ڏاهپ / اخلاقيات

تخليق خالق کانسواءِ؟

ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
Title Cover of book تخليق خالق کانسواءِ؟

باب ڏهون

[b]اوڻيهون لفظ
[/b]آئون رڳو لفظ محمد جي تعريف بيان نٿو ڪري سگهان ۽ ان جي لاءِ حضرت محمد ﷺ جن کان مدد جو طالب آهيان.
ها اهو لفظ واقعي خوبصورت آهي پر پاڻ سڳورن جي شخصيت ان کي ڪائنات جو حسين ترين لفظ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ نبوت جون سموريون خاصيتون سموئي ڇڏيون آهن. اهو لفظ سمجهو ته ڏهن قطرن تي مشتمل آهي.

[b]پهريون قطرو
[/b]اسان کي نجات ڏياريندڙ جون ٽي اهڙيون نشانيون آهن جيڪي آفاقي آهن. هڪ هن ڪائنات جو ڪتاب. ٻي نبوت جي مهر جيڪا هن ڪائنات جي ڪتاب جي سڀ کان افضل ترين نشاني آهي. هاڻي اسان کي نبوت جي مهر واري ٻي نشاني جي ڪجهه وضاحت ڪرڻي آهي ته جيئن ان کان واقف ٿي سگهون ۽ ان کي سمجهي سگهون.
بيشڪ نبوت جي مهر هڪ واضح نشان آهي پاڻ سڳورن جي پيغمبر هجڻ جي: هيءَ ڌرتي هڪ مسجد آهي، مڪو شريف ان جو محراب آهي ۽ منيٰ ان جو منبر آهي. هاڻ ان تي جيڪا شخصيت جلوه افروز ٿئي ٿي سا حضرت محمد ﷺ جن کان سواءِ ڪا ٻي ٿي ئي نٿي سگهي. هو ئي هن ڪائنات جو سردار، نبين جو سردار ۽ مومنن جي هر عبادت جو مرڪز هجڻ جو دليل آهي. هو نور جو هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جو پاڙون سڀ نبي ۽ جنهنجو ڦل ولي آهن. سندن فرمان آهي ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. هر نظارو ۽ منظر سندس ساراهه ۽ ثناء ڪري ٿو. ماضي ۽ مستقبل يڪ آواز ٿي چون ٿا “تون سچ آهين، تون حق آهين.” اها اسان جي پياري نبيءَ جي درست هجڻ جي گواهي آهي.

[b]ٻيو قطرو
[/b]ڪائنات جو مالڪ پاڻ اسان جي نبيءَ جي درست هجڻ جي گواهي ڏي ٿو ۽ ان کان سواءِ هزارين مظهر سندن درست هجڻ جا خاموش شاهد آهن. توريت ۽ انجيل سندن اچڻ کان دنيا کي آگاهه ڪيو هو. سندن ولادت مبارڪ ۽ نبوت ملڻ کان اڳ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي نشانيون هيون جيڪي سندن اچڻ جو اڳواٽ اشارو هيون. شق القمر وارو معجزو ۽ اهڙا ٻيا معجزا ثابت ڪن ٿا ته سندن نبوت جي دعويٰ بلڪل جائز هئي. سندن ذات ۽ سندن شخصيت هر قسم جي عيب کان پاڪ هئي. سندن مخالف به سندن تعريف ڪرڻ تي مجبور هئا. ايترو رتبو ملڻ جي باوجود پاڻ خدا جي عبادت ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪيائون، جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو هجي ها ته ايئن نه ڪري ها. ان تي اسان جو ڪامل يقين آهي.

[b]ٽيون قطرو
[/b]اچو ته تصور ۾ عرب اپٻيٽ جو سفر ڪريون! اهو ڪفر جو زمانو آهي! اسين پنهنجي تصور سان اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اتي ڇا ٿي رهيو آهي. اسين اتي هڪ اهڙي شخص کي ڏسون ٿا جيڪو نوراني چهري وارو آهي. سندس هٿ ۾ ڪتاب آهي ۽ زبان تي لاالهٰ الالله، محمد الرسول الله جا لفظ آهن. هو جنن، ملائڪن ۽ انسانن کي خطبو ڏئي رهيو آهي. هو هن ڪائنات جي تخليق کان وٺي عام مسئلن تائين هر معاملو اک ڇنڀ ۾ حل ڪري وٺي ٿو. هو هن ڪائنات جا ڳجها راز بيان ڪري سگهي ٿو. ڪائنات جي هر مخلوق کي هدايت ڪري ٿو ته هنن ٽن سوالن تي غور ڪريو “توهان ڪٿان آيا آهيو؟ توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟ توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟”

[b]چوٿون قطرو
[/b]ڏسو هن مان ڪيئن سچ جو نور پکڙي رهيو آهي. دنيا جا اهي حصا جيڪي سندس نور کان هٽي ويا آهن اتي ڪيتري نه اونداهه آهي. هر طرف افراتفري ۽ بيچيني پکڙيل آهي. ڪوبه ماڻهو ٻئي کي سڃاڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هر ڪو پنهنجي مفادن جي پٺيان ڊوڙي رهيو آهي. مخلوق ننڍڙن ٻارن وانگر روئي رهي آهي. هر ڪو موت جي خوف جو شڪار آهي. ٻئي طرف ڏسو جيڪي سندس نور کي قبول ڪري کيس ويجها ٿيا آهن اتي ڄڻ خوشي ۽ خوشحالي پکڙيل آهي. هر ڪو مطمئن ۽ عبادت ۾ مشغول آهي. هر طرف خدا جي ساراهه ۽ ثناء ٿي رهي آهي. سڀ پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهن ٿا، هر ڪو ٻئي جو دوست آهي. ڪٿي نه ڪو روڄ نه راڙو آهي. ڪنهن کي به موت جو خوف نه آهي ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته هيءَ دنيا عارضي آهي ۽ اسين هتي مهمان آهيون. اسان کي آخرڪار موٽي پنهنجي مالڪ ڏانهن وڃڻو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي آخرت جو ثمر گڏ ڪرڻ ۾ مشغول آهي.

[b]پنجون قطرو
[/b]ان نور جي روشنيءَ سان اسان کي هيءَ ڪائنات متحرڪ نظر اچي رهي آهي، هر تبديلي بلڪل واضح نظر اچي ٿي ڪجهه به اتفاقي طور نه پر هڪ خالق جي حڪم سان ٿيندو نظر اچي ٿو. اسان تي ڪائنات جا راز منڪشف ٿي رهيا آهن. اسان کي هر وجود خالق جي طاقت جو مظهر نظر اچي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪوبه ابهام نظر ئي نٿو اچي. انسان هڪ اشرف المخلوقات وانگر نظر اچي ٿو، جيڪو هر شيءِ تي حاوي آهي. هر ماڻهو خوشي توڙي غم کي مالڪ جي عنايت سمجهي ٿو ۽ ان تي صابر ۽ شاڪر آهي. جيڪي الله جو خوف رکندڙ آهن سي بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ به ڪنهن به قسم جي هٺ وڏائيءَ کان پري آهن. جيڪڏهن اهو نظام ڪنهن انسان جي وس ۾ هجي ها ته هڪ ڏينهن به هلي نه سگهي ها. جيڪڏهن الله جو رسول اسان جي رهنمائي نه فرمائي ها ته اسين به انهن انڌيرن ۾ غرق هجون ها. کين انسانيت لاءِ رهبر ۽ رهنما بڻائي موڪليو ويو. هو اسان جي لاءِ رحمت بڻجي آيا ۽ اهو اسان تي الله پاڪ جو سڀ کان وڏو احسان آهي. بيشڪ اي الله جا رسول توهان درست فرمايو ٿا ته هيءُ سڄو نظام خلقڻ ۽ هلائڻ وارو خدا ئي آهي.

