڪڏهن توهان جي دل ۾ سکڻ ۽ سمجهڻ جي خواهش موجود هوندي ته پڪ ڄاڻو ته خدا توهان جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن به ڪٿي ڪو مغروريءَ وارو اکر ٻڌون ته اسان کي گهرجي ته پنهنجي پاڻ کان سوال ڪريون ته ڇا اسان جي دل ۾ به ڪا اهڙي خراب شيءِ موجود آهي؟ ضروري آهي ته اسين هروقت پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺندا رهون.
جيڪڏهن اسين ڪنهن جي رهبري يا رهنمائي ڪرڻ لاءِ نڪرون ٿا ته اسان کي گهرجي ته پهرين پنهنجو جائزو وٺون ته ڇا اسين ان لائق آهيون ۽ ڇا اهي خاميون اسان ۾ به موجود ته نه آهن؟ ان جو جواب بلڪل ايمانداريءَ سان ڳوليون ۽ جيڪڏهن ڪا خامي آهي ته پهرين ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.

[b]11. اصلاح ڪندڙ
[/b]اسان کي هن زندگيءَ ۾ جيڪو پهريون سبق مليل اهي سو اهو آهي ته اسين گناهن کان بچون. اسان تي اهو فرض آهي ته ڪا نيڪ صلاح ڏيندڙ ننڍو هجي يا وڏو سندس ڳالهه ڌيان سان ٻڌون ۽ پوءِ هن جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪريون. جيڪڏهن اسين ڪنهن جي رهنمائي ڪرڻ چاهيون ٿا ته سڀ کان پهرين پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺون. جيڪڏهن اسان ۾ به ساڳيون خاميون هجن ته پهرين انهن کي درست ڪريون. جيڪڏهن اسين ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃون ۽ هُو اسان کي سگريٽ پيئڻ کان روڪي جڏهن ته پاڻ سگريٽ پيئندڙ هجي ته اهڙي صورت ۾ سندس صلاح ڪيتريقدر اثرائتي هوندي. جيڪڏهن اسين ڪو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسين ان بابت صلاح وٺڻ لاءِ ڪنهن ناڪام ڪاروباري شخص وٽ ته نه وينداسين. ان جي ڪري دين جي اصلاح وقت به اسان کي اهڙين سمورين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي.
اهو به ياد رکو آدم ۽ حوا جو جنت مان نڪرڻ به هڪ غلط صلاح جو ئي نتيجو هو ۽ منع ڪيل ڦل کائڻ جي صلاح کين شيطان ڏني هئي. ان ڪري اصلاح ڪندڙ ۽ اصلاح جي طالب ٻنهي لاءِ اهو لازمي آهي ته مڪمل ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪنهن فيصلي تي پهچن. اهو هر وقت ذهن ۾ رکو ته شيطان ۽ ابوجهل به ماڻهن کي صلاحون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ شيطان ته اڃا تائين به ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۾ مشغول آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته نيڪ راهه وٺڻ جي بدران ڪٿي گمراهه نه بڻجي وڃو. هروقت پنهنجي خدا کان نيڪ راهه تي هلڻ جي سگهه جا طالب رهو ۽ بيشڪ خدا سڀ کان بهتر رهنمائي ڪندڙ آهي.