باب نائون
[/b]شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. انهن نمازن لاءِ جيڪي ايمان وارن تي مقرر وقت تي فرض ڪيون ويون آهن.
ڪافي ڏينهن اڳ مون کي هڪ شخص مليو جيڪو عمر، رتبي ۽ جسماني لحاظ کان مون کان گهڻو وڏو هو. هن مون کي چيو “نماز ته تمام سٺي شيءِ آهي پر هر روز پنج وقت پڙهڻ ڏکيو ڪم آهي. اهو سلسلو ختم ئي نٿو ٿئي ۽ اهائي ڳالهه مون لاءِ پريشانيءَ جو سبب آهي.”
هن شخص ته اهي ڳالهيون مون سان گهڻو اڳ ڪيون هيون پر هڪ ڏينهن اهي ئي ساڳيا لفظ منهنجي دل مان به نڪتا. مون انهن تي غور ڪيو ته انهن جو وڏو ڪارڻ صرف طبيعت جي سُستي هئي ۽ اهو ساڳيو ئي خيال هو جيڪو اڪثر شيطان گمراهه ڪرڻ لاءِ اسان جي ذهن ۾ پئدا ڪري ٿو. پوءِ مون دل ئي دل ۾ شيطان کي مخاطب ٿيندي چيو: “آئون تنهنجي قبضي ۾ نه ايندس.” ان کان پوءِ دل ۾ خيال آيو “اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي پاڻ کي نٿا سڌاري سگهن ته پوءِ هو ٻين کي ڪيئن سڌاريندا. مون کي به شروعات پنهنجي پاڻ کان ئي ڪرڻي پوندي.”
پوءِ آئون پنهنجي ذات سان مخاطب ٿيس “اي منهنجا وجود! تنهنجا اهي لفظ ٻڌڻ کان پوءِ آئون توکي ان گمراهيءَ، سستي ۽ بي ڌيانيءَ تي پنج تنبيهون ڪريان ٿو.”
[b]پهرين تنبيهه
[/b]اي منهنجا نامراد وجود! مون کي حيرت آهي، ڇا تون پنهنجي پاڻ کي لافاني سمجهين ٿو؟ ڇا تو وٽ اهڙو ناقابل ترديد دستاويز آهي جنهن ۾ توکي اها خاطري ڪرائي وئي هجي ته تون ايندڙ سال يا سڀاڻي زنده هوندين؟ تون ايترو بيزار ڇو ٿو ٿئين تو کي اها خوشفهمي ته نه آهي ته تون سدائين جيئرو هوندين. پوءِ به تون خواهش رکين ٿو ته هن دنيا ۾ تو کي دائمي خوشيون گهرجن. جيڪڏهن تنهنجي سمجهه ۾ اها ڳالهه اچي وئي آهي ته هتي تون مهمان آهين ۽ هتان تو کي هٿين خالي واپس وڃڻو پوندو ته پوءِ سچي دنيا جي دائمي زندگيءَ لاءِ ڪجهه بندوبست ڪر. پنهنجي 24 ڪلاڪن جي ڏينهن مان رڳو هڪ ڪلاڪ عبادت جي لاءِ ڪڍ. پنج وقت نماز لاءِ مجموعي طور هڪ ڪلاڪ جيترو وقت ئي لڳندو. اهو هڪ ڪلاڪ توکي قادر مطلق جي ٻاجهه، رحمت ۽ نعمت جو حقدار بڻائيندو. هيءَ بيزاري ۽ غفلت ڇڏي ڏي.
[b]ٻي تنبيهه
[/b]اي منهنجا پيٽ جي پوڄا ڪندڙ وجود! هر روز تون کاڌو کائين ٿو، پاڻي پئين ٿو، ڇا ان مان ڪڏهن تو کي ڪا بيزاري ٿي آهي؟ پڪ سان ڪانه ٿي هوندي، ڇو ته ضرورت وقت اهي شيون استعمال ڪرڻ سان پيٽ ڀرجي وڃي ٿو ۽ جسم کي راحت ملي ٿي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ ٿورو ان تي به غور ڪر ته تنهنجي دل، دماغ ۽ روح کي به غذا جي ضرورت آهي، اها غذا سڪون فراهم ڪري ٿو ۽ سڪون عبادت کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي. خوراڪ، پاڻي، زندگي، دوست، مٽ مائٽ ۽ نظارا سڀ نعمتون آهن ۽ اهي نعمتون بنا ڪنهن معاوضي جي فراهم ڪندڙ هڪ ئي ذات آهي سو ان هستيءِ جو به ته شڪرگذار ٿي. اهو احسان تمام آساني سان مڃي سگهجي ٿو بس رڳو پنج وقت نماز سان ادا ٿي وڃي ٿو. ازل کان ابد تائين رهندڙ ذات توکي اهي نعمتون فراهم ڪندي نٿي ٿڪجي ۽ تون رڳو پنج وقت نماز تي بيزار ٿي پوين ٿو. هن فاني دنيا ۾ ملندڙ راحتن تي به نظر وجهه ۽ ابدي زندگيءَ جي سکن تي به غور ڪر، ڪجهه ان ابدي زندگيءَ جو سامان به پاڻ سان کڻ.
[b]ٽئين تنبيهه
[/b]اي منهنجا بي صبر وجود! ڇا تون اهو طئه ڪري چڪو آهين ته عبادت ۾ تڪليف ۽ پريشاني آهي، عبادت هڪ قدرتي آفت آهي جيڪا تو کي بيزار ۽ پريشان ڪري ٿي ۽ ان جي ڪري تون ايڏي بي صبريءَ جو مظاهرو ڪرين ٿو؟ تنهنجي اها بي صبري بلڪل اهڙي جرنيل جهڙي آهي جنهن وٽ دشمن کان بهتر لشڪر ۽ هٿيار ته آهن پر هن وٽ جنگ لاءِ ڪابه بهتر حڪمت عملي نه آهي ۽ نتيجي ۾ دشمن محدود وسيلن باوجود مٿس حاوي ٿي وڃي ٿو.
ها اهو ياد رک ته ڪالهه جي تڪليفن جي اڄ جي رحمتن سان ڪابه ڀيٽ نه آهي، جڏهن راحتون ملن ٿيون ته تڪليفون ياد به نٿيون رهن. اڄ جيڪڏهن ٿوري تڪليف ڪري عبادت ڪندين ته سڀاڻي ان جي عيوض بيشمار نعمتون به ملنديون. سو معمولي تڪليفون ڏسي بيزار نه ٿي پر اڳتي جي راحتن تي به ڪجهه نظر وجهه. رڳو اڄ جي پنهنجي بک ۽ اڃ کي نظر ۾ نه رک پر ڪجهه مستقبل جو به ڌيان رک. پاڻ کي اهو اطمينان ڏيار ته اڄ جيڪڏهن رڳو هڪ ڪلاڪ آئون پنهنجي مرضي ۽ منشا سان عبادت جهڙي نيڪ عمل لاءِ خرچ ڪندس ته مستقبل ۾ ان جي عيوض تمام گهڻين نعمتن جو حقدار بڻجندس.
سو اي منهنجا بي صبر وجود! ٽن ڳالهين ۾ صبر کان ڪم وٺ. هڪ ته صبر سان عبادت ڪر، ٻيو ته گناهن کان بچڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺ ۽ ٽيون ته ڪنهن به اوچتي آفت يا ڏکئي وقت تي صبر کان ڪم وٺ. جيڪڏهن تون کي ٿورو به عقل آهي ته خاص طور تي هن ٽئين تنبيهه تي ضرور ڌيان ڏي. صابر ۽ شاڪر بڻجي رهه ڇو ته اها به هڪ قسم جي عبادت ئي آهي.