[b]ڇهون قطرو
[/b]بلڪل اهي انڌيرا دور ڪرڻ لاءِ کين نبي ڪري موڪليو ويو. ته جيئن اسان کي هدايت ڏئي سگهن. اسان جي ذهن تان غفلت جا پردا هٽائي سگهن. خدا ۽ بندي جي وچ ۾ تعلق جوڙي سگهن. اسان کي خدا جي نعمتن ۽ رحمتن کان آگاهه ڪري سگهن. اسان کي انسانيت جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهن. اسان کي قادر مطلق بابت ٻڌائي سگهن. اسان جي سامهون پيار ۽ محبت جو نمونو بڻجي رهن. اسان کي شيطان جي شر کان بچائي سگهن. بيشڪ اسين چئون ٿا “خدا کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي.”

[b]ستون قطرو
[/b]ڏسو ته هر طرف ڪيتريون نه برايون پکڙيل هيون. ڪيتريون غلط ريتون، رسمون ۽ عادتون موجود هيون. ڪيتري گمراهي پکڙيل هئي. پاڻ سڳورن اچي اسان کي ان انڌيري مان ٻاهر ڪڍيو. اهڙيءَ طرح عرب جو هيءُ علائقو ٻين جي لاءِ مثال بڻجي ويو. نبي ڪريم ﷺ جن تلوار جي ذريعي نه پر پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار وسيلي ماڻهن جون دليو کٽي ورتيون. پاڻ زمين تي قبضو ڪرڻ بدران دلين تي قبضو ڪري ورتائون. پاڻ بهترين اخلاق ۽ ڪردار جو اعليٰ ترين نمونو بڻجي ويا. دليون ۽ ذهن فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اسان جي روح جي راحت بڻجي ويا.

[b]اٺون قطرو
[/b]توهان ڏٺو هوندو ته دنيا جي ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي ملڪ جو بادشاهه به جيڪڏهن چاهي ته سموري سختيءَ باوجود پنهنجي رعيت کي رڳو سگريٽ ڇڪڻ کان روڪي نٿو سگهي. پر رسول الله ﷺ جن کي ڏسو ته رڳو پنهنجي اخلاق ۽ درس ڏيڻ سان عربن مان شراب، زنا، چوري، بدڪاري ۽ ٻيون خراب عادتون بلڪل ختم ڪري ڇڏيائون. سندن پيغام جي آفاقي هجڻ جو اهو ئي سڀ کان وڏو ثبوت آهي ته تبليغ جي ذريعي ماڻهن کي بتن بدران خدا جي عبادت ڪرڻ تر مجبور ڪري ڇڏيائون. ڪوبه جيڪڏهن چاهي ته عربن مان اهي برايون ختم ٿين ۽ ان لاءِ هزارين ذهين فلسفي به وٺي وڃي ها تڏهن به ايئن ڪرڻ ڪنهنجي لاءِ ممڪن نه هجي ها ۽ پاڻ سڳورن اهو سڀڪجهه ڪري ڏيکاريو.

[b]نائون قطرو
[/b]جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو اعليٰ طبقي وارن جي اڳيان ڪنهن اهڙي مسئلي تي جنهن مان کيس ڪو ذاتي فائدو نه ٿيندو هجي بنا ڪنهن هٻڪ يا پريشانيءَ جي ڪوڙ ڳالهائي نه سگهندو آهي نه ئي کين ڪو دوکو ڏئي سگهندو آهي. اڪثر ڪنهن اهم معاملي تي ماڻهو سچ ڳالهائڻ کان به لنوائي ويندا آهن. هيءُ ته تمام ديوين ۽ ديوتائن کي غلط ثابت ڪرڻ سان گڏ اهم مذهبي معاملن جي خلاف ڳالهائڻ جو مسئلو هو. ڪوبه شخص بنا ڪنهن ثبوت جي ڳالهائي اهو ممڪن نه هو. سو به اهو شخص جنهن جي باري ۾ مشهور هجي ته هو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي، امين آهي اهو شخص جڏهن ڪنهن اهڙي معاملي تي ڳالهائي ٿو ته بنا ڪنهن اٿارٽيءَ جي نه ڳالهائيندو هوندو. بلڪل اها عطا ڪيل نبوت ئي هئي جنهن کيس ايترو بي خوف بڻائي ڇڏيو هو. پاڻ سڳورن کي اها ڄاڻ هئي ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو، ديوتائن جا پوڄاري سندن جان جا دشمن بڻجي ويندا پر کين اها پڪ هئي ته خدا جي ذات سڀ کان اعليٰ ۽ افضل آهي. کين اها به پڪ هئي ته الله پاڪ جي مدد جنهن کي حاصل هجي تنهن کي دنياوي مخالفتون ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن. سچ تي عمل دوکو نه آهي پر سچ کان انڪار دوکو آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ پيغام پهچائڻ شروع ڪيائون.

