ڏاهپ / اخلاقيات

تخليق خالق کانسواءِ؟

ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
Title Cover of book تخليق خالق کانسواءِ؟

باب ٻيو

[b]1. هڪ گهرڙو يا خليوگهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو
[/b]انساني جسم جي هڪ گهرڙي يعني سيل جي طبعي بناوٽ، ان جا ٽشوز ۽ هر گهرڙي جو مختلف ڪم اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو.
ايپيٿيليم سيل انساني جسم جا بنيادي ٽشوز آهن پر ان جي باوجود اهي بلڪل ڪنهن ڪيميڪل فئڪٽريءَ وانگر ڪم ڪن ٿا. هو انساني جسم ۾ خوراڪ ذريعي داخل ٿيندڙ هزارين ماليڪيولز مان رڳو فائديمند ماليڪيولز جي چونڊ ڪن ٿا.
رت جي اڇن جزن بابت توهان جو ڇا خيال آهي، جيڪي نه رڳو پنهنجي بناوت تبديل ڪندا رهن ٿا پرلڳ ڀڳ 30،000 مختلف قسمن جي ماليڪيولز جي سڃاڻپ ڪري ساڻن وڙهندا رهن ٿا.
نيورون خلين کي ئي ڏسو ته اهي دماغ ۾ موجود هوندا آهن ۽ مختلف نوعيت جا اهڙا ڪم ڪن ٿا جن مان رڳو هڪ خليي جو ڪم ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ ڏهه لکن کان به وڌيڪ ڪمپيوٽرن جي ضرورت پوي ها.
هزارين اهي خليا جيڪي گڏجي دل جي حفاظت لاءِ ديوار ٺاهين ٿا ۽ پاڻ ۾ يڪ جان ٿي بلڪل هڪ جسم وانگر حرڪت ڪن ٿا.
جسم جي ڪنهن ڏورانهين حصي ۾ ڪنهن گهرڙي کي مدد جي ضرورت پوي ٿي ته اهڙا به خليا آهن جيڪي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي گهربل امداد کڻي ان گهرڙي تائين پهچن ٿا ۽ بروقت مدد ڪري ان گهرڙي کي ٻيهر متحرڪ ڪري ڇڏين ٿا.
اهي سموريون صلاحيتون جينياتي عمل سان تعلق رکن ٿيون ۽ اهي خاصيتون هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿينديون رهن ٿيون. انهن خلين واري سرشتي کان ڪهڪشائن جي حيرت انگيز نظام تائين هر شيءِ ۾ بهترين تال ميل، تعلق ۽ ترتيب نظر اچي ٿي.
اسان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي ته پنهنجون اکيون کولي ائٽم کان ڪهڪشائن تائين ٿورو نظر ڦيرايون ۽ تحقيق ڪريون ته اها ڪهڙي قوت آهي جيڪا اهو تال ميل برقرار رکيو اچي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انساني جسم ۾ انتهائي طاقتور خورد بين سان نظر ايندڙ خلين جي هڪ فوج موجود آهي جيڪا هر وقت جسماني نظام جي حفاظت ۾ مصروف آهي. اهو سڀ ڪجهه انتهائي بهترين رٿابندي ۽ عمل جو نمونو آهي. اها سموري ترتيب، تال ميل ۽ رٿابندي ڪنهن عظيم خالق جي نشاندهي ڪري ٿي.
ٿورو انهن ساون وڻن بابت سوچيو ۽ ڏسو ته انهن جي بناوت ڪهڙي نه دلچسپ آهي. اها ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪا اسين هوا ۾ پکيڙيون ٿا سا اسان لاءِ موتمار بڻجي وڃي جيڪڏهن اهي وڻ ٻوٽا اها پاڻ استعمال ڪري هوا کي صاف نه ڪن ها. اهي ساڳيا ئي ٻوٽا آهن جيڪي اسان کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ فراهم ڪرڻ جو به ذريعو آهن. ساڳيا ٻوٽا وري جانور کائين ٿا ۽ اهي اسان لاءِ پروٽين سان ڀرپور گوشت فراهم ڪرڻ جو ذريعو به آهن. ڏسو ته انسانذات جي بهتريءَ لاءِ خوراڪ جو ڪهڙو نه اعليٰ انتظام ڪيو ويو آهي. ايتريقدر جو اهي جانور جڏهن مرن ٿا ته سندن ڳريل گوشت ۽ هڏين مان بئڪٽيريا نڪري زمين ۾ شامل ٿي وڃن ٿا ۽ ڀاڻ جو ڪم ڏين ٿا.
ٻوٽن، جانورن ۽ مادي جي اندروني رازن تان اڃا مڪمل طور پردو نه کڄي سگهيو آهي. انهن جي وچ ۾ هڪ لازوال تعلق نظر اچي ٿو. اهي سڀ هڪ برجستي پروگرام تحت متحرڪ نظر اچن ٿا. اهو سمورو تعلق ڪنهن ماهر پروگرامر جي نشاندهي ڪري ٿو.
هيءَ سڄي ڪائنات هڪ مڪمل نظام ۽ ترتيب تحت هڪٻئي سان جڙيل آهي. مادي کان ڪهڪشائن تائين هر شيءِ هڪ واضح پروگرام تحت حرڪت ۾ آهي جيڪا گواهي ڏي ٿي ته ڪا اعليٰ ۽ ارفع ذات موجود آهي جنهن اهو سڀ کيل رچايو آهي. انسانن لاءِ ان ۾ واضح اشارا موجود آهن.

