ڏاهپ / اخلاقيات

تخليق خالق کانسواءِ؟

ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
Title Cover of book تخليق خالق کانسواءِ؟

باب چوٿون

[b]1. نوجوانو
[/b]ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي وجود متعلق سوچيو آهي ته توهان ڪيئن هڪ جيو گهرڙي مان جنم ورتو آهي جيڪو توهان جي سوچ کان به ننڍڙو آهي؟ پنهنجي بدن جي جوڙجڪ تي ٿورو ڌيان ڏيو، ڇا توهان پنهنجي عضون مان ڪنهن هڪ کي ٻئي تي ترجيح ڏئي سگهو ٿا؟ نوجوانو! اڄ توهان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ رهو ٿا ۽ اڄ توهان معلومات تائين اک ڇنڀ ۾ پهچي سگهو ٿا. توهان جي ئي وقت جي هڪ تمام وڏي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي “اي منهنجا عضوا! آئون مڪمل آحترام سان توهان جي آڏو سر جهڪايان ٿو!” هتي هُو رڳو نڪ سان مخاطب هو. آخر ان هڪ معمولي عضوي کان ايترو متاثر ڇو آهي؟
ڇا توهان علم جي مدد سان پنهنجي پاڻ بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ نٿا چاهيو؟ جيڪڏهن اڄ توهان ڄاڻ کان فرار حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي مرضي پر ياد رکو ته هڪ ڏينهن اهي ئي عضوا توهان سامهون هوندا ۽ توهان انهن بابت معلومات حاصل ڪرڻ تي مجبور هوندا.
ڇا اڃا به توهان ۾ اهو شوق پئدا نه ٿيو آهي ته توهان خوبصورت عضون تي ٻڌل پنهنجي بدن متعلق ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪريو؟ توهان دنيا فتح ڪرڻ جي خواهش ته رکو ٿا پر پنهنجي دين متعلق مڪمل طور تي اڻڄاڻ رهڻ چاهيو ٿا.
توهان کي سوچڻ جي قوت عطا ڪئي وئي آهي. توهان جا خيال توهان کي نئين دنيا جو سير ڪرائيندا ۽ نئين ڄاڻ ڏيندا. ڇا اهو مناسب وقت نه آهي ته توهان پنهنجي متعلق ڪجهه سوچيو؟