[b]ڏهون قطرو
[/b]ڏسو ته پاڻ سڳورن ڪهڙو جستجو پئدا ڪندڙ، دلڪش، ضروري ۽ خوبصورت سچ پيش ڪيو آهي ۽ ڪيئن معاملن کي حل ڪيو آهي.
توهان کي خبر آهي ته جستجو هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا اسان کي هر خطرو کڻڻ تي آماده ڪري ٿي. توهان کي جيڪڏهن ڪير چوي ته چنڊ يا مريخ تان ڪو اهڙو شخص اچڻو آهي جيڪو توهان کي اتي جون حقيقتون ۽ توهان جي مستقبل جو حال ٻڌائي سگهي ٿو ۽ توهان کي ان لاءِ پنهنجي اڌ عمر يا ڪمايل دولت جو اڌ ڏيڻو پوندو ته توهان جو جواب ڇا هوندو؟ شايد توهان ان تي به راضي ٿي وڃو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڄاڻڻ جي جستجو شيءِ ئي اهڙي آهي. ٿورو غور ڪريو ته چنڊ هڪ مک وانگر پتنگ يعني ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر پيو لڳائي، ڌرتي وري پتنگ وانگر ڏيئي يعني سج جي چوڌاري چڪر ٿي لڳائي ۽ سج جو اهو ڏيئو انهن هزارن مان هڪ آهي جيڪي ڪائنات جي بادشاهه جي درٻار ۾ لڳل آهن. هاڻي اهو بادشاهه ڪيترو طاقتور هوندو ان جو ته ڪو اندازو ئي نه آهي. اهي حقيقتون اسان تي پاڻ سڳورن عيان ڪيون.
مستقبل جي باري ۾ فرمائن ٿا ته هيءَ ڌرتي ته بس رڃ جي هڪ تروري جيتري آهي ۽ ڪائنات جي وسعتن سان ان جي ڪابه ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. ان هڪ تروري جي تباهه ٿيڻ سان هن ڪائنات تي ڪهڙو اثر پوندو.
1. پاڻ سڳورن جي نبوت ۾ لڳل نگينه
”پاڻ سڳورن جي نبوت کان اڳ واري زندگي ئي سندن نبوت جي تصديق لاءِ ڪافي آهي.“
1. سندن جنم مبارڪ وقت پيش ايندڙ واقعا، سندن ٻالڪپڻي ۾ ئي سندن عزيزن کي سندن غير معمولي صلاحيتن جي خبر پئجي وئي ۽ جوانيءَ وقت ڪنهن کي به شڪ نه رهيو ته کين اڳتي هلي ڪو انتهائي ڏکيو ڪم ڪرڻو آهي.
2. نبوت کان اڳ ۾ ئي پاڻ سڳورا مظلومن جا ساٿي هوندا هئا ۽ ظالمن جي خلاف آواز بلند ڪرڻ لڳا. مظلومن جي هر ممڪن مدد به ڪندا هئا.
3. ڪڏهن به دولتمندن وانگر آسائش ڀري زندگي نه گذاريائون. پاڻ ٻالڪپڻي ۾ ئي يتيم بڻجي ويا. سندن ڪجهه تربيت سندن ڏاڏي عبدالمطلب ڪئي ۽ باقي تربيت سندن چاچي ابو طالب ڪئي. وٽن ڪا به مال دولت نه هئي.
4. پاڻ جن ڏينهن ۾ تولد ٿيا تن ڏينهن ۾ عرب ۾ هر طرف برائي ۽ بدڪاري پکڙيل هئي پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن خراب عمل ڏانهن راغب نه ٿيا ۽ انتهائي وقار ۽ پاڪدامنيءَ سان وقت گذاريندا هئا. پاڻ فرمايائون ته کين ٻن مختلف شادين ۾ شرڪت ڪرڻي پئي پر پاڻ سفر دوران ئي سمهي رهيا. چون ٿا ته پاڻ سڳورا ايترا ته شرميلا هئا جو بيبي خديجه سان شاديءَ جي وقت پگهر ۾ ٻڏل هئا. ان شاديءَ وقت پاڻ سڳورا ڦوهه جوانيءَ ۾ هئا يعني سندن عمر 25 سال هئي ۽ بيبي خديجه جي عمر 40 سال هئي ۽ بيواهه هئي. تن ڏينهن ۾ جڏهن ڪو شخص جنگ تي ويندو هو ته پنهنجي نياڻين جي ستر جي حفاظت لاءِ کين ڪنهن اعتبار جوڳي شخص جي حوالي ڪري ويندو هو ۽ اهڙن تمام ماڻهن جو پهريون انتخاب پاڻ سڳورا هوندا هئا.
5. نبوت کان اڳ ۾ سڀ ماڻهو کين امين ۽ سچار چوندا هئا ۽ پاڻ ڪڏهن به واعدي خلافي نه ڪيائون. سندن دشمن به سندن انهن خوبين جا متعرف هئا. عجيب ڳالهه اها به آهي ته سندن سڀ کان وڏي دشمن ئي کين “محمد امين” جو لقب ڏنو هو. ڪعبت الله شريف ۾ جڏهن حجر اسود تي تنازعو پئدا ٿيو ته سڀ گڏجي حل لاءِ وٽن آيا ۽ پاڻ سڳورن اهو مسئلو انتهائي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪري ڇڏيو. اهو پٿر هڪ ڪپڙي تي رکي سڀني سردارن گڏجي کنيو ۽ لڳائي ڇڏيو. سڀ خوش ٿي ويا.
6. نبوت ملڻ کان اڳ ۾ سندن زندگيءَ ۾ جڏهن عجيب واقعا پيش اچڻ لڳا ته پان سڳورا گوشه نشينيءَ لاءِ غار حرا ۾ هليا ويندا هئا. پاڻ سڳورا امي هئا پر جڏهن غار حرا ۾ مٿن وحي نازل ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته پوءِ ڪو به عالم يا فاضل سندن علم جو مقابلو نه ڪري سگهيو. اهو به سندن نبي هجڻ جو هڪ بهترين دليل آهي.
7. ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته ڪو اهڙو شخص جيڪو چاليهه سالن تائين ڪوڙ نه ڳالهائي ۽ سندن دشمن به ان ڳالهه کي مڃيندا هجن. اهو شخص چاليهه سالن کان پوءِ اوچتو ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇا اهو ممڪن آهي؟

”دشمن به اسان جي نبيءَ کي امين سڏيندا هئا“
1. اهي جيڪي چاليهه سالن تائين کين امين ڪوٺيندا رهيا ۽ وٽن امانتون رکندا هئا تن کين نبي مڃڻ کان انڪار ڪيو. هنن جو اهڙو عمل سندن ٻٽا معيار ظاهر ڪري ٿو. افسوس اهڙن ماڻهن کي عالم ۽ امير سمجهيو ويندو هو ۽ سندن ان عمل کان پوءِ ڇا اهڙا ٻٽا معيار رکندڙ ماڻهن کي عالم سڏي سگهجي ٿو؟ شايد سندن ان انڪار جا ڪي ٻيا سبب هئا. نبيءَ جي هلت چلت ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو هو پر مشرڪن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد پئدا ٿيو هو. هو سج جي روشنيءَ کان رڳو پنهنجي شخصي انا جي خاطر اکيون پورڻ تي مجبور هئا.
2. سندن دشمن به مٿن ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ جو الزام هڻي نه سگهيا ۽ نه ئي سندن پيغام کي غلط چئي سگهيا. سو ان جي ڪري پاڻ سڳورن تي ٻيا الزام هڻڻ شروع ڪيائون. کين جادوگر ۽ تمام بهترين شاعر سڏڻ لڳا. هنن کي پاڻ سڳورن جي معجزن کان به ڪو انڪار نه هو پر هو انهن معجزن کي جادوگريءَ جو تمام اعليٰ ترين نمونو سڏيندا هئا.
3. ڪجهه ته اهو به چوندا هئا “محمد ﷺ جن چون ته صحيح ٿا” پر هو رڳو پنهنجي انا ۽ غرور جي ڪري کين نبي مڃڻ کان انڪار ڪندا رهيا. هو چوندا هئا “اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته نبوت جو ڪم ڪنهن يتيم جي حوالي ڪيو وڃي جڏهن ته مڪي ۾ ٻيا به ڪافي امير ماڻهو به موجود آهن؟” هو نبوت جي انڪار لاءِ سکڻا بهانا گهڙيندا رهيا.
4. مڪي ۾ تن ڏينهن ۾ بتن جي پوڄا پوري اوج تي هئي ۽ شاعري ۽ ادب ۾ به انهن جو ئي ذڪر هوندو هو. هنن اسلام جي دعوت جي قبول ڪرڻ بدران مخالفت جو ڏکيو رستو اختيار ڪرڻ پسند ڪيو. جڏهن قرآني آيتون سندن سامهون آيون ته هنن ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ قرآن شريف جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شاعري ڪرڻ لڳا پر ان جهڙي هڪ آيت به نه ٺاهي سگهيا. ان جي ڪري جو اهو الهامي ڪتاب آهي ۽ ان جو مقابلو ڪو به نٿو ڪري سگهي.
5. مشرڪن تشدد جو رستو محض ان ڪري اختيار ڪيو ته هو پاڻ سڳورن ۾ ڪو عيب ڳولي نه سگهيا. هو پاڻ سڳورن جي سڄي زندگيءَ ۾ تر جيتري بي ايماني به ڳولي نه سگهيا.
6. سندن نبوت جي هڪ ٻي اهم نشاني اها به آهي ته سندن اهڙا دشمن جيڪي تلوارون کڻي جنگ لاءِ آيا سي سندن حسن سلوڪ ڏسي مسلمان ٿي ويا. انهن ۾ صفوان، ابوسفيان، امر ابن العاص، خالد ابن وليد، اڪريمه، هند ۽ وحشي شامل آهن. توڙي جو هو ابتدا ۾ پاڻ سڳورن جا شديد دشمن هئا پر پاڻ سڳورن جي اخلاق کين جانثار بڻائي ڇڏيو. هو هڪ هڪ ٿي اسلام جي دائري ۾ ايندا ويا ۽ دين جي تبليغ ڪرڻ لڳا.

