باب ٻارهون
[/b]جيڪو به نبي پاڪ جي معمولي سنت تي به عمل ڪري ٿو ته ان کي سوين شهيدن جيترو ثواب ملي ٿو. ڪوبه شخص سنت جي ادائيگيءَ جي نيت سان ڪوبه عمل ڪري ٿو ته سندس اهو عمل عبادت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
“چئو (اي محمد)، منهنجي نقش قدم تي هلو جيڪڏهن اوهين الله کي چاهيو ٿا، ته الله به اوهان کي چاهي.” قرآن شريف جي ان آيت جو مطلب اهو ئي ٿيو ته اهي جيڪي خدا تي يقين رکن ٿا سي سندس حڪم به مڃيندا ۽ ان رستي تي هلڻ جو آسان طريقو الله جي رسول جي نقش قدم تي هلڻ آهي.
حديث پاڪ آهي “خدا مون کي بهتر اخلاق ۽ طورطريقا عطا ڪيا آهن.” اهڙي شخصيت جي سنت مبارڪ تي عمل ڪرڻ جو مطلب خدا کي راضي ڪرڻ آهي. جيڪو سنت تي عمل نٿو ڪري سو ڄڻ بهتر اخلاق ۽ بهتر طورطريقن کان محروم رهي ٿو. سو جيڪي چڱو اخلاق نٿا رکن سي خدا جي رحمت کان محروم رهن ٿا.
ان جو ته تمام وڏو امڪان آهي ته جيڪي سنت مبارڪ تي عمل نٿا ڪن سي گمراهه ٿي وڃن ٿا ۽ بدعتن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. سنت هڪ اهڙو نور آهي جنهن جو مقابلو ڪابه روشني نٿي ڪري سگهي.
[b]2. سون جون ست هزار اشرفيون
[/b]حڪيم اوغلو علي پاشا جي ڏينهن ۾ هڪ الله جو نيڪ ٻانهو هو جيڪو تمام گهڻو غريب هو. هڪ رات هن غربت کان تنگ ٿي ڌڻيءَ در ٻاڏايو “اي الله تون منهنجي حال کان بهتر واقف آهين. منهنجا ٻار تمام گهڻا پريشان آهن. آئون پنهنجو قرض نٿو لاهي سگهان. سو پنهنجي پياري پيغمبر جي صدقي مون کي ان کان بچڻ جو ڪو رستو ڏيکار.”
هُو اها دعا گهري پوءِ سمهي پيو. ننڊ ۾ کيس عجيب جهان نظر آيو. هن ڏٺو ته نبي پاڪ جن موجود آهن ۽ مسلمانن کي هيٺ ڏنل صلاح ڏئي رهيا آهن. “توهان ڪافي وقت کان صبر جو مظاهرو ڪندا پيا اچو ۽ توهان غربت جي امتحان ۾ سرخرو ٿيا آهيو. الله پاڪ توهان جي دعا ٻڌي ۽ قبول فرمائي آهي. هاڻي توهان جا مسئلا ختم ٿيڻ وارا آهن. فجر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ توهان حڪيم اوغلو پاشا وٽ وڃو ۽ کيس منهنجا سلام ڏجو. کيس چئجو ته هو توهان کي سون جون هڪ هزار اشرفيون ڏي. جيڪڏهن هو ان تي يقين نه ڪري ته کيس اهو اهڃاڻ ڏجو ته اوهان هر جمعي جي رات جو نماز پڙهي پوءِ سمهندا آهيو پر هن جمعي جي رات توهان نماز نه پڙهي ۽ ايئن ئي سمهي رهيا. کيس يقين ڏيارڻ لاءِ اهو اهڃاڻ ڪافي رهندو.”
صبح تي هو سڌو اوغلو پاشا ڏانهن ويو ۽ کيس پنهنجو خواب تفصيل سان ٻڌايو. اوغلو پاشا اهو سڀ ڪجهه ٻڌو پر ان تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ۽ ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ ان شخص کي چيائين “پنهنجي خواب جو تفصيل وري ٻڌاءِ.” هن شخص وري پنهنجي خواب جو تفصيل ٻڌايو ۽ اوغلو پاشا وري به ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيو “پنهنجي خواب جو تفصيل وري ٻڌاءِ.” هن شخص وري به تفصيل ٻڌايو. اهڙيءَ طرح اوغلو پاشا پڇندو رهيو ۽ هو ٻڌائيندو رهيو ۽ آخر ڪار تنگ ٿي اوغلو پاشا کي چيائين “تو کي منهنجي ڳالهه تي يقين نٿو اچي ته سڌي ڳالهه ڪر، باقي وري ٻڌاءِ، وري ٻڌاءِ جي نتيجي ۾ ست دفعا ته آئون پنهنجي خواب جو ذڪر ڪري چڪو آهيان.”
ان تي اوغلو پاشا چوڻ لڳو “يا الله معافي، يا الله معافي، تنهنجو ڇا خيال آهي ته مون کي تنهنجي ڳالهه تي يقين نه آهي؟ تون اهو ڪيئن ٿو چئي سگهين ته اهو خواب بيڪار آهي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته تنهنجو اهو خواب منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان حسين ترين شيءِ آهي. اهو ايترو ته حسين آهي جو مون نٿي چاهيو ته ان جي موٽ ۾ توکي رڳو هڪ هزار اشرفيون ڏئي روانو ڪري ڇڏيان. مون فيصلو ڪيو هو ته تون مون کي جيترا ڀيرا نبي ڪريم ﷺ جن جا سلام ڏيندين آئون تو کي ايترا هزار سون جون اشرفيون ڏيندس. هاڻي جيئن ته تو مون کي ست ڀيرا پنهنجو خواب ٻڌايو آهي ان ڪري ست هزار سون جون اشرفيون آئون تنهنجي حوالي ڪريان ٿو. ايترو چئي علي پاشا پنهنجي خادم کي گهرائي حڪم ڏنو ته هن غريب شخص کي ست هزار سون جون اشرفيون ڏئي روانو ڪيو وڃي.