[b]2. ٽيٽو جو تاريخي اعتراف
[/b]صالح گوڪيه اهڙو شخص هو جيڪو 50 سال ڪميونسٽن سان گڏ رهيو ۽ ڪميونزم لاءِ ترڪيءَ ۾ ڀرپور جدوجهد ڪندو رهيو. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ اسلام ڏانهن رجوع ڪيائين ۽ دين جي ترويج لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين. سندس وفات وقت کيس هڪ سٺي مسلمان عالم حيثيت ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. بهرحال پنهنجي ڪميونزم واري جدوجهد وقت کيس ترڪيءَ جي ڪميونسٽ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن جي صدر جي حيثيت ۾ هڪ ڀيري يوگوسلاويه وڃڻو پيو جتي بلغراد ۾ سندس ملاقات مارشل ٽيٽو سان ٿي هئي.
مارشل ٽيٽو هڪ اهڙو شخص هو جنهن سڄي زندگي ڪميونزم جي ترويج لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ هن ڪميونسٽ ڪامريڊن کي خطاب ڪندي ڪجهه دلچسپ اعتراف به ڪيا هئا ۽ چيو:
“ساٿيو! اڄ آئون موت جي دروازي تي اچي بيٺو آهيان .... آئون اڄ توهان جي آڏو موت جي دهشت بيان ڪري نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته اڄ توهان ان دهشت کان واقف ٿي نه سگهندا. اڄ توهان جوان آهيو ۽ اهي ڳالهيون توهان کي عجيب لڳنديون. ٿورو تصور ڪريو ته توهان مري چڪا آهيو ۽ هاڻي هن دنيا ۾ توهان جو وجود باقي نه رهيو آهي. هڪ ڀيرو توهان قبر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ وري هن دنيا ۾ قدم رکي نه سگهندا. اهو تصور ئي مون کي بلڪل چريو بڻايو ڇڏي. مون کي پنهنجن پيارن کان جدا ٿيڻو پوندو، پنهنجن ساٿين کان ڌار ٿيڻو پوندو، پنهنجي دولت کان موڪلائڻو پوندو ۽ هن دنيا جون رنگينيون آئون ٻيهر ڏسي نه سگهندس. توهان سمجهو پيا ته آئون ڇا چوڻ ٿو چاهيان؟ منهنجا پيارا ساٿيو! اڄ آئون پوري خلوص سان توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جڏهن آئون مرندس ته منهنجو جسم انتهائي بدبودار حالت ۾ ڳرڻ شروع ٿيندو. جيڪڏهن ڪو به پڇاڻو نه ٿيندو، ڪابه سزا يا جزا نه ملندي ته پوءِ آخر هن سڄي جدوجهد جو ڪهڙو فائدو؟ ساٿيو مون کي ٻڌايو آئون ته مري ويندس پوءِ ماڻهن جي دل ۾ هجان ته ڇا جيڪڏهن نه هجان ته ڇا، ماڻهو مون کي ياد ڪن يا نه ڪن ان سان ڇا ٿيندو؟ ڇا اها سموري محبت ۽ سموري تعريف منهنجي جسم کي بدبودار نموني ڳرڻ کان بچائي سگهندي؟
ساٿيو، مون کي ٻڌايو ته اسين ڇا ڪريون؟ لينن، مارڪس ۽ مائو وغيره ان جو جواب ڏيڻ ۾ ته ناڪام رهيا. اڄ آئون توهان جي آڏو اهو اعتراف ڪريان ٿو ته مون کي خدا جي موجودگيءَ جو پورو يقين آهي ۽ ان تي ايمان رکان ٿو. خدا جي پياري نبيءَ جي ٻڌايل موت کان پوءِ واري زندگيءَ جو پختو يقين آهي. لادينيت ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي. جيڪڏهن هڪ پل لاءِ به اهو مڃي وٺجي ته هن ڪائنات جو ڪو خالق آهي ۽ هن نظام کي قانون مطابق هلائڻ واري ڪا هستي آهي ته پوءِ مون کي اهو مڃڻو پوندو ته موت خاتمي جو نالو نه آهي.
موت کان پوءِ انصاف جي ڪا اهڙي جاءِ ضرور هجڻ گهرجي جتي بيگناهه قتل ٿيل مظلومن کي انصاف ملي ۽ جتي قانون کان بچي ويندڙ غاصبن جو احتساب ٿئي. هن دنيا ۾ ته ڪٿي به حقيقي انصاف نه آهي. اهو سچ نه آهي ته اهو رڳو منهنجو وهم آهي ۽ اهڙي ڪابه جاءِ موجود نٿي ٿي سگهي، اهڙي جاءِ جو وجود لازمي طور هجڻ گهرجي. آئون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ضمير مطابق چئي رهيو آهيان. اسان لکين ماڻهن کي گمراهه ڪيو ۽ اها سوچ اڄ مون کي تڙپائي رهي آهي. ڪنهن کي ته انصاف لاءِ دانهون ٻڌڻ گهرجن ..... ان کان سواءِ انصاف ڪيئن ٿيندو؟ ڪارل مارڪس ان سلسلي ۾ ته ڪابه وضاحت نه ڪري سگهيو ۽ اسان جو برين واش ڪيو ويو.
ڪجهه سببن جي ڪري اسين ان تي ڌيان نٿا ڏيون پر جڏهن موت اچي در تي بيهي ٿو ته اسان کي ان جو احساس ضرور ٿئي ٿو. اسان کي تاج، تخت ۽ عهدن ذريعي گمراهه ڪيو وڃي ٿو. پر اهي منهنجا خيال آهن ۽ ان سلسلي ۾ توهان پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ بلڪل آزاد آهيو.”

[b]3. سر آئزڪ نيوٽن
[/b]آئزڪ نيوٽن فزڪس جو عظيم ماهر هو. هن حرڪت ۽ ڪشش ثقل سميت ڪيترن ئي معاملن جي نه رڳو وضاحت ڪئي پر ان کي تجربن وسيلي ثابت به ڪيو ۽ ان جا قانون به جوڙيا. هن ڪهڪشائن ۽ ستارن جي رازن تان پردو به کنيو. کيس سندس انهن ئي خدمتن عيوض اهو مقام مليو.
آئزڪ نيوٽن سن 1642ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو هو. اهو ساڳيو ئي سن هو جڏهن گئليلو لاڏاڻو ڪيو هو. نيوٽن کي تمام گهڻي مڃتا به ملي ۽ گئليلو وانگر سندس چهري تي افسوس جو ڪوبه نشان موجود نه هو. برنارڊ رسل چوي ٿو “نيوٽن کان پوءِ رڳو البرٽ آئنسٽائين ئي آهي جنهن جي ڪم ۾ نيوٽن جهڙي خوبصورتي جا پاڇولا نظر اچن ٿا.”
پنهنجي مشهور ڪم “پرنسيپيا” ۾ نيوٽن لکي ٿو “سج، گرهن، ستارن ۽ پڇر تارن جي وچ ۾ موجود تال ميل ٻڌائي ٿو ته اهو سمورو نظام ڪنهن اهڙي هستيءَ جو جوڙيل آهي جيڪا ان بابت مطلق علم رکي ٿي. اها هستي خدا جي ذات کان سواءِ ڪا ٻي ٿي ئي نٿي سگهي، جيڪو هر هنڌ موجود آهي ۽ قادر مطلق آهي.” ڪجهه ڏينهن اڳ منيسوٽا ٽيڪنالاجي ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو:
“نيوٽن پنهنجي لئباريٽريءَ ۾ هڪ ڀيري شمسي نظام جو هڪ ميڪنيڪل ماڊل تيار ڪيو. اهو ماڊل هڪ ليور کي حرڪت ڏيڻ سان متحرڪ ٿي ويندو هو ۽ سمورا گرهه سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳندا هئا. هڪ ڀيري سندس هڪ دوست لئباريٽريءَ ۾ ساڻس ملڻ آيو جيڪو خدا تي يقين نه رکندو هو. هو اهو ماڊل ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ پڇڻ لڳو:
“هيءُ تمام خوبصورت آهي، ڪنهن ٺاهيو آهي؟”
نيوٽن چيو “ڪنهن به نه.”
هن چيو “توهان شايد منهنجو سوال نه سمجهيو؟”
نيوٽن چيو “آئون بلڪل سمجهي ويو آهيان. هيءُ ماڊل هڪ اوچتي حادثي جي پئداوار آهي ۽ پاڻمرادو وجود ۾ اچڻ کانپوءِ حرڪت ڪرڻ شروع ٿي ويو آهي.”
هن چيو “مون کي بيوقوف سمجهيو اٿئي ڇا؟”
ان تي نيوٽن اٿي کيس ڀاڪر پائي چوڻ لڳو “هيءُ ته شمسي نظام جو هڪ ننڍڙو ماڊل آهي جيڪو اڃا ته شايد پوري طرح مڪمل به نه هجي تون ان لاءِ به هڪ خالق جي موجودگي لازمي سمجهين ٿو ته پوءِ هن سڄي ڪائنات جي مڪمل نظام بابت تنهنجو ڇا خيال آهي؟”
نيوٽن پنهنجي ڪتاب “آپٽڪس” جي 28 هين سوال ۾ بيان ڪري ٿو “فزڪس جو بنيادي اصول آهي ته پنهنجا انومان، وسوسا ۽ ميڪنيڪل خطري جو شڪار ٿيڻ بدران بهتر آهي ته پنهنجي موقف جون ثابتيون پيش ڪيون وڃن.” “ڇا فزڪس جون سموريون شاهديون اهو واضح نٿيون ڪن ته خدا مطلق ڄاڻ، مطلق قوت ۽ مطلق نظر رکندڙ آهي.” “بيشڪ اهو غلط هوندو ته خدا هن ڪائنات جو محض ابتدائي ڪارڻ آهي ۽ تخليق کان پوءِ سڀڪجهه خودڪار نظام تحت هلي رهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ان جا وضح اهڃاڻ موجود آهن ته خدا نه رڳو هيءَ ڪائنات خلقي پر ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو مالڪ پڻ آهي. خدا ئي هن ڪائنات بابت ڪامل معلومات رکي ٿو ۽ ڪائنات جي نظام کي هلائڻ جي مطلق قوت به رکي ٿو ۽ ان کي هلائي به رهيو آهي.”
نيوٽن خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي ڏکئي قسم جا دليل نه ڏنا پر ڪائنات جي نظام ۾ موجود تال ميل، ربط ۽ سببن کي ئي خدا جي موجودگيءَ جي مناسب ثابتي قرار ڏنو آهي. “هر واقعي جي ظهور پذير ٿيڻ جو هڪ سبب آهي” جي عنوان پنهنجي لکڻين ۾ هن فطرت جي قاعدن ۽ قانونن جي آڌار تي اهو ثابت ڪيو آهي ته ڪائنات جو وجود محض حادثاتي نه آهي پر ان کي قادر مطلق پنهنجي بصيرت سان خلقيو آهي.
اچو ته نيوٽن جي بحث کي ئي اڳتي وڌايون. جانورن جي عضون بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ ڇا ڪا اک آپٽيڪل علم کان سواءِ ٺاهي سگهجي ٿي؟ ڇا ڪو ڪن ٻڌڻ جي حس، آواز ۽ لرزش جي قاعدن جي ڄاڻ کان سواءِ ٺاهي سگهجي ٿو؟ جانورن پنهنجي تخليق لاءِ ايترو جديد علم ڪٿان آندو ۽ ڪٿان سکيو؟ ان ۾ هاڻي ته ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته انهن سڀني جو ڪامل ڄاڻ رکندڙ هڪ خالق ضرور آهي، جنهن هر شيءِ، هرعضوي ۽ هر نظاري ۾ هڪ ربط برقرار رکيو آهي. اهڙي ذات ضرور موجود آهي جيڪا تمام علمن جي لامحدود ڄاڻ رکي ٿي.

[b]4. خدا جي وجود جي گواهي
[/b]وليم پئلي وٽ هڪ شخص آيو ۽ چوڻ لڳو “آئون چوان ٿو خدا نه آهي ڇا اوهين مون کي غلط ثابت ڪري سگهو ٿا؟” پئلي ان شخص کي ويجهو اچي هٿ وڌائي سندس کيسي مان گهڙي ڪڍي ان جو ڍڪ کولي چوڻ لڳو “هن هڪ تمام ننڍڙي مشين ۾ جيڪي گراڙيون، اسپرنگ ۽ ٻيون شيون لڳل آهن انهن متعلق جيڪڏهن آئون اهو چوان اهي سڀ حادثاتي طور تي وجود ۾ آيون ۽ ان ئي حادثي جي ڪري اهي سڀ پاڻمرادو گڏجي ويون ۽ نتيجي ۾ هيءَ مشين تيار ٿي وئي ته توهان جي منهنجي عقل بابت ڇا راءِ هوندي؟ آئون توهان کي منٿ ٿو ڪريان ته هن گهڙي ۽ هن ڪائنات جي ڀيٽ ڪريو ته انهن مان وڌيڪ مشڪل ڇا آهي، آسمان، چنڊ، سج، تارا، گرهه مطلب ته سڀڪجهه هڪ خاص ترتيب سان متحرڪ آهي.
ڌرتي ۽ ٻيا گرهه هڪ خاص رفتار ۽ ربط سان حرڪت ۾ آهن ۽ سج جي چوڌاري گردش ۾ آهن. اهو نظام شمسي وري ڪهڪشان جي مدار ۾ 250 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان گردش ۾ آهي جنهن مان معلوم ٿيو ان کي هن ڪهڪشان جو هڪ چڪر لڳائڻ ۾ 25 ڪروڙ سال لڳندا. هن ڪهڪشان ۾ اسان جي سج جهڙا 200 ارب شمسي نظام موجود آهن ۽ اهي سڀ هڪ خاص ربط ۽ رفتار سان حرڪت ۾ آهن. هاڻي ٻڌائي ته گهڙيءَ جي حادثاتي طور وجود ۾ اچڻ تي يقين ڪرڻ آسان هوندو يا هن ڪائنات جي وجود تي؟ ڪائنات جي گهڻ رخي نظام آڏو گهڙي ته بلڪل سادي مشين آهي اها پاڻ کي نٿي ٺاهي سگهي ته پوءِ هيءَ ڪائنات مڪمل ربط ۽ تال ميل سميت ڪنهن حادثي جو نتيجو ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟

[b]5. لکين ثبوت
[/b]اسلام هڪ مڪمل مذهب آهي. ان جو مطلب اهو نه آهي ڪو ماڻهو ان جي ڪجهه حصن تي عمل ڪري ۽ ٻيا ڇڏي ڏي. اهو شخص پوءِ به مومن هجڻ جي دعويٰ ڪري ته اهو ممڪن نه آهي. ها اسلام هڪ اهڙو دين آهي جنهن ۾ مڪمل رهنمائي موجود آهي ۽ جيڪي ڪرڻ گهرجي سو به واضح آهي ته جيڪي نه ڪرڻ گهرجي ان جي به چٽي وضاحت موجود آهي. اهو بلڪل واضح آهي ته ڪهڙيءَ طرح دنيا ۽ آخرت سنواري سگهجي ٿي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن تمام چٽيون وضاحتون ڪيون ۽ کانئن پوءِ وري عالمن هر شيءِ جي تشريح ڪري وڌيڪ آسانيون پئدا ڪيون. اسلام کي رڳو عقل ۽ منطق سان سمجهي نٿو سگهجي ۽ ان جي لاءِ وڌيڪ رهنمائيءَ ضرورت پوي ٿي. مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ ڪتابن جي درست چونڊ تمام ضروري آهي. اسان وٽ تحقيق ڪندڙن جو تعداد نه هجڻ جي برابر آهي ۽ ان جي ڪري ڪافي دشواريون پيش اچن ٿيون. اسين اڪيلي سر پنهنجي محدود عقل جي مدد سان ڪجهه سمجهڻ جي لائق نه آهيون ۽ ان لاءِ اسان کي لازمي طور تي ٻين جي مدد وٺڻي پوي ٿي.
ٻئي طرف شيطان آهي جيڪو اسان جي ذهن ۾ وسوسا پئدا ڪندو رهي ٿو. هڪ وسوسو هزار ثبوتن کي کائي وڃي ٿو. ان ڪري وڌيڪ هوشيار رهڻ لازمي ٿيو پوي. ڪامل يقين جي ضرورت پوي ٿي. مڪمل ايمان آڻڻو پوي ٿو. اهو ممڪن به نه آهي ته اسين هر شيءِ آسانيءَ سان سمجهي وڃون ان لاءِ اسان کي ٻين جي علم مان فائدو وٺڻو پوي ٿو.

[b]6. هڪ انڌو شخص
[/b]هڪ انڌو شخص بازار ۾ پني رهيو هو ته ساڻس هڪ ٻيو ماڻهو اچي ٽڪرايو. ٽڪرائجندڙ شخص انڌي کي چوڻ لڳو “ڇا توکي نظر نٿو اچي ته ڪهڙي پاسي پيو وڃين .... انڌو ته نه آهين!”
ان تي انڌو حيرانيءَ مان چوڻ لڳو “ڇا تون به انڌو آهين؟” ان تي ٻئي شخص وراڻيو “ها آئون انڌو آهيان ۽ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي هيڏي بازار ۾ هڪ نابين ٻئي نابين سان اچي ٽڪرايو آهي. شايد تون منهنجي ڳالهه بهتر سمجهي سگهين ٿو.”
ٻئي ڪجهه دير گوشائتا ٿي وڃي ويٺا ۽ هڪٻئي سان دل جو حال اورڻ لڳا. انڌي فقير ٻئي انڌي کان پڇيو “ڏينهن ۾ گهڻو ڪمائي وٺندو آهين؟” ان تي ٻئي شخص چيو “سٺي ڪمائي ٿي ويندي آهي.” اهو چئي هن ڪمائيءَ واري ٿيلهي انڌي فقير جي هٿ تي رکي ته جيئن هو محسوس ڪري وٺي ته ڪمائي ڪيتري آهي. پر ناڻي واري ٿيلهي جي وزن انڌي فقير کي بي ايمان بڻائي وڌو. سو جهڙپ سان انڌي شخص جي هٿ مان ٿيلهي ڦري وٺي هڪ پاسي ڀڳو. جيئن ئي ڀڳو ته هڪ پٿر اچي مٿي ۾ لڳس. اڃا ان جي تڪليف گهٽي نه هئي تيستائين ٻيو، ٽيون، چوٿون مطلب ته هڪٻئي جي پٺيان سڀ پٿر انڌي کي لڳا. ان تي انڌي فقير رڙ ڪئي “تون ڪوڙو آهين جيڪڏهن انڌو هجين ها ته هر پٿر ٺيڪ نشاني تي ڪيئن لڳي ها.” مطلب اهو ٿيو ته انڌي جو هر پٿر نشاني تي لڳي اهو ممڪن نه آهي البت اتفاق سان هڪ اڌ ئي لڳي سگهي ٿو. پر هاڻي جيڪڏهن هر پٿر نشاني تي لڳي ٿو ته پوءِ اسان کي مڃڻو پوندو ته هُو انڌو نه آهي. هاڻي جيڪڏهن چار پنج پٿر لڳاتار نشاني هڻدڙ کي اسين انڌو يا اتفاق مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون ته پوءِ هن ڪائنات ۾ موجود اربين گرهه، ستارا، ڪهڪشائون، شمسي نظام ۽ انهن مڙني جي حرڪت ۽ گردش ۾ هڪ ربط ۽ توازن سو سڀ محض اتفاق يا انڌي جو نشانو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
اچو ته ٿورو هيٺ ڏنل مثالن تي غور ڪريون:
1. زمين جي ٻاهرين سطح جي ٿولهه جيڪڏهن موجوده حد کان ڪجهه ميٽر به وڌيڪ هجي ها ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ سموري آڪسيجن جذب ڪري وٺي ها ۽ زمين تي زندگيءَ جو تصور محال بڻجي وڃي ها. زندگي جنم ئي نه وٺي سگهي ها.
2. جيڪڏهن فضا جي تهه موجوده سطح کان ٿوري به سنهي هجي ها ته ڪاسمڪ ڪرڻا، کڙندڙ تارن جا ٽڪرا ۽ ٻيون مختلف شيون ڌرتيءَ زندگيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏين ها. زندگي ممڪن نه هجي ها.
3. جيڪڏهن چنڊ جو زمين کا فاصلو رڳو 30 ڪلوميٽر گهٽ هجي ها ته سمنڊ ۾ ايڏيون وڏيون لهرون اٿن ها جيڪي سڄي ڌرتيءَ کي ٻوڙي ڇڏين ها.
4. جيڪڏهن سمنڊ جو پاڻي مٺو هجي ها ته ڌرتيءَ تي ايتري ته بدبو هجي ها جو ساهه کڻڻ به ممڪن نه هجي ها. لوڻ سمنڊ کي وشال ڌٻڻ بڻجڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن سوڊيم ۽ ڪلورائيڊ پاڻ ۾ نه ملن ها ته ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو تصور ممڪن نه هجي ها.
5. ڪيميائي عنصرن جي ميلاپ کان سواءِ زمين، پاڻي، وڻن، جانورن ۽ ٻوٽن جو تصور به نه هجي ها.

اسين اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون ڪا تصوير يا ٽيبل پاڻمرادو وجود ۾ اچي سگهي ٿي ته پوءِ هن وشال ڪائنات جي ترتيب، ربط ۽ تال ميل سڀ ڪجهه محض اتفاق ڪيئن ٿو ٿي سگهي.

[b]7. ڪُوڙ
[/b] الله پاڪ جو فرمان آهي ته منهنجا نيڪ ٻانها ڪڏهن به ڪوڙ کي ويجھا به نه ويندا. اهائي هدايت رمضان بابت آهي ته رمضان جو چنڊ ڏسو ته ان بابت ڪوڙ نه ڳالهايو. ان ۾ سڄو زور نيڪ ٻانهن تي ڏنو ويو آهي ۽ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته هُو ڪوڙ کان پاسو ڪن.
اڄ مشرق ۾ ڪوڙ جي بنياد تي ماڻهن جي ڦرلٽ جاري آهي ۽ آهستي آهستي اها خرابي مغرب ڏانهن به وڌي رهي آهي. ڪوڙ هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو ماڻهن ۾ نه رڳو موجود آهي پر ان جي ڪري محبت ۽ ڀائيچارو متاثر به ٿي رهيو آهي. شروع ۾ ته ننڍڙو ڪوڙ بظاهر خطرناڪ نه هوندو آهي پر آهستي آهستي اهو وڏو ۽ تمام خطرناڪ ٿيندو ويندو آهي.
توڙي جو جيڪي ڪبيرا گناهه آهن انهن جي فهرست ۾ ڪوڙ جو ٽيون نمبر آهي پر جيڪڏهن غور سان جائزو ورتو وڃي ته هر شيطاني ڪم تي ڪوڙ جو پاڇو ضرور هوندو. شرڪ يا والدين جي نافرماني به ڪوڙ تي ئي ٻڌل هوندا آهن. تڏهن مسلمانن کي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪوڙ کان پاسو ڪريو. رڳو ڪوڙ نه ڳالهائڻ سان دنيا جون لڳ ڀڳ سموريون برايون ختم ٿي وينديون. سچ ڳالهائڻ وڏي نيڪي آهي. هڪ ڏينهن ۾ ڪو شخص جيترا ڪوڙ ڳالهائي ٿو سمجهو ته ايترو ئي شرڪ ڪري ٿو. عبادت توهان کي ڪوڙ کان بچائي سگهي ٿي. جيترو ممڪن ٿي سگهي پاڻ کي سچ جي راهه رکو ۽ ڪوڙ کان بچندا رهو. دوستن، عزيزن، مائٽن ۽ ٻين ساٿين سان ڪوڙ نه ڳالهايو. ڪوڙيون شاهديون نه ڏيو. ڪوڙا قسم نه کڻو.