”سندن نبوت کان پوءِ واري زندگي سندن نبوت جي گواهي ڏي ٿي.“
1. اهو ته ممڪن نه آهي ته ڪو شخص تمام ڏاهو هجي ۽ هو پنهنجا خيال رڳو پاڻ تائين محدود رکي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته هو پنهنجو پيغام ٻين تائين ضرور پهچائڻ چاهيندو ۽ پنهنجا پوئلڳ پئدا ڪندو. اچو ته ٿورو پنهنجي پاڻ تي غور ڪريون، ڇا اسين پنهنجا خيال رڳو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهينداسين؟ بلڪل نه اسين ته پنهنجا خيال ڌارين تائين به پهچائڻ چاهينداسين. انساني زندگيءَ ۾ 15 کان 25 سالن جي عمر وارو حصو تمام اهم ۽ متحرڪ هوندو آهي. سڄي دنيا اهو تسليم ڪري ٿي ته ان عمر جي نوجوانن ۾ تشدد جو رجحان وڌيڪ هوندو آهي. ويجهي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ان عمر جي اڪثر نوجوانن رڳو پنهنجي سوچ تسليم ڪرائڻ لاءِ تشدد کان ڪم ورتو. ٻئي طرف اسان جي پياري پيغمبر ﷺ جن پنهنجو پيغام پهچائڻ جو ڪم چاليهه ورهين جي عمر کان پوءِ شروع ڪيو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ سڳورا ڪنهن جي حڪم تي ڪم ڪندا رهيا. جيڪا خدا جي ذات ئي هئي.
2. ڪنهن جي به شخصيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جڏهن کيس ڪاميابي، رتبو ۽ دولت ملي. اڪثر ماڻهو اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان پوءِ بدلجي ويندا آهن پر پاڻ سڳورن جي شخصيت ۾ ڪوبه بدلاءُ نه آيو. پاڻ نبوت ملڻ کان پوءِ به انتهائي سادگيءَ سان پنهنجو وقت گذاريندا رهيا. سندن ميل جول ۾ نه نبوت کان اڳ ڪو نقص هو ۽ نه ئي نبوت ملڻ کان پوءِ ڪا خامي ڪنهن کي نظر آئي. اهو ئي سندن نبي هجڻ جو دليل آهي.

[b]2. خوبصورت وار
[/b]عبدالرحمٰن هڪ شاگرد هو جيڪو هڪ بورڊنگ اسڪول ۾ پڙهندو هو. هو پنهنجي اخلاق، سڀاءُ، انداز ۽ پڙهڻ ۾ ٻين شاگردن لاءِ مثال هو. هڪ ڏينهن ڪنهن شاگرد جو سندس وڏن وارن ڌيان ڇڪايو. پر هن جي استادن ۽ مائٽن ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ سندن خيال هو ته هڪ ڏينهن هو پاڻ پنهنجا وار ننڍا ڪرائي ايندو. عبدالرحمٰن جا وار مسلسل وڌندا رهيا. آخرڪار هڪ ڏينهن اسڪول جي وائيس پرنسپال کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرايو. هن کيس چيو: “عبدالرحمٰن توهان جا وار تمام وڏا ٿي ويا آهن، توهان کي اهي ڪجهه ننڍا ڪرائي ڇڏڻ گهرجن، ٺيڪ آهي؟”
عبدالرحمٰن ڪنڌ لوڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر وائيس پرنسپال اهو نه سمجهي سگهيو ته هو اثبات ۾ پيو ڪنڌ لوڏي يا انڪار ۾ بهرحال هن ان جو نتيجو اهو ڪڍيو ته هن وقت شايد وقت نه اٿس ان ڪري موڪل واري ڏهاڙي جيئن گهر ويندو ته وار ڪٽائي ايندو. موڪل وارو ڏهاڙو آيو ته عبدالرحمٰن گهر هليو ويو.
گهر پهچڻ کان پوءِ رات جي مانيءَ تي کيس سندس والد چيو “پيارا پٽ توهان سڀاڻي وار ڪٽائيندا؟”
عبدالرحمٰن ڏاڍو فرمانبردار هو هن ڪڏهن به والدين جو چوڻ نه موٽايو هو ۽ نه ئي سندن سامهون وڏي آواز ۾ ڪڏهن ڳالهايو هو. پر اڄ هن وڏي آواز ۾ چيو “نه بابا آئون وار نه ڪٽائيندس.” ايترو چئي هو مانيءَ تان اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. سندس ماءُ ۽ پيءُ هڪٻئي جو منهن ڏسندا رهجي ويا. کين حيرت هئي ته اڄ سندن پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي پر پوءِ هنن ان ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. عبدالرحمٰن جيئن اسڪول پهتو ته سندس وار ڪٽيل نه هئا ۽ اها ڳالهه پرنسپال کي نه وڻي تنهن کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ڪاوڙ مان چيو “سڀاڻي تنهنجا وار ڪٽيل هجن.” عبدالرحمٰن ٿورو جهڪيو ۽ پوءِ آفيس مان نڪري پنهنجي ڪلاس ۾ هليو ويو. پڙهائي جيئن ئي ختم ٿي ته هو هاسٽل ڏانهن نه ويو پر اتان سڌو موٽي گهر هليو ويو. صبح جو اٿي هو آرسيءَ جي آڏو وڃي بيٺو ۽ وارن کي ڇهندي چوڻ لڳو “آئون هنن کي اها اجازت نه ڏيندس هو اوهان کي مون کان ڌار ڪن.”
عبدالرحمٰن جي والده محسوس ڪيو ته سڄو مسئلو وارن جو آهي ۽ جيڪڏهن اهو مسئلو حل نه ٿيو پٽ جي تعليم متاثر ٿيندي. سو هن نرميءَ سان عبدالرحمٰن کي چيو “ پٽ توکي خبر آهي ته تون اسان کي ڪيترو پيارو آهين ۽ توکي اسان جي دل نه ٽوڙڻ گهرجي ۽ اڄ ئي پنهنجا وار ڪٽائي ڇڏڻ گهرجن.”
عبدالرحمٰن چوڻ لڳو “امان اوهان کي خبر آهي ته آئون به توهان کي ايترو ئي پيار ڪريان ٿو، آئون بابا کي پيار ڪريان ٿو ۽ مون کي پنهنجي استادن سان به ايتري ئي محبت آهي. آئون توهان سڀني جو بيحد احترام ڪريان ٿو. مهرباني ڪري مون کي اهڙو حڪم نه ڏيو جيڪو آئون پورو ڪري نه سگهان ۽ توهان کي ان تي افسوس ٿئي يا ڪو رنج پهچي.”
ماءُ چوڻ لڳي “پٽ مون کي ٻڌائي آخر تون وار ڪٽائڻ کان انڪار ڇو ڪرين ٿو؟”
عبدالرحمٰن چوڻ لڳو “امان اهو آئون ٻڌائي نٿو سگهان.”
ماءُ چيو “پٽ تنهنجي ان رويي تي تنهنجا استاد به پريشان آهن. مون سان گڏجي هل ته حجام ڏانهن هلون.”
عبدالرحمٰن وٽ هاڻي انڪار جي ڪابه گنجائش نه رهي ۽ هو مجبور ٿي ماءُ سان گڏجي حجام ڏانهن هليو ويو. حجام سندس وار ڪٽي ننڍڙا ڪري ڇڏيا.. وار ڪٽئڻ کان پوءِ عبدالرحمٰن سڀ ميڙي هڪ ٿيلهي ۾ وڌا ۽ ماءُ سان گڏجي گهر هليو ويو. ٻئي ڏينهن هو اسڪول هليو ويو.
مائٽ ۽ استاد خوش هئا هن فرمانبرداريءَ جو مظاهرو ڪيو. هڪ ڏينهن وائيس پرنسپال سڀني شاگردن جون ڪاپيون چيڪ ڪري رهيو هو اوچتو هن جي نظر عبدالرحمٰن جي ڪاپيءَ ۾ رکيل وارن تي پئي. هن کي حيرت ٿي ته عبدالرحمٰن آخر اهڙي حرڪت ڇو ڪئي. هن ڏٺو وار جنهن هنڌ پيل هئا ڪاپيءَ جي ان ئي حصي ۾ هي سٽون به لکيل هيون:
“آئون پنهنجا وار هرگز نه ڪٽايان ها جيڪڏهن منهنجي مٺڙي ماءُ ان تي ضد نه ڪري ها. هنن کي اها خبر نه هئي ته هڪ رات خواب ۾ منهنجن انهن ئي وارن تي پياري پيغمبر ﷺ جن هٿ ڦيري انهن کي پسند ڪيو هو.
اي منهنجا پيارا نبي ﷺ مون کي معاف ڪجو توهان جن وارن تي هٿ ڦيريا هئا سي مون ڪٽائي ڇڏيا آهن.”