اهو غريب شخص جنهن کي پاڻ سڳورن سان تمام گهڻي محبت هئي تنهن جو خيال هو ته کيس هڪ هزار اشرفيون ملنديون پر ان جي بدران کيس ست هزار اشرفيون مليون ته هو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ باقي زندگي سک ۽ آرام سان گذارڻ لڳو.
[b]3. نبي پاڪ جن جي ورثي جو تحفظ
[/b]اهو چوڻ مشڪل آهي ته مون کي نبي پاڪ جي ورثي سان پيار آهي. منهنجي محدود سوچ مطابق اهو چئي سگهان ٿو مون کي ان سان پيار آهي. ان سان ٿڌي هير جو احساس ٿئي ٿو. اسين سمجهون ٿا ته اسان کي حضرت ابوبڪر رضي الله عنها ۽ حضرت عمر رضي الله عنها سان پرخلوص محبت آهي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن حضرت عمر رضي الله عنها کي منهنجي جان جي به ضرورت پوي ته قربان ڪرڻ کان پوئتي نه هٽندس. شايد آئون اهو سڀڪجهه نه ڪري سگهان ڇو ته چوڻ آسان ۽ ڪرڻ ڏکيو آهي. اي منهنجا خدا، مون کي يقين آهي ته مون کي اصحابن سان حقيقي محبت آهي. جيڪڏهن اهو سچ نه آهي ته اي منهنجا خدا ان کي سچ بڻائي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اسان کي سندن وجهڙائپ عطا فرما.
حضرت عمر رضي الله عنها جي خلافت هئي. تڏهن هو چوندو هو ته آئون حاڪم نه پر الله ۽ ان جي رسول جو خليفو آهيان. آئون زمين تي سندن نمائندو آهيان. هن الله جي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو. پاڻ سڳورن جي هر فرمان جي تشريح ڪندو رهيو. هن رسول الله جن جي نمائندگي اهڙي ته احسن طريقي سان ڪئي جو مشهور ديني عالم ابن عباس هر وقت سندس پيڇو ڪندو رهندو هو. حضرت عمر رضي الله عنها مديني ۾ ته ابن عباس به مديني ۾ ۽ جيڪڏهن حضرت عمر رضي الله عنها مڪي ۾ ته ابن عباس به مڪي ۾ هوندو هو. مطلب ته هو چاهيندو ته خليفي جي هر چيل ڳالهه کان آگاهه رهان ۽ ان جي پاڻ سڳورن جي فرمان سان ڀيٽ ڪندو رهان.
هڪ ڀيري حضرت عمر رضي الله عنها خطبو ڏيڻ لاءِ تڪڙو تڪرو وڃي رهيو هو ۽ ذهن ۾ خطبي جي لاءِ مناسب لفظ سوچيندو پئي ويو ته اوچتو هڪ گهر جي نيڪال واري پائپ مان گندي پاڻيءَ ڇنڊا سندس ڪپڙن تي اچي ڪريا ته ڪپڙا ناپاڪ ٿي ويا. اتان وري واپس موٽيو ۽ گهر وڃي ڪپڙا بدلائي پوءِ تڪڙو تڪڙو مسجد ڏانهن ويو. واٽ تي جڏهن اهو گهر آيو ته ان جو نيڪال وارو پائپ به اکوڙيو پاڻ سان گڏ کڻيو آيو. اهو پائپ ديوار سان لڳائي منبر تي چڙهيو ۽ خطبو ڏنائين. تنهن کان پوءِ جماعت کي چيائين “ڀائرو اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪريو جيڪو ايمان وارن جي لاءِ رنڊڪ بڻجي. آئون نماز پڙهڻ اچي رهيو هئس ته واٽ تي هڪ گهر جي نيڪال واري پائپ مان گندي پاڻيءَ جا ڇنڊا اچي منهنجي ڪپڙن تي ڪريا ۽ ڪپڙا ناپاڪ ٿي ويا. جنهن ڪري مون کي وري واپس گهر وڃڻو پيو ۽ ڪپڙا بدلائڻا پيا. ان ڪري ڪجهه دير به ٿي وئي. سو آئون وري مسجد ڏانهن پئي آيس ۽ ان گهر مان اهو پائپ ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهيان.” اوچتو سڀني ماڻهن جو رخ حضرت عمر رضي الله عنها بدران ٻئي طرف ٿي ويو. سڄي جماعت ويٺي هئي ۽ هڪ شخص اٿي بيهي رهيو. ماڻهن کي ان تي ڪجهه تعجب به ٿيو ڇاڪاڻ ان شخص سان حضرت عمر رضي الله عنها تمام گهڻو پيار ڪندو هو.
جيڪو شخص اٿي بيٺو هو سو ابن عباس هو. جنهن جو چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هو آهستي آهستي حضرت عمر رضي الله عنها ڏانهن وڌڻ لڳو. ويجهو اچي سوال ڪيائين “اي عمر، تو هي ڇا ڪيو؟ اهو منهنجي ئي گهر جو ڇڄو هو. اهو پائپ منهنجي موجودگيءَ ۾ رسول الله ﷺ جن پنهنجن هٿن مبارڪن سان پاڻ لڳايو هو.” ان کان اڳ ۾ جو ابن عباس ڪجهه وڌيڪ چوي حضرت عمر رضي الله عنها پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ منبر تان هيٺ وڃي ڪريو. اوچتو حضرت عمر رضي الله عنها جي زبان مان هي لفظ نڪتا “اي ابن عباس، آئون تنهنجي اڳيان پنهنجي پاڻ کي پيش ڪريان ٿو. تو سان گڏجي تنهنجي گهر تائين هلان ٿو، اتي پهچي آئون پنهنجو مٿو زمين تي رکندس ۽ تون پنهنجا ٻئي پير منهنجي منهن تي رکي اهو پائپ لڳائجانءِ.”