[b]2. جانور به ڪجهه رازن تان پردو کڻن ٿا
[/b]ماکيءَ جي مک کي ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح مانارو ٺاهي ٿي جنهن ۾ جاميٽريءَ جي شڪل جهڙا خانا هوندا آهن. ماکيءَ جي مک گلن جو رس چوسي آڻي انهن خانن ۾ ڀري ٿي ۽ سج جي روشني ان رس کي ماکيءَ ۾ تبديل ڪري ٿي. ماکيءَ جي مک کي اها سکيا ڪنهن ڏني ته اها سج جي روشنيءَ جو ايئن استعمال ڪري؟ هن کي گلن جي صحيح چونڊ ڪرڻ ڪنهن سيکاريو؟ هن کي ماکي ٺاهڻ جي سکيا ڪنهن ڏني ۽ ڪو معمولي جيت ان قسم جي معلومات ڪٿان حاصل ڪري سگهي ٿو؟ مڇر جيئن ئي اڏامڻ سکي ٿو ته چڪ پائڻ شروع ڪري ٿو. هن کي اهو ڪير سيکاري ٿو ته انساني رت جا ڪهڙا فائدا آهن؟ جيئن ئي خطرو محسوس ڪري ٿو ته ماهراڻي انداز ۾ گُهت هڻي ڀڄي وڃي ٿو. هن کي ڪنهن ماهر پائليٽ وانگر اڏامڻ ڪنهن سيکاريو؟ سمنڊ ۾ بوهڻ يا گوج جي شڪل جهڙي هڪ مڇي ٿئي ٿي، جيڪا آنا لاهڻ برمودا جي سمنڊ جو رخ ڪري ٿي ۽ اتي آنا لاهي واپس هلي اچي ٿي. انهن آنن مان جڏهن ٻچا نڪرن ٿا ته اهي ترت اتان کان واپس پنهنجي اباڻي وطن جو رخ ڪن ٿا. پوءِ اهو ڀونوچ سمنڊ هجي يا هندي سمنڊ هو واپس اتي پهچن ٿا. انهن ٻچن کي اها ڄاڻ ڪير ڏي ٿو ته کين ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ انهن ٻچن وٽ نه ڪمپاس هوندو آهي ۽ نه ئي نقشو پوءِ کين درست رهنمائي ڪير ٿو فراهم ڪري؟ ڪڪڙ جڏهن آري تي ويهندي آهي ته اها پهرين کان ويهين ڏينهن تائين آنن کي اڳتي پوئتي کسڪائيندي رهي ٿي. شروع ۾ سائنسدانن جو خيال هو ته آنن کي هر پاسي کان مڪمل گرمي پهچائڻ لاءِ ڪڪڙ اهڙي حرڪت ڪري ٿي. پوءِ هنن هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي جيڪا آنن کي هر پاسي کان هڪ جيتري گرمي فراهم ڪري پر ان وقت حيرت ٿين جڏهن اهي سڀ آنا ڪنا ٿي ويا ۽ هڪ به ٻچو نه ڦُٽو. وڌيڪ تحقيق کان پو۽ خبر پئي آنو هڪ هنڌ پيو رهي ٿو ته ان ۾ موجود پروٽين به هيٺئين پاسي گڏ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪڪڙ جڏهن آنا اڳتي پوئتي کسڪائي ٿي ته ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته پروٽين هڪ هنڌ موجود نه رهي پر سڄي آني ۾ برابر موجود هجي. هاڻي هڪ معمولي ڪڪڙ کي آني ۾ موجود پروٽين متعلق ڄاڻ ڪنهن پهچائي؟ انسانن کي به وڏي تحقيق کان پوءِ ان جي معلومات ملي ته پوءِ ڪڪڙ کي پنهنجو نسل وڌائڻ لاءِ ايترو هنر ڪنهن ڏنو؟
عام طور گهرن ۾ چيلاٽي جهڙو هڪ اڏامندڙ جيت نظر ايندو آهي جنهن کي سُڳڻ چوندا آهن. اها ذرو ذرو ڪري پُسيل مٽي آڻيندي آهي ۽ ان مان پنهنجو گهر ٺاهيندي آهي جيڪو مشڪل سان سوپاريءَ جيترو هوندو آهي. جڏهن اهو گهر تيار ٿي ويندو آهي ته ان ۾ آنو لاهڻ کان پوءِ گاهه يا وڻن تان سائي رنگ جي گڏر جهلي آڻي گهر جي هرهڪ خاني ۾ وجهندي آهي ۽ پوءِ ان جو سوراخ بند ڪري ڇڏيندي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها سڳڻ جيڪو سُوٻٽ يا گڏر جهلي ايندي آهي اهو مئل نه هوندو آهي پر بيهوش هوندو آهي. سُڳڻ ان گڏر جي جسم ۾ ايترو زهر داخل ڪندي آهي جو اهو ويهه ڏينهن تائين بيهوش رهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مئل هوندو ته آني مان نڪرندڙ ٻچي جي خوراڪ بڻجڻ کان اڳ ۾ ئي ڳري ختم ٿي ويندو. هاڻي ان سڳڻ کي بيهوش ڪرڻ جي اها تربيت ڪنهن ڏني؟ وزن مطابق زهر جي مقدار جو تعين ڪيئن ٿي ڪري؟ ڇا هن ڪٿان ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪئي آهي يا بيهوش ڪرڻ جي ڪا تربيت ورتي اٿس؟
جڏهن ڪجهه خاص نسل جا پکي گهٽجن ٿا ته نانگن جو نسل وڌي ٿو. جڏهن نانگ ماريا وڃن ٿا ته ڏيڏرن جو نسل وڌي ٿو ۽ جڏهن ڏيڏر ماريا وڃن ٿا ته وري اڏامندڙ مخلوق وڌي ٿي. اهو حيرت انگيز تعلق ۽ توازن ڪنهن جوڙيو آهي؟
چاڪي چمڙا انڌا هوندا آهن ۽ ريڊار سسٽم جي اصول تحت اڏامندا آهن. پڙاڏي واري اصول تحت هُو آواز ڪڍن ٿا ۽ آواز جون لهرون جڏهن موٽي اچي سندن سينسرز سان ٽڪرائجن ٿيون ته ان جي ڪري جيڪا تصوير ٺهي ٿي سا کين حملو ڪرڻ، دفاع ڪرڻ يا پوئتي هٽڻ جي ترغيب ڏي ٿي. سائنسدانن ريڊار سسٽم چاڪي چمڙي کي نظر ۾ رکي جوڙيو آهي. اسين ريڊار سسٽم واري ٽيڪنالاجيءَ تي حيران ته ٿيون ٿا پر ان جي ابتدا يعني چاڪي چمڙي متعلق نٿا سوچيون.

[b]3. ڪجهه انساني خوبيون
[/b]جڏهن اسين سردي محسوس ڪريون ٿا ته اسان جي جسم ۾ ڏڪڻي پئدا ٿئي ٿي. اهو هڪ حياتياتي رد عمل آهي، جنهن تحت گردشي نظام کي اهو پيغام موڪليو وڃي ٿو ته جلدي وڌيڪ رت موڪلي. ان تي انسان کي ڪو به ضابطو حاصل نه آهي ۽ اهو سڀ خودڪار نظام تحت ٿئي ٿو. هاڻي ايڏو بهترين نظام ڪنهن تخليق ڪيو؟
گرميءَ ۾ اسان جي جسم جو تاپمان به وڌي ٿو. ان جي نتيجي ۾ اسان جي کَل پگهر پئدا ڪري ٿي. پگهر ان ڪري نڪري ٿو ته جيئن اسان جي کَل کي ٿڌو رکي سگهي. گرميءَ ۾ اسان جي رڳن جو ڦونڊجڻ ۽ سرديءَ ۾ سڪڙجڻ ته جيئن گرمي گهٽائي يا وڌائي سگهجي. اهو خوبصورت حياتياتي ٿرمو ڪنٽرول سسٽم ڪنهن جوڙيو آهي؟
جڏهن اسين ننڊ ۾ هوندا آهيون ته پاسا ورائيندا رهندا آهيون. اهو سڀڪجهه غيرشعوري طور تي ٿئي ٿو ۽ اسان جي جسم کي مڪمل طور سُن ٿيڻ کان بچائي ٿو. اهو سڄو عمل اسان جو نڪ ڪري ٿو. نڪ جي اندرئين پاسي ٻنهي ناسن ۾ هڪ هڪ خانو هوندو آهي جنهن ۾ خاص قسم جي پاڻياٺ ڀريل هوندي آهي. جڏهن اسين هڪ پاسي سمهندا آهيون ته مٿئين خاني مان اها پاڻياٺ نڪري هيٺئين خاني ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي ۽ جڏهن اهو خانو ڀرجي وڃي ٿو ته دماغ کي پيغام موڪليو وڃي ٿو ته خانو ڀرجي ويو آهي. هاڻي دماغ جسم کي پاسو بدلائڻ جو حڪم ڏي ٿو. خانو ڀرجڻ ۾ لڳ ڀڳ 45 منٽ لڳندا آهن. اسان جي نڪ جي هڪ ٻي به خوبي آهي ته ڏهه هزار مختلف قسم جي خوشبوئن سونگهڻ ۽ انهن ۾ فرق محسوس ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو. نڪ ۾ اها به خوبي آهي ته اسان جي جسم جو تاپمان ضابطي هيٺ رکي ٿو. اسان جي ڦڦڙن ۽ معدي جو گرمي پد 32.2 ڊگري سينٽي گريڊ تي رکي ٿو. جيڪڏهن ٻاهر جو گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي وڃي ته نڪ پاڻمرادو اندر جو تاپمان 3 ڊگري تائين گهٽائي ڇڏي ٿو. جڏهن سياري ۾ گرمي پد گهٽجي ٿو ته نڪ پاڻمرادو اندر جو تاپمان ان جي مناسبت سان وڌائي ڇڏي ٿو. سنگهه ۽ ٿُڪ ساهه جي ذريعي جسم ۾ داخل ٿيندڙ بئڪٽيريا ڪيئن روڪين ٿا، ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ ڇا اهو درست نه آهي ته ڪا مهربان ۽ ٻاجهاري قوت مسلسل اسان جو بچاءُ ڪندي رهي ٿي؟
جيڪڏهن ڪنهن خوبصورت تصوير کي ڏسڻ سان اسان جي ذهن ۾ ڪنهن ماهر آرٽسٽ جو تصور اڀري ٿو ته پوءِ هنن جانورن ۽ جيتن جي جسم تي موجود خوبصورت رنگ ۽ نشان اسان کي ڪنهن ماهر ڪاريگر جي ياد نٿا ڏيارين؟

[b]4. هر شيءِ خدا جي موجودگيءَ جي گواهي ڏي ٿي
[/b]هڪ مڇيءَ جي ٻچي ماءُ کان سوال ڪيو “پاڻي ڇا آهي، ڇا اهو مون کي ڏيکاري سگهين ٿي؟” ماءُ جواب ڏنو “مون کي پاڻيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ڏيکار ته آئون تو کي ٻڌايان ته پاڻي ڇا آهي؟”
ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه اهڙا ڏاها به نظر ايندا آهن جيڪي چون ٿا ته هو خدا جي موجودگيءَ جي تصديق ان ڪري نٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته هو خدا کي ڏسي نٿا سگهن. هاڻي ڪو انسان خدا کي ڪيئن ڏسي سگهندو جڏهن ته سندس ڏسڻ جي سگهه تمام محدود آهي؟ اها به حقيقت آهي ته اسين خدا جي سموري مخلوق کي ئي ڏسي نٿا سگهون ته خدا کي ڪيئن ڏسي سگهنداسين. اسان کي خدا جي وجود کي پنهنجي ذهانت سان پرکڻو پوندو ڇاڪاڻ ته خدا جي وجود کان سواءِ ڪائنات جو وجود ممڪن ئي نه آهي. سو هاڻي هتي به اهو ساڳيو مڇيءَ جي ٻچي واري ماءُ جو سوال آهي “ڪا اهڙي شيءِ ڏيکاريو جيڪا خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي تخليق ڪيل هجي ته توهان کي خدا جي وجود بابت ٻڌائي سگهجي ٿو.”

[b]5. اسين خدا کي ڇو ڏسي نٿا سگهون؟
[/b]ان سوال جو جواب به اهوئي هوندو جيئن ڪو شاگرد امتحان جي وقت چوي “اسين سوالن جا جواب امتحان واري پرچي ۾ ڇو ڏسي نٿا سگهون؟” ها بلڪل ڌرتيءَ تي اسين سڀ امتحان جي لاءِ موجود آهيون ۽ ان جي ڪري ئي اسين خدا کي ڏسي نٿا سگهون. امتحان وقت ڪجهه شاگردن کي سوالن جا جواب فراهم ڪرڻ جو مطلب انهن شاگردن سان زيادتي هوندي جن ڏينهن رات هڪ ڪري امتحان جي تياري ڪئي آهي. جيڪڏهن اسين رڳو ڏسڻ کان پوءِ ئي ڪنهن شيءِ جي وجود کي تسليم ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ امتحان وٺڻ جو ڪو به جواز باقي نٿو رهي. چڱائي ۽ برائي جو فرق باقي نٿو رهي، ڌرتيءَ جي تخليق، جنت ۽ دوزخ سڀ ڪجهه بيڪار بڻجي وڃن ٿا.
اچو ته پهرين اسين پنهنجي پاڻ کان پڇون ته اسين دنيا جو ڪيترو حصو ڏسڻ جي صلاحيت رکون ٿا؟ هلو دنيا کي هڪ پاسي رکون ٿا اهو ڏسون ته اسين پنهنجي شهر جو ڪيترو حصو ڏسي سگهون ٿا؟ اسان جو پنهنجي پاڻ کان نظر بابت پڇڻ جومطلب اهو آهي ته اسان جي ڏسڻ جي صلاحيت ڪيتري آهي. اسان جي ڏسڻ جي صلاحيت بس ايتري آهي جو اسين هن ڪائنات جو رڳو هڪ ارب هون حصو ئي مس ڏسي سگهون ٿا. اهو ته هن ڪائنات جو انتهائي مختصر حصو هوندو. هاڻي اسان جي ڏسڻ جي صلاحيت ايتري محدود هجڻ جي باوجود اسين اهو مطالبو ڪريون ٿا ته اسين هن ڪائنات جي خالق کي ڏسڻ چاهيون ٿا! اسين ڪائنات جي خالق جي وجود کان انڪار ڪري ڄڻ ته پنهنجي وجود کان انڪار ڪريون ٿا.
هاڻي اچو ته هڪ ٻئي رخ کان ان جو جائزو وٺون. رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب ۾ رت جا لڳ ڀڳ پنجاهه لک ڳاڙها جزا موجود هوند آهن. انهن مان رڳو هڪ جزو پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ شروع ڪري ۽ اها دعويٰ ڪري ته جيئن ته هو انسان کي ڏسي نٿو سگهي ان ڪري ان وجود کي نٿومڃي. ها اها ڳالهه کِل جوڳي ئي هوندي ڇاڪاڻ ته انساني جسم ۾ رهندڙ خوردبين سان نظر ايندڙ هڪ ذرو انسان جي وجود کا انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگهي. رت جي ان هڪ مختصر جزي جي ڀيٽ ۾ انسان جي وسعت تمام گهڻي آهي پر هن ڪائنات جي ڀيٽ ۾ انسان جي وسعت ڪيتري هوندي، کربين ڀيرا مختصر هوندو انسان ۽ هاڻي اهو انسان هن ڪائنات جي خالق جي وجود کان انڪار ڪري ته اها به ته بيوقوفيءَ جهڙي ڳالهه هوندي.

[b]6. ايمان جو معيار
[/b]هڪ بزرگ پنهنجي پوئلڳن کي درس ڏئي رهيو هو ته هڪ مشرڪ اتي آيو ۽ چوڻ لڳو “حضور منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال آهن جيڪي مونکي مسلسل پريشان ڪري رهيا آهن جيڪڏهن انهن جو جواب ڏيندا ته منهنجي دل کي سڪون ملندو.”
بزرگ کيس سوال پڇڻ جي اجازت ڏني. هو چوڻ لڳو “توهان جي دعويٰ آهي ته شيطان باهه جي پئدائش آهي ۽ کيس دوزخ جي باهه ۾ ساڙيو ويندو، هاڻي اهو ٻڌايو ته باهه کي باهه ڪيئن ساڙيندي؟”
ٻيو سوال اهو آهي “توهان چئو ٿا ته نيڪي ۽ بديءَ جو خالق خدا آهي ته پوءِ خدا جي خلقيل شيءِ تي سزا گناهگار کي ڇو ملندي؟”
ٽيون سوال هي آهي “توهان چئو ٿا ته خدا هرهنڌ موجود آهي ته پوءِ هتي به ضرور موجود هوندو، توهان مون کي خدا جو ديدار ڪرائي سگهو ٿا؟”
اهو ٻڌي بزرگ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ اوچتو ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته کيس گهربل شيءِ ملي وئي هجي. هو اڳتي وڌيو ۽ هڪ مٽيءَ جو کڙو کڻي ان شخص کي مٿي ۾ هنيائين. سوال پڇندڙ شخص جي مٿي مان رت وهڻ لڳو ۽ بزرگ چيس ته اهوئي تنهنجي سوالن جو جواب آهي. اهو شخص رت وهائيندو اتان هليو ويو.
اڃا ڪجهه دير مس گذري ته هڪ سپاهي اچي بزرگ کي چيو ته توهان کي قاضي صاحب گهرايو آهي. بزرگ جڏهن قاضي صاحب وٽ پهتو ته ڏٺائين ته سوال پڇندڙ شخص به اتي موجود هو ۽ سندس مٿي مان اڃا به رت وهي رهيو هو. قاضي صاحب بزرگ کي چيو “توهان کان جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوال پڇي ٿو ته بهتر آهي ته توهان کيس جواب ڏئي مطمئن ڪريو ۽ جيڪڏهن جواب نٿا ڏئي سگهو ته کيس نرمي سان سمجهائي روانو ڪريو. توهان سوال پڇڻ تي هن جو مٿو ڇو ڦاڙيو؟”
بزرگ چيو “مون کي اجازت ڏني وڃي ته آئون ان جي وضاحت ڪريان.” اجازت ملڻ تي هن چيو “اصل ۾ اهو ئي سندس سوال جو جواب آهي، هن جو پهريون سوال هو ته شيطان باهه جو ٺهيل آهي ۽ باهه کي باهه ڪيئن ساڙيندي، هيءُ شخص پاڻ مٽيءَ مان ٺهيل آهي کيس مٽيءَ جو کڙو مٿي ۾ هڻي ٻڌايم ته جيئن مٽي سان مٽيءَ کي تڪليف پهچي ٿي تيئن باهه کي باهه به ساڙيندي، هن جو ٻيو سوال هو ته نيڪي ۽ بدي خدا جون خلقيل آهن تنهنڪري گناهگار کي سزا نه ملڻ کپي، هاڻي جيڪڏهن هيءُ شخص درست آهي ته پوءِ کيس شڪايت کڻي هتي نه اچڻ گهربو هو، سندس عقيدي مطابق آئون بي قصور آهيان، پر ايئن نه آهي نيڪي ۽ بدي خدا جون خلقيل ته آهن پر ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ انسان خودمختيار آهي ۽ ان جي ڪري ئي سزا جو به حقدار آهي، باقي هن جو ٽيون سوال هو ته کيس خدا ڏيکاريو وڃي ته ان لاءِ عرض آهي ته هيءُ شخص چوي ٿو ته کيس ڌڪ لڳڻ جي ڪري تمام گهڻو سُور ٿيو آهي ته ڇا هيءُ شخص ڏيکاري سگهي ٿو ته سُور ڪيترو آهي. يقيني طور اهو ئي چوندو ته سور ڏيکاري نٿو سگهجي باقي لڳل ڌڪ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته کيس عرض آهي ته خدا جي موجودگي به اسان جي چئوڦير موجود شين مان محسوس ڪري سگهجي ٿي.” هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته خدا موجود نه آهي ته اها چريائي ئي هوندي.

[b]7. دوستيءَ جو سواد
[/b]اهڙا ماڻهو جن جا سٺا دوست هوندا سمجهو وٽن دشمنن کان بچڻ لاءِ بهتر مددگار موجود آهن. وفادار دوست جي ضرورت به زندگيءَ جي ٻين ضرورتن وانگر اهم هوندي آهي. جنهن ماڻهوءَ جا گهڻا دوست هجن سمجهو ته هُن پنهنجي زندگي محفوظ بڻائڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو آهي. هڪ چڱي ماڻهوءَ جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته هُو پنهنجي دوستيءَ جو جائزو وٺندو رهي ۽ جيڪڏهن ڪي تڪرار پئدا ٿين ٿا ته اهي تڪڙا نبيري ڇڏي. ان کان بهتر ڳالهه ٻي ڪهڙي هوندي ته ماڻهو پنهنجي تعلق جو مڪمل خيال ڪندو رهي ۽ دوستن سان وڌيڪ ويجهڙائپ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃائي. دوستن سان هم آهنگي تڏهن ئي برقرار رهي سگهي ٿي جڏهن معاملن کي ٻطرفي طور تي بهتر بڻايو وڃي. جيڪي دوستيون هڪ ٻئي جي لاءِ قرباني ڏيڻ جو جذبو رکندڙ نه هونديون آهن سي گهڻو وقت برقرار رهي نه سگهنديون آهن.
ڪنهن به حقيقي دوستيءَ جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهبو آهي ته توهان دوستن جي خوشي يا غم بابت ڪهڙا جذبا رکو ٿا. اهڙا ماڻهو جيڪي دوستن جي خوشي ساڻن گڏجي نه ملهائين ۽ ڏک جي وقت ۾ ساڻن گڏجي روئي نه سگهن سي سٺا دوست ٿي نٿا سگهن. دوستيءَ جي ڪل تڏهن ئي پوندي آهي جڏهن ڪنهن دوست تي ڏکيو وقت ايندو آهي ۽ ان وقت جيڪي ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل هجن سي ئي دوست هوندا آهن. اها پڪ سمجهو ته جيڪو ڏکئي وقت ۾ توهان کي اڪيلو نٿو ڇڏي سو ئي سچو دوست آهي. جيڪي ڏکئي وقت ۾ گڏ نه آهن سي سٺا دوست به نه آهن.
اهڙا ماڻهو جيڪي هروقت بحث ڪندا رهن ٿا ۽ مسئلا ختم ڪرڻ بدران نوان مسئلا پئدا ڪندا رهن ٿا سي ڪنهنجا به دوست ٿي نٿا سگهن. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته دوستن سان سٺا تعلقات رهن ته پوءِ اجائي بحث کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو.
دوستي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن جو تعلق سڌو دل سان هوندو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪي سمجهن ٿا ته هُو دوکي يا دولاب سان دوست بڻائي سگهن ٿا سي وڏي غلط فهميءَ جو شڪار آهن. توڙي جو هُو وقتي طور تي دوستيءَ جي نالي تي ڪجهه ماڻهو گڏ به ڪري وڃن ٿا پر اهو تعلق گهڻو وقت هلي نه سگهندو آهي.

[b]8. ٽٽل دل کي جوڙڻ مشڪل آهي
[/b]هڪ ٻار هوندو هو جنهن جون عادتون تمام خراب هونديون هيون. هڪ ڏينهن سندس پيءُ کيس هڪ ڪاٺ جو تختو، هٿوڙي ۽ ڪلين سان ڀريل ٿيلهو ڏنو ۽ چيو “اڄ کان جڏهن به تنهنجو ڪنهن دوست سان تڪرار ٿئي ته هن تختي ۾ ڪلي ٺوڪي ڇڏيندو ڪر.” پهرين ڏينهن تي ان ٻار تختي ۾ 37 ڪليون ٺوڪيون ۽ ان تي کيس سندس والد هدايت ڪئي ته هُو ڪلين جو تعداد گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري. آهستي آهستي ڪلين جو گهٽجڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن ان ٻار پنهنجي والد کي خوشيءَ مان ٻڌايو ته اڄ هن ڪا به ڪلي نه ٺوڪي آهي. جڏهن ڪجهه ڏينهن ڪليون ٺوڪڻ جو سلسلو بند رهيو ته کيس سندس والد وري ٻي هدايت ڪئي “اڄ کان تون ڪوشش ڪر ته جيڪو ڏينهن ڪنهن دوست سان جهيڙو ڪرڻ کان سواءِ گذري ان ڏينهن تي ان تختي مان هڪ ڪلي ڪڍي ڇڏيندو ڪر.” هڪ ڏينهن اهو ٻار پنهنجي والد وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو “بابا ڏسو هاڻي تختي ۾ هڪ به ڪلي نه بچي آهي.” ان تي سندس والد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس تعريف ڪرڻ لڳو. ڪجهه دير کان پوءِ کيس ڀر ۾ ويهاري ڪاٺ جو تختو ڏيکاري چوڻ لڳو “هاڻي ڏس تون بهتر ته ٿي ويو آهين ۽ مون کي تو تي فخر آهي پر تنهنجي عمل جي ڪري هن تختي ۾ جيڪي سوراخ ڪلين پئدا ڪيا آهن سي ته جيئن جو تيئن موجود آهن. هاڻي اهو تختو ڪڏهن به پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي نه سگهندو.”
جڏهن اسين دوستن سان اجايو بحث ڪريون ٿا ته ان وقت اهو ممڪن آهي ته اسان جي زبان مان ڪجهه اهڙا گفتا به نڪري وڃن جيڪي اسان کي چوڻ نه گهرجن ها. اهڙو هر گفتو اسان جي دوستن جي دل ۾ ڪليءَ جهڙو هڪ سوراخ ضرور پئدا ڪري ٿو پوءِ اهو دوست ڀلي هزار ڀيرا توهان کي چوي ته هُن توهان کي معاف ڪري ڇڏيو آهي پر ان هوندي به اهو سوراخ هُن جي دل ۾ جيئن جو تيئن ضرور موجود رهندو. هڪ سٺو دوست ڪنهن قيمتي هيري مثل هوندو آهي. هُو توهان کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڏکئي وقت ۾ توهان کي حوصلو ڏي ٿو، توهان جي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏي ٿو ۽ پنهنجي دل جا دروازا توهان لاءِ کولي ڇڏي ٿو.

[b]9. اعتماد
[/b]مائونٽ ٽارس جي مهم وقت سڪندر اعظم سخت بيمار ٿي ۽ سندس بچڻ جي اميد ڪانه رهي. کيس هروقت تمام گهڻو بخار هوندو هو. سڪندر يوناني جي طبيب جيڪو سندس ننڍپڻ جو دوست به هو تنهن هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي جيڪا ان بيماريءَ جو يڪ ٽڪ علاج هئي. سڪندر يوناني اها دوا پيئڻ وارو هو ته ان وقت کيس ڪنهن همدرد جو لکيل خط مليو. هُو دوا پيئڻ کان اڳ ۾ اهو خط پڙهڻ لڳو. خط ۾ لکيل هو ته سڪندر اها دوا نه پيئي ڇاڪاڻ ته سندس طبيب ايران جي بادشاهه کان رشوت وٺي کيس زهر ڏيڻ جي سازش تيار ڪئي آهي ۽ ان دوا ۾ زهر مليل آهي. سڪندر اعظم خط پڙهي ٿورو مُرڪيو ۽ ان کانپوءِ دوا پي ڇڏيائين. ان کان پوءِ هُن اهو خط پنهنجي طبيب کي پڙهڻ لاءِ ڏنو.
جڏهن طبيب خط پڙهي ورتو ته سڪندر اعظم کيس چيو “مون کي هڪ پل لاءِ به تو تي شڪ نه ٿيو ۽ نه ئي آئون دوستن تي شڪ ڪندو آهيان.” ان دوا پيئڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڪندر اعظم بلڪل صحتياب ٿي ويو.

[b]10. انسانيت
[/b]هر انسان لاءِ ضروري آهي ته هُو هر پل پنهنجي روين جي پنهنجي ضمير مطابق پرک ڪندو رهي. اسان کي ٻين لاءِ به اهو ڪجهه پسند ڪرڻ گهرجي جيڪو اسين پنهنجي لاءِ چاهيون ٿا. ان ڪري اسان کي اها سوچ نه پئدا ڪرڻ گهرجي ته جيڪا شيءِ اسان کي پسند نه آهي سا ٻين کي پسند ايندي. ان طريقي سان ئي اسين ٻين جي دل ٽوڙڻ کان بچي سگهون ٿا.
جڏهن ڪو شخص اسان سان ڀلائي ڪري ٿو ته اسان کي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ اسان جي دل ۾ هُن لاءِ پيار ۽ نيڪ جذبا جاڳي پوندا آهن. پيار ڀري موٽ حاصل ڪرڻ جو اهو سڀ کان بهترين طريقو آهي. “انسانذات نيڪيءَ جي غلام آهي.” ان جي ڪري نيڪين ۾ پناهه ڳولڻ جو مطلب بديءَ کان مڪمل تحفظ حاصل ڪرڻ آهي.
اهي ماڻهو جيڪي بدي ڪن ٿا تن سان توهان جو ورتاءُ ڪهڙو آهي، ان مان ئي توهان جي درست طور طريقن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪو به شخص توهان سان ڪيترو به خراب هلي پر جڏهن توهان کي موقعو ملي ته ساڻس ڪڏهن به غيرانساني سلوڪ نه ڪريو ۽ انسانيت توهان جي هر عمل مان ظاهر ٿيڻ گهرجي. بُرن سان برو سلوڪ هڪ وڏي غلطي آهي. جيڪو توهان سان سٺو نٿو هلي ان سان انسانيت ڀريو سلوڪ توهان جي عظمت ظاهر ڪري ٿو. ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪابه حد مقرر ٿيل نه آهي. ڪو ماڻهو ڪيترو انسان دوست آهي ان جو اندازو دوستن ۽ عزيزن جي مدد ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي دوستن ۽ عزيزن جي مدد نٿا ڪن ۽ پوءِ به انسان دوست هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا سي ڪوڙا آهن. دوستن ۽ عزيزن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته هُو ان سلوڪ جا ئي حقدار آهن، ان جو مطلب ته توهان انتهائي خودغرض ۽ سچائي کان ڪوهين ڏُور آهيو.
سڀ کان وڏي نيڪي اها آهي ته جن جون غلطيون ۽ توهان سان ڪيل برايون توهان جي سامهون هجن پوءِ به وقت اچڻ تي توهان سندن مدد ڪريو. ٻين جي ڪوتاهين تي نظر رکڻ جو مطلب ته توهان ڪوتاهه بين آهيو. ٻين کي سندن غلطين سڌارڻ جو موقعو نه ڏيڻ، کين سندن غلطيون ياد ڏيارڻ ۽ کين غلطين جي سزا ڏيڻ سان انسان دوستي ۽ ڀائيچاري کي شديد هاڃو رسي ٿو. افسوس اڄ جي اناپرست دنيا ۾ اسان جي ڇڙوڇڙ هجڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اسين پنهنجي ڪوتاهين تي نظر رکڻ بدران صرف ٻين ۾ غلطيون ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.
اهڙا ماڻهو جيڪي ٻين سان ڪيل وڏي نيڪين کي معمولي ۽ ٻين جي ڪيل معمولي چڱاين کي تمام وڏي نيڪي سمجهن ٿا سي ئي حقيقي انسان دوست ۽ ضمير مطابق فيصلا ڪندڙ انسان آهن. اهڙا ماڻهو ٻين کي پنهنجون ڪيل چڱايون ياد نه ڏياريندا آهن ۽ نه ئي ڪڏهن اها دانهن ڪندا آهن ته نيڪي ڪرڻ باوجود ساڻن سٺو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي. اهوئي خلوص ۽ نيڪ نيتي آهي.

[b]11. انسان بڻجڻ
[/b]هُن کي بدلي ڪيو ويو هو. سندس بدليءَ جو حڪم نامو به پهچي چڪو هو. هيءُ اهو ئي شهر هو جتي هُن گورنر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ کيس ان شهر کي ڇڏڻ جو افسوس هو. سندس سامان مزور گاڏين ۾ چاڙهي رهيا هئا ۽ اهو منظر هُو خاموش ۽ ڏکويل نگاهن سان ڏسي رهيو هو. کيس اهو وقت ياد آيو جڏهن هو گورنر طور مقرر ٿي ان شهر ۾ آيو هو. ان ئي عمارت ۾ اڳوڻو گورنر به رهندو هو ۽ جڏهن اڳوڻي گورنر جو سامان گاڏين ۾ چاڙهيو پئي تڏهن اهو گورنر به صدمي جي ڪيفيت ۾ هو. جنهن وقت هُن نئين گورنر طور پراڻي گورنر سان هٿ ملايو هو ته کيس محسوس ٿيو هو ته اڳوڻو گورنر ڪيترو ڏکارو آهي. اڄ سندس وارو هو ۽ الوداعي نظرن سان هُن ڏٺو ته اتي ڪجهه ماڻهو به آيل هئا. گڏ ٿيل ماڻهن مان ڪجهه جي اکين ۾ ڳوڙها به هئا. هاڻي هُو اهو سڀ ڪجهه ڇڏي اڳتي وڌڻ وارو هو. هُو اڃا گذريل ڏينهن کي ياد ڪري رهيو هو ته کيس هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهو آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙ هڪ پراڻو فوجي هو. اڳوڻي فوجيءَ چيو “پُٽ تو سان ڇا مسئلو آهي؟” گورنر چيو “مون کي هيءُ شهر ڇڏڻ تي افسوس ٿي رهيو آهي.”
اڳوڻي فوجيءَ کي اندازو ٿي ويو ته معاملو ڪجهه ٻيو آهي سو چوڻ لڳو “ان کي ڇڏيو مون سان سڌي ڳالهه ڪريو ته توهان ڇا جي ڪري ايترا پريشان آهيو؟”
گورنر چيو “آئون هتي چار سال گورنر رهيس، تمام گهڻن ماڻهن سان رابطي ۾ رهيس پر اڄ مون کي انهن مان هتي ڪوبه نظر نٿو اچي. مون کي ياد آهي ته جڏهن اڳوڻو گورنر هتان رخصت ٿي رهيو هو ته هيءُ هال ماڻهن سان ڀريل هو جيڪي کيس الوداع ڪرڻ آيا هئا ۽ اڄ هتي ڪوبه خاص هجوم موجود نه آهي.”
ان تي اڳوڻي فوجيءَ کِلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو “ياد رک ٻچا، اهو سچ آهي ته تو وڏي محنت سان تعليم حاصل ڪري هيءُ مقام ماڻيو آهي، پر جيڪڏهن پنهنجي مقرريءَ کان وٺي اڄ تائين جي ڳالهين کي ياد ڪندين ته خبر پوندي ته تون ماڻهن سان رڳو مُرڪي ۽ خوشدليءَ سان ملڻ کان به لنوائيندو هئين. جيڪڏهن تون ننڍن سان پيار ۽ وڏن جو احترام نه ڪندين ته پوءِ تون ان کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي ردعمل جي توقع رکين ٿو؟ مسئلو اهو نه آهي ته تون گورنر آهين يا بادشاهه پر ان سڀ کان اڳ ۾ توکي سٺو انسان بڻجڻو پوندو.”
فوجيءَ جو لهجو بلڪل واضح ۽ چٽو هو. سندس ڳالهه ٻڌي گورنر وائڙو ٿي ويو. هُو جلد ئي اٿي بيٺو ۽ فوجيءَ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي چوڻ لڳو “مون کي اوهان جي صلاح بلڪل پسند آئي ۽ توهان جي ڳالهه سمجهي ويس ته صرف گورنر هجڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.” اهو چئي هن فوجيءَ جو هٿ چميو ۽ اڳتي چوڻ لڳو “اڄ کان پوءِ آئون ماڻهن سان پنهنجو رويو ضرور بهتر رکندس.”
ڪراڙو فوجي اهو ٻڌي اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو “جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ٻيا توهان جي عزت ۽ احترام ڪن ته پوءِ پهرين ساڻن پنهنجو رويو بهتر ڪريو.”

[b]12. بهترين انسان بڻجڻ
[/b]اڌ رات جو وقت هو ۽ سپاهي هڪ پوڙهي کي ذري گهٽ گهيليندا وڃي رهيا هئا. پوڙهو سهڪي رهيو هو. ٿورو پنڌ هلڻ کان پوءِ هو هڪ جاءِ تي بيهي ساهي پٽڻ لڳو ۽ هُو ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لڳو. گهڻا سال اڳ جو واقعو کيس ياد آيو جڏهن سندس پٽ اڃا چوڏهن ورهين جو مس هو. هن پنهنجي پٽ کي بهتر انسان بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ کيس سٺي تعليم به ڏياري هئي. پر هُو پٽ جي رويي مان ڪڏهن به خوش نه رهيو. کيس ياد آيو ته هڪ ڏينهن هُن پٽ کي چيو هو “پٽ منهنجي ڳالهه ٻڌي ڇڏ تون ڪڏهن به سٺو انسان بڻجي نه سگهندين.” اڄ ان کي ڪافي سال گذري چڪا هئا. اڄوڪي رات کيس سندس پٽ ئي گهرايو هو جيڪو نئون گورنر مقرر ٿي آيو هو. پوڙهو پروقار انداز ۾ گورنر جي آفيس ۾ داخل ٿيو.
پوڙهو جيئن ئي آفيس ۾ داخل ٿيو ته نئون گورنر بڻجي آيل سندس پٽ اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو “ياد ڪر بابا، تون چوندو هئين ته آئون ڪڏهن به سٺو انسان بڻجي نه سگهندس پر اڄ ڏس آئون گورنر بڻجي چڪو آهيان.”
پوڙهو چوڻ لڳو “ها پٽ، ان ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو آهي ته تون گورنر بڻجي چڪو آهين، پر اڃا تائين به تون سٺو انسان بڻجي نه سگهيو آهين. جيڪڏهن تون سٺو انسان هجين ها ته پنهنجي پيءُ کي ته ڇڏ پر ڪنهن به وڏي عمر واري شخص کي اڌ رات جو هن طريقي سان پنهنجي آفيس ۾ طلب نه ڪرين ها. ان جي ڀيٽ ۾ تون جيڪڏهن سٺو انسان هجين ها ته جيئن تنهنجو عهدو وڌي ها تيئن تو ۾ نهٺائي اچي ها. ها تون گورنر ضرور بڻيو آهين پر بهتر انسان بڻجڻ ۾ ناڪام رهيو آهين.” اهو چئي پوڙهو زور سان دروازو بند ڪري ٻاهر هليو ويو. پوڙهي کي شديد افسوس ٿي رهيو هو ته هُو پنهنجي پٽ کي سٺو انسان بڻائي نه سگهيو. هُن جي ڪيڏي نه خواهش هئي ته سندس پٽ هڪ بهتر انسان بڻجي ۽ ٻين لاءِ چڱائيءَ جو هڪ نمونو بڻجي.
بهرحال پوءِ به هُو مايوس نه ٿيو هو ۽ سندس دل مان بي اختيار دعا نڪتي “اي الله، منهنجي پٽ کي نيڪ راهه تي هلڻ ۽ نيڪ انسان بڻجڻ جي توفيق عطا فرما.”

[b]13. اخلاق ۽ قدر
[/b]سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ خاص خاص هنڌن تي امدادي ديوارون اڏيون وينديون هيون ۽ انهن ۾ ننڍڙا گهرڙا ٺهيل هوندا هئا. شهر جا امير ماڻهو حسب توفيق انهن گهرن ۾ رقم رکي ڇڏيندا هئا ۽ شهر جا يا ٻاهران آيل ضرورتمند اتان پنهنجي ضرورت مطابق رقم کڻندا هئا باقي رقم اتي ئي ٻين لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا. ان سان گڏ مسافر خانا به اڏيا ويندا هئا ۽ انهن ۾ ڪوبه ٻاهران آيل مسافر ٽن ڏينهن تائين بلڪل مفت رهي سگهندو هو. اتي ترسندڙ مسافرن کي کاڌو پيتو به بلڪل مفت فراهم ڪيو ويندو هو ۽ ان سان گڏ هر رهائشي ڪمري ۾ رقم سان ڀريل ٿيلها به رکيل هوندا هئا، جن مان ضرورتمند پنهنجي ضرورت مطابق رقم کڻي باقي اتي ٻين لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا.
تن ڏينهن ۾ “دروازو بند ڪريو” جو اصطلاح استعمال نه ڪيو ويندو پر ان جي بدران “دروازي جو خيال ڪجو” جو اصطلاح ڪم آندو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته جڏهن خدا اسان تي رحمتن ۽ نعمتن جا دروازا بند نٿو ڪري ته پوءِ اسين ٻين لاءِ پنهنجا دروازا ڇو بند ڪريون.
انهن ڏينهن ۾ “روشني بند ڪريو” جو اصطلاح به ڪتب نه ايندو هو. ڇاڪاڻ روشني مان مراد “نُور” ورتي ويندي هئي ۽ خدا جي نور کي بند ڪرڻ ڪير به مناسب نه سمجهندو هو. ان ڪري چيو ويندو هو ته “ڏيئي کي ڪجهه دير لاءِ آرام ڏيو.” ساڳئي وقت ڪنهن به ستل ماڻهو کي زور سان سندس نالو وٺي يا زور سان لوڏي نه اٿياريو ويندو هو پر ڪنهن به ستل ماڻهوءَ کي جاڳائڻ لاءِ “جاڳو ۽ هوشيار ٿيو” جو اصطلاح ڪتب آندو ويندو هو.
سندن سماج ۾ محبت، ايثار، ٻاجهه ۽ رواداري عام هوندي هئي. جڏهن به ڪو ماڻهو ڳالهائڻ چاهيندو هو ته کيس ان جي اجازت هوندي هئي ۽ سندس ڳالهه اڌ ۾ نه ڪاٽي ويندي هئي. ڪنهن ٻئي جي موجودگيءَ ۾ ڪنن تي وات رکي رازداريءَ خاطر سرٻاٽن م ڳالهائڻ معيوب سمجهيو ويندو هو ۽ مخاطب شخص ڏانهن هٿ کڻي اشارو ڪرڻ يا آڱر کڻڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو. ڪنهن جي به گلا ڪرڻ کي معاشري ۾ چڱي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو. تن ڏينهن ۾ ماڻهو زمين تي زور سان پير هڻي يا گِري پير کڻڻ، ته گيساٽي جو آواز اچي، کي خراب سمجهندا هئا. هلڻ وقت زمين تي هلندڙ جيتن جو مڪمل خيال ڪيو ويندو هو. گهڻا ماڻهو ته اهڙا به هوندا هئا جيڪي مک مارڻ کي به گناهه سمجهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مهمان هجن يا گهر ڌڻي گهر جي دروازي مان گهرڀاتين کي پٺ ڏئي نه نڪرندا هئا پر دروازي کي پٺ ڏئي ۽ گهر ڀاتين ڏانهن منهن ڪري پٺيرا دروازي مان ٻاهر نڪرندا هئا. سندن خيال هوندو هو ته پيرن جو رخ گهر جي دروازي ڏانهن هجڻ جو مطلب اهو آهي ته جلدي واپس موٽي اينداسين ۽ پيرن جو رخ دروازي ڏانهن هجڻ جو مطلب اهو ورتو ويندو هو ته يا ته ناراض ٿي پيا وڃون يا وري واپس موٽڻ جو ارادو نٿا رکون ۽ ان کي خراب سمجهيو ويندو هو.
ها! تن ڏينهن ۾ ماڻهو پاڪائيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، سوچي سمجهي قدم کڻندا هئا ۽ اٻهرائپ کان پاسو ڪيو ويندو هو. سندن زندگي اهڙي هوندي هئي ڄڻ ته هر وقت خدا جي روبرو هجن. هُو خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به اڳيان جهڪڻ مناسب نه سمجهندا هئا. سندن دل ۾ هميشه خدا جو خوف رهندو هو. وقت جي حاڪم جو احترام ضرور ڪندا هئا ۽ کيس خدا جو نائب به سمجهندا هئا پر ساڳئي وقت کيس حق جي ڳالهه چوڻ جو حوصلو به رکندا هئا. ڇا اڄ اسين هروقت خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي هلون ٿا؟ يا اسان جي دل ۾ ايترو خدا جو خوف موجود آهي؟ يا اسين اهو سمجهون ٿا ته خدا هر هنڌ موجود آهي؟