[b]3. تاريخ ۽ وقت سندن نبوت جي تصديق ڪن ٿا
[/b]پاڻ سڳورن جي زندگي نبوت ملڻ کان اڳ به بلڪل نبين جهڙي ئي هئي. سندن جنم مبارڪ به ڪيترن ئي حوالن کان منفرد هو. سندن والده بيبي آمنه جڏهن حامله ٿي ته منجهس جيڪي تبديليون آيون انهن تي سندن سڄي خاندان کي حيرت هئي. سندن ڄمڻ وقت بيبي آمنه کي ڪابه تڪليف نه ٿي. پاڻ جڏهن پئدا ٿيا ته ان وقت ئي سندن طهر ٿيل هو. ڄمڻ شرط سندن زبان مبارڪ مان اهي لفظ نڪتا “منهنجي امت، منهنجي امت.” سندن جنم مبارڪ وقت دنيا ڪيترائي عجيب واقعا رونما ٿيا.
پاڻ سڄي زندگي انتهائي باوقار انداز ۾گذاريائون. پاڻ هميشه دعوتن کان لنوائيندا هئا. رڳو ٻن شادين ۾ شريڪ ٿيا سو به ان حال ۾ ته سفر دوران ئي سمهي رهيا. پاڻ 25 ورهين جي ڄمار ۾ 40 ورهين جي بيواهه عورت سان شادي ڪيائون. گمراهيءَ جي ڏينهن ۾ به ماڻهو مٿس مڪمل اعتبار ڪندا هئا.

[b]4. فخر انسانيت هئا
[/b]مشهور شاعر نجيب فاضل لکي ٿو “پاڻ سڳورن جي ڪري اسين خلقيا وياسين.” حديث قدسي جنهن جي صحت تي اڪثر عالم شڪ جو اظهار ڪن ٿا، پر پوءِ به هتي پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. ان حديث مطابق پاڻ فرمايائون “جيڪڏهن مون کي پئدا نه ڪيو وڃي ها ته هيءَ دنيا ئي نه خلقي وڃي ها.” ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي الله تعاليٰ هيءَ ڪائنات خلقي. ڪائنات جو هيءُ ڪتاب تصديق ڪري ٿو ته ڪائنات جو خالق الله پاڪ آهي ۽ محمد ﷺ سندس پيغمبر آهي. سندن وجود کان سواءِ هيءَ ڪائنات ممڪن نه هئي. پاڻ سڳورا نه هجن ها ته هيءَ ڪائنات مڪمل انڌيري ۾ هجي ها ۽ اسان کي ڪوبه راهه ڏيکارڻ وارو ئي نه هجي ها. قرآن شريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو “انسان ۽ جن ان جي ڪري خلقيا ته هومنهنجي عبادت ڪن.” ابن عباس ان جي تشريح هن طرح ڪري ٿو. “الله پاڪ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ اسان سڀني کي خلقيو.” اسان جي پياري پيغمبر کان سواءِ اسين خدا جي وجود کان غافل رهون ها. ان بنياد تي اسين چئي سگهون ٿا ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي هيءَ سڄي ڪائنات خلقي وئي.
کانئن اڳ ايندڙ سڀني نبين پنهنجي انداز ۾ سندن اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي.مثال طور حضرت آدم عليه السلام جنت مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ کين شفاعت ڪندڙ قرار ڏنو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهريائون “اي خدا مون کي محمد ﷺ جي صدقي بخش ڪر.” حضرت عيسيٰ به سندن آمد جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ذڪر ڪيو آهي. هڪ ڀيري چيائون “آئون توهان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو، پر هن وقت توهان اهو سمجهي نه سگهندا. مون کي هاڻي هر صورت واپس وڃڻو آهي، ته جيئن ڪائنات جو سردار، پاڪ روح، سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ٻڌائيندڙ اچي ۽ توهان کي سچ کان آگاهه ڪري.
سندن آمد کان اڳ ۽ سندن جنم وقت جيڪي ڪجهه ٿيو پاڻ ان جي وضاحت ڪيائون ۽ اهو سڀ ڪجهه واقعي ٿي چڪو هو. سيار جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورن جي پئدائش وقت ڪعبي ۾ رکيل سمورا بت ڪري پيا ۽ ايران جي قصريٰ جا ٿنڀ ڊهي پيا وغيره.
سندن حفاظت هر وقت الله پاڪ ڪندو هو، ايتري حد تائين جو ٻالڪپڻي ۾ به هو الله جي امان ۾ هئا. مثال طور تي جڏهن پاڻ اڃا ٻار هئا ته ڪعبي جي آرائش دوران پٿر ڪلهي کڻي اچي رهيا هئا ته سندن چاچي کين چيو ته توهان جيڪڏهن ڪلهي تي ڪپڙو رکي پوءِ پٿر کڻندا ته توهان جا ڪلها زخمي نه ٿيندا. پاڻ سڳورن پنهنجي احرام جو ڪجهه حصو ورائي ڪلهي تي رکيو ۽ پٿر کنيائون ته سندن نظر وڃي سندن ٽنگن تي پيئي جيڪي ظاهر نظر اچي رهيون هيون. توڙي جو ان وقت ٻيو ڪوبه ماڻهو سندن ويجهو نه هو پاڻ سڳورا اهو ڏسي ايترا ته شرمسار ٿيا جو بيهوش ٿي ويا. اتان لنگهندڙ ڪنهن شخص کين بيهوش پيل ڏٺو ۽ اچي سندن چاچي کي ٻڌايو. جنهن کين هوش ۾ آندو ته پاڻ کين ان سموري حقيقت کان آگاهه ڪيائون.
جڏهن هر طرف کان ايذائڻ ۽ مٿن چرچا ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ هو ان وقت کين الله پاڪ معراج جو شرف بخشيو. ملائڪن جو سردار حضرت جبرائيل کين وٺڻ آيو هو. جنهن جي رهنمائي ۾ پاڻ عرش معليٰ پهتا ۽ صدر منتهيٰ تي حضرت جبرائيل کين چيو ته ان کان اڳتي وڃڻ جي مون کي اجازت نه آهي. اتان پاڻ اڪيلا وڃي خالق حقيقي سان هم ڪلام ٿيا.
پاڻ سڳورا تمام سادگي پسند هئا. هڪ ڀيري هڪ عورت کين ڏٺو ته پاڻ سڳورا زمين تي پيل خوراڪ جا ڪڻا چونڊي کائي رهيا هئا. ان تي اها عورت چوڻ لڳي “توهان غلامن وانگر زمين تي پيل ڪڻا ميڙي پيا کائو.” ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا توهان کي مون کان وڌيڪ سٺو ڪو غلام ملندو؟ آئون الله تعاليٰ جو غلام آهيان.”
پاڻ سڳورا واقعي خدا جا نيڪ ٻانها هئا. هڪ ڀيري ڏڪار پيو هو ۽ حضرت جبرائيل پاڻ سڳورن جي ڀر ۾ موجود هو. حضرت جبرائيل سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي بادشاهت ۽ الله جي غلاميءَ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته توهان ڇا ڪندا؟ پاڻ سڳورن پنهنجي لاءِ الله پاڪ جي غلامي پسند ڪئي هئي.
مڪي مان هجرت وقت جيڪا سندن سادگي هئي اهائي مڪي جي فتح وقت به موجود رهي ۽ پاڻ سڳورا مڪي جي فتح وقت اٺ تي ئي سوار هئا. ڏکئي ۾ ڏکيا مسئلا اک ڇنڀ ۾ حل ڪري وٺندا هئا. اهوئي سبب هو جو جڳ مشهور ليکڪ جارج برنارڊ شا کي چوڻو پيو “اڄ هن عمر ۾ به اسين مسئلن جي انبار جي هيٺان دٻيل آهيون ۽ انهن جي حل لاءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ ئي نالو اچي ٿو يعني (حضرت) محمد (ﷺ) جن جو جيڪي مسئلا ايئن حل ڪندا هئا ڄڻ ڪافي پي رهيا هجن.” مجموعي طور اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سڳورا پاڪدامن ڄاوا، پاڪدامن زندگي گذاريائون ۽ پاڪدامنيءَ ۾ ئي هن فاني جهان مان برقعو مٽايائون.

