باب اٺون
[/b]قيامت جو ڏهاڙو آهي ۽ هر ڪو دائمي خوشين جي دنيا جي سفر جي تيارين ۾ آهي. نبين، شهيدن ۽ ولين کي ته پنهنجي روانگيءَ جو ڪوبه فڪر نه آهي، سندن سواريون اينديون پيون وڃن ۽ هو تيزرفتاريءَ سان روانا به ٿي وڃن ٿا. بهرحال ٻين جي لاءِ وڏو مسئلو آهي کين سوارين تائين پهچڻ ۾ زمين جي پنجاهه هزار سالن جيترو سفر ڪرڻو پوندو. هو بيچينيءَ سان انهن سوارين جو انتظار پيا ڪن جيڪي کين زمين تي ميسر هيون.
هر هڪ شخص وٽس موجود زمين تي ڪمايل مُوڙيء جو احتياط سان اندازو لڳائي پوءِ روانگيءَ لاءِ سواريءَ ڏانهن ڏسي ٿو. اتي نوجوانن جو هڪ جٿو موجود آهي جن وٽ ڪمايل مُوڙي تمام گهٽ آهي. هُو هڪ ملائڪ ڏانهن وڃن ٿا جيڪو موجود بندن لاءِ سواري فراهم ڪرڻ جو ذميوار آهي.
نوجوان ان ملائڪ کان پڇن ٿا “جڏهن اسين زمين تي هوندا هئاسين تڏهن اسان هڪ ريس ۾ حصو ورتو هو. اسان سخت محنت ڪئي هئي ۽ ان محنت ۽ جفاڪشيءَ جي نتيجي ۾ اسان کي آرامده ۽ اسپورٽس ڪارون مليون هيون. اسان جا هٿ انهن گاڏين تي هئا. اسين چاهيون ٿا ته اسان کي اهي ئي گاڏيون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اسين منزل تي پهچي سگهون.”
ملائڪ انهن نوجوانن جي دعويٰ مطابق سندن ريس جا تفصيل معلوم ڪري ٿو جيڪي کيس ترت فراهم ڪيا وڃن ٿا. انهن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ چوي ٿو “توهان جا هٿ غلط شين تي هئا ۽ اهي هتي بيڪار آهن.”
نوجوان وري سوال ڪن ٿا “هُو پريان جيڪي ٻيا نوجوان بيٺل آهن تن جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ هنن جا هٿ به ته ڪجهه شين تي رهيا هوندا جنهن جي ڪري کين اهڙيون اڏامندڙ سواريون ملي رهيون آهن جيڪي تمام تيز رفتار آهن ۽ هو جنت ڏانهن اڏامندا وڃن ٿا؟”
ملائڪ چوي ٿو “ها... هنن زمين تي هر ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڪلاڪ لاءِ اهڙين شين تي هٿ رکيا جن جي ڪري کين اهي تيز رفتار سواريون مهيا ڪيون پيون وڃن.”
نوجوان حيرانگيءَ مان “رڳو هڪ ڪلاڪ لاءِ هنن اهڙين شين تي هٿ رکيا؟ اسان ته ڏينهن رات جي محنت سان جيڪي شيون حاصل ڪيون سي ته هتي بلڪل بيڪار ٿي ويون آهن. هنن آخر ڪهڙي شيءِ کي هٿ لاٿو هو؟”
ملائڪ چيو “اها تمام ننڍڙي شيءِ هئي جنهن کي زمين تي مصلو چيو ويندو هو ۽ سندن هڪ ڪلاڪ جي اها محنت کين هي تيز رفتار سواريون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.”
[b]2. وهم جو غلبو ۽ نور جي روشني
[/b]هن کي محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته صدين جو بار سندس ڪلهن تي رکيل هجي. سک ۽ آرام جيڪڏهن مٿي تان وسندو به رهي ته ان جو ڪو فائدو نه هوندو. اها بهار جي مند هئي ۽ هو پنهنجي زندگيءَ جي به بهار واري حصي ۾ ئي هو. توڙي جو هر طرف سونهن پکڙيل هئي پر هن کي ڪو به لطف محسوس نه ٿي رهيو هو. هڪ پل لاءِ هو اٿي بيٺو ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو. پوءِ هو مڙيو ۽ پنهنجي ڪمري تي نظر وڌائين. هن کي پنهنجي چوڌاري موجود ماڻهن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي، ڄڻ کيس ماڻهن سان رابطو رکڻ کان روڪيو ويو هجي يا ڪنهن کان تڪليف بابت پڇڻ يا ڪنهن کي پنهنجي تڪليف ٻڌائڻ کان منع ڪئي وئي هجي.
هن کي پنهنجو اندر بلڪل خالي خالي محسوس ٿي رهيو هو. شايد کيس ڪنهن نجات ڏياريندڙ جو انتظار هو. ها.........ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو کيس ذهني دٻاءُ واري ان ڪمري مان ٻاهر ڪڍي. اهو ڪجهه عجيب ته هو پر کيس اهڙو رڳو هڪ ئي دوست نظر آيو ٿي جنهن کي هن ٻڌايو هو “ڄڻ صدين جو بار منهنجي ڪلهن تي اچي پيو آهي ۽ مون کي ان مان ڇوٽڪاري جي ڪابه واٽ نظر ڪانه ٿي اچي.” عجيب ته اها ڳالهه به هئي ته هن کي پنهنجي پاڻ مان نه پر ڪنهن دوست مان اهڙي اميد هئي جيڪو کيس ذهني سڪون فراهم ڪري.