[b]چوٿين تنبيهه
[/b]اي منهنجا بيوقوف وجود! ڇا هن عبادت کي بيڪار عمل سمجهين ٿو ۽ تون ان گمان جو شڪار آهين ته ان جي ڪري تون پريشان ٿيندين؟ ياد رک ته جيڪڏهن ڪو شخص توکي انتهائي معمولي رقم ڏئي ان جي عيوض ڪم لاءِ چوي ٿو ته تون شام تائين ان ڪم ۾ لڳو پيو هوندو آهين ۽ ڪابه ڪوتاهي نه ڪندو آهين. ڇا تون عبادت کي بلڪل بيڪار شيءِ سمجهين ٿو؟ پر ايئن نه آهي. هيءَ دنيا هڪ سراءِ آهي ۽ تون ان ۾ مهمان آهين، مهمان ٿي رهو ۽ مالڪ جي حڪم تي ڌيان ڏي. عبادت رڳو سر جهڪائڻ جو نالو نه آهي پر پنهنجي پاڻ کي ڪجهه گهڙين لاءِ مڪمل طور تي مالڪ جي حوالي ڪرڻو پوي ٿو ۽ ان جي بدلي هتي ته توهان کي بي پناهه سڪون ملي ٿو پر اڳتي جي سفر ۾ به آساني رهي ٿي. پنهنجي عمل سان پنهنجي سيرت کي سنوار ڇاڪاڻ ته اهو طئه آهي ته توکي آخرت ۾ پلصراط تان لنگهڻو آهي ۽ ان ۾ رڳو نيڪ سيرت ۽ نيڪ عمل ئي توهان جو ساٿ ڏئي سگهندا. رڳو ڪجهه هزار سڪن جي عيوض تون سئو ڏينهن لاءِ ڪم تي راضي ٿي وڃين ٿو ۽ دائمي زندگيءَ جي هر سهولت لاءِ رڳو ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ به ڪم ڪرڻ لاءِ راضي نٿو ٿئين ته پوءِ ياد رک ته پنهنجي پاڻ کي ان عمل سان سزا جو حقدار بڻائين ٿو. ڪو معمولي عنايت به ڪري ٿو ته ان لاءِ تون شڪرگذار بڻجي وڃين ٿو پر پنهنجي مالڪ جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهين. اها بيوقوفي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. نوراني زندگيءَ جو مزو جهنم ۾ نه پر جنت ۾ آهي ۽ جنت جو سک بيزاريءَ ۾ نه پر عبادت ۾ آهي.
[b]پنجين تنبيهه
[/b]اي دنيا جا ديوانا منهنجا وجود! ڇا نماز ۾ ڪوتاهي ۽ مقرر پنج وقت نماز جي ادئيگيءَ ۾ ڪوتاهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته تون دنيا جو مال ميڙڻ ۾ مصروف آهين ۽ تو وٽ نماز جي لاءِ وقت نه آهي؟ ڇا تو کي رڳو ان لاءِ خلقيو ويو آهي ته تون پنهنجو سمورو وقت دنياوي مصروفيتن ۾ گذاري ڇڏين؟ تون ڄاڻين ٿو ته تون اشرف المخلوقات آهين پر پنهنجي سموري طاقت لڳائڻ جي باوجود تون رڳو جهرڪيءَ تائين پهچڻ ۾ به ناڪام آهين. ان ڪري تون اهو ڇو نٿو سمجهين ته تنهنجو ڪم رڳو جانور وانگر مشقت ڪرڻ نه آهي. تون پنهنجي زندگي اهڙيءَ طرح گذار جو محسوس ٿئي ته تون انسان آهين. خدا جي موجودگيءَ جو صرف زبان سان اقرار ڪرڻ ئي ڪافي نه هوندو آهي پر ان جو عملي مظاهرو به ڪرڻو پوي ٿو. عبادت خدا جي موجودگي ۽ بندگيءَ بهترين عملي مظاهرو آهي. اهم شين کي ڇڏي غير اهم شين جي پٺيان ايئن ڊوڙين ٿو ڄڻ تون هتي هزار سالن جي زندگيءَ جو پروانو وٺي آيو هجين. آمريڪا ۾ گهڻا ڪڪڙ آهن يا زحل جي چوڌاري ڪيترا دائرا آهن؟ اهڙين ڳالهين جي پٺيان ايئن ٿو ڀڄين ڄڻ توکي فلڪيات يا شماريات جو ماهر ٿيڻو هجي.
جيڪڏهن اهو چوين ٿو: “جيڪڏهن اهو چوڻ چاهين ٿو ته توکي عبادت کان روڪيندڙ يا ڪوتاهيءَ تي مجبور ڪندڙ شيون غير اهم نه آهن پر انهن جي پنهنجي هڪ اهميت آهي جيئن روزگار ضروري آهي.” ته پوءِ منهنجي تو کي اها گذارش آهي ته جيڪڏهن تون ڪنهن وٽ سئو رپيا تاريخ تي ڪم ڪرين ٿو ۽ ڪو ماڻهو اچي توکي چوي ٿو “اچ هتي اچي کوٽائي ڪر ۽ ڏهن منٽن جي کوٽائي ڪرڻ سان توکي هتان هيرا ملندا جن جي قيمت لکين رپيا هوندي.” ته ڇا ان وقت به تنهنجو جواب اهو ئي هوندو “نه، آئون ايئن نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته ان سان منهنجي تاريخ مان ڪجهه رپيا گهٽجي ويندا ۽ اهي رپيا مون لاءِ وڌيڪ اهم آهن.” بيشڪ اهو تون به سمجهين ٿو ته ايئن ڪرڻ بيوقوفي هوندي. بلڪل ان ئي طريقي سان تون زندگيءَ جي هن خالي زمين تي خوبصورت باغيچو لڳائي سگهين ٿو ۽ ان لاءِ توکي نه ڪا گهڻي محنت ڪرڻي پوندي ۽ نه ئي ان سان تنهنجي آمدني گهٽبي. اهو اهڙو باغيچو هوندو جيڪو تو سان آخرت تائين گڏجي هلندو ۽ مسلسل ڦل به ڏيندو رهندو. دنيا جي باقي سموري دولت هتي ئي رهندي ۽ تو سان گڏ ان مان ڪجهه به نه هلندو. جيڪڏهن تون پنهنجي زندگيءَ جي اڱڻ ۾ اهڙو باغيچو لڳائڻ لاءِ ٿوري به محنت ڪندين ته تون روحاني دولت جي ٻن کاڻين جو مالڪ بڻجي ويندين جيڪي تنهنجي دنياوي زندگيءَ کي پرسڪون بڻائينديون، تنهنجي وجود کي پرسڪون بڻائينديون ۽ ان جو ڪجهه تفصيل هتي ڏجي ٿو.
پهرين کاڻ: نيت جي آهي. نيت نيڪ هوندي هوندي ته ان باغ جو هر وڻ، گل، ڦل ۽ ٻوٽو تنهنجي ساراهه ڪندو ۽ ان ۾ مسلسل واڌ پئي ٿيندي.
ٻي کاڻ: اها زڪوات جي کاڻ آهي. تنهنجي ان ڪمائيءَ مان جيڪو به جانورن يا انسانن جي ڪم ايندو سو ضايع نه ويندو پر تنهنجي ڪمائيءَ ۾ واڌاري جو سبب بڻجندو. اها اهڙي ڪمائي هوندي جنهن کي ڪنهن به چور يا ڌاڙيل جو ڪوبه خوف نه هوندو. تون نيڪ ارادي سان جيڪو به خرچ ڪندو ويندين ته تو کي پاڻ محسوس ٿيندو ته حقيقي مالڪ تنهنجي دولت ۾ ڪيئن وڌارو ڪري ٿو.
هاڻي ڏس ته نماز پڙهڻ کان انڪار ڪندڙ پنهنجو ڪيڏو نقصان ڪري ٿو. هو هڪ اهڙي دولت کان پنهنجي پاڻ کي محروم ڪري ٿو جيڪا اڻ کُٽ آهي ۽ ان سان هن کي ٻيو وڏو نقصان اهو ٿئي ٿو ته هو اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جڏهن ٻڍاپي کي پهچندو ته پوءِ چوندو “ان مان مون کي ڪهڙو فائدو ٿيو، هاڻي ته سڀ ڪجهه اتي ئي ڇڏي مون کي اڳين دنيا جو سفر ڪرڻو آهي ته پوءِ مون ان لاءِ ايتري محنت ئي ڇو ڪئي؟” هو پنهنجو پاڻ کي انتهائي بيوس محسوس ڪندو. پر عبادت ڪندڙ شخص چوندو “ها مون کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ عبادت ڪرڻ گهرجي ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ گهرجن ته منهنجي قبر ڪشادي ٿئي ۽ آخرت ۾ فائدو پهچي.”