[b]5. روحاني هٿن ۾ بدن
[/b]هتي هڪ مسلمان ڊاڪٽر جي يادداشتن مان ورتل هڪ واقعو پيش ڪجي ٿو. هن هڪ ڪينسر جي علاج جي ماهر جي حيثيت ۾ چاليهه سال ڪم ڪيو.
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ بيشمار مريضن جو علاج ڪيو ۽ ڪيترن ئي مابعدالطبعياتي واقعن جو شاهد پڻ آهيان. هتي آئون جيڪو واقعو پيش ڪرڻ چاهيان ٿو سو 1976ع جو آهي.
آئون هڪ ڪينسر اسپتال جو جو سربراهه هئس. مون وٽ هڪ مريضه آئي جنهن جو نالو سيراپ هو. هن کي ڇاتيءَ جو ڪينسر هو. هوءَ ايتري مالدار هئي جو علاج لاءِ يورپ به وڃڻ هن لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه نه هئي. پر ڪجهه اهڙا مسئلا هئا جن جي ڪري هن يورپ وڃڻ مناسب نه سمجهيو. هوءَ مون وٽ آئي ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ آئون سندس علاج ڪرڻ لڳس ۽ الله جي مهربانيءَ سان علاج مان کيس فائدو به ٿيڻ لڳو. هوءَ هڪ ڪاروباري عورت هئي ۽ پنهنجي ڪاروبار جي حوالي سان ڪجهه مسئلن کي منهن ڏيڻ سندس مجبوري به هئي. مون کيس ٻڌايو هو ته ڪينسر جو علاج ڪافي عرصي تائين هلي ٿو ۽ ان ۾ باقاعدگي ضروري آهي. سيراپ کي به مسلسل پنجن سالن تائين علاج ڪرائڻو پوندو. هوءَ به پابنديءَ علاج ڪرائيندي رهي ۽ مسلسل اچڻ جي ڪري ساڻس هڪ دوستاڻو تعلق به قائم ٿي چڪو هو. هڪ ڏهاڙي هن ٻڌايو ته کيس ڪجهه ڪاروباري معاملا ڏسڻ جي لاءِ لازمي طور تي ازمير وڃڻو پوندو. ان تي مون کيس هدايت ڪئي ته هوءَ ازمير وڃي سگهي ٿي پر کيس هر حال ۾ هوائي جهاز ذريعي وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته بس جو سفر خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان سندس بيماري وڌي سگهي ٿي. افسوس جي ڳالهه اها ٿي ته سيراپ کي ازمير لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽ نه ملي سگهي ۽ ان جي ڪري هوءَ بس جي ذريعي ازمير رواني ٿي وئي. واٽ تي بس ڪنهن معمولي حادثي جو شڪار ٿي پئي جنهن ڪري کين سخت سرديءَ ۾ لڳ ڀڳ ڇهه ڪلاڪن تائين اتي رڪجڻو پيو. سردي تمام زياده هئي ۽ گرمي پد ٻڙيءَ جي آسپاس هو. هوءَ جڏهن واپس وري ته سندس طبيعت مسلسل خراب رهڻ لڳي. جڏهن معمول جي چيڪ اپ لاءِ آئي ته خبر پئي ته ڪينسر سندس ڦڦڙن ۽ هڏين تائين پکڙي چڪو آهي. خاص طور تي سندس ٽنگن جون هڏيون تمام گهڻيون متاثر ٿيون هيون. سندس حالت کي نظر ۾ رکندي کيس فوري طور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ جي ڪري کيس آڪسيجن به لڳائڻي پئي. پر بيماري خطرناڪ حد تائين پکڙجي چڪي هئي تنهنڪري کيس وڌيڪ اسپتال ۾ رکڻ مناسب نه هو. البت گهر ۾ ئي سندس علاج جو ٿورو بندوبست ڪيو ويو. آئون کيس ڏسڻ جي لاءِ سندس گهر وڃڻ لڳس. هڪ ڀيري سيراپ مون کي چيو “ڊاڪٽر توهان منهنجي دل ٽوڙي ڇڏي آهي.”
آئون حيران ٿي ويس پڇيم “ڪيئن؟”
هن چيو “مون کي خبر پئي آهي ته توهان مذهبي شخص آهيو. توهان مون کي اڳي خدا بابت ڇو نه ٻڌايو ۽ موت کان پوءِ واري زندگيءَ بابت به توهان کي ڪجهه بڌائڻ گهرجي ها.”
مون کي معلوم هو ته سندس ايمان ڪو گهڻو پختو نه آهي ان ڪري مون سندس ذاتي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو هو. مون کيس نرميءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي “سٺو ڊاڪٽر ڳولڻ ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي توهان پئسا خرچ ڪريو ته آسانيءَ سان ملي ويندو. پر روح جو علاج هڪ مختلف ڪم آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن دل سان ان جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي.”
هوءَ تمام ڪمزور هئي ۽ منجهس گهڻو ڳالهائڻ جي سگهه نه هئي سو گهربل معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو ڪنڌ ئي لوڏي سگهي. ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ اها ته مون کي خبر هئي ته علاج جو ڪو به کڙتيل نه نڪرندو ۽ اهو سڀ ڪجهه بيڪار آهي. مرض لاعلاج بڻجي چڪو آهي. ان ڪري هاڻي آئون علاج جي رسم پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪجهه ايمان متعلق ٻڌائيندو هئس. دائمي زندگي ۽ خوشين بابت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. سيراپ زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا گذاري رهي هئي. ان ڪري آئون مختصر مگر جامع گفتگو ڪندو هئس. ها هوءَ منهنجون ڳالهيون انتهائي دلچسپيءَ سان ٻڌندي هئي. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئس ته سوال به پڇندي هئي. سندس موت کان هڪ هفتو اڳ هن چيو “اخري گهڙين ۾ مون کي ڇا پڙهڻ گهرجي؟”