اڳوڻي زماني ۾ رومين جي قيدخاني مان نجات جي قيدين وٽ رڳو هڪ ئي واٽ هوندي هئي ته هو ڀڄي جبل تي چڙهي وڃن. ٿوري دير لاءِ هن به پاڻ کي رومين جو قيدي ئي سمجهيو ۽ وٽس نجات جي رڳو هڪ ئي واٽ هئي ته هو ڪنهن جبل تي چڙهي وڃي. هو تڪڙو ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي اسپورٽس ڪار ٻاهر ڪڍيائين. سو کڻي جبل جو رخ ڪيائين. جبل جي دامن ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جي گهٽين ۾ هر طرف چورس ٽائلون نظر اچي رهيون هيون. هو گهٽين مان اڳتي وڌندو رهيو ۽ آخرڪار اهو رستو اچي هڪ پارڪ تي ختم ٿيو. هو پنهنجي ڪار مان ٻاهر نڪتو ۽ گلن سان ڀريل مئدان ۾ هيڏانهن هوڏانهن بي مقصد هلڻ لڳو. کيس محسوس ٿيو ته گل ڄڻ مٿس کلي رهيا هجن. هو انهن مان پٿرايل چهري سان اڳتي وڌڻ لڳو. ڪجهه لمحن لاءِ هن گلن بابت سوچيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته گل ڄڻ ننڍڙا ٻار هجن ۽ ڪنهنجي همدرديءَ جا منتظر هجن. سندس سردمهر رويي تي گل کيس روئندا محسوس ٿيا. جنهن تي سندس اکيون به ڀرجي آيون ۽ ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي پيس. هاڻي هو وڌيڪ احتياط سان هلڻ لڳو. هن نٿي چاهيو ته ڪو گل سندس پيرن هيٺان اچي لتاڙجي وڃي. ان وقت کيس پنهنجي پاڻ تي به رحم اچڻ لڳو ۽ کيس محسوس ٿيو ته گل به سندس ڏک ڏسي روئي رهيا آهن. آخرڪار هو وڃي جبل جي چوٽيءَ تي پهتو پر اتي به هن لاءِ ڪا خوشي موجود نه هئي. جڏهن رومين وٽان ڀڄي نڪرندڙ قيدي جبل جي چوٽيءَ تي پهچندا هئا ته خوشيءَ وچان وڏي آواز ۾ پڪاريندا هئا “اسين آزاد آهيون ... اسين آزاد آهيون.” پر هن کي اهڙي خوشي ئي محسوس نه ٿي رهي هئي جو هو به اهڙي انداز ۾ پڪاري. رومين جي قيدين کي قيدخاني ۾ هڏيون ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ بنا اوڇڻ ۽ بنا خوراڪ جي رهڻو پوندو هو ۽ ان ڪري هو اتان ڀڄڻ ۽ اڙانگي سفر ۾ ئي عافيت سمجهندا هئا. هن ته امير گهراڻي ۾ اک کولي هئي ۽ مڪمل عيش ۽ آرام کيس نصيب هو. هن کي هي اها شيءِ جنهن جي هن خواهش ڪئي سا کيس مهيا ڪئي ويندي هئي پر پوءِ به کيس ڪو اطمينان نصيب نه هو. سامهون جا خوبصورت نظارا کيس وڌيڪ بي چين ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻائي رهيا هئا.
ها جيڪي ظالم رومين جي مضبوط قيدخانن مان ڀڄي نڪرندا هئا سي واقعي پاڻ کي آزاد ۽ خوش سمجهندا هئا. اهڙن ماڻهن جي روح بابت توهان جو ڇا خيال آهي جن کي بيرحم غيريقينيءَ غلام بڻائي ڇڏيو آهي؟ انهن جي باري ۾ توهان ڇا چوندا جن کي ڪوڙي خوشيءَ پنهنجي ئي روح جي قبر کوٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي؟ اهڙن ماڻهن ڏانهن به نظر ڊوڙايو جيڪي ڪنهن سرد لاش وانگر زنده آهن.
انساني جسم ۾ قدرت کي سمجهڻ لاءِ پنج حسون موجود آهن ٻئي طرف روح کي رڳو خيال ئي لافاني بڻائين ٿا. جن پنهنجي روح کي مادي خوشيءَ جي قيدخانن ۾ باندي بڻائي رکيو آهي تن کي ڪڏهن به حقيقي آزاديءَ جو لطف ئي محسوس ئي نه ٿيندو. ڪوبه جبل ايڏو اتانهون نه آهي جيڪو کين ان قيد مان نجات ڏياري.
هن پوءِ جبل چوٽيءَ تان هيٺ ڏٺو ته کيس تمام گهڻو هيٺ هڪ وهندڙ ندي نظر آئي. اهي دلڪش نظارا ۽ سندس وارن کي ڇهڻ کانپوءِ گاهه جي ساون سلن کي لوڏيندڙ ٿڌي هوا به کيس ڪو سڪون نه پهچائي سگهي. ان جي ابتڙ هو وڌيڪ پريشان ٿي ويو. اهي ته منظر ته اهڙا نه هوندا آهن. خوشيون بخشيندڙ اهي نظارا آخر هن لاءِ آزار جو سبب ڇو بڻيا؟ ان جو جواب بلڪل سادو آهي ته جڏهن موت اچي در تي بيهي ٿو ته ڪابه دولت، ڪو به خزانو ۽ ڪو به نظارو راحت نٿو پهچائي سگهي.
هُو هڪ پٿر تي ويهي پنهنجي پان سان ڳالهائڻ لڳو “هاڻي ته هيءُ جبل به مون کي سڪون فراهم نٿو ڪري سگهي.” معاملو سندس برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو هو. هُو پاڻ کي ايترو تنها محسوس ڪرڻ لڳو جو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
روئڻ سان کيس ڪجهه سڪون مليو. هن جي نگاهه گلن جي هڪ جهڳٽي وڃي پئي جيڪي هوا ۾ لڏي رهيا هئا. ان وقت کيس اهي مصنوعي گل ياد آيا جيڪي هن ڪارپورچ ۽ ڪمري سميت مختلف هنڌن تي گلدستن ۾ سجائي رکيا هئا. هن نقلي ۽ اصلي گلن جي ڀيٽ ڪئي ته کيس اهو خيال آيو ته ٻنهي قسم جي گلن ۾ اهو ئي فرق آهي جيڪو سندس زندگي گذارڻ جي خواهش ۽ گذاريل زندگيءَ ۾ آهي. “ها بلڪل منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا شيءِ کُٽل ته آهي.” هن ڀُڻ ڀُڻ ڪئي.
هُو پٿر جي هڪ ڇپ تي ويٺو هو. کيس سندس ڀر مان هڪ ننڍڙي ڳاڙهي ماڪوڙي ويندي نظر آئي ۽ هن آڱر ماڪوڙيءَ جي اڳيان رکي ڇڏي. ماڪوڙيءَ کي اتان گذرڻ ممڪن نظر نه آيو ته رستو بدلائڻ لڳي ۽ هو پنهنجي آڱر جي جاءِ بدلاءِ رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ماڪوڙيءَ رستي جي ڳولا بند نه ڪئي ۽ هن آخرڪار آڱر هٽائي ڇڏي ته ماڪوڙي پنهنجو رستو وٺي هلي وئي. هو سوچڻ لڳو “آخر ماڪوڙيءَ ڪيئن ڄاتو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟” ان تي سوچيندي هن جڏهن انساني دماغ بابت سوچيو ته کيس اڃا به وڌيڪ حيرت ٿيڻ لڳي “اسين ڪيئن سمجهون ٿا ۽ ڪيئن ڇنڊڇاڻ ڪريون ٿا؟”
ڪجهه وقت اڳ هن هڪ دماغ جي ڊاڪٽر جو لکيل هڪ مضمون پڙهيو هو جيڪو کيس ياد اچڻ لڳو. اهو نروس سسٽم ۽ ان جي ڪم ڪرڻ جي اصولن بابت هو. مضمون ۾ ڊاڪٽر لکيو هو ته اڄ جي ڪمپيوٽر کان ته ننڍڙي ماڪوڙيءَ جو دماغ وڌيڪ گهڻ رخو آهي. هن گهڻي ڪوشش ڪئي پر کيس مضمون لکندڙ ڊاڪٽر جو نالو ياد نه آيو. سندس والد به هڪ دماغ جو ڊاڪٽر ئي هو. اهو سوچيندي آخر کيس نالو ياد اچي ويو. مضمون لکندڙ ڊاڪٽر جو نالو وارن ايس. ميڪ ڪيولاڪ هو. ان مضمون ۾ ڊاڪٽر لکيو هو “جيڪڏهن اسين ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جيترو اوچو هڪ ڪمپيوٽر ٺاهيون، ان کي 14 ارب يونٽس جي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيون (انساني دماغ جي نروس سسٽم ۾ ايترائي يونٽس آهن) ۽ ان کي هلائڻ لاءِ نياگرا فال کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪريون تڏهن به اهو تمام وڏو ڪمپيوٽر انساني دماغ جو مقابلو نه ڪري سگهندو.
هن جو والد دماغ جو ڊاڪٽر ته هو پر بدقسمتيءَ سان کيس رڳو دولت ڪمائڻ ۽ ان ۾ مسلسل واڌارو ڪرڻ جو ئي شوق هو. هن پنهنجي والد کي ان مضمون بابت ٻڌايو ۽ کانئس پڇيو “ڇا ان مضمون ۾ ڪو وڌاءُ آهي؟” سندس والد چيو “ان مضمون ۾ ته ڪوبه وڌاءُ ڪونهي پر اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ۾ اڃا گهڻيون شيءِون شامل ٿيڻ کان رهجي ويون آهن. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن هن ڌرتيءَ جيترو وڏو ڪمپيوٽر ٺاهيو وڃي تڏهن به انساني دماغ جو مقابلو ڪرڻ ممڪن نه هوندو.” هو سوچڻ لڳو ته سندس والد کيس ان معلومات کان اڳ ۾ ڇو نه آگاهه ڪيو؟ هن جي ذهن ۾ ان وقت هڪ ٻيو به سوال آيو هو پر هو پنهنجي والد کان پڇي نه سگهيو. اهو سوال هو “جيڪڏهن انسانذات گڏجي به هڪ ماڪوڙيءَ جو گهڻ رخو دماغ ٺاهي نٿي سگهي ته پوءِ آخر اهو ڪير آهي جنهن انساني دماغ نه رڳو تخليق ڪيو پر ان کي مرحليوار ايترو گهڻ رخو به بڻائي ڇڏيو؟” کيس پڪ هئي ته جيڪڏهن هو اهو سوال پڇي به ها ته کيس اهوئي جواب ملي ها ته اوهين پهرين پنهنجي تعليم مڪمل ڪريو ۽ آسائشن سان ڀرپور زندگيءَ لاءِ ڪجهه انتظام ڪريو تنهن کانپوءِ ڪنهن ٻئي معاملي تي سوچيو. اهڙيون سوچون توهان جي دسترخوان تي مانيءَ جو انتظام نٿيون ڪري سگهن.
هن جي ذهن ۾ تمام گهڻي ڊيٽا جي آمد جاري هئي. فطرت کڻي ڪيتري به گهڻ رخي هجي پر ان ۾ هڪ ربط ۽ ترتيب ضرور موجود آهي. پاڻيءَ جو ٻاڦ بڻجڻ، وري ڌرتيءَ تي مينهن جي صورت ۾ موٽڻ، ان مان گل ڦل ۽ ٻي زندگيءَ جو جنم وٺڻ ۽ ان پاڻي جو واپس پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻ. اهي سڀ اهڙيون دلچسپ حقيقتون آهن جيڪي هڪ قاعدي ۽ قانون تحت مڪمل ترتيب سان بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهن ٿيون.... انسان جي ڪن ۽ اک لاءِ فريڪوئنسي ۽ لهرن جي حد جو تعين ڪيل آهي ... گرمين ۾ ٿڌيون ڇانهيون ۽ هنداڻا سرديءَ ۾ وري وٽامن سي سان ڀريل موسمين جي فراهمي حيرت ۾ وجهندڙ شيون آهن ... اهي سموريون سوچون کيس حيران ڪري رهيون هيون. هن کي اهو يقين ٿيڻ لڳو ته هن ڪائنات ۾ جيڪڏهن اها ترتيب ۽ ربط موجود نه هجي ها ته تمام گهڻي بدنظمي ڏسڻ ۾ اچي ها. اها ته هڪ ناقابل ترديد حقيقت به آهي. اهو ئي هن جي بيچيني ۽ بيتابي جو ڪارڻ به هو.
فطرت جي هر شيءِ زندگيءَ سان سلهاڙيل آهي. ان جي باوجود زنده وجود رکندڙن جو ان ۾ ڪوبه عمل دخل نظر نٿو اچي. روشني، پاڻي، هوا ۽ گرمي پد جي حد جو تعين ڪرڻ ڪنهن به انسان جي وس ۾ نه آهي. جڏهن انسان هن ڌرتيءَ تي قدم رکيو ته اهي شيون اتي اڳ ۾ ئي موجود هيون. ڪجهه گهڙيون اڳ هن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ بابت سوچيو هو. انهن سڀني شين ۾ هاڻي کيس ڪجهه حقيقت محسوس ٿيڻ لڳي هئي. جيڪڏهن رڳو ڏسڻ لاءِ شين ۽ ٻڌڻ لاءِ آوازن جو تعين ڪرڻ انسان جي وس ۾ هجي ها ته هن دنيا ۾ رهڻ عذاب بڻجي وڃي ها. تصور ڪريو ته جيڪڏهن خوردبين سان نظر ايندڙ جراثيم اسين هڪٻئي جي چهري تي هلندا ڏسي سگهون ها ته ڇا ٿئي ها. جيڪڏهن اسين فضا ۾ موجود آواز جي تمام لهرن کي ٻڌي سگهون ها ته پوءِ ته اسين سمهي به نه سگهون ها ۽ نه ئي ڪجهه سمجهي سگهون ها. اهي سوچون کيس وڌيڪ بيچين ڪري رهيون هيون.
هن پنهنجي پاڻ کي چيو “اهو سڀ ڪجهه ته بلڪل مڪمل آهي.... ها پوري طرح مڪمل آهي.” هن جي ذهن ۾ مختلف خيالن جي آمد جاري هئي ته اوچتو سندس ذهن ۾ هڪ چهرو اڀري آيو. هن پنهنجي تخيل کي ان چهري تي مرڪوز ڪري ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشس ڪئي. پنهنجي ان تصور تي کيس ڪجهه راحت محسوس ٿي ۽ دل ۾ گرمجوشي به محسوس ٿيس. اهو چهرو کيس ٻاٽ اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جي ڪرڻي وانگر محسوس ٿيڻ لڳو. کيس پنهنجي روح تائين تازگي محسوس ٿيڻ لڳي.
شايد هن کي جنهن جي تلاش هئي سو کيس ملي ويو هو. هن کي هر وقت اهو احساس ته رهندو هو ته اهو کيس تمام ويجهو آهي. ها اسان سڀني ۾ هڪ منفرد قسم جو تخيل ضرور هوندو آهي ۽ اهو اسان جي اندر ۾ تيستائين موجود رهي ٿو جيستائين اسان جي اندر ۾ انسانيت موجود رهي ٿي. ها اهو منفرد قسم جو تخيل اسان جو شعور يا ضمير آهي. اهو شعور ئي هو جنهن حضرت نوح عليه السلام کي زبردست طوفان ۽ ٻوڏ جي وقت هڪ ٻيڙي ٺاهڻ ۽ ان کي حفاظت سان هلائڻ جو فهم ۽ فلسفو ڏنو. جن جون دليون پنهنجي شعور يا ضمير جي آواز تي ڌيان نٿيون ڏين تن جا جسم بدبودار لاشن کانسواءِ ڪجهه به نه آهن.
اسين خلائي برتريءَ جي زماني ۾ رهندڙ ماڻهو آهيون ۽ اسان وڏي محنت سان اهي فني ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اسان کي خلا جي سموري “لا” واري ڪيفيت جو ته اندازو آهي پر افسوس جو اسان کي پنهنجي اندر ۾ موجود خلا جو ڪوبه احساس نه آهي، جيڪا اسان جي اندر ۾ مسلسل وڌندي پئي وڃي. ايتريقدر جو اسان کي پنهنجي شعور ۽ ضمير جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.
بهرحال هن نوجوان جا احساس اڃا مرده نه ٿيا هئا. توڙي جو ڪافي سال اڳ ۾ هڪ استاد ڪوشش ڪئي هئي ته کيس پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي. هن کيس چيو هو “اهڙين سوچن کي پنهنجي اندر ۾ پئدا ٿيڻ نه ڏي اهي تو کي ڪمزور بڻائينديون.” هن کيس ان کان بچڻ جو طريقو به ٻڌايو هو ۽ هن ان تي ڪي قدر عمل به ڪيو هو. پر سندس شعور ۽ ضمير مرده ٿي نه سگهيا، البت ڪجهه وقت لاءِ بي هوش رهيا.
هن جي ذهن ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ وري اهڙا سوال اٿيڻ لڳا جن سندس ضمير کي جاڳائي وڌو هو. هن جي تصور ۾ جيڪو چهرو موجود هو تنهن کان هن پڇيو “اهي خوبصورت سوچون ڪٿي ٿيون رهن؟ آئون انهن تائين پهچڻ چاهيان ٿو.” اوچتو کيس پنهنجي اندر مان ئي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو “اهي ڪٿي پري نٿيون رهن پر تنهنجي دل ۾ ئي موجود آهن.”
هن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچڻ لڳو. تن ڏينهن ۾ هو تمام خوش رهندو هو. سندس دل ۾ خوشين جو اهو نور سندس ڏاڏيءَ پکيڙيو هو. وقت جي ڪثافتن باوجود اها روشني شايد سندس دل مان مڪمل طور ختم ٿي نه سگهي هئي. کيس پرائمري تعليم دوران هڪ استاد چيو هو “فطرت کي جهونن ماڻهن واري انداز ۾ ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪر.” تڏهن کيس خوف محسوس ٿيو هو ته ڪٿي سندس ضمير ٻيهر انڌيرن جو شڪار نه ٿي وڃي. بهرحال هن وقت سندس ڪوشش هئي ته وقت ۽ حالتن جي ڪري سندس سوچن ۽ شعور کي پهتل نقصان جو ڪجهه ازالو ڪيو وڃي. اهڙين سوچن کيس وڌيڪ اعتماد ۽ سڪون ڏنو. هن جي زبان مان بي اختيار اهي لفظ نڪتا “بلڪل اهو ئي سڀڪجهه آهي. اهوئي آهي جنهن کي مون سمجهڻ چاهيو ٿي ۽ هاڻي آئون پنهنجي استاد جي شيطاني ڄار ۾ نه ڦاسندس. مون کي مسئلن جي حل جو رستو ملي ويو آهي ۽ هاڻي مون کي اندازو ٿي ويو آهي ته اهو فلسفي چريو ڇو ٿي ويو هو جنهن جي دعويٰ هئي ته کيس سڀڪجهه معلوم آهي.”
پوءِ هن پنهنجي دل جا دروازا ان روحاني چهري لاءِ کولي ڇڏيا جيڪو سندس تصور ۾ موجود هو. ان سان کيس محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته مٿس ڪائنات جي اسرارن جا راز کلي رهيا هجن. هو آهستي آهستي پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو. هن جو زنجيرن ۾ جڪڙيل روح هڪ هڪ ڪري اهي زنجيرون ٽوڙي آزاد ٿيڻ لڳو. کيس پنهنجي ۽ قادر مطلق جي موجودگيءَ جو احساس ٿين لڳو، جنهن کي هن بلڪل وساري ڇڏيو هو.
هُو ان ڇپ تان اٿي بيٺو ۽ زور سان چوڻ لڳو “آئون آزاد آهيان.” هو ننڍڙن ٻارن وانگر خوش ٿيڻ لڳو. اڄ کيس سچي خوشيءَ جو احساس ٿيو هو ۽ کيس باندي بڻائيدڙن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو “اڄ اسان هڪ وڌيڪ قيدي وڃائي ڇڏيو آهي.”
[b]3. انساني جسم جي حيرت انگيز ڪارڪردگي
[/b]هن ڪائنات جي هر شيءِ بنا ڪنهن متڀيد جي پنهنجو عمل جاري رکيو اچي ٿي. ان مڙني کان دلچسپ انساني جسم جي ڪارڪردگي آهي. ان جو بنياد گهٽ ۾ گهٽ جاءِ ۽ توانائي جو مختصر استعمال آهي. اچو ته ان اصول تحت انساني جسم جو جائزو وٺون. انساني جسم ۾ موجود جيوگهرڙن جي سنهڙي ڄاري صرف هڪ سئو اينگسٽرومز جي آهي. (هڪ اينگسٽروم هڪ سينٽي ميٽر جي ڏهه ڪروڙهين حصي جيترو ٿئي ٿو: سنڌيڪار) اهو ڪنهن ڪنڊينسر وانگر برقي توانائي گڏ ڪري ٿو. اهو جيترو سنهڙو هوندو ايترو ئي وڌيڪ توانائي گڏ ڪري سگهندو.
هڪ اعصابي سيل يا تنتي جيو گهرڙو 2500 بائٽس في سيڪنڊ جي حساب سان ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هڪ نيورون سيل 2500 بائٽس في سيڪنڊ جي حساب سان ڊيٽا وصول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ايتري ئي وقت ۾ ان معلومات جو بنا ڪنهن غلطيءَ جي جائزو به وٺي سگهي ٿو. اسان جي دماغ ۾ ڪيڏو نه حيرت انگيز نظام موجود آهي. اسان جي دماغ ۾ اهڙا لڳ ڀڳ هڪ سئو ارب نيورون سيل موجود هوندا آهن.
اسان جو ڪرنگهو 24 جوڙن ۽ ڳنڍيندڙ هڏين تي ٻڌل آهي. سادن لفظن ۾ اهي هڏين جا هڪٻئي سان ڳنڍيل 24 ٽڪرا آهن. جيڪڏهن ڪرنگهو هڪ ئي هڏيءَ وارو هجي ها ته اسين هر وک تي پنهنجو دماغ وڃائي ويهون ها.
جيئن اسين اڳ ۾ ٻڌائي چڪا آهيون ته انسان جي دماغ ۾ هڪ سئو ارب نيورون سيل آهن ۽ هر سيل جي وچ ۾ رابطي لاءِ 3000 ڪنيڪشن آهن. ٿورو غور ڪريو ته ٽيليڪميونيڪيشن جي هڪ ملازم کي جيڪڏهن هڪ وقت ۾ ايترن زياده ڪنيڪشنز تي ڪم ڪرڻو پوي ها ته هو ان کي ڪيئن منهن ڏي ها.
اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته انساني دماغ جو هڪ نيورون سيل لڳ ڀڳ ڏهه لک ڪمپيوٽرن جي برابر آهي ته هڪ سئو ارب نيورون سيل ڪيترن ڪمپيوٽرن جي برابر ٿيندا؟ يقيني طور توهان جي ڳڻپ به توهان جو ساٿ نه ڏيندي. پر اها سموري معلومات ته رڳو اندازن تي ٻڌل آهي ان جا حقيقي انگ اکر ان کان ڪئين سئو ڀيرا وڌي سگهن ٿا. اهو سمورو نظام ڪيتري مختصر حصي ۾ موجود آهي. انساني دماغ جو اصل ڪاٿو ته اڃا تائين ڪوبه لڳائي ئي نه سگهيو آهي.
اسان جي ڪرنگهي واري هڏيءَ جي اندر جيڪو تنتي سرشتو موجود اهو برقي سگنل موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جو انتهائي تيز رفتار نظام آهي ۽ ڏهوڻ تي گهٽ توانائي استعمال ڪري ٿو. يعني في گرام توانائي جو هڪ ڀاڱي ڏهون حصو استعمال ٿئي ٿو. اهو تنتي سرشتو ويهه لک تنتي ڏورين تي ٻڌل آهي جن جي ڪل ڊيگهه ساڍا چار لک ڪلوميٽر آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي زمين کان چنڊ جي مفاصلي جي لڳ ڀڳ برابر آهن.
اسان جو جيرو ڪو گهڻو وڏو نه آهي پر پوءِ اهو پنج سئو کان وڌيڪ مختلف ڪم ڪري ٿو. ٻي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيرو پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ انتهائي ماهر آهي. ڪو انسان ته هڪ يا ٻن ڪمن ۾ ئي مهارت مس ٿو رکي ته عمر ختم ٿيو وڃي پر هيءُ ته هڪ وقت ۾ پنج سئو ڪمن ۾ مهارت رکي ٿو.
توهان کي اها خبر آهي ته رڳو اک جيڪو ڪم ڪري ٿي ان ڪم لاءِ جيڪڏهن ڪو ڪارخانو لڳائجي ها اهو اسان جي پارليامينٽ جي عمارت کان وڌيڪ رقبي تي هجي ها.
اسان جي دل جيڪو رت جسم ڏانهن پمپ ڪري ٿي ان جو مقدار ايترو آهي جو ڪو وڏو ٽئنڪر (تيل کڻندڙ جهاز) ڀري سگهجي ٿو. رت جي پمپنگ ۾ ايترو پريشر هوندو آهي جو ان سان عام ڇهه ٽائرن واري ٽرڪ کي ڏهه ميٽرن جي اوچائيءَ تائين مٿي کڻي سگهجي ٿو. اسان جي جسم ۾ رت جي نالين جي ڪل ڊيگهه ٻه لک ڪلوميٽر آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ايتري مختصر جاءِ تي ايترا گهڻا عضوا لڳائي سگهجن؟
اکين ۾ ڳوڙهن وارا گلينڊز هوندا آهن جيڪي وري نڪ جي مخالف طرف تي هوندا آهن ته جيئن گهڻي توانائي خرچ نه ٿئي. تمام مختصر توانائي لڙڪن لاءِ خرچ ٿئي ٿي ۽ انهن جو ڪو خاص ميڪنزم به نه هوندو آهي. تمام سنهڙين نسن جي وسيلي اهو عمل ٿي وڃي ٿو. لڙڪن جو ڪم اکين جي حفاظت هوندو آهي ۽ بيڪٽيريا کي ختم ڪندا آهن.
اهڙو ئي هڪ ٻيو به سسٽم آهي جيڪو توانائي خرچ نه ڪندو آهي اهو آهي نڪ تائين ڳوڙها پهچائڻ جو نظام. اهو نڪ جو ئي پنهنجو نظام آهي جيڪو صفائيءَ لاءِ اهو ڪم ڪندو آهي. اهو اسان جي اکيون ڇنڀڻ سان ئي ڪم ڪندو آهي. نڪ مان جيڪو ليسدار مادو نڪري ٿو سو به بيڪٽيريا مارڻ جو ڪم ڪندو آهي ۽ ان سان گڏ اسين جيڪو ساهه کڻون ٿا ان کي صاف، ٿڌو ۽ ان ۾ نمي پئدا ڪندو آهي. جنهن کان پوءِ اها هوا سان جي ڦڦڙن ۾ هلي ويندي آهي. جيڪڏهن اسان جو نڪ مسلسل وهندو رهي ها ته اسان کي تڪليف ٿئي ها. ان ڪري اهو اڪثر ٻاڦ جي شڪل ۾ ڪم ڪندو آهي. جيئن سردي وڌندي آهي تيئن اها ٻاڦ تيزيءَ سان پاڻياٺ جي شڪل اختيار ڪندي آهي. اسان جي جسم جو سڀ کان ٿڌو حصو نڪ ئي آهي.
اسان جي هڏن ۾ ڪجهه لچڪ هوندي آهي جنهن ڪري اهي تڪڙو ڀڄي پوڻ کان بچي ويندا آهن. هڏن جي اندر ۽ ٻاهر جي قطر ۾ 8 ڀاڱي 11 جو فرق هوندو آهي. جسماني قدرن موجب اهو فرق هڏن کي وڏي عمر تائين اصل ۽ مضبوط حالت ۾ رکڻ جو ڪارڻ آهي. ان ئي فرق کي نظر ۾ رکندي ڪيولمان ڪرين ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
اسان جي آنڊن ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته انهن مان جيڪو کاڌو گذري ٿو ان مان غذائي جزا الڳ ڪري ۽ جذب ڪري وٺندا آهن. جذب ڪرڻ جي مقدار جو تعلق آنڊن جي اندروني ديوارن سان هوندو آهي. غذا کي الڳ ڪري جذب ڪرڻ لاءِ آنڊن ۾ ور وڪڙ پوندا آهن ۽ مانڌاڻي وانگر کاڌي کي ولوڙيو به ويندو آهي. انسان جي آنڊي جي ڊيگهه ساڍا ست کان ساڍا اٺ ميٽر هوندي آهي. جيڪڏهن آنڊن ۾ کاڌي ولوڙڻ ۽ نپوڙڻ جي صلاحيت نه هجي ها ته جسم کي گهربل خوراڪ جي پورائي لاءِ آنڊي کي وڌيڪ چاليهه ميٽر ڊگهو ڪرڻو پوي ها.
اسان جا ڏند ڪجهه خاص ريشن جي مدد سان مهارن سان جڙيل هوندا آهن. چٻڻ وقت دٻاءُ کي وڌيڪ حد تائين پکيڙي ڇڏڻ جي ڪري ڏندن جون پاڙون گهڻو دٻاءُ برداشت ڪرڻ کان بچي وينديون آهن ۽ اهو دٻاءُ ورهائجي ويندو آهي. ڏند جو مٿيون حصو هيٺئين کان ويڪرو هوندو آهي ۽ اهو فرق چٻڻ وقت تمام گهڻو ڪم آچي ٿو. ٻي صورت ۾ مهارون تڪڙيون ختم ٿي وڃن ها.
هڏي ڪاٺ جي ڀيٽ ۾ اٺوڻ تي وڌيڪ مدافعت رکندڙ ۽ پنجوڻ تي وڌيڪ لچڪ رکندڙ آهي. اسان جي هڏن جو گهٽ وزن اسان جي زندگيءَ کي آسان بڻائي ٿو. اهي سڀ اهڙيون خاصيتون آهن جو بي اختيار اها ئي سوچ ذهن ۾ اچي ٿي ته انسان جي تخليق انتهائي ماهراڻي انداز ۾ ڪئي وئي آهي.
[b]4. تنبيهه ۽ نصيحت
[/b]اهڙا نوجوان جيڪي زندگيءَ ۾ لالچ، نفساني خواهشن ۽ وهم جي غلبي کان پاڻ کي محفوظ رکڻ چاهين ٿا تن جي لاءِ هتي اسين ڪجهه خاص ڳالهيون پيش ڪريون ٿا:
* اسپتال عجيب قصا ٻڌائي ٿي: “اڪثر نوجوان مون وٽ مختلف بيمارين يا مرضن جي ڪري ايندا آهن جيڪي کين سندن برين عادتن جيئن سگريٽ پيئڻ، شراب پيئڻ ۽ نشو واپرائڻ جي ڪري ٿي پوندا آهن. اهي جيڪي صبر ۽ قناعت جو مطلب سمجهي نه سگهندا آهن سي ذهني مريض بڻجي ويندا آهن ۽ موت جو ڊپ کين مون وٽ وٺي ايندو آهي. بيشڪ ڪجهه اڌڙوٽ ۽ جهونا جن جي لاڏاڻي جو وقت قريب هوندو آهي سي به مستقل طور پيا ايندا آهن. منهن جي خواهش آهي ته اوهان کي پنهنجي ڪاريڊور جو سير ڪرايان ته جيئن اوهان سڀ ڪجهه آسانيءَ سان سمجهي سگهو. ها مون وٽ اهڙا مريض به آهن جن جا چهرا پٿرائجي چڪا آهن ۽ هو سڪرات ۾ آهن. موت جي دروازي تي بيٺل مريضن جا وارث سندن بسترن جي ڀر ۾ بيوسيءَ مان روئندا آهن. اهو به ممڪن آهي ته توهان کي ڪنهن ڪمري ۾ تازو فوت ٿي ويل ڪنهن مريض جا ويجها عزيز اوڇنگارون ڏئي روئندا به نظر اچن. نوجوانو اوهان اهڙا منظر اڳ ۾ به ڏٺا هوندا. اهڙا ماڻهو جن جو ايمان پختو هوندو آهي سي مون وٽ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي اچڻ کانسواءِ گهٽ ايندا آهن. سندن ايمان کين برين عادتن کان بچائي ٿو ۽ نتيجي ۾ هو بيمارين يا مرضن جو شڪار گهٽ ٿيندا آهن. اهڙا وڏي عمر وارا جن جو ايمان پختو هوندو آهي سي به مون کي ڪا گهڻي اهميت نه ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين پڪ هوندي آهي ته هيءَ دنيا عارضي آهي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ اڳتي جي سفر جا منتظر هوندا آهن. سندن وارث به گهڻو ڪري صبر جو مظاهرو ڪندا آهن ڇو ته کين خبر هوندي آهي ته زندگي خدا جي امانت آهي ۽ هو جڏهن چاهي پنهنجي امانت واپس وٺي سگهي ٿو. سندن ايمان کين ذهني پريشانين کان بچائي ٿو ۽ هو ڪنهن به قسم جي ذهني دٻاءُ جا شڪار نٿا ٿين. هاڻي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو جيڪي خدا تي ايمان نٿا رکن تن جي ڇا حالت هوندي. جڏهن ڪو اهڙو موقعو اچي جو توهان کي منهنجي صلاح جي ضرورت پوي ته بنا ڪنهن هٻڪ جي مون وٽ اچي سگهو ٿا. يا ڪنهن لاچار مريض کي ڏسڻو هجي تڏهن به توهان لاءِ دروازا کليل رهندا. شايد انهن حالتن مان اوهان جي ڪا رهنمائي ٿي وڃي. منهنجو چوڻ ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو ته ايمان توهان کي دنيا ۽ آخرت جو سڪون مهيا ڪري ٿو. اهو ڪڏهن به نه وسارجو ته هيءَ دنيا فاني آهي ۽ ويچارو انسان ڏاڍو ڪمزور ۽ بيوس آهي. شال الله توهان جي مدد ڪري.”
* جيل به پنهنجي حالتن بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ٻڌائي ٿو: “نوجوانو توهان خوشقسمت آهيو جو مون کان صلاح وٺڻ آيا آهيو. مون وٽ هتي اڪثر اهڙا نوجوان ايندا آهن جن ٻين سان برو ورتاءُ ڪيو هوندو آهي. منهنجو اهو خيال هوندو آهي ته هو جيئن ئي مون وٽ پهچن ٿا ته کين ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو ته هو ڪيترو خراب ڪم ڪري هتي پهتا آهن. اوهان کي تعجب ٿيندو اڪثر نوجوان هتي پهچڻ کان پوءِ پنهنجي عمل تي پڇتائيندا آهن. هو هتي جيترو وڌيڪ عرصو رهندا آهن ته کين پڇتاءُ به ايترو ئي وڌيڪ ٿيندو آهي. مون کين اڪثر اهو چوندي به ٻڌو آهي “هتان موٽڻ کان پوءِ ٻيهر اهڙو عمل نه ڪندس.” توهان يقين ڪريو ته سندن دانهون ٻڌي منهنجون سرد ديوارون به روئي ڏينديون آهن. مونکي پڪ آهي ته ماڻهو خدا جو خوف ڪن ۽ قيامت جي ڏينهن جو خوف رکن ته ڪر کين ڪڏهن به مون وٽ اچڻو ئي نه پوي. نوجوانو ياد رکو ته توهان کي سموري سلامتي اسلام ئي عطا ڪئي آهي سو دين جي راهه تي پختگيءَ سان سفر جاري رکو ڪڏهن به وسوسن جو شڪار نه ٿيو.”
* گناهن جا اڏا (جوا خانا، شراب خانا، نائٽ ڪلبون وغيره) اهي به دلچسپ ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا: “مون وٽ اڪثر اهڙا نوجوان ايندا آهن جيڪي گمراهه ٿي چڪا هوندا آهن يا خدا کي بلڪل وساري چڪا هوندا آهن. هُو پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن نه هوندا آهن تنهنڪري پنهنجي روح کي نشي انڌوڪار ۾ غرق ڪري ڇڏيندا آهن. هو ڏاڍا ڪمزور ۽ آسان شڪار هوندا آهن. سندن خواهش هوندي آهي ته داءُ کيڏن ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي زندگيءَ ۾ آسانيون پئدا ڪن پر اهو ممڪن نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته کانئن اڳ به اهڙا نوجوان آيا پر هتان برباد ٿي واپس ويا. هتان ڪوبه خوش نه وريو آهي. هتي خوشي گهٽ ۽ پريشاني وڌيڪ هوندي آهي. اهڙا نوجوان اڪثر ڏوهن جي دنيا وڃي وسائيندا آهن جنهن جو انجام پوليس هٿان موت يا قيد جي ڊگهي سزا هوندو آهي. اهو ٻڌي توهان کي ضرور افسوس ٿيو هوندو.”
هنن کي گهٽ نه سمجهو ڇاڪاڻ ته هو توهان جيترا خوشقسمت نه هئا ۽ کين ڪو نيڪ صلاح ڏيڻ وارو به نه هو. هنن کي ڪنهن ايمان جي سونهن کان آگاهه ئي نه ڪيو ۽ هنن گمراهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ پاڻ کڏون کوٽڻ شروع ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ هُو انڌيري جو کاڄ بڻجي ويا. توهان کي خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن توهان کي ان رستي کان بچائڻ جو انتظام ڪيو ۽ گمراهن لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي ته خدا کين نيڪ راهه تي هلڻ جي توفيق ڏي. ان سلسلي ۾ قبر به منفرد انداز ۾ ٻڌائي ٿي: “اي نيڪ راهه جا طالب نوجوانو! توهان مون کان ڇو ٿا خوف کائو؟ مون کان ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي ڇاڪاڻ ته آئون ايمان وارن جي لاءِ انتظارگاهه وانگر آهيان. آئون توهان جو قيامت جي ڏينهن تائين خيال رکنديس ۽ پوءِ آئون توهان کي جنت جي راهه تي وٺي وڃڻ ۾ به مدد ڪنديس. هن ننڍڙي ٻار کي ڏسو هُو ڪيڏو نه پيارو آهي ۽ جلد ئي مون وٽ ايندو. پريان هن پوڙهي کي ڏسو ايئن پيو آرام ڪري ڄڻ ته صدين جو ٿڪ لاهڻو اٿس. مطلب ته مون وٽ اچڻ لاءِ عمر جي ڪابه حد مقرر نه آهي. آئون رڳو اهو چاهيان ٿي ته مون وٽ مڪمل تياري ڪري اچو. آئون توهان کي هڪ ٻڍي جي قبر جو سير ڪرائڻ چاهيان ٿي. هو تازو مون وٽ آيو آهي. توهان همت کان ڪم وٺجو ڇاڪاڻ ته منظر ڏاڍو خوفناڪ آهي. هي اهو شخص هو جنهن خدا کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. توهان سندس جسم جي حالت ڏسي سگهو ٿا. هن جي ڇاتي ايئن اندر هلي وئي اهي ڄڻ ته مٿس ڪنهن هزارين مڻ وزن رکيو هجي. هُن جي حالت انتهائي ابتر آهي ڇاڪاڻ ته هتي هو بلڪل اڪيلو آهي. دنيا ۾ هن جن شين تي اعتبار ڪيو هو تن مان ڪابه شيءِ هتي ساڻس گڏ نه آهي. توهان کي هن جون دردناڪ دانهون ۽ پڇتاءُ جا آواز بڌڻ ۾ اچي رهيا آهن؟ بدقسمتيءَ سان هاڻي وٽس واپسيءَ جو ڪوبه رستو نه آهي. هن کي هاڻي دوزخ ڏانهن روانو ڪيو پيو وڃي. مون کي نظر اچي رهيو آهي ته خوف جي ڪري توهان جا چهرا زرد ٿي چڪا آهن. اهو ته ان سزا جي رتيءَ برابر به نه آهي جيڪا کيس جهنم ۾ ملڻ واري آهي. اچو ته هاڻي ان قبر ڏانهن هلون جنهن مان دلڪش خوشبوءِ اچي رهي آهي. هن شخص جي چهري تي مرڪ ڏسو. مٿس الله جون رحمتون نازل ٿي رهيون آهن ۽ هُو بلڪل سرشار نظر اچي رهيو آهي. سندس ڀر ۾ هڪ نوراني چهري وارو شخص به بيٺل آهي اها نماز آهي. جيڪا دنيا هن جي دوست هئي. هن شخص دنيا ۾ عبادت ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي. اڄ الله پاڪ جي اجازت سان سندس نماز دوست بڻجي سندس ڀر ۾ بيٺل آهي. توهان کي ٻيون به ڪجهه روشن شيون نظر اچي رهيون هونديون اهي سندس نيڪيون آهن. هو توهان کي بلڪل خوش نظر اچي رهيو هوندو. هتان کيس جنت ڏانهن نيو ويندو جتي کيس الله جي جمال جو ديدار به نصيب ٿيندو. جلد يا دير سان توهان کي به هتي اچڻو آهي ان ڪري توهان کي گهرجي ته نيڪ راهه تي هلو ۽ نماز پڙهندا رهو. قبر ۾ توهان کي به هڪ ساٿيءَ جي ضرورت پوندي. هدايت لاءِ توهان وٽ قرآن شريف موجود آهي.
[b]5. حضرت علي ڪرم الله وجهه نماز ڪيئن ادا ڪئي؟
[/b]حضرت علي عليه السلام جن نماز ايئن پڙهندا هئا جيڪر سڄي دنيا تباهه ٿي وڃي تڏهن به کين ان جي خبر ئي نه پوي ها. روايت آهي ته امام علي عليه السلام جن کي هڪ جنگ دوران تير لڳو جيڪو کين تمام گهڻي تڪليف ڏئي رهيو هو. طبيب اهو تير ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر شديد تڪليف جي ڪري ممڪن نه ٿي سگهيو. ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “نماز جو وقت قريب آهي ٿورو انتظار ڪريو هُو جيئن الله اڪبر چئي نماز جوٽي توهان اهو تير ڪڍي وٺجو کيس ڪابه تڪليف ئي محسوس نه ٿيندي.” ايئن ئي ٿيو پاڻ نماز جوٽيائون ته طبيب آرام سان تير ڪڍي ورتو ۽ کين ڪابه خبر ئي نه پئي.
[b]6. ملائڪن جي امامت ڪندڙ شخص
[/b]ارجيف نالي ڪوفي جو هڪ درويش هروقت خدا جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ رات جو تمام گهڻي دير تائين عبادت ڪندو هو. هڪ رات جو سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ ڪجهه ماڻهو ساڻس ملڻ لاءِ آيا پر هن کين صبح جو اچڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو. هنن سندس والده کي عرض ڪيو ته اسين هن وقت ارجيف سان ملڻ چاهيون ٿا جنهن تي هن کين ويهاري ڇڏيو. والده جي حڪم تي ارجيف کي ساڻن ملڻو پيو. هُو اڌ رات تائين ويٺا رهيا ۽ ساڻن گڏ ارجيف جي والده به موجود رهي. جڏهن اڌ رات جو ارجيف جي والده کي ننڊ لڳي ته مهمان به روانا ٿي ويا.
ان رات جيئن ئي ارجيف جي والده آرامي ٿي ته هن خواب ۾ ڏٺو ته ملائڪن جي هڪ ٽولي کيس چوي ٿي ته اي ارجيف جي والده اڄ اسان کي اڌ رات تائين نماز پڙهڻ جو انتظار ڪرڻو پيو آهي. ڇاڪاڻ ته ارجيف اسان جي امامت ڪندو آهي ۽ اڄ اوهان جي حڪم تي هو اڌ رات تائين مهمانن وٽ ويٺو رهيو. جنهن ڪري اسان کي انتظار ڪرڻو پيو.
ارجيف هر رات دير تائين عبادت ڪندو هو. هو ملائڪن جي به امامت ڪندو هو ۽ اهو مقام کيس پنهنجي عبادت جي ڪري ئي حاصل ٿيو هو. هن جو آواز تمام مٺو هوندو هو ۽ رات جو نماز دوران وڏي آواز ۾ تلاوت ڪندو هو ۽ ان آواز جي ڪري ملائڪن کيس پنهنجو امام بڻايو هو. توهان به رات جو جڏهن نماز پڙهو ته وڏي ۽ مٺڙي آواز ۾ تلاوت ڪندا ڪريو.