سڄي جماعت حيران هئي. جن ٻڌو سي ته سمجهي ويا ته ڇا ٿيو آهي. پر جيئن ته جماعت ۾ تمام گهڻا ماڻهو هئا ۽ مسجد کان ٻاهر به جماعت جون صفون هيون سي سمجهي نه سگهيا ته ڇا ٿيو آهي. خليفو مسجد مان ٻاهر نڪتو ۽ جماعت سندس پٺيان هئي. اهو حضرت عمر رضي الله عنها هو جيڪو روم جي شهنشاهيت جي خاتمي جو سبب هو. جيڪو ايران جي شهنشاهيت جي خاتمي جو سبب هو. جيڪو ايران جي آتشڪدن کي سرد ڪرڻ جو سبب هو. جنهن ساساني بادشاهه جي هٿن مان سون جا ڪڙا لاهي سرقه کي پارايا ۽ پوءِ سجدي ۾ ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو “اها رسول الله ﷺ جن جي اڳڪٿي هئي.”
حضرت عمر رضي الله عنها پنهنجو مرتبو ۽ مقام ڇڏي ابن عباس جي گهر جي ديوار وٽ پهچي پنهنجو مٿو زمين سان لڳايو ۽ ابن عباس کي چيو ته منهنجي منهن تي پير رکي اهو پائپ لڳائي پر ابن عباس انڪار ڪرڻ لڳو. بار بار دهرائيندو رهيو ته ابن عباس آئون ان جي ئي لائق آهيان.
اها اصحابن سڳورن جي رسول الله ﷺ جن بابت سوچ هئي ۽ ساڻن محبت جو انداز هو. اي نوجوانو هاڻي توهان جو ڇا خيال آهي، ڇا توهان جي خيال ۾ ان پائپ کان قرآن شريف جي اهميت وڌيڪ نه آهي؟ توهان پنهنجو مٿو زمين تي ٽيڪڻ کان ڇو انڪار ڪريو ٿا؟ ها توهان کي روئڻ نه ايندو پر شرمساريءَ واري کل ضرور ايندي. توهان جي لاءِ ضروري آهي پنهنجي خالق جي بارگاهه رات جو گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه لڙڪن جو نذرانو ضرور پيش ڪريو.
[b]4. نبي پاڪ جن جا پيش ڪيل حيرت انگيز فارمولا
[/b]هڪ اڻپڙهيل شخص انسانذات جي امن ۽ سڪون لاءِ انسانيت جي راهه تي هلڻ لاءِ جيڪي فارمولا پيش ڪيا سي حيرت انگيز آهن. پاڻ جيڪي ڪجهه غار حرا مان ٻاهر آندائون سو ڪنهن به لحاظ کان سندن تخليق ڪيل نٿو لڳي. غار ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ سندن دوستن توڙي دشمنن کي اها خبر هئي ته پاڻ سڳورا لکي ۽ پڙهي نٿا سگهن. انجيل ۽ توريت کي ڪڏهن هٿ به نه لاٿو اٿن. پر جڏهن غار کان ٻاهر آيا ته پاڻ سان گڏ اهو ڪجهه آندائون جنهن انسانيت جو دامن دائمي خوشين سان ڀري ڇڏيو. سندن امت ان مان فائدو پرايو آهي ۽ ٻين لاءِ به قيامت جي ڏهاڙي تائين ان مان فائدو وٺڻ جو موقعو آهي.
تمام تر جاهليت ۽ گمراهيءَ باوجود مشرڪ مٿن ڪوڙ يا بي ايمانيءَ جو الزام هڻي نه سگهيا. سندن مخالف به سندن معجزن کي ڪوڙو يا جڙتو قرار ڏيڻ بدران جادو سڏيندا رهيا. اهو سڀ کان وڏو ثبوت آهي سندن سچائيءَ جو ته ڪنهن جي لاءِ به اهو ممڪن نه هو ته هو سندن فرمان کي غلط ثابت ڪري سگهي. پاڻ سڳورن پنهنجي پيغام کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي معجزا به ڪري ڏيکاريا.
پاڻ سڳورن قرآن شريف آندو ته مخالف حيران ٿي ويا ته اهو ڪهڙي بهتر انداز ۾ آهي. مشرڪن کي دعوت ڏني وئي ته هو سڀ گڏجي قرآن شريف جي ڪنهن هڪ ننڍي ۾ ننڍي آيت جي مقابلي جي ڪا آيت کڻي اچن پر هو سڀ گڏجي به ايئن ڪري نه سگهيا.
بت پرست مسلمانن کي قرآن شريف جي تلاوت کان روڪيندا رهيا. انهن ۾ ابوجهل، ابوسفيان ۽ اهنيس ابن شريڪ شامل هئا جيڪي ماڻهن کي قرآن شريف پڙهڻ کان روڪيندا رهيا. آخر ماڻهن کي قرآن پڙهڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو؟ ڇا هڪ اهڙي شخص جيڪو پاڻ لکي پڙهي نه سگهندو هو؟ ان شخص ماڻهن کي ايڏو مجبور ڪيو جو هو قرآن شريف جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پاڻ سڳورا جڏهن قرآن شريف جي تلاوت ڪندا ڪندا هئا ته ماڻهو بيخود ٿي سڄي رات تلاوت ٻڌندا هئا ۽ جڏهن تلاوت ختم ٿيندي هئي ته هڪٻئي تي الزام هڻندا هئا ته ان جي ڪري هو هتي آيا ۽ پوءِ وري موٽي نه اچڻ جو عهد ڪري پنهنجي پنهنجي گهر روانا ٿي ويندا هئا. اها تلاوت ٻڌندڙن ۾ اهي به شامل هوندا هئا جيڪي ٻين کي تلاوت ٻڌڻ کان روڪيندا هئا. پوءِ هڪٻئي کي چوندا هئا ته اسين ٻين ماڻهن کي ڪيئن ٿا روڪي سگهون جڏهن اسان جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي روڪڻ ممڪن نٿو رهي. ابوجهل ۽ ابوسفيان به تلاوت ٻڌندڙن ۾ شامل هوندا هئا ۽ پوءِ هڪٻئي کي ان جو قصور وار به قرار ڏيندا هئا. اها پاڻ سڳورن جي تلاوت جي ڪرامت هئي جنهن تي سندن دشمن به حيران ٿيندا هئا.
ڪاميابين منجهن ڪابه تبديلي نه آندي: پاڻ سڳورن جو انداز ۽ طريقيڪار اهو ئي ساڳيو ئي رهيو جيڪو نبوت ملڻ کان اڳ هو. پاڻ سڳورن جي سادگي اهائي رهي جيڪا سندن سڃاڻپ هئي. غربت جي ڀيٽ ۾ ڪڏهن به اميريءَ کي ترجيح نه ڏنائون.
زهد: زهد ذهن جي هيءَ اها سطح آهي جنهن ۾ خوشي يا غم کي اجايو پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو ويندو آهي. جڏهن پاڻ اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪيائون تڏهن به پاڻ کجين جي پنن مان ٺهيل تڏيءَ تي ويٺل هئا ۽ جڏهن پاڻ سڳورا وڃي پنهنجي اوج تي پهتا تڏهن به ان ئي تڏي تي سمهندا هئا. هڪ ڀيري حضرت عمر رضي الله عنها کين تڏي تي ستل ڏٺو ته روئڻ لڳو. پاڻ سڳورن پڇيو ته عمر توکي ڪهڙي ڳالهه روئڻ تي مجبور ڪيو ته ان تي حضرت عمر رضي الله عنها چيو “يا رسول الله اوهان جهڙن رهنمائن کي ته پکين جي پرن جهڙن نرم بسترن تي سمهڻ گهرجي پر توهان هن تڏي تي سمهو ٿا. جن جي لاءِ هيءَ ڪائنات خلقي وئي تن جي اها حالت مون کان برداشت نٿي ٿئي.”
پاڻ سڳورن فرمايو “اي عمر، ڇا تون هن دنيا تي جنت کي ترجيح نه ڏيندين؟”
هڪ رات پاڻ سڳورا هڪ پل لاءِ به سمهي نه سگهيا ۽ بستري تي رڳو پاسا ورائيندا رهيا. سندن پياري گهر واريءَ صبح جو کانئن سوال ڪيو “يا رسول الله، رات سڄي رات توهان پريشان رهيا ۽ هڪ پل لاءِ به سمهي نه سگهيا، توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟”
پاڻ سڳورن فرمايو “رات سمهڻ کان اڳ ۾ مون هڪ کجور جو داڻو پٽ تي پيل ڏٺو ۽ کڻي کائي ڇڏيو. پوءِ مون کي ياد آيو ته اسان جي گهر ۾ ڪجهه زڪوات ۽ صدقي جي کجور به پيل آهي ۽ ڪٿي کجور جو اهو داڻو انهن مان ته نه هو؟ ان جي ڪري آئون صبح تائين پريشان رهيس.”
پاڻ سڳورن تي صدقو ۽ زڪوات حرام هئي. کجور جو اهو داڻو انهن مان به ٿي سگهيو ٿي جيڪا کجور پاڻ سڳورن لاءِ تحفي طور آئي هئي پر ان غيريقينيءَ کين صبح تائين سمهڻ نه ڏنو. اتي اسين وڌيڪ سوچڻ بند ڪري رڳو اهو ڏسون ته جيڪڏهن پاڻ سڳورا نبي نه هجن ها ته ڪابه قوت کين ان لاءِ قصور وار قرار ڏئي نٿي سگهي. نبي نه هجن ها ته پوءِ کجور جي هڪ داڻي کائڻ تي سڄي رات پريشان ڇو رهن ها؟
بلڪل هڪ اهڙي به جاءِ آهي جتي هرڪو پنهنجي عملن جو جواب ڏيڻ جو پابند آهي. بلڪل پاڻ سڳورا ان معاملي ۾ تمام گهڻا حساس هئا. ان ڪري جو نبي هجڻ جي حيثيت ۾ کين ٻين لاءِ مثال بڻجڻو هو. اهوئي سبب هو جڏهن هر شيءِ سندن اختيار ۾ هئي تڏهن به سندن زندگيءَ ۾ ڪوبه بدلاءُ نه آيو. سندن شخصيت جو ظاهر ۽ باطن اهوئي هو جيڪو نبوت ملڻ کان اڳ ۾ هو. جڏهن دنيا جون سموريون خوشيون سندن اختيار ۾ اچي ويون تڏهن به سندن هلت چلت ۽ طريقيڪار ساڳيو ئي رهيو. پاڻ هڪ اهڙا روزيدار هئا جن کي پنهنجو روزو آخرت جي ڏهاڙي تي ئي کولڻو هو.
چهرا به ايمانداريءَ جا گواهه هوندا آهن: ڪڏهن ڪڏهن انسان جي چهري مان به ايماندار هجڻ يا بي ايمان هجڻ جي ثابتي ملي ويندي آهي. اڪثر چهرا شناسيءَ جا ماهر اهو ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته ڪير سچ پيو ڳالهائي ۽ ڪير ڪوڙ پيو ڳالهائي. ان کي قيافه شناسي به چيو ويندو آهي. اهو اهڙو علم آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن به ماڻهوءَ جو چهرو، هٿ ۽ پير ڏسي سندس شخصيت بابت تفصيل سان ٻڌائي سگهجي ٿو. قيافه شناسيءَ جي يهودي ماهر عبدالله ابن سلام پاڻ سڳورن جو چهرو مبارڪ ڏسڻ کانپوءِ چيو “هيءُ شخص ڪوڙ نه پيو ڳالهائي.” سندن چيل ڳالهين جي توريت ۽ انجيل به تصديق ڪري ٿو. ان يهودي عالم به توريت ۽ انجيل جو حوالو ڏيندي چيو “آئون پنهنجي زال جي ڪردار بابت ته يقين سان نٿو چئي سگهان ۽ نه ئي پنهنجي ٻارن متعلق يقين سان چئي سگهان ٿو اهي واقعي منهنجو اولاد آهن. پر اهو بلڪل يقين سان چئي سگهان ٿو ته ڪنهن نبيءَ جي اچڻ بابت توريت ۽ انجيل ۾ جيڪي نشانيون بيان ڪيون ويون آهن سي سڀ محمد (ﷺ) ۾ موجود آهن.” سون جو قدر ته سونارو ئي ڄاڻي ٿو.
[b]5. رسول پاڪ تي صلوات ۽ سلام موڪلڻ
[/b]ڇا اسان جي صلوات ۽ سلام موڪلڻ سان الله تعاليٰ نبي پاڪ تي خاص سلامتي موڪلي ٿو؟ جڏهن نبي پاڪ تي اڳ ۾ ئي خدا جون رحمتون ۽ ٻاجهه نازل ٿيل آهي. پوءِ صلوات ۽ سلام جو ڇا مطلب آهي؟
نبي پاڪ جن هر رحمت ۽ نيڪيءَ جو مرڪزي نقطو آهن. هو ئي اهو رهبر هو جنهن انسانذات کي سنئين واٽ ڏيکاري. نه هو پاڻ ڪنهن کي دوکو ڏين ٿا ۽ نه کين ڪو دوکو ڏئي سگهي ٿو. پاڻ سڳورا انسانيت جا هڪ مڪمل رول ماڊل آهن.
جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو نيڪيءَ جو رستو اختيار ڪري ٿو ته ان جي نيڪين مان ڪجهه حصو انسانيت جي رهبر کي به ملي ٿو. نبي پاڪ کي پنهنجي امت جي هر نيڪ عمل مان حصو ملي ٿو. پاڻ سڳورن کي ‘مقام محمود’ مليل آهي ان ڪري کين عمل جو صلو ملڻ هن فاني دنيا مان برقعو مٽائڻ جي ڪري ختم نه ٿيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندن عملن جو ڪتاب بند نه ٿيو آهي پر ان ۾ نيڪيون داخل ٿينديون رهن ٿيون. ان ڪري سندن مرتبو مسلسل وڌندو رهي ٿو ۽ سندن اختيار ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو. ان معاملي کي سمجهڻ جا ٻه رستا آهن.
هڪ اهو آهي ته اسين پاڻ سڳورن تي صلوات ۽ سلام موڪلي سندس امتي هجڻ جي تصديق ڪريون ٿا. ٻين لفظن ۾ ته اسين اهو اقرار ڪريون ٿا ته اسين سندن امت مان آهيون ۽ اسان کين وساريو نه آهي. اسين دعا ڪريون ٿا ته الله پاڪ سندن رتبو اڃا به وڌائي. ان دعا جو مطلب اهو ٿيو ته اسين نبي پاڪ کي ياد ڪريون ٿا ته هو به اسان کي ياد ڪندا ۽ اسان جي شفاعت ڪندا.
ٻيو رخ اهو آهي ته اسين نبي پاڪ جي حق ۾ صلوات ۽ سلام موڪلي پنهنجي آخرت آجي ڪرڻ جي راهه هموار ڪريون ٿا. سو اسين جيڪڏهن سندن پناهه ۾ هليا وياسين ته اسان جو ڇوٽڪارو يقيني بڻجي ويندو. صلوات ۽ سلام ڄڻ اسين کين اهو ياد ڪرائڻ لاءِ موڪليون ٿا ته اسين سندن امت مان آهيون ۽ سندن شفاعت جا منتظر آهيون. نبي پاڪ جن فرمايو “هر نبيءَ پنهنجي امت کي ڪجهه نه ڪجهه ڏنو پر مون پنهنجو اهو حق آخرت جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي منهنجي لاءِ پنهنجي امت کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو رستو آهي”
[b]6. نبي پاڪ جن جي حسن اخلاق تي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ
[/b]هڪ شخص هو جيڪو نبي پاڪ جن جي حسن اخلاق مطابق هلڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. هڪ رات خواب ۾ ڏٺائين ته نبي پاڪ جن جي ڪچهريءَ ۾ موجود آهي پر نبي پاڪ جن کيس نٿا سڃاڻن ۽ نظرانداز ڪري رهيا آهن. اهو شخص عرض ڪري ٿو “يا رسول الله مون ڪجهه غلط ڪيو آهي؟”
پاڻ سڳورن فرمايو “نه.”
هن شخص چيو “يا رسول الله پوءِ توهان مون کان پري پري ڇو آهيو؟”
پاڻ سڳورن فرمايو “آئون توکي نٿو سڃاڻان.”
ان تي هن شخص حيرت مان چيو “اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، مون ته عالمن کان ٻڌو آهي ته توهان پنهنجي امتيءَ کي سندس ماءُ کان به وڌيڪ سڃاڻو ٿا!”
پاڻ سڳورن فرمايو “اهو بلڪل درست آهي پر تو ۾ ته منهنجي اخلاق جي ڪابه جهلڪ موجود ئي نه آهي. نه ئي تو ڪڏهن مون تي ڪو درود يا سلام موڪليو آهي. آئون پنهنجي امت کي ته منهنجي حسن اخلاق جي جهلڪين مان سڃاڻندو آهيان.”
اهو شخص صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿيو ته کيس خواب جو سڄو منظر ياد آيو ۽ هو فري طور توبهه تائب ٿي نبي پاڪ جن حسن اخلاق تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ صلوات ۽ سلام به موڪلڻ لڳو.
[b]7. جيڪي کين سمجهن ٿا سي ساڻن وڌيڪ محبت ڪن ٿا.
[/b]الله ۽ الله جي رسول وٽ وڌيڪ مرتبو انهن کي ئي حاصل هوندو آهي جيڪي ساڻن سڀ کان وڌيڪ محبت ڪن ٿا. جيڪي ساڻن وڌيڪ محبت ڪن ٿا سي کين وڌيڪ ويجها هوندا آهن. الله جي رحمت سندن ويجهڙائپ سان ڳنڍيل هوندي آهي. ان جي ڪري الله ۽ الله جي رسول کان جيتري دوري هوندي ايترو ئي رحمت ۽ شفاعت کان محرومي هوندي.
جيڪي الله جي رضا تي راضي رهن ٿا الله تعاليٰ به انهن سان راضي رهي ٿو. جڏهن سندن الله ۽ الله جي رسول سان ويجھڙائي ٿئي ٿي ۽ هو سندن رضا لاءِ عمل ڪن ٿا ته الله پاڪ به ساڻن راضي ٿئي ٿو ۽ پوءِ سندن هر عمل ڄڻ خدا جو عمل هوندو آهي.
پاڻ سڳورن کي جڏهن نبوت ملي ته ان کان پوءِ بيبي فاطمه سلام الله عليها پئدا ٿيون ۽ سندن ئي اولاد مان نبي پاڪ جن جي پشت جو سلسلو هليو. اهو نور جو سلسلو هو جنهن سڄي ڪائنات کي روشن ڪري ڇڏيو.
جڏهن سوره نصر نازل ٿي ته پاڻ سڳورن جي محبوب نياڻيءَ سمجهي ورتو هو ته هاڻي سندن والد جي هن دنيا مان لاڏاڻي جو وقت اچي ويو آهي. جڏهن اهو وقت اچي بيٺو ته پاڻ سڳورن پنهنجي نياڻيءَ کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ته هوءَ روئڻ لڳي ۽ وري ڪجهه چيائون ته هوءَ مُرڪي پئي. بيبي عائشه رضي الله عنها اهو منظر ڏسي رهي هئي تنهن بيبيءَ کان سندن روئڻ ۽ کلڻ جو سبب پڇيو ۽ ان تي بيبي وراڻيو “بابا حضور جڏهن فرمايو ته سندن هاڻي آخري وقت آهي ته مون کي روئڻ اچي ويو پر وري جڏهن فرمايائون ته منهنجي خاندان مان تون ئي پهريون فرد هوندئين جيڪا سڀ کان اڳ اچي مون سان ملندئين ته ان تي مون کي خوشي ٿي ۽ مرڪي پيس.” ڪنهن به ايمان واري جي حيثيت جو اندازو ان مان ئي ٿئي ٿو ته هن جي نبي پاڪ جن سان ۽ سندن اولاد سان ڪيتري ويجهڙائپ ۽ ڪيترو تعلق آهي. جيئن ڪجهه ماڻهن لاءِ مديني پاڪ جي مٽي دنيا جي سموري دولت کان وڌيڪ قيمتي هوندي آهي.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنها کان روايت آهي: هڪ ڏينهن اسين پاڻ سڳورن سان گڏ ويٺا هئاسين، عصر جو وقت ختم ٿي چڪو هو ۽ سج لهڻ وارو هو. ان وقت پاڻ جيڪي فرمايائون تنهن منهنجي دنيا رات اچڻ کان اڳ ۾ ئي انڌير ڪري ڇڏي. پاڻ فرمايائون ‘الله پنهنجي ٻانهي کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ته دنيا ۾ رهڻ چاهين ته تنهنجي مرضي ۽ جيڪڏهن مون ڏانهن موٽي اچين ته اها به تنهنجي مرضي هوندي ۽ هن بندي آخري حصي جي چونڊ ڪري ورتي آهي’ اهو ٻڌڻ کان پوءِ آئون پنهنجي جذبات تي قابو رکي نه سگهيس ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس. مون الله جي رسول کي چيو ‘اسان کي اجازت ڏيو اسين، اسان جا ماءُ ۽ پيءُ، اسان جو اولاد ۽ اسان جو ڪٽنب قبيلو اوهان تان قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي.’ بس اوهين دنيا ۾ موجود رهو.”
ابن مسعود کان روايت آهي: پاڻ سڳورن سندن لاڏاڻي کان هڪ هفتو اڳ اسان کي بيبي عائشه رضي الله عنها جي گهر گهرايو. ان وقت سندن چهري مبارڪ تي بيماريءَ جا ڪي به آثار نه هئا. پاڻ سڳورن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مون ڏانهن ڏٺو. ان کان پوءِ پاڻ روئڻ لڳا. کين پنهنجي پيارن دوستن کي ڇڏي وڃڻ جو افسوس ٿي رهيو هو. هاڻي پاڻ سڳورا انهن کي جنت ۾ داخل ٿيڻ اڳ ۾ ڏسي نه سگهندا. ان جذباتي ماحول ۾ پاڻ سڳورن چند لفظ چيا. “توهان سڀني کي سلام آهي. الله توهان جو حامي ۽ ناصر ٿئي. شال الله جون رحمتون توهان جي مٿان نازل ٿينديون رهن. پنهنجي ايمان جي دائري ۾ رهجو. توهان الله جي دين جي حفاظت ڪئي آهي. الله توهان جي شال قيامت جي ڏهاڙي تائين حفاظت ڪري.” پاڻ سڳورن جنهن وقت اها دعا فرمائي ان وقت به سندن نيڻن مان نير جاري هئا ۽ اڳتي فرمائڻ لڳا “آخرت انهن لاءِ بهتر جاءِ آهي جن دنيا ۾ پنهنجي هٺ ۽ غرور کي شڪست ڏني.” تنهن کان پوءِ هن آيت جي تلاوت فرمايائون “انههُ ميتون و انهم ميتون.” ان کان پوءِ جيڪي اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا هئا تن جي لاءِ فرمايائون “موت قريب اچي چڪو آهي. الله تعاليٰ ڏانهن موٽڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي. مون کي موٽي صدر منتهيٰ وڃڻو آهي. پوءِ ٻيهر روئڻ شروع ڪيائون. ان وقت اسان کي خبر پئي ته پاڻ سڳورا ڇا پيا فرمائين سو اسين به روئڻ لڳاسين. سندن وڇوڙي جي وقت اچڻ جو ٻڌي اسين ڪافي دير تائين روئندا رهياسين. بيماريءَ دوران پاڻ سڳورا جڏهن به اسان ڏانهن ايندا هئا ته سندن مٿي تي پٽي ٻڌل هوندي هئي. پاڻ سڳورن اسان کي صبر جي تلقين ڪئي. اسان کانئن پڇيو “يا رسول الله، توهان کي غسل ڪير ڏيندو؟” ان تي پاڻ حضرت علي عليه السلام ڏانهن اشارو ڪيائون. وري پڇيوسين “يا رسول الله، توهان کي قبر ۾ ڪير لاهيندو؟” پاڻ سڳورن هڪ دفعو ٻيهر حضرت علي ڪرم الله وجهه ڏانهن ڏٺو. ان کان پوءِ پنهن جي گهر ڀاتين کي چيائون “ منهنجو لاش قبر جي ڀرسان رکي پوءِ ڪجهه دير جي لاءِ پوئتي هٽي وڃجو ته جيئن حضرت جبرائيل عليه السلام جي امامت ۾ ملائڪ جنازي نماز پڙهن ۽ ان کان پوءِ اوهين پڙهجو.”
اهو ٻڌڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن جي سمورن ساٿين تي ڄڻ قيامت ٽُٽي پئي هئي. ڪنهن کي به ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪجي. آخرڪار الله تعاليٰ کين صبر ڏنو. شال اسان کي به صبر جي توفيق عطا فرمائي. شال اسان کي نبي پاڪ جن جي ڏسيل واٽ تي هلڻ، دنياوي خواهشن کان پري رهڻ، الله جي دين تي قائم رهڻ ۽ پياري پيغمبر ﷺ جن جي سنت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.
[b]8. نبي پاڪ جن جون سنتون
[/b]1. نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ساڄي هٿ ۽ پير جو استعمال ڪرڻ ۽ ٻين خاص ڪمن لاءِ کاٻو هٿ استعمال ڪرڻ.
2. ماني کائڻ کان اڳ ۽ پوءِ هٿ ڌوئڻ.
3. بسم الله الرحمٰن الرحيم پڙهي پوءِ ماني کائڻ ۽ ماني کائڻ کانپوءِ شڪر الحمد لله چوڻ.
4. ماني کائڻ وقت پليٽ مان پنهنجي پاسي کان کائڻ.
5. ماني زمين يا فرش تي ويهي کائڻ ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته ٽيبل تي به کائي سگهجي ٿي.
6. ٻين سان گڏ ماني کائڻ جي شروعات ڪرڻ.
7. بک نه هجي ته ماني کائڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ پيٽ ڀري کائڻ کان پاسو ڪرڻ.
8. پليٽ ۾ ايترو کاڌو کڻڻ جيترو کائي سگهجي، کاڌو بچائي ڇڏڻ کان پاسو ڪرڻ.
9. زمين تي ويهي ماني کائڻ وقت ساڄو گوڏو اڀو ۽ کاٻو گوڏو پاسيرو ڪري ويهڻ.
10. مسلمان مردن لاءِ سون ۽ ريشم پهرڻ حرام آهي.
11. هر ڪنهن کي سلام ڪرڻ، ياد رکو ته ڳالهائڻ کان اڳ ۾ سلام ڪرڻ ضروري آهي.
12. گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت سڀ کان اڳ ۾ گهر ڀاتين کي سلام ڪرڻ.
13. هڪٻئي سان مُرڪي ملڻ ۽ خلوص سان سلام ڪرڻ.
14. خلوص مان ڀاڪر پائي ملڻ ۽ هٿ ملائڻ.
15. هٿ ملائڻ وقت اهو اصول اختيار ڪرڻ ته جيستائين ٻيو هٿ الڳ نٿو ڪري تيستائين پنهنجو هٿ الڳ نه ڪرڻ.
16. وڏن، عالمن ۽ اهم سرڪاري عهديدارن جو هٿ چمي سگهجي ٿو، جيڪڏهن فتني جو امڪان نه هجي ته عورتن کي سلام ڪرڻ ۽ سندن هٿ چمڻ جي به اجازت آهي.
17. هڪٻئي کي تحفا ڏيڻ به چڱي عادت آهي. جيڪڏهن ڪير تحفو ڏي ته ان کان بهتر جيڪڏهن نٿا ڏئي سگهو تڏهن به اهڙو تحفو ضرور ڏيو.
18. گهڻو کلڻ يا وڏا ٽهڪ ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ، ٽهڪ کان مرڪي ڇڏڻ بهتر آهي.
19. خاموش رهڻ ۽ رڳو ضرورت وقت ضرورت جيترو ڳالهائڻ.
20. هلڪي ۽ وچٿري لهجي ۾ ڳالهائڻ ۽ جيڪڏهن مناسب هجي ته ٽي ڀيرا دهرائڻ.
21. الله جي نالي سان شروع ۽ الله جي نالي سان ختم ڪرڻ.
22. ڪاوڙ تي ضابطو رکڻ.
23. چرچو به سچ تي ئي ٻڌل هجڻ گهرجي.
24. بيڪار جي سرگرمين کان پري رهڻ.
25. سمهڻ وقت بهتر آهي ته ساڄي پاسي سمهو ۽ چهرو ساڄي هٿ تي رکي سمهجي. اهو به بهتر هوندو ته ليٽڻ کان پوءِ پنهنجي سڄي ڏينهن جي سرگرمين جو جائزو وٺجي.
26. اونڌو ٿي سمهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
27. سمهڻ کان اڳ ۾ بهتر اهي ته دعا لاءِ هٿ کڻي ٽي ڀيرا قل پڙهي پنهنجي هٿن تي ڦوڪ ڏئي پوءِ هٿ سڄي بدن تي گهمائي ڇڏيو.
28. اڇو لباس پائڻ کي ترجيح ڏيڻ.
29. ڏندڻ استعمال ڪرڻ.
30. جُتي پهرين ساڄي پير ۾ پائڻ ۽ پوءِ کاٻي پير ۾ ۽ پهرين کاٻي پير جي لاهڻ ۽ پوءِ کاٻي پير مان جتي لاهڻ.
31. نماز وقت ٽوپي يا پٽڪي سان مٿو ڍڪڻ.
32. بصر يا ٿوم کائڻ کان پوءِ مسجد يا ڪنهن ڪچهريءَ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ.
33. لکيل قرآني آيتون کڻي غسل خاني ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ.
34. مهمانن سان خوش اخلاقيءَ سان پيش اچڻ، سندن خاطر مدارت ڪرڻ ۽ ساڻن صاف لباس ۾ ملڻ.
35. نڇ (ڇڪ) کان پوءِ چٽي آواز ۾ شڪر الحمد لله چوڻ، جواب ۾ ٻين کي يرحمڪ الله چوڻ گهرجي. اهو ٽي ڀيرا ئي چوڻ گهرجي. ان کان وڌيڪ نڇون اچن ته پوءِ اها بيماريءَ جي نشاني آهي.
36. جيترو ممڪن ٿي سگهي اوٻاسي ڏيڻ کان پاسو ڪريو ۽ جيڪڏهن مجبوري هجي ته پوءِ ان کي لڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪريو.
37. دعوتن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ تحفا قبول ڪرڻ.
38. ڪنهنجي به گهر جو دروازو ٽي کان وڌيڪ ڀيرا نه کڙڪايو. پوءِ جيڪڏهن دروازو نه کلي ته واپس هليا وڃو. جيڪڏهن دروازو کڙڪائڻ تي گهر ڌڻي پڇي ته ڪير آهي ته پنهنجو پورو نالو ٻڌايو. دروازي جي سامهون نه بيهو پر ڪجهه پاسيرا ٿي بيهو ته جيئن اندر نطر نه پئي سگهي.
39. بيهي پيشاب ڪرڻ کان پاسو ڪريو، ويهي پيشاب ڪريو، پيشاب ڪرڻ وقت قبلي ڏانهن منهن نه ڪريو ۽ ڪپڙن جي پاڪائيءَ جو خيال رکو.
40. پيشاب خاني ۾ پيشاب ڪريو، غسل خاني ۾ پيشاب نه ڪريو.
41. پارڪن ۽ رستن تي پيشاب نه ڪريو. ماڻهن جي سامهون ٿڪ اڇلائڻ کان پاسو ڪريو.
42. جسم جي صفائيءَ جو مڪمل خيال رکو. غير ضروري وارن جي صفائي ڪريو.
43. عام هنڌن تي وهنجڻ يا رفع حاجت وقت ستر جو خاص خيال رکو.
44. وضوع کان اڳ ۾ ڏندڻ ڪرڻ يا ڏند صاف ڪرڻ.
45. فيصلو ڪرڻ کان اڳ ۾ نيڪ ۽ اعتماد جوڳن ساٿين کان صلاح وٺڻ.
46. سخي بڻجو، سخاوت خدا کي ويجهو ڪري ٿي ۽ ڪنجوسي خدا کان پري ڪري ٿي.
47. غور ۽ فڪر ڪندو رهڻ ۽ موت کي هر وقت ياد رکڻ.
48. قرض کڻو ته ان جو مڪمل ليکو چوکو رکو. وقت تي قرض ادا ڪري ڇڏڻ.
49. مئلن جي فاتحه ڪرڻ، هنن جي لاءِ آخرت جي آجپي جي دعا ڪرڻ، ڪو عزيز فوت ٿي وڃي ته شروعاتي ڪجهه ڏينهن لاءِ فوتيءَ جي گهرڀاتين جي کاڌي پيتي جو خيال ڪرڻ.
50. فوتيءَ جي ڳڻن جو ذڪر ڪرڻ ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪرڻ.
51. ڪنهن جي فوت ٿيڻ تي اوڇنگارون ڏئي روئڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ ڪنهن پاڪ ذات لاءِ ڪجهه ڳالهائڻ کان پاسو ڪرڻ.
52. جيڪي موت جي بستري تي پيل هجن تن کي ڪلمو پاڪ پڙهندو رهڻ جي تلقين ڪرڻ، مٿس قرآني آيتن جو ورد ڪرڻ ۽ فوت ٿيڻ وقت سندس اکين تي هٿ رکڻ ۽ وات بند ڪري ڇڏڻ.
53. قبرستان تي وڃڻ چڱي عادت آهي ۽ اها توهان کي نيڪين جي معاملي ۾ سستي ڪرڻ کان روڪي ٿي. قبرستان ۾ جيئن ئي داخل ٿيو ته السلام عليڪم يا اهل القبور چئو. اوهين هتي اچي چڪا آهيو ۽ اسين هتي اچڻ وارا آهيون. شال ڌڻي توهان کي معاف ڪري ۽ توهان تي پنهنجون رحمتون نازل ڪري. اهو بهتر آهي ته قبرستان ۾ دعا گهرڻ توهان جو رخ قبلي طرف هجي. قبرن تي پير رکڻ مڪروهه آهي. قبرن تي گل رکڻ به چڱي عادت آهي ۽ قبر جي مٿان پيل سڪل گل يا گاهه وغيره هٽائي ڇڏيو.
54. بيمارن جي عيادت ڪرڻ پڻ سٺو عمل آهي. بيمارن کي حوصلو ڏيو ۽ صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪريو. مختصر گفتگو ڪريو. بيمار تي اهنج نه بڻجو. مريض جي حالت بابت ڪٿي خراب انداز ۾ ذڪر نه ڪريو ۽ اهڙي ڪابه گفتگو ڪٿي به نه ڪريو جنهن سان مريض کي رنج پهچي.
55. پنهنجي خاندان ۽ عزيزن سان ملندا رهو. خدا جي رحمت اهڙن ٻانهن تي نٿي رهي جيڪي پنهنجي عزيزن کي ڇني ڌار ڪري ڇڏين ٿا.
56. زم زم پاڪ اٿي بيهي ۽ قبلي رخ ٿي پيو.
57. پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جا فرمانبردار ٿيو. سندن مڪمل خيال رکو ۽ سارسنڀال ڪندا رهو. سندن دل رنجائڻ کان پاسو ڪريو ۽ کانئن دعا وٺندا رهو.