مون چيو “اوهان تمام گهڻو ڌيان ڏئي سڀ ڪجهه ٻڌو آهي. آخري گهڙين ۾ آئون سمجهان ٿو ته ڪلمه شهادت تمام وڏو هوندو ان ڪري آئون اهو ئي چوندس ته اوهان رڳو “محمد” جو اکر اچارينديون رهو.”
هن مُرڪي ڪنڌ لوڏيو ۽ اهو اشارو هو ته هوءَ منهنجي ڳالهه سمجهي چڪي آهي. سيراپ کي تڪليف تمام گهڻي ٿيندي هئي ان ڪري اسين کيس مارفين ڏيندا هئاسين ته جيئن هوءَ آرام ڪندي رهي. ان هفتي جي آخر ۾ آئون ڪم سانگي شهر کان ٻاهر ويل هئس ۽ جڏهن واپس موٽيس ته سندس والده مون کي فون ڪري ٻڌايو ته هن مارفين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آئون تڪڙو سندس گهر ويس ته ڏسان ته هن مارفين وٺڻ کان ڇو انڪار ڪيو آهي. هن جيڪو جواب ڏنو سو مون کي سڄي ڄمار نه وسرندو.
هن چيو “جڏهن مون کي مرڻو ئي آهي ته پوءِ مارفين جي اثر هيٺ بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڇو مران جو آخري پل ۾ محمد جو نالو به نه وٺي سگهان.”
سيراپ هڪ دلير عورت هئي. هن مون کي درخواست ڪئي ته هن جي لاءِ استخارا ڪريان ته سندس زندگي باقي گهڻا ڏينهن آهي کيس مارفين جو تمام هلڪو ڊوز ڏنو وڃي ته جيئن هوءَ هوش ۾ رهي. منهنجي لاءِ اها هڪ عجيب درخواست هئي بهرحال جمعي جي رات مون هن لاءِ استخارا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. الله جي حضور منهنجي درخواست قبول پئي ۽ مون کي خواب ۾ اشارو ٿيو ته هن جي زندگي ايندڙ آڱاري تائين آهي. ٻئي ڏينهن مون کيس چيو ته مارفين وٺندي رهو ۽ ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. مون کيس ٻڌايو ته هيءُ آڱارو سندس آخري ڏينهن هوندو.
هن مون کان هڪ آخري سوال پڇيو “حضرت عزرائيل ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو؟”
مون کيس چيو “منهنجي ڌيءَ هو هڪ ملائڪ آهي ۽ خوبصورت شڪل ۾ هوندو.”
آڱاري تي مون کي فون تي ٻڌايو ويو ته هن جي حالت چڱي نه آهي ۽ اهو ٻڌي مون سندس گهر جو رخ ڪيو. افسوس مون کي دير ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ منهنجي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪي هئي. سندس هڪ وڏي عمر جي مائٽياڻي هئي جيڪا بيماريءَ دوران اڪثر سندس سارسنڀال به لهندي هئي ۽ هوءَ هڪ مذهبي عورت هئي تنهن مون کي سيراپ جي آخري گهڙين جو جيڪو احوال ٻڌايو سو اچرج جهڙو هو.
هن ٻڌايو “اڄ صبح جو مون جيڪي ڪجهه ڏٺو سو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي. هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ سيراپ پنهنجو آڪسيجن ماسڪ هٽايو ۽ بنا ڪنهن سهاري جي اٿي بيٺي. جڏهن ته اسان کي اها پڪ هئي ته هاڻي هن لاءِ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ممڪن نه آهي. هوءَ بنا ڪنهن جي مدد جي باٿ روم ۾ ويئي ۽ غسل ڪيائين. ان کان پوءِ ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين. سندس ان عمل تي سڄو خاندان حيرت ۾ هو. پوءِ هوءَ وڃي پنهنجي بستري تي ويٺي ۽ ڪلمه شهادت پڙهيائين ۽ موت کان ڪجهه گهڙيون اڳ هن مون کي چيو ته ڊاڪٽر کي چئجان ته حضرت عزرائيل توهان جي بيان کان وڌيڪ خوبصورت آهي ۽ پوءِ هن دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.”
منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته هوءَ محمد جي نالي جو ورد ڪندي رهندي هئي ۽ آخري گهڙين ۾ پاڻ سڳورا ئي سندس ڀر جهلا ٿي بيٺا هوندا تڏهن هن جو آخري سفر ايترو آسان بڻجي ويو. يقيني طور پاڻ سڳورن کان سواءِ ٻي ڪا به اهڙي قوت نه آهي جيڪا ڪنهن مريض جي ان حالت ۾ اهڙي انداز ۾ مدد ڪري. اهو مون سيراپ جي خاندان وارن کي به ٻڌايو.