مختصر اهو: اي منهنجا وجود! پڪ ڄاڻ ته گذريل وقت ته موٽي نه ايندو پر پنهنجي حال ۽ مستقبل جا ڪجهه پل اڃا به تو وٽ موجود آهن ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ته وقت اڃا ويو نه آهي. تون پنهنجي اڄ جو بهتر استعمال شروع ڪري ڇڏ. سو پنهنجي زندگيءَ جون ڪجهه گهڙيون مسجد ۽ مصلي تي گذارڻ شروع ڪري ڇڏ. اها آخرت آجي ڪرڻ لاءِ بهترين مُوڙي ۽ بهترين سيڙپ آهي. اهو به ياد رک ته تو سميت هر ڪنهن لاءِ نئون ڏينهن ڄڻ هڪ نئون دروازو آهي جيڪو نئين دنيا ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جيڪڏهن نماز ادا نه ڪندا ته ان ڏينهن جي توهان جي نئين دنيا اونداهي ٿي ويندي ۽ آخرت جي ڏينهن تي توهان جي خلاف گواهي ڏيندي. هر ڪنهن شخص جي لاءِ هر ڏينهن هڪ نئين دنيا آهي جيڪا سندس دل ۽ عمل مطابق ئي جنم وٺي ٿي. جيئن آرسي جهڙو رنگ هوندو تهڙو ئي ڏيکاري ٿي تيئن توهان جي هر ڏينهن جو رنگ به توهان جي عمل مطابق ئي هوندو. جيڪڏهن توهان نماز نه پڙهندا ته توهان جي ان ڏينهن جو رنگ ڪارو ئي هوندو ۽ اهڙو ئي نظر ايندو. هاڻي اهو توهان تي ڇڏيل آهي ته توهان ڇا ٿا چاهيو ته توهان جو ڏينهن توهان جي حق ۾ گواهي ڏي يا توهان جي خلاف شاهدي ڏي. اهو توهان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي.
توهان جا عمل چڱا هوندا ته مالڪ ايترو مهربان ضرور آهي ته توهان جي ڪنهن عمل جي ڪري توهان جي ان ڏينهن واري دنيا کي روشن ڪري ڇڏي. اهو به ياد رکو ته نماز نسورو نور آهي ۽ جڏهن اهو نور پنهنجو جلوو ڏيکاري ٿو ته پوءِ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا ان جي تجليءَ جو مقابلو ڪري سگهي. سو عقلمند بڻجو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ مختصر حصو نماز جي ادائيگيءَ لاءِ وقف ڪريو.
هوشيار ٿيو، اهو نه چئو: “نماز جا آداب ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي نماز جي ڪهڙي اهميت رهندي؟” اهو نه سمجهو ته توهان جي نماز جي ڪابه حيثيت نه آهي ڇاڪاڻ ته عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. پنهن جي نماز کي کجور جي سڪل ککڙي نه سمجهو پر ان کي ڦل ڏيندڙ وڻ سمجهو. اهو سچ آهي ته ڪنهن وليءَ جي نماز ۽ اسان جهڙن عام ماڻهن جي نماز ۾ فرق آهي پر اهو به سچ آهي ته بي خبريءَ ۾ سهي پر اسان جون پڙهيل نيڪ نيت سان نمازون نور جي تجليءَ وانگر آهن. ها حقيقت ڏاڍي پراسرار آهي ۽ نماز جي ادائيگيءَ جا طريقا به مختلف آهن پر انهن طريقن جي ڀيٽ ۾ نيت جي اهميت وڌيڪ آهي ۽ درست طريقي سان ادا ڪيل نماز جو مرتبو وڌيڪ آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اسان جي نمازن جي ڪا اهميت نه هوندي. جيئن هڪجهڙو ئي ڦل ڏيندڙ وڻن جي قد ۽ ميوي جي وزن ۾ فرق ٿئي ٿو تيئن اسان جي نمازن ۾ به اهو ئي فرق هوندو. باقي ان جي ڦل جو ميٺاڄ اهوئي ساڳيو هوندو.
اي خدا اسان تي پنهنجون رحمتون ۽ نعمتون نازل فرما ۽ اسان کي پياري پيغمبر ﷺ جن جي ان هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرما “پنج وقت نماز توهان تي فرض آهي ۽ نماز دين جو ٿنڀ آهي.”
[b]1. نماز تي هڪ نظر
[/b]الله ﷻ جو فرمان آهي “توهان سجدي ۾ ڇا ٿا ڪريو الله ان کان آگاهه آهي.” اسان کي پنهنجي نبي ﷺ جن جي پيروي ڪرڻي آهي ۽ سندن سنت مطابق نماز ادا ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ پاڻ سڳورن نماز جي ادائيگيءَ جي طريقن کان به اسان کي بخوبي آگاهه ڪيو آهي. اسان کي سندن ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي. ڪجهه به هجي پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اسين نماز پڙهڻ ڇڏي ڏيون يا وري پاڻ کي رڳو نماز تائين محدود ڪري ڇڏيون. اسان کي نماز جي ادائيگي ۽ بندگيءَ جي اصل مطلب ۽ مقصد کان به ضرور آگاهه رهڻ گهرجي. نماز جو مطلب پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي خدا جي حوالي ڪري ڇڏڻ آهي ۽ خشوع ۽ خضوع سان نماز پڙهڻ کپي. اها حقيقت آهي ته اسان جي نماز نبين ۽ ولين جي عبادت جيتري مقبوليت نه ماڻي سگهندي پر اهو ضرور آهي ته نيڪ نيت سان پڙهيل نماز کي به مقبوليت ملندي. بيشڪ خدا دلين جو مالڪ آهي ۽ اسان جي هر سوچ ۽ هر خيال کان چڱيءَ ريت واقف آهي.
بندگي
آئون سمجهان ٿو ته هن ڪائنات ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم بندگي آهي. انجڻ تيار ڪرڻ، ڪمپيوٽر جي ايجاد يا خلا ۾ شٽل موڪلڻ اهي سڀ ڪم بندگيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام آسان آهن. سمجهان ٿو ته ان سان توهان کي تڪليف ٿيندي پر پوءِ به اهو ضرور چوندس ته بندگي ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانهي. رڳو ان وقت جڏهن توهان پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي خدا جي حوالي ڪري ڇڏيو تڏهن ئي توهان کي ان جي حسن جي خبر پوندي ۽ توهان جي اندر مان بي اختيار اهو آواز ايندو “اي منهنجا مالڪ! آئون تنهنجي پناهه ۾ اچڻ چاهيان ٿو، اسان کي پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪر ۽ نبي ﷺ جن جي امت ۾ قبول ڪرڻ فرما.”
اڪائونٽنٽ بڻجو
جيڪي ماڻهو پئسي ڪمائڻ جو شوق رکن ٿا سي منهنجي ان ڳالهه سان ضرور اتفاق ڪندا ته اڪائونٽنٽ کي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو آهي. اسان کي به هر روز پنهنجي نيڪين ۽ عبادتن جو حساب ضرور لڳائڻ گهرجي. ايمان واري جي روزاني حساب ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه هوندي ۽ اهوئي عمل کين قيامت جي ڏهاڙي ڪم ايندو، جڏهن هر ڪو پنهنجي عمل جو مڪمل طورتي ذميوار هوندو.
[b]هُو جيڪي نماز پڙهڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا
[/b]مون کي اهڙن ماڻهن تي انتهائي افسوس آهي جيڪي نماز جي ادائيگيءَ ۾ تمام گهڻي تڪڙ ڪن ٿا ته جيئن هو تڪڙو وڃي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳن. اهڙن ماڻهن کان الله ﷻ اهو پڇي سگهي ٿو “مون توکي هر شيءِ عطا ڪئي ۽ جواب ۾ تو منهنجا ٿورا ان انداز ۾ مڃيا. ڇا نماز جي ادائيگيءَ جو اهو ئي طريقو آهي؟” مون کي حيرت آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪو سوال ٿيو ته پوءِ اسان وٽ ان جو جواب ڇا هوندو.
[b]ٻي عادت
[/b]پرهيزگاري اسان جي ڪردار جو حصو هجڻ گهرجي ۽ ان کي عبادت کان پوءِ ٻئي نمبر تي پنهنجي عادت بڻائڻ گهرجي. مثال جي طورتي جيڪڏهن رڪعتون نفل پڙهون ٿا ته ڪجهه وقت کان پوءِ اسان اهي وڌائي چار رڪعتون ڪرڻ گهرجي. آهستي آهستي اها اسان جي عادت بڻجي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اسان کان ان جي ادائيگي رهجي وڃي ته اسان کي خدا جي آڏو ٻاڏائڻ گهرجي ته يا خدا اڄ مون کان وڏي غلطي ٿي آهي معافي جو طلبگار آهيان. ان طريقي سان اسان جون ڳجهيون صلاحيتون ظاهر ٿينديون. جيڪي اسان جي اندر ۾ موجود ته آهن پر اسان کي ڪڏهن انهن جو احساس ئي نه ٿيو آهي. انهن جي مدد سان اسين نفساني خواهشن کان به محفوظ رهنداسين.
[b]نماز جا ٽي اهم عنصر
[/b]نماز کي اسان جي زندگيءَ ۾ اوليت حاصل هجڻ گهرجي. قيام، رڪوع، قرئت ۽ سجدو نماز جا اهم حصا آهن. بهرحال انهن سڀني کان اهم نيت ۽ مڪمل عاجزيءَ سان خدا جي حضور حاضر ٿيڻ آهي. جيئن جسم کي خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي تيئن روح جي غذا عبادت آهي. نماز کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو. نماز کي ڪڏهن به پاڻ تي بوجهه نه سمجهو.
نماز جو ٻيو سڀ کان اهم حصو ڌيان آهي. اسين جڏهن ورزش جي لاءِ جِم ۾ وڃون ٿا ته ان وقت اسان جو سمورو ڌيان ورزش تي هوندو آهي. نماز وقت به اسان کي اهڙي ڌيان ۽ يڪسوئيءَ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته نماز اسان جي روح ۽ وجود کي پاڪ ڪري ٿي ۽ اها پاڪائي يڪسوئيءَ سان ملي ٿي. نماز وقت اسان کي دنياوي جنجهٽن کان بلڪل پري هجڻ گهرجي ته جيئن عبادت جو اصل مقصد پورو ٿي سگهي.
وڌيڪ اهو به اهم آهي ته اسان کي نماز پڙهڻ ۾ ڪنهن جو به نقل نه ڪرڻ گهرجي. ممڪن آهي ته ٻيا نماز وقت لوڻا هڻندا هجن يا سندن ٻانهون کليل هجن پر ان سان اسان جو ڪو به واسطو نه هجڻ گهرجي. هر ڪو پنهنجي عبادت جو خود ذميوار آهي. اسين پنهنجي عمل جا ذميوار پاڻ هونداسين ۽ ٻيا پنهنجي عمل جا ذميوار پاڻ هوندا. مقصد هر ڪنهن جو خدا جي عبادت آهي. اسان کي ٻين جي طور طريقن بابت پاڻ منصف بڻجي فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ڪنهن تي شڪ ڪرڻ گهرجي. هڪ ڳالهه چڱيءَ طرح پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته توهان منصف نه آهيو.
روزمرهه جا مسئلا به اسان لاءِ اهميت رکن ٿا ۽ اهو ممڪن آهي ته اهي اسان جي نماز کي به متاثر ڪن. بهرحال صورتحال ڪجهه به هجي اسان کي پنهنجي قوت ارادي سان ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نماز ادا ڪرڻ گهرجي. اهو سچ آهي ته پريشانين مان مڪمل طور آجو ٿيڻ ڏکيو آهي پر جيڪڏهن مسلسل ڪوشش جاري رکجي ته اهو سڀڪجهه ممڪن آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ توهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ حائل ٿئي ته پنهنجي مالڪ کان مدد گهرو “يا خدا آئون صرف تنهنجي رضامندي چاهيان ٿو ۽ تنهنجو فرمانبردار ٻانهو بڻجڻ چاهيان ٿو.” بيشڪ خدا اسان جي مدد ڪرڻ وارو آهي.
آخر ۾ اهو ته هر ڪنهن جي نماز جو مقام ٻئي کان مختلف هوندو آهي ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن جو روحاني مقام ٻئي کان مختلف هوندو آهي. اسان کي صرف اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسين پنهن جي مالڪ جي بندگي ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اها بهتر کان بهتر انداز ۾ ڪريون. هر حال ۾ اسان جي منشا رڳو مالڪ جي خوشنودي هجڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته هر وقت خدا کان مدد ۽ رهنمائي جا طالب رهون.
[b]نماز عبادت جو سڀ کان اهم قسم آهي
[/b]مسلمانن کي نماز کي سڀ کان گهڻي اهميت ڏيڻ گهرجي. ان جو سبب اهو آهي ته روز محشر اسان کي سڀ کان اڳ ۾ نماز جو حساب ڏيڻو پوندو. ان جو مطلب اهو نه آهي ته ڪو ٻيا گناهه گهڻا اهم نه آهن. اها حقيقت آهي ته نماز اسان کي تمام گهڻن گناهن کان بچائي ٿي. توهان اڪثر ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو هوندو “فلاڻو شخص تمام ڀلو آهي پر هو نماز نٿو پڙهي.” بهر حال اها سوچ غلط آهي.
جيڪڏهن ڪو شخص نماز پڙهڻ کي اهميت نٿو ڏي ته پڪ ڄاڻو ته هو پنهنجي زندگي اجائي وڃائي رهيو آهي. نماز جي ڀيٽ ۾ روزو عبادت جو آسان رڪن آهي. حج به ايئن ئي آهي. حج اسان جي روح ۾ عبادت جا ڳڻ ۽ خوشيون ڀري ٿو. سفر جو مزو فراهم ڪري ٿو. جيڪي نماز نٿا پڙهن سي ڄڻ ٻٽا معيار رکندڙ هجن ۽ اڪثر عالمن ان کي منافقي به قرار ڏنو آهي.
پنهنجي مالڪ جي ڏينهن ۾ پنج وقت بندگي اسان جو روحاني مقام وڌائي ٿي. بيشڪ ان جو تعلق عاجزي ۽ انڪساريءَ سان به آهي. نماز کي غير اهم نه سمجهو، جيڪو ڏينهن نماز کان سواءِ گذري ٿو سو ڄڻ ڪفر ۾ گذري ٿو. نماز جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته معراج جي وقت به نماز موجود هئي. هر ڪنهن جو پنهنجو خيال آهي ۽ منهنجي خيال ۾ نماز جي ادائيگيءَ کان سواءِ معراج ممڪن نه هجي ها.
[b]نماز ۽ قرابت
[/b]نماز هڪ اهڙي سواري آهي جيڪا بندي کي خدا جي قريب تر ڪري ٿي. اها حقيقت آهي ته نماز قرابت جو سڀ کان اهم وسيلو آهي. ٻئي پاسي سُستي هڪ بيماري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص مسلسل سُستي محسوس ڪري ٿو کيس آرام نٿو اچي ته پڪ ڄاڻو ته هُو خطرناڪ بيماريءَ جو شڪار آهي.
[b]نماز وقت دنياوي سوچون
[/b]سوال: اسين نماز وقت اڪثر دنياوي سوچن جو شڪار رهون ٿا. ڇا اهڙي حالت ۾ اسان جي نماز قبول پوندي؟
جواب: توڙي جو حڪم جي پيروي ڪئي ۽ ان جو اسان کي اجورو به ملندو پر ان نماز کي اعليٰ مقام حاصل نه هوندو. جيڪي مڪمل يڪسوئيءَ سان نماز ادا ڪن ٿا تن کي خدا ڪجهه وڌيڪ نعمتن سان سرفراز ڪري ٿو.
ان جي ڪري اهو ضروري آهي ته اسان کي نماز وقت روحاني طور مڪمل عاجزيءَ سان خدا جي حضور حاضر رهڻ گهرجي. بدقسمتيءَ سان اسان جي نفسيات ڪجهه اهڙي آهي جو اسين مڪمل طور دنياوي مسئلن کان آجپو حاصل ڪري نٿا سگهون پر مسلسل ڪوشش سان انهن کي انتهائي گهٽ سطح تي آڻي سگهون ٿا. اسان کي اهڙي ڪوشش هروقت ڪندو رهڻ گهرجي.
[b]نماز گناهن جو ڪفارو آهي
[/b]نماز جيڪڏهن درست انداز ۾ ادا ڪئي وڃي ته اها گناهن کي ڌوئي ڇڏي ٿي. جيڪڏهن ڪو پنهنجي گناهن تي نادم هجي ۽ مڪمل ندامت سان نماز ادا ڪري ته سندس گناهه معاف ٿي سگهن ٿا. بيشڪ خدا نيتن جو مالڪ آهي. نماز جي ادائيگي لاءِ ان جا سمورا لوازمات پورا هجڻ گهرجن.
قيام کان سجدي تائين نماز جو هر رڪن درست انداز ۾ ادا ڪيو وڃي ته نماز گناهن کي ڌوئي سگهي ٿي. ان ڪري اهو بهتر هوندو نماز جي ادائيگيءَ ۾ ڪو نقص نه هجي. هر قسم جي ڪفاري کي نماز نٿو چئي سگهجي پر هر نماز ڪفارو بڻجي سگهي ٿي. توڙي جو گناهن جو ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص نماز جو ذڪر نٿو ملي پر اهو سچ آهي ته عام نماز کي گناهن جو ڪفارو قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهڙيون ڪافي حديثون به موجود آهن. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته نماز جي ڪيتري اهميت ۽ طاقت آهي. ان ڪري لازم بڻجي وڃي ٿو ته نماز صحيح طريقي سان ادا ڪئي وڃي.
ان سلسلي ۾ هتي هڪ اهم وضاحت پيش ڪجي ٿي. اهڙيون ڪيتريو ئي حديثون موجود آهن ته الله پاڪ چاهي ته نماز وقت سمورا گناهه معاف ڪري سگهي ٿو. سچ اهو به آهي گناهه جو احساس اسان کي سڄو ڏينهن پريشان ڪري ٿو سو جيڪڏهن وقت تي نماز ادا ڪجي ته ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڏسو ته سهي اسان کي ڪيڏي سهولت نماز جي شڪل ۾ مهيا ڪئي وئي آهي. ها ڪجهه نمازن کي خاص اهميت ضرور حاصل آهي جيئن رمضان ۾ شب قدر ۽ جمعي جي نماز جو الڳ مرتبو آهي. مالڪ رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار آهي رڳو اسين نيت ڪريون ته اهي سڀ حاصل ڪري سگهون ٿا.
[b]سجدو[/b]
سجدو اهو مقام آهي جتي اسين پنهنجي سموري انا، هٺ ۽ غرور ڇڏي پنهنجي مالڪ جي اڳيان سر جهڪايون ٿا ۽ سندس پناهه جا طلبگار بڻجون ٿا. اهوئي تصور قيام جو به آهي پر سجدو انسان کي مالڪ جي انتهائي قريب تر ڪريو ڇڏي. حديثن ۾ آيل آهي “سجدو الله پاڪ جي ويجهو ترين ٿيڻ جو هنڌ آهي.” اهوئي سبب هو جو ملائڪن کي حڪم مليو ته هو آدم کي سجدو ڪن، ته جيئن هو آدم کي وڌيڪ ويجها ٿي سگهن. سجدو مالڪ کي اسين ڪنهن به وقت ڪري سگهون ٿا پر انسان لاءِ ڪنهن غير خدا کي سجدو ڪرڻ بدعت آهي.
[b]تهجد
[/b]جيڪي پنهنجي راتين کي تهجد سان روشن ڪن ٿا الله پاڪ تن جي زندگي نور سان روشن ڪري ڇڏي ٿو ۽ قيامت جي ڏهاڙي سندن چهرا نور سان معمور هوندا. تهجد قبر واري زندگيءَ لاءِ هڪ بهترين روشني آهي. اها اسان کي قبر جي عذاب کان محفوظ رکي ٿي. تهجد دائمي زندگيءَ کي پُرنور بڻائڻ جو هڪ وسيلو آهي. تهجد کي ٻن رڪعتن کان اٺ رڪعتن تائين وڌائي سگهجي ٿو.
بخاري ۽ مسلم ۾ آيل حديث مطابق، ابن عمر خواب ۾ ڏٺو ته کيس تمام سگهارن ۽ عجيب شڪل وارن ٻن ماڻهن پڪڙي ورتو آهي. هُو کيس هڪ اهڙي کاهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهارين ٿا جنهن ۾ هيٺ تمام خطرناڪ باهه ٻري رهي آهي. هو کيس ان ۾ اڇلائڻ جو ارادو ڪن ٿا ۽ ابن عمر اهو منظر ڏسي ڊڄي وڃي ٿو. ان وقت انهن ٻنهي مان هڪ چوي ٿو “خوف نه ڪر ..... اها باهه توکي ڪجهه به نه ڪندي.” ان خواب جو ابن عمر جي ڀيڻ پاڻ سڳورن سان ذڪر ڪيو ته فرمايائون “ابن عمر تمام نيڪ شخص آهي. منهنجي خواهش آهي ته هو تهجد به پڙهي.” پاڻ خواب جي تعبير ڪندي فرمايائون ته الله پاڪ خواب ۾ ابن عمر کي جهنم جو نظارو ڏيکاريو هو. اها هڪ قسم جي تنبيهه آهي ته سندس زندگيءَ ۾ جنهن شيءِ جي ڪمي آهي سا پوري ڪري. پاڻ سڳورن ان ڪميءَ کي تهجد قرار ڏنو هو.
جنهن وقت هر ڪو پنهنجي بستري تي آرامي هوندو آهي ان وقت انتهائي عجز ۽ انڪسار سان ادا ڪيل ٻه رڪعتون نفل ۽ مصلي تي ڳڙي پيل ٻه ڳوڙها توهان کي نه رڳو شيطان کا محفوظ رکن ٿا پر توهان کي آخرت جي عذاب کان به بچائين ٿا. تهجد جي لطف کان رڳو اهي ئي آگاهه هوندا جيڪي تهجد پڙهن ٿا. جن جون راتيون روشن هونديون تن جا ڏينهن ته يقيني طور روشن هوندا.
[b]نماز، نماز ۽ نماز
[/b]نماز ڪا اهڙي غيراهم شيءِ نه آهي جيڪا اسين اجايو پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان جي لاءِ اهو سڀ کان اهم ڪم آهي جيڪو اسان کي هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي. نماز اسان ۾ نظم ۽ ضبط ۽ سنجيدگي پئدا ڪري ٿي. نماز ڪنهن به طور تي ملتوي يا ترڪ نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو عمل اسان جي هر دنياوي عمل کان وڌيڪ اهم آهي. نماز جي لاءِ هر شيءِ قربان ڪري سگهجي ٿي.
[b]هڪ ڀيرو ٻيهر نماز ..........
[/b]سوال: ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪم جو بهانو بڻائي نماز ترڪ ڪري ڇڏين ٿا. ان بابت توهان ڇا چوندا؟
جواب: ايمان هر شيءِ جو بڻياد آهي سو اسان کي ان معاملي کي به ان تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ايمان اسان جي زندگيءَ کي درست سمت عطا ڪري ٿو. صرف خدا تي ايمان آڻڻ سان ئي اسان جي دل کي حقيقي سڪون ملي سگهي ٿو. اهو سڪون فراهم ڪندڙ صرف خدا جي ذات آهي. ايمان اسان جي دل کي مڪمل سڪون فراهم ڪرڻ جي خاطري آهي. جيڪي خدا تي يقين نٿا رکن سي ڪنهن به طور مطمئن رهي نٿا سگهن. پهرين خدا تي ايمان ضروري آهي.
ان کان پوءِ نبي پاڪ ﷺ جن تي ايمان آڻڻ ضروري آهي. اهو اسان کي مستقبل جي غيريقيني ۽ اونداهه کان بچائي ٿو. اهو اسان جو ايمان آهي ته رڳو پاڻ سڳورن جو ئي وسيلو آهي جيڪو اسان کي دنيا کان ويندي آخرت تائين هر ڏکئي مرحلي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿو. حضرت محمد ڪريم ﷺ جن جي هستي ئي آهي جيڪا اسان جي تصور کان به وڌيڪ اسان جي مدد ڪندڙ آهي.
ملائڪن تي ايمان اسان جي لاءِ اهم آهي. جڏهن اسين بلڪل اڪيلا هوندا آهيون تڏهن ملائڪ ئي هوندا آهن جيڪي اسان جي حفاظت تي معمور هوندا آهن. ان سان گڏ ملائڪن جي اسان جي اڪيلائي ۾ موجودگيءَ جو مطلب اهو به آهي ته هو اسان جي هر عمل جا شاهد آهن. اهو تصور اسان کي گناهن کان پري ۽ نيڪين جي نزديڪ ڪري ٿو. اسين پنهن جي سوچن ۽ تنهائي وقت هر غلط عمل کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشس ڪريون ٿا. اهو به ايمان جو هڪ حصو آهي.
تقدير تي ايمان: اهو ايمان رکڻ ته هر ڏک، سک خدا جي طرفان آهي ۽ اهو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه لاهي نٿو سگهي. اسان جو صبر ۽ شڪر ئي آهي جيڪو الله تعاليٰ کي رحم ڪرڻ تي راضي ڪري سگهي ٿو.
موت کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان: ايمان هيءُ اهو اهم حصو آهي جيڪو اسان کي پنهنجي زندگيءَ تي ضابطو رکڻ ۽ گناهن کا پري رهڻ بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. جتي گناهن تي عذاب آهي اتي نيڪين تي نعمتون به آهن. اسين جيڪي پياري نبي ڪريم ﷺ جن کان پوءِ پئدا ٿيا آهيو تن کي سندن زيارت رڳو آخرت ۾ ئي نصيب ٿي سگهي ٿي پر ان جي لاءِ اسان کي نيڪ عمل ڪرڻا پوندا.
هاڻي ايمان جا اهي مختلف مرحلا آهن جيڪي اسان کي هڪ مقام عطا ڪن ٿا. اهي سڀ ايمان جا لازمي جز آهن جن کان پوءِ جيڪي به عمل آهن سي اسان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهن. هاڻي توڙي جو نماز اسان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي پر اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته نماز کان سواءِ ايمان مڪمل نٿو ٿئي.
اسين جيڪڏهن نماز ۾ تلاوت ڪئي ويندڙ سڀ کان اهم آيت يعني سوره فاتحه جي ڪجهه آيتن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نماز جي مڪمل اهميت جو به اندازو ٿي ويندو.
الحمدلله رب العالمين: سڀ ساراهه الله جي جيڪو عالم جو رب آهي. ائٽم کان ڪهڪشائن تائين هر شيءِ سندس قدرت سان قائم آهي ۽ اهو سمورو نظام هلائيندڙ سندس ئي ذات آهي. پوءِ اسين سندس رحمت کان مايوس ڇو ٿيون؟ بيشڪ الله پاڪ اسان کي هر اوڙاهه کان محفوظ رکڻ جي مڪمل قدرت رکي ٿو.
الرحمٰن الرحيم: هو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. کيس مڃيندڙن ۽ نه مڃندڙن لاءِ هڪ جيترو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. سندس رحمت سندس قهر کان وڌيڪ وسعت رکندڙ آهي. ته پوءِ اسين نا اميد ڇو ٿيون؟
مالڪ يوم الدين: هو ئي قيامت جي ڏهاڙي جو مالڪ آهي. اهو اهڙو ڏهاڙو آهي جڏهن هرشخص کي پنهنجي ننڍي توڙي وڏي عمل جو حساب ڏيڻو پوندو. جيڪي هنن زندگيءَ ۾ ڪمايو هوندو سو ان ڏينهن تي سندن سامهون هوندو پوءِ ڪي پنهنجي عملن تي خوش ته ڪي پشيمان هوندا. اسان سندس ٻاجهه جا طالب آهيون.
اياڪ نعبد و اياڪ نستعين: رڳو تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ رڳو تو کان ئي مدد گهرون ٿا. اسين قادرمطلق جي روبرو سر جهڪائي ادب سان بيهون ٿا. اسين تنهنجي دروازي تي فقير بڻجي آيا آهيون. اسين هتي اهو اعتراف ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسين تنهنجا ٻانها آهيون. تنهنجو ٻانهو ٿيڻ به هڪ اعزاز آهي. تون ئي اسان جو مالڪ ۽ مختيار آهين. تون ئي بادشاهن جو بادشاه آهين. اسين خوش نصيب آهيون جو اسين صرف تنهنجي اڳيان ئي جهڪون ٿا ۽ اسان کي ڪنهن ٻئي جي اڳيان جهڪڻو نٿو پوي. اسين ان هر شيءِ کان پناهه گهرون ٿا جيڪا توکي پسند نه آهي.
اسين حضرت يونس عليه السلام جي انهن لفظن تي ڳالهه ختم ڪرڻ چاهيون ٿا “جنت ڇا آهي؟ ڪجهه حورون ۽ چند جايون....اها جنت انهن کي ڏئي ڇڏ جيڪي ان جا طلبگار آهن. آئون ته مالڪ صرف تنهنجو ئي طلبگار آهيان.”
سورج مکيءَ جو گل هروقت سج جو سلامي رهي ٿو بلڪل اهڙيءَ طرح اسان کي به هر وقت پنهنجي خدا جي حضور حاضر رهڻ گهرجي ۽ ان جو سڀ کان بهتر طريقو نماز آهي. سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نماز شروع ٿئي ٿي جيڪا سج لهڻ کان پوءِ به جاري رهي ٿي ۽ سڀني نمازن جو مجموعي وقت ڪڍون ته رڳو هڪ ڪلاڪ پر سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان پوءِ به جاري رهندڙ آهي. ڪيڏي سهولت آهي. نماز نه پڙهي ته ڄڻ سج ئي نه اڀريو ۽ هر طرف اونداهه ئي رهي.
جيڪي پابنديءَ سان نماز پڙهن ٿا تن جي ڪاروبار جي نگراني خدا پاڻ ڪري ٿو ۽ ان ۾ برڪت وجهي ٿو. هو حرام ۽ مڪروهه شين کان پري رهن ٿا.
[b]2. تهجد جون برڪتون
[/b]هڪ نيڪ شخص هوندو هو جنهن ڪڏهن به نماز قضا نه ڪئي. هر رات پنهنجي گرم بستري مان اٿي تهجد به پابنديءَ سان پڙهندو هو. سندس زال به خدا جي نيڪ ٻانهي هئي ۽ نماز جي پابند هئي. هڪ ڏينهن هن پڇيو “ڇا عورتون به جنت ۾ وينديون؟”
نيڪ شخص وراڻيو “بلڪل، منهنجي پياري گهر واري، عورتون به جنت ۾ داخل ٿي سگهنديون.”
اهو جواب ٻڌي سندس گهر واري بيهوش ٿي وئي. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن کيس هوش آيو سندس مڙس کانئس پڇيو “تو کي ڪهڙي ڳالهه بيهوش ڪيو؟”
زال وراڻيو “اهو ٻڌي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ هينئر ئي سڌي جنت ۾ داخل ٿي وئي آهيان. ان ڪري بيهوش ٿي ويس.”
ان رات خواب ۾ ان عورت کي هڪ عاليشان محل ڏسڻ ۾ آيو. اهو محل ايڏو ته خوبصورت هو جو اها عورت اچرج ۾ پئجي وئي. هوءَ بي اختيار محل ڏانهن وڌڻ لڳي. اتي موجود هڪ شخص پڇيائين “ هيءُ محل ڪنهن جو آهي؟”
ان شخص وراڻيو “هيءُ محل انهن لاءِ آهي جيڪي اڌ رات جو اٿي تهجد نماز پڙهن ٿا. اهو الله جي نيڪ ٻانهن لاءِ آهي.”
ان ڏينهن کان وٺي هن عورت تهجد نماز پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي. هر وقت اهو چوندي رهندي هئي “اهو سڀ ڪجهه تهجد جي ڪري آهي.”
[b]3. نبي ڪنهن کي چون ٿا؟
[/b]الله ﷻ جو پيغام بندن تائين پهچائيندڙ کي نبي يا پيغمبر چئبو آهي. هن کي خدا کان هدايت مليل هوندي آهي. الله تعاليٰ پنهنجي بندن کان جيڪي ڪجهه ڪرائڻ چاهيندو آهي نبي ان جو نمونو هوندو آهي.
اسان کي آخر نبيءَ جي ضرورت ڇو پوي ٿي؟
نبي رهنما هوندا آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو انسان ذات جا اڳواڻ هوندا آهن. نه رڳو انسانن کي پر زمين تي رهندڙ ٻي مخلوق کي به رهنمائيءَ جي ضرورت پوندي آهي. اها هر ساهه واري جي ضرورت آهي. اچو ته ان سلسلي ۾ پهرين جانورن جي دنيا جو جائزو وٺون:
هر شيءِ کي رهنمائي جي ضرورت پوي ٿي ان ڪري جو هر شيءِ کي خلقڻ جو هڪ ڪارڻ آهي. فطرت ۾ ڪا به شيءِ بيڪار نه آهي. مثال طور:
وڏيون مڇيون پنهنجي ٻچن جي حفاظت لاءِ پاڻ خطرناڪ ٽڪرين واري پاسي هونديون آهن ته جيئن لهرن جي ڪري ٻچا ساڻن اچي ٽڪرائين. جبلن سان ٽڪرايا ته مري ويندا.
بگهڙ پنهنجو علائقي ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ ان جي سرحدن جي باقاعده حفاظت ڪندا آهن. ٻيو ڪو بگهڙ سندن علائقي ۾ اچي ته ان سان وڙهندا آهن.
جهنگلي گهوڙا پنجن يا ڇهن جي گروپ ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. جيڪڏهن هو ڪنهن ولر ۾ به شامل ٿي وڃن تڏهن به هڪٻئي کان ڌار نه ٿيندا آهن. جڏهن گروپ ۾ ڪو ٻچو پئدا ٿيندو آهي ته گروپ جو اڳواڻ ڪنهن به ميمبر اڳتي پوئتي ٿيڻ نه ڏيندو آهي ۽ تيستائين روڪيندو آهي جيستائين اهو اٿي هلڻ جهڙو نه ٿئي.
پکي به جڏهن هڪ علائقي کان ٻئي ڏانهن ويندا آهن ته هڪ رهنما جي پٺيان هلڻ پسند ڪندا آهن. اهي هزارين ميلن جو سفر ان رهبر جي پٺيان ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به راهه تان نه ڀٽڪندا آهن. عجيب ڳالهه اها آهي ته هو جڏهن اڪيلا هوندا آهن ڀٽڪي ويندا آهن. اهڙو هڪ تجربو ڪيو ويو جڏهن ڏکڻ آفريڪا ڏانهن هجرت ڪندڙ ٻگهه پکين مان هڪ کي پڪڙي رکيو ويو جڏهن ته ٻيا پنهنجي سفر تي روانا ٿي ويا. پڪڙيل ٻگهه پکيءَ جسم ۾ هڪ ننڍڙو ٽرانسميٽر لڳائڻ بعد پنجن ڏينهن کان پوءِ ڇڏيو ويو. هو پنهنجي منزل تي پهچي نه سگهيو ۽ ڀٽڪي ويو. اهو پکي ڏکڻ آفريڪا بدران هندستان مان مرده حالت ۾ مليو.
اهو خدا آهي جيڪو هر مخلوق جي ننڍي کان ننڍي گهرج به پوري ڪري ٿو. ڇا هن ڪڏهن انسان ذات جي ڪنهن وڏي کان وڏي گهرج پوري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي؟ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته ننڍي کان ننڍي مخلوق کي به ڪيتري رهنمائيءَ جي ضرورت آهي ۽ ان کي اها رهنمائي مڪمل طور فراهم ڪري ٿو، ته پوءِ اسين ڪيئن ٿا چئي سگهون ته هو انسان ذات کي وساري ڇڏيندو ۽ ڪا به رهنمائي فراهم نه ڪندو؟
رهنمائي هر مخلوق جي بنيادي يا فطري ضرورتن مان هڪ آهي. ان ڪري الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائيءَ لاءِ نبي ۽ پيغمبر موڪليا. جيڪڏهن الله تعاليٰ انسانن کي اها رهنمائي فراهم نه ڪري ها ته پوءِ آخرت ۾ پڇاڻو انصاف جي ڳالهه نه هجي ها ۽ خدا بهترين منصف آهي. بهترين رهنمائي فراهم ڪئي ۽ هر شيءِ تفصيل سان واضح ڪئي. اسان کي عقل ۽ هوش فراهم ڪيو ۽ هاڻي اسين پنهنجي هر غلط ڪم جي سزا جا حقدار آهيون.
[b]4. انسان ذات بنا ڪنهن پيغمبر جي
[/b]جيڪڏهن ڪو به نبي نه اچي ها ته هرڪو پنهنجي خواهشن ۽ جبلت مطابق جيئڻ چاهي ها. هرڪو پنهنجي عبادت جا طور طريقا پاڻ طئه ڪري ها، غور ڪريو ته ڪيتري بدنظمي هجي ها. ڪي عطا ڪيل نعمتن جي شڪراني طور ڏينهن رات عبادت ڪن ها ۽ روزا رکن ها، ڪي وري اجتماعي خودڪشيون ڪن ها ته جيئن جلد کان جلد جنت ۾ پهچي سگهن. ڪجهه کي وري اها خبر ئي نه هجي ها ته عبادت ڇا کي چئبو آهي. ڪجهه وري پئسي، مرتبي، جانورن، عورتن، وڻن ۽ ٻين شين جي عبادت ڪن ها. شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته الله پاڪ اسان جي رهنمائي لاءِ نبي موڪليا ۽ اسان کي مڪمل گمراهيءَ کان بچائي ورتو. ان رهنمائيءَ اسان کي مڪمل بدنظميءَ کان بچائي ورتو.
[b]5. نبوت
[/b]اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته الله تعاليٰ نبين جي چونڊ انسانن مان ئي ڪئي. ڪجهه ماڻهن انهن پيغمبرن جي پيروي ڪئي ۽ سندن چوڻ مطابق هلي پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ ۾ ڪامياب رهيا. انهن برداشت واري تهذيب جو بڻياد وڌو ۽ عظيم ڪاميابيون حاصل ڪيون. ٻين نبين جو چوڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو. هنن پنهنجي لاءِ ڪفر جو رستو منتخب ڪيو، انصاف کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ رڳو پنهنجا دنياوي مقصد حاصل ڪرڻ کي اهميت ڏني. اهڙن ماڻهن پنهنجي دنيا ۽ آخرت برباد ڪري ڇڏي ۽ عذاب جا حقدار بڻيا. اڄ کين ياد ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي.
نبين الله جي حڪم مطابق تبليغ ڪئي ۽ انسان ذات جي رهنمائي ڪئي. ماڻهن کي جائز ۽ ناجائز جي فرق کان آگاهه ڪيو. نبي پنهنجي وقت جي سڀ کان منفرد شخصيت رهيا ۽ صحيح واٽ تي هلندا رهيا. ڪوبه پاڻمرادو نبوت جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته نبوت جو فيصلو الله پاڪ جي ذات ئي ڪري ٿي. عبادت جا اهي ئي طريقا رهن ٿا جيڪي الله پاڪ جي حڪم مطابق نبي اسان کي ٻڌائين ٿا. نبين ان سوال جي به وضاحت ڪئي “اسين ڪير آهيون، ڪٿان آيا آهيون، هتي ڇو آهيون ۽ موٽي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟”
قادر مطلق لاءِ اهو بلڪل ممڪن هو ته هر ڪنهن کي هدايت يافته جي حيثيت ۾ پئدا ڪري ها؟ کيس ان لاءِ ڪنهن به نبيءَ جي ضرورت نه پوي ها. ان صورت ۾ هن ڪائنات ۾ مڪمل طور يڪسانيت هجي ها ۽ ڪنهن جي لاءِ به هن دنيا ۾ ڪابه ڪشش موجود نه رهي ها. ڪي به ايجادون نه ٿين ها ۽ هرڪو پنهنجي حال تي مست هجي ها. ان صورت ۾ اسين عقل استعمال ڪرڻ پسند ئي نه ڪريون ها ۽ اسان جي ۽ جانورن جي زندگيءَ ۾ ڪو گهڻو فرق نه هجي ها. مالڪ اسان کي مختيار ڪري پئدا ڪيو آهي ۽ چڱي ۽ بري جي وچ ۾ فرق خود ئي محسوس ڪرڻ جو فهم ڏنو آهي. ان جي ڪري هيءَ دنيا دلچسپ بڻجي وئي آهي.
[b]7. ڇا توهان کي خبر آهي؟
[/b]نبين کي خدا ئي موڪليندو آهي ۽ هو پهريان شخص هوندا آهن جيڪي خدا جي انهن سمورن حڪمن ۽ هدايتن تي پهرين پاڻ عمل ڪندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي امت کي ان واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪندا آهن. سندن زندگي پنهنجين امتن لاءِ مثال هوندي آهي. هنن الله جو پيغام پکيڙڻ کان ڪڏهن به منهن نه موڙيو توڙي جو مٿن بي پناهه سختيون به ڪيون ويون، تشدد ڪيو ويو ۽ ايذايو ويو. حضرت ذڪريا عليه السلام ۽ حضرت يحيٰ عليه السلام جن کي شهيد ڪيو ويو ۽ حضرت محمد ﷺ جن کي هر طرح سان تڪليفون ڏنيون ويون پر پاڻ خدا جي واٽ کان پري نه ٿيا. مٿن ڪچرو اڇلايو ويو پر پوءِ به ثابت قدم رهيا.
پاڻ سڳورن ان معاشري ۾ جنم ورتو جتي نياڻين کي زنده دفن ڪيو ويندو هو ۽ پاڻ سڳورن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ماڪوڙيءَ کي به ڪا تڪليف نه پهچائي. هنن پنهنجي اخلاق ۽ صبر سان 23 ورهين ۾ ان معاشري جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. نبين کي معجزا ڏيکارڻ جي قوت مليل هئي. حضرت سليمان عليه السلام کي هوا جي مدد سان اڏامڻ جي قوت حاصل هئي، حضرت ابراهيم عليه السلام باهه کي گلزار بڻائي ڇڏيو، حضرت موسيٰ عليه السلام نيل نديءَ مان پنهنجي امت سان پيادل اڪري پار ٿيا ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام مُردن کي ٻيهر زنده بڻائي ڇڏيو.
پاڻ سڳورن جي پئدائش سان ئي معجزا شروع ٿي ويا.
1. سندن پئدائش وقت آسمان ۾ هڪ نئون تارو وجود ۾ آيو.
2. قصريٰ جي ايوان جا 12 ٿنڀ هڪدم ڊهي پيا.
3. ڪعبي ۾ رکيل بتن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ڪيترا ئي بت ڪري ڀڄي پيا.
4. ايران ۾ هزارين سالن کان ٻرندڙ آتشڪده باهه وسامڻ جي ڪري سرد ٿي ويا.
5. ساس جي متبرڪ سمجهي ويندڙ ڍنڍ سُڪي وئي.
6. سندن پئدائش جي مبارڪ رات مشرق کا مغرب تائين نور جي لاٽ ڏسڻ ۾ آئي.
7. سيما جي واديءَ ۾ زبردست ٻوڏ اچي وئي.
نبين کي ان ڪري موڪليو ويو ته:
الف. خدا جي عبادت ڪن.
ب. خدا جي پيغام جي تبليغ ڪن.
ت. امت لاءِ مثال بڻجن.
ث. هن زندگي ۽ آخرت ۾ توازن پئدا ڪن.
ج. قيامت جي ڏهاڙي بابت ماڻهن جي ذهن ۾ موجود شڪ دور ڪن.
الله تعاليٰ هيءَ ڪائنات پنهنجي پياري محبوب جي لاءِ تخليق ڪئي. هيءَ ڪائنات هڪ عظيم ڪتاب آهي جيڪو وضاحت ڪري ٿو ته الله ﷻ ۽ حضرت محمد ﷺ جن ان جي تشريح ڪندڙ آهن. کانئس اڳ ايندڙ نبين به ان جي پنهنجي انداز ۾ تشريح ڪئي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام جن پنهنجو نالو احمد رکيو. حضرت محمد ﷺ جن هن دنيا مان برقعو مٽائي اسان تي موت جي حقيقت واضح ڪئي ۽ ٻڌايو ته قبر ايمان وارن لاءِ سهولتن سان سجايل هڪ انتظار گاهه آهي ۽ خدا جي منڪرن لاءِ هڪ بدترين قيدخانو آهي. جتي هو ابدي سفر جي وقت اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. پاڻ سڳورا اُمي هئا. توڙي جو هو اُمي هئا پر پوءِ به سندن پيغام ايترو ته مڪمل ۽ درست آهي جو صدين کان هلندو پيو اچي ۽ هرڪو ان جي درست هجڻ جي تصديق به ڪري ٿو. جن به سائنسدانن اسلام جو مطالعو ڪيو تن بي اختيار ٿي چيو “محمدالرسول الله”. انگلينڊ جي عجائب گهرن ۾ رکيل فرعونن جا حنوط ٿيل لاش اڄ قرآن شريف جي هن آيت جي تصديق ڪري رهيا آهن “اڄ، اسان توهان جي جسمن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن توهان کان پوءِ ايندڙ ان مان سبق حاصل ڪن. پوءِ به ڪجهه ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن.” ڇا اها حضرت محمد ﷺ جن جي اچڻ جي تصديق نه آهي؟
قرآن شريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو “اسان هر قبيلي لاءِ نبي موڪلي کين تنبيهه ڪئي (گمراهيءَ جي خطرن بابت.)” هر نبيءَ کي پنهنجي امت سان پيار هو. پاڻ سڳورا به پنهنجي امت سان بي پناهه پيار ڪندا هئا. دنيا ۾ ڪيترا ئي ڏاها ماڻهو پئدا ٿيا آهن پر هو رڳو ڪنهن هڪ يا ٻن فيلڊز ۾ مهارت رکندڙ هئا. پاڻ سڳورن زندگي ۽ وجود جي هر ذري تي روشني وڌي ۽ ان ۾ پنهنجي مهارت جو ڀرپور طريقي سان اظهار ڪيو. هنن دنيا جي معاشيات ۽ سماجيات ۾ هڪ توازن پئدا ڪيو. پرنس بسمارڪ چوي ٿو “ان ۾ ڪنهن سوال جي گنجائش ئي نه آهي ته محمد (ﷺ) هڪ بيمثال قوت آهي. ڪنهن به طاقت لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته اهڙو ڪو ٻيو شخص پئدا ڪري سگهي.”
پاڻ سڳورن دعويٰ ڪئي ته الله پاڪ کين نبي ڪري موڪليو آهي ۽ ان جي تصديق لاءِ قرآن شريف پيش ڪيو. ان سان گڏ پاڻ اهڙا ڪيترائي معجزا ڪري اهو ثابت ڪيو ته کين واقعي نبوت عطا ڪئي وئي آهي. هتي ڪجهه معجزا پيش ڪجن ٿا جيڪي سندن نبوت جي تصديق ڪن ٿا.
1. هڪ جنگ دوران رڳو چئن ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ جيترو کاڌو وڃي بچيو هو ۽ سڄو لشڪر بکيو هو. پاڻ سڳورن الله تعاليٰ کان برڪت جي دعا گهري ۽ پوءِ سڄي لشڪر ان مان کائي پيٽ ڀريو پر کاڌو ختم نه ٿيو.
2. سندن شق القمر وارو معجزو مشهور آهي.
3. آڱرين مان پاڻي وهائڻ جو معجزو ڏيکاريائون.
4. اڳوڻن نبين ۽ ڪتابن جيئن توريت ۽ انجيل وغيره سندن اچڻ جي تصديق ڪئي هئي.
5. ڪنهن به انسان جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ هجڻ جو دور جواني آهي، جنهن دوران ماڻهو وڌيڪ جفاڪشي ڪري سگهندا آهن. پاڻ سڳورن جي نبوت جو دور ته شروع ئي چاليهه ورهين جي ڄمار کان پوءِ شروع ٿيو. اهو وڏو ثبوت آهي ته کين نبوت جي بشارت ملي هئي.
6. وقت ۽ تاريخ سندن درست هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. ٻيا مذهب آيا ۽ ختم ٿي ويا پر اسلام هڪ اهڙو دين آهي جيڪو اڄ به پنهنجي ڀرپور جواني ۽ جولانيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
7. حضرت عيسيٰ فرمايو “آئون توهان سان وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو چاهيان. ڇاڪاڻ ته عالم جو سردار اچڻ وارو آهي. هن ۾ جيڪي خوبيون آهن تن مان مون ۾ هڪ به نه آهي.” (انجيل، يوحنا، 14/30 )
8. حضرت محمد ﷺ جن هيٺ ڄاڻايل معاملن ۾ اسان جي لاءِ هڪ مثال آهن:
پاڻ سڄي ڪٽنب جو مڪمل خيال رکندا هئا.
پاڻ بهترين ڪمانڊر هئا.
پاڻ ڪامل ڄاڻ رکندڙ هئا.
پاڻ ڏکيا سماجي مسئلا وڏي مهارت سان حل ڪيائون، جيئن مکڻ مان وار نڪري.
انسانيت اڄ به سندن تهذيب کي مشعل راهه سمجهي ٿي. ان ڪري کين “تهذيب جو ابو سڏيو وڃي ٿو.”