[b]6. آخري خط
[/b]ٻالڪپڻي ۾ سندس خواهش هوندي هئي ته حافظه ٿئي ۽ اها آس پوري ٿيس. يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ سندس خواهش ته کيس مڪي پاڪ ۽ مديني شريف جي زيارت نصيب ٿئي ۽ ان لاءِ هوءَ هر نماز کان پوءِ پنهنجي مالڪ کان دعا ضرور گهرندي هئي ته کيس اها زيارت نصيب ٿئي.
هڪ ڏينهن کيس سندس ساهيڙيءَ صلاح ڏني ته جيڪڏهن مڪي ۽ مديني جي زيارت هونئن ممڪن نٿي ٿي سگهي ته پوءِ پنهنجي پياري پيغبر ﷺ جن خط لک ته تو کي گهرائي. پر هن ڪڏهن به پاڻ ۾ ايترو حوصلو نه پاتو ته هوءَ خط لکڻ جي جرئت ڪري. سندس خيال هو ته پاڻ سڳورا ته انتهائي بلند هستي آهن ۽ هوءَ پاڻ ڪنهن به طور ان لائق نه آهي ته اهڙي جرئت ڪري. کيس معلوم هو ته اها هستي جنهن سان هر ڪو محبت ڪري ٿو تنهن سان ايتري جرئت ڪرڻ کان بهتر آهي ته انهن سان پيار ڪجي جيڪي پياري پيغمبر ﷺ جن سان پيار ڪن ٿا ۽ اها به هڪ اعزاز جي ڳالهه هوندي. ان ڪري هن مناسب سمجهيو ته هوءَ پاڻ سڳورن جي سنت تي عمل ڪرڻ شروع ڪري.
هن گهڻي ڪوشش ڪئي پر خط لکڻ واري صلاح کي ذهن تان هٽائي نه سگهي. هن خيال ڪيو بيشڪ پاڻ سڳورن سان سندس ڪابه ڀيٽ نه آهي پر اهو ضروري آهي ته کين پنهنجي سوچن کان آگاهه ڪريان. سو هن جي ذهن ۾ خط لکڻ ۽ نه لکڻ جي ڪشمڪش جاري رهي ۽ آخرڪار خط لکڻ جو فيصلو ڪيائين.
هوءَ ڪاغذ ۽ قلم کڻي تيار ٿي اچي پنهنجي بستري تي ويٺي پر سوچن جو هڪ انبار هو ۽ ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ڪجي انهن سوچن ۾ ٻڏي ويئي. آخرڪار هن اهڙي شخصيت کي خط لکڻ شروع ڪيو جنهن کي هوءَ پنهنجي وجود جو سبب سمجهندي هئي. اتي هوءَ وري هڪ نئين رخ تي سوچڻ لڳي. آخرڪار هن جون سوچون قلم جي ذريعي ڪاغذ تي منتقل ٿيڻ لڳيون. ان سان گڏ ڪاغذ تي سندس ڳوڙها به ڪرڻ لڳا. کيس خوشي ٿي رهي هئي ته هوءَ آخرڪار خط لکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهي.
جڏهن خط لکي لفافي ۾ بند ڪري ورتو ته کيس عجيب قسم جو اطمينان محسوس ٿيڻ لڳو. کيس خوشي ٿي ته هن اهڙي ذات پاڪ کي خط لکيو آهي جنهن جو هوءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ احترام ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن سندس در جو ديدار نٿي ڪري سگهي تڏهن به پنهنجون سوچون ان محترم ذات تائين پهچائي سگهي ٿي. هن خط گلابي ڪاغذ تي لکيو هو ڇاڪاڻ ته اهو پاڻ سڳورن جو نشان هو. هن اناطوليه کان تحفي ۾ مليل گلابن جون خشڪ پتيون به لفافي ۾ بند ڪيون هيون ۽ لفافي کي چمي سيني سان لڳايو. هن اهو لفافي ۾ بند ٿيل خط پنهنجي ٿيلهي ۾ وڌو ته جيئن هوءَ ڪنهن اعتبار جوڳي ماڻهوءَ جي هٿان اهو خط مديني موڪلي سگهي. هن ڳولا شروع ڪئي ته هن سال سندس دوستن مان ڪير ڪير حج تي وڃي رهيو آهي. کيس ياد آيو ته سندس ساهيڙي حريت جي والده هن سال حج تي ويندي. هوءَ سڌو سندن گهر ڏانهن ويئي پر کيس دير ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ رواني ٿي چڪي هئي. هوءَ افسوس مان هٿ مهٽيندي اتان واپس موٽي ۽ ان وقت ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي پيس.
هوءَ گهر واپس موٽڻ جي تياري ڪري رهي هئي ته ان وقت کيس پنهنجي ساهيڙي زينب ياد آئي ۽ هوءَ ان سان ملڻ هلي ويئي. زينب کيس ٻڌايو ته هوءَ فڪر نه ڪري سندس ڏاڏي حج وڃي رهي آهي ۽ اهو هن جي حوالي ڪري ڇڏ. زينب به گهر وڃڻ جو سوچي رهي ۽ ٻنهي جي گهر ڏانهن هڪ ئي بس ويندي هئي. ٻئي ڄڻيون بس ۾ چڙهڻ کان پوءِ زماني جي ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويون تان جو هن جي گهر جو اسٽاپ اچي ويو ۽ هوءَ بس مان لهي پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳي ان وقت کيس ياد آيو ته خط ته سندس بئگ ۾ ئي پيو آهي. هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ وري روئڻ لڳي. ڪجهه سوچيندي هوءَ پنهنجي ساهيڙي حورالنساء جي گهر هلي وئي.
هن کي ذهن ۾ اهي خيال اچڻ لڳا ته شايد اهو خط پهچائڻ سندس نصيب ۾ نه آهي. حورالنساء کيس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ ٻڌايو ته هن سال سندس مڙس عبدالرحمٰن حج تي وڃي رهيو آهي. ڳالهه ته وڻندڙ هئي پر هن جي لاءِ مسئلو اهو هو ته هوءَ حور جي مڙس کي اهو خط کڻي وڃڻ لاءِ ڪيئن چوي ۽ هو به آخر سندس خط کڻي ڇو وڃي. انهن سوچن ۾ غرق هئي ته حورالنساء پڇيس ته ڪهڙي پريشاني اٿئي ۽ هن پنهنجو احوال کيس ٻڌايو. حور پنهنجي مڙس سان ان جو ذڪر هيو ته هو خوشي سان اهو خط کڻي مديني پهچائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن خط حور جي مڙس جي حوالي ڪيو، جنهن احتياط سان اهو خط پنهنجي بئگ ۾ بند ڪيو. عبدالرحمٰن ٿيو حج تي روانو ۽ هوءَ اطمينان سان پنهنجي گهر موٽي آئي.
عبالرحمٰن جڏهن مديني پهتو ته هو مناسب موقعي جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن خط روضي جي اندر ڇڏي سگهي پر هو ان ۾ ناڪام رهيو ڇاڪاڻ ته هن لاءِ ڪنهن به طور روضي پاڪ تائين پهچڻ ممڪن نه هو. هو مسلسل ٽي ڏينهن ڪوشش ڪندو رهيو پر کيس ڪاميابي نه ٿي. آخرڪار هن اهو خط روضي پاڪ صحن جي هڪ ڪنڊ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪري پنهنجو ٿيلهو کوليو ته ان ۾ اهائي گلاب جي گلن جي خوشبو ته موجود هئي پر خط نه هو. هن باقي سامان چيڪ ڪيو ته خط کان سواءِ هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي موجود هئي. هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته آخر اهو خط کانئس ڪيئن گم ٿيو.
عبدالرحمٰن حج تان موٽي گهر آيو تڏهن به سندس ذهن تي خط جي گمشدگيءَ وارو مسئلو سوار هو. هن ان جو ذڪر پنهنجي گهر واريءَ سان ڪيو ۽ کيس چيائين “شايد اهو خط جنهن جي ملڪيت هو تنهن مون کان اڳ ۾ ئي پنهنجي امانت پاڻ حاصل ڪري ورتي.” هن کي اهو محسوس ٿيو ته اهو خط انتهائي خلوص مان لکيو ويو هو تڏهن ئي مالڪ تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪيائين.