ڏاهپ / اخلاقيات

تخليق خالق کانسواءِ؟

ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
Title Cover of book تخليق خالق کانسواءِ؟

باب ڇهون

[b]ٽيون لفظ
[/b]شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت رحيم ۽ ٻاجهارو آهي، اي انسانو خدا جي عبادت ڪريو ......
جيڪڏهن توهان عبادت جي بدلي حاصل ٿيندڙ سڪون ۽ خوشيءَ جو اندازو لڳائڻ چاهيو ٿا ۽ گمراهيءَ جي بدلي ملندڙ پريشانين متعلق ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته هيءُ قصو غور سان ٻڌو:
هڪ ڀيري ٻن فوجين کي هڪ ٻئي شهر وڃڻ جو حڪم مليو. هو ٻئي گڏجي سفر تي روانا ٿيا. اڌ پنڌ تي پهتا ته اڳيان هڪ ٻه واٽو هو ۽ هنن کي خبر نه هئي ته ڪهڙو رستو مناسب رهندو. اتي کين هڪ شخص مليو جنهن کين ٻڌايو ته اهي ٻئي رستا ساڳئي شهر ڏانهن وڃن ٿا ۽ فاصلو به هڪ جيترو آهي. ساڄي هٿ وارو رستو محفوظ آهي. ان رستي تان ويندڙ ڏهن مان نو ماڻهن کي گهڻيون سهولتون، فائدو ۽ سٺو تجربو حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته کاٻي هٿ واري رستي مان ڪو به فائدو حاصل نٿو ٿئي. ان رستي تان ويندڙ ڏهن مان نو ماڻهن کي نقصان ئي رسيو آهي. فاصلي جي لحاظ کان ته ڪوبه فرق نه آهي البت هڪ فرق ضرور آهي ته کاٻي هٿ واري رستي تي سفر ڪندڙن لاءِ ڪي به قاعدا يا ضابطا نه آهن ۽ نه ئي ان رستي تي ڪنهن جو زور هلي ٿو. ان راهه تي هلندڙن لاءِ سامان ۽ هٿيار کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي ان ڪري مسافر پاڻ کي تمام هلڪو ڦلڪو محسوس ڪن ٿا. جڏهن ته ساڄي هٿ واري رستي تي فوج جي حڪمراني آهي ۽ ان جي قاعدن ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻو پوي ٿو. پنهنجو سامان ۽ هٿيار به سنڀالڻا پون ٿا. مطلب ته 4 ڪلو جي ڪٽ بئگ، به ڪلو جي رائفل ٻيو سامان يعني ڏهه ڪلو وزن کڻڻو پوي ٿو ۽ رستي تي دشمنن جو خطرو به رهي ٿو.
ٻنهي سپاهين ان شخص جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون انهن مان جيڪو خوشقسمت هو تنهن ساڄي هٿ وارو رستو اختيار ڪيو ۽ ڏهه ڪلو وزن پاڻ سان کڻي روانو ٿيو پر سندس روح تي خوف جو هزارين مڻ وزن نه هو. بدقسمت شخص فوج واري نوڪري ڇڏي ۽ ڏهه ڪلو وزن مان به آجپو حاصل ڪيو پر سندس دل تي خوف جو هزارين مڻ وزن موجود هو ۽ کاٻي هٿ وارو رستو وٺي روانو ٿيو. وٽس ڪوبه سامان نه هو ان ڪري سڄي رستي ۾ هر شيءِ لاءِ کيس ٻين آڏو هٿ ٽنگڻو ٿي پيو، ليلائڻو ٿي پيو ۽ سر جهڪائڻو پيو ٿي. جڏهن منزل تي وڃي پهتو ته کيس فوج مان ڀڄڻ جي ڏوهه ۾ پڪڙيو ويو ۽ سزا ڏني وئي.
ساڄي هٿ وارو رستو وٺي ويندڙ کي ڪنهن جي به آڏو هٿ ڦهلائڻو نه پيو ۽ نه ئي خوف جي ڪري ڪنهن جي آڏو جهڪڻو پيو. جڏهن منزل تي وڃي پهتو ته کيس عزت، احترام ۽ انعام سان نوازيو ويو. بس کيس رڳو سڄي رستي ڏهه ڪلو وزن ئي کڻڻو پيو هو.
اي گمراهه انسانو! سمجهو ته انهن فوجين وانگر هڪڙا اهي آهن جيڪي نظر ايندڙ وزن کڻڻ کان لنوائين ٿا پر باقي هر تڪليف کين برداشت ڪرڻي پوي ٿي ۽ هر ڪنهن جي اڳيان ٻاڏائڻو پوي ٿو. آخرت ۾ سزا ۽ عذاب جا حقدار به ٿين ٿا. ٻيا اهي آهن جيڪي بظاهر نظر ايندڙ وزن کڻڻ کان نٿا ڪيٻائين ۽ ان جي نتيجي ۾ نه کين راهه ۾ ڪا اوکي پوي ٿي ۽ نه ڪنهن جي اڳيان جهڪڻو پوي ٿو. آخرت ۾ به کين ان ثابت قدميءَ جو اجورو ضرور ملي ٿو.
ها اهو ضرور آهي ته خدا جي اڳيان جهڪندڙن کي نه موت جو خوف آهي نه ئي کين ڪنهن دنياوي آسائش جو فڪر آهي. هُو ته بس پنهنجي خالق کي خوش رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهن ٿا نتيجي ۾ مالڪ کين دنيا ۽ آخرت ۾ آرام ۽ سڪون عطا فرمائي ٿو. بهرحال فيصلو اسان کي ئي ڪرڻو آهي ته ڪهڙي واٽ وٺجي.

[b]1. خوشيءَ جو هڪ نسخو
[/b]وضو ۽ نماز ٻه اهڙيون معجزاتي سوکڙيون آهن جن ۾ هزارين راز لڪل آهن. اڄ سڄي دنيا ۾ هر انسان غسل ته ضرور ڪري ٿو ۽ مون کي اها پڪ آهي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن هر انسان وضو به ضرور ڪندو. پهرين اسين ٽن طبي معجزن جو ذڪر ڪريون جيڪي وضو ۽ غسل جي ڪري رونما ٿين ٿا.
1. ان سان جسم مان اضافي اليڪٽران خارج ٿين ٿا جن جي ڪري جسم کي راحت ملي ٿي.
2. ان سان رت جي گردش وارو سرشتو بهتر ٿئي ٿو ۽ عمر وڌڻ جو عمل ماٺو ٿئي ٿو.
3. ان سان رت جي اڇن جزن وارو سرشتو وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳي ٿو ۽ اهو جسماني حفاظت واري سرشتي کي متحرڪ رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
هاڻي اچو ته انهن مان هرهڪ تي تفصيلي نظر وجهون:
ساڪن برقي توازن: ڪنهن به صحتمند جسم لاءِ ساڪن برقي توازن انتهائي اهم آهي. پلاسٽڪ، هوا ۾ موجود بجلي ۽ ٻيو مختلف قسم جو فرنيچر وغيره جسم ۾ ساڪن برقي توازن بگاڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن جيئن ئي توهان پنهنجي ڪار مان ٻاهر نڪرو ٿا يا صوفا تي گهڻي دير ويهڻ کان پوءِ اٿو ٿا ته توهان جو جسم برقي قوت جو مجموعو بڻجي وڃي ٿو ۽ اليڪٽران جو وڏو تعداد جسم ۾ گڏ ٿي وڃي ٿو. ان جي ڪري توهان عجيب صورتحال جو شڪار ٿي وڃو ٿا جيئن وڌيڪ غصو اچڻ، بيچيني يا ايتريقدر جو توهان نفسياتي مسئلن جو شڪار به ٿي سگهو ٿا. انهن مڙني حالتن کان بچاءُ جو واحد حل وضو ۽ غسل آهن. ان کان ته ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته جيڪي ماڻهو باقاعدگيءَ سان وضو ڪندا رهن ٿا تن جا چهرا ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشن هوندا آهن. ايستائين جو مٽيءَ سان ٿيندڙ تيمم جا به ساڳيا ئي نتيجا نڪرن ٿا.
اهڙا ماڻهو جيڪي وضوءَ جي ڪري ساڪن برقي توازن واري طريقي کان ناواقف آهن سي ماڻهو وري اڪُوپنڪچر جي طريقي تحت جسم ۾ سُيون ٽنبائي اهو توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
رت جي گردش وارو سرشتو: اسان جي رت جي گردش جو ٻٽو طريقو ٿئي ٿو، هڪ ۾ رت دل کان جيوگهرڙن ڏانهن وڃي ٿو ۽ ٻئي ۾ وري اهو رت جيوگهرڙن کان واپس دل ڏانهن اچي ٿو. جسم جي ٽشوز ۾ رت جي گردش وار کان به سنهين رڳن جي ذريعي ٿئي ٿي. خوراڪ جي ذرن يا ٻين شين جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهي سنهڙيون رڳون بند ٿي وينديون آهن. جنهن جي ڪري رت جيوگهرڙن تائين پهچي نه سگهندو آهي. اسان جون رت جون ناليون رٻڙ وانگر نرم سمجهيون وڃن ٿيون.
هاڻي وضو انهن تي ڪيئن پنهنجو اثر ڇڏي ٿو؟
وضوءَ وقت جيئن ته اسان جي جسم جي مختلف عضون جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ جو تاپمان مختلف هوندو آهي جنهن ڪري رڳون کلن بند ٿين ٿيون. اهو کُلڻ ۽ بند ٿيڻ جو سلسلو بلڪل ڪنهن لهر وانگر جاري رهي ٿو. جنهن جي ڪري ڪٿي ڪا رنڊڪ هوندي آهي ته اها اتان نڪري دل ڏانهن هلي ويندي آهي ۽ اسان جي جسم جي ٽشوز کي رت جي فراهمي بحال ٿي ويندي آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته اهي رطوبت واريون رنڊڪون عام طور هٿن، پيرن ۽ چهري تي زياده گڏ ٿين ٿيون ۽ وضوءَ جو زور به انهن هنڌن تي ئي هوندو آهي. وضوءَ جي حڪمت ڪا گهٽ ڪانهي.
رت جي اڇن جزن وارو سرشتو: اسان جي جسم جو دفاعي نظام رت جي اڇن جزن تي ٻڌل هوندو آهي. اهي اڇا جزا وار کان به سنهڙين رڳن وسيلي جسم جي هر حصي ۾ گردش ڪندا رهن ٿا. اهي ننڍڙا سپاهي جيئن ئي ڪو خطرو محسوس ڪن ٿا ته بنا ڪنهن دير جي پنهنجو دفاعي آپريشن شروع ڪري ڇڏين ٿا. هُو مائيڪروبز ۽ خاص طور ڪينسر پئدا ڪندڙ گهرڙن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪن ٿا. هُو پنهنجي نشيدار هٿيارن سان انهن مخالفن کي خاموش ڪري ڇڏين ٿا.
وائرل انفيڪشن ۽ ڪينسر پئدا ڪندڙ گهرڙا ئي جسم جي دفاعي نظام لاءِ هر وقت نوان چئلينج پئدا ڪن ٿا. اسان جي رڳن ۾ موجود اڇن جزن جو متحرڪ رهڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. وضو ۽ غسل انهن سنهڙين رڳن تي ڪيترن ئي قسمن جو اثر ڇڏين ٿا. هٿ، پير ۽ منهن ڌوئڻ جي ڪري ٻين حصن جي سنهڙين رڳن جو عمل تيز ٿي وڃي ٿو. انسان جي جسم جا سڀ کان حساس حصا نڪ، چهرو ۽ ڪاڪڙو آهن. وضوءَ وقت نه رڳو انهن حصن جي مالش ٿئي ٿي پر انهن حصن جي صفائي به ٿي وڃي ٿي. جنهن جي ڪري دفاعي نظام جي لاءِ نه رڳو آساني پئدا ٿئي ٿي پر اهو وڌيڪ مضبوط ۽ متحرڪ به ٿي وڃي ٿو. توهان ڪنهن به ماهر ڊاڪٽر ڏانهن وڃو پوءِ هُو مسلمان هجي يا نه هجي هُو توهان کي وضوءَ واري انداز ۾ هٿ منهن ڌوئڻ جي هدايت ضرور ڪندو.
هاڻي قرآن شريف جي هن هدايت تي ٿورو غور ڪريو: “اي ايمان وارو! جڏهن نماز جي تياري ڪريو، پنهنجو چهرو، هٿ ۽ ٺونٺين تائين (ٻانهون) ڌوئو ۽ ڳرين تائين پير ڌوئو. جيڪڏهن توهان ناپاڪ آهيو ته غسل ڪريو ۽ سڄو بدن ڌوئو....” (قرآن 5/6) ان آيت ۾ اڳتي هلي وضاحت ڪئي وئي آهي “الله توهان کي مشڪل ۾ وجهڻ نٿو چاهي پر توهان پاڪ رکڻ چاهي ٿو ته جيئن توهان تي نعمتون نازل ٿين، اوهين شڪرگذار بڻجي سگهو.”
اڄ جي سائنس ته هن وقت ۾ نعمتون نازل ٿيڻ جو مطلب سمجهي سگهي آهي. اڄ اسين سمجهي سگهيا آهيون ته وضوءَ جون ڪهڙيون ڪرامتون ۽ فائدا آهن ۽ اڄ اسان کي احساس ٿيڻ لڳو آهي ته اسان لاءِ صحت الله پاڪ جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. جيڪا اسان انتهائي سهولت واري انداز ۾ عطا ڪئي وئي آهي. اڄ اسان کي پاڪائيءَ جي اهميت جي خبر پئي آهي.
نماز: عبادت جو هڪ طريقو ۽ دين جو بنيادي جز آهي. قرآن شريف ۾ نماز کي اسان جي تخليق جي شڪراني طور ٿيندڙ عبادت جو درجو ڏنو ويو آهي. نماز ترتيب پئدا ڪرڻ جو به هڪ وسيلو آهي ۽ جيڪڏهن مڪمل انداز ۾ ادا ڪئي وڃي ته مراقبي جهڙي حالت پئدا ٿي وڃي ٿي. اهو اهڙو انداز آهي جو نماز وقت جيڪڏهن توهان ڪنهن جي کل به لاهي وٺو ته کيس خبر نه پوندي. مومن ته “الله اڪبر” چوڻ شرط ئي ذبح ٿي وڃي ٿو ۽ نماز ختم ٿيڻ تي ئي ٻيهر زنده ٿئي ٿو. هڪ جنگ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجههُ کي ٽَنگ ۾ هڪ تير لڳو جيڪو کين تمام گهڻي تڪليف ڏئي رهيو هو. جنهن وقت پاڻ نماز پڙهڻ شروع ڪيائون ته طبيب اهو تير ڪڍي ۽ زخم کي لوهه جي گرم سيخ سان ساڙي به ڇڏيو پر کين ان جي خبر ئي نه پئي. نماز کان پوءِ کين ان جو علم ٿيو هو. رڳو ايترو نه پر نماز مان معاشرتي ۽ جسماني فائدا به انيڪ آهن.
نماز جا جسماني فائدا: اسانجي اکين جي قرنيه جو سُسڻ ۽ ڦُونڊجڻ موجود روشني ۽ جيڪو اسين ڏسڻ چاهيون ٿا ان جي فاصلي سان تعلق رکي ٿو. ان جي ڪري اسان جون اکيون ٿڪجي پون ٿيون. اکين کي آرام ڏيڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته اسين ڪجهه دير لاءِ پنهنجي نظر صرف ڏيڍ ميٽر جي مفاصلي تي رکون. نماز جي لاءِ اسان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان وقت اسين پنهنجي نظر سجدي واري هنڌ تي رکون ۽ اهو فاصلو لڳ ڀڳ ڏيڍ ميٽر ئي ٿئي ٿو. اسين ڏينهن ۾ چاليهه رڪعت نماز پڙهون ٿا جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته مختلف وقتن تي اکين کي آرام ڏيڻ جو هڪ ڏينهن جو وقت لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ بيهي ٿو. پنهنجي اکين جي صحت جي حفاظت جو اهو انتهائي دلچسپ نسخو آهي.
اسان جسم جي مخلف سنڌن يا جوڙن تي هر وقت تمام گهڻو وزن رهي ٿو ۽ نماز جي ادائيگي انهن جي ورزش ۽ حفاظت جو انتهائي خوبصورت طريقو آهي. اها ته تسليم شده حقيقت آهي ته ورزش جو ڪوبه اهڙو طريقو نه آهي جيڪو نماز کان وڌيڪ بهتر ۽ فائديمند هجي. نماز جو طريقيڪار اسان جي سنڌن جي عمر وڌائي ڇڏي ٿو. برقي مقناطيسيت اسان جي دل ۽ نروس سسٽم جي عمل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. نماز جي ادائيگي ان کي بلڪل مناسب حد تي رکڻ جو آسان ذريعو آهي. جيڪي باقاعدگيءَ سان نماز پڙهن ٿا تن کي دل جي تڪليف ٻين ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿي.
نماز جا روحاني فائدا: نماز اسان کي هڪ ڏينهن ۾ مختلف وقتن تي مجموعي طور تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ لاءِ دنياوي پريشانين کان پري رکي ٿي. قرآن شريف ۾ به ڄاڻايل آهي ته نماز اسان کي انتهاپسندي ۽ گناهن کان بچائي ٿي. اها اسان کي مفادپرستي ۽ لالچ کان به بچائي ٿي جنهن جي ڪري ڪجهه وقت لاءِ اسان جي ذهن تان مختلف شين جو دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو. جيڪو به ماڻهو دل سان نماز پڙهي ٿو تنهن جي اندر ۾ پاڻمرادو قناعت پسندي پئدا ٿي وڃي ٿي. ان سان اسين جسماني ۽ ذهني دٻاءُ کان محفوظ رهون ٿا.
نماز جو ڪردار تي اثر: هر رڪعت ۾ اسان کي سوره فاتحه ضرور پڙهڻي پوي ٿي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان کي بار بار اهو دهرائڻو پوي ٿو “اي الله تون ئي عبادت جي لائق آهين ۽ تو کان مدد گهرو ٿا.” اها شيءِ انتهائي غيرمحسوس انداز ۾ اسان جي لاشعور ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي. ان جو اسان جي اخلاق ۽ ڪردار تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو.
ايتريقدر جو جيڪي رڳو رسمي طور تي نماز پڙهن ٿا تن جي سوچن مان به آهستي آهستي غرور ختم ٿي وڃي ٿو. غرور، هٺ ۽ وڏائي انسان جي ڪردار جا انتهائي خطرناڪ عنصر آهن ۽ نماز جي ڪري انهن مان ڇوٽڪارو ملي ٿو. نفرت ۽ غرور هر خرابيءَ جو ڪارڻ آهن ۽ نماز توهان کي ان کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿي. توهان کي روحاني طور تي سگهارو بڻائي ٿي. يعني نماز عبادت جو هڪ اهڙو قسم آهي جيڪو توهان جي نفساني خواهشن تي به ضابطو رکي ٿو. نماز هڪ اهڙو خودڪار نظام آهي جيڪو توهان جي ايمان کي مضبوط ڪري ٿو. جڏهن عبادت ۾ ايمان به شامل ٿئي ٿو ته ان جو انسان جي ڪردار تي انتهائي مثبت اثر پوي ٿو. نماز جي ڪري منافقيءَ جو خاتمو ٿئي ٿو. قرآن ۽ حديث جي هدايت موجب انسان نماز جي ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ کان به محفوظ رهي ٿو ۽ حقيقت پسندي پئدا ٿئي ٿي.

[b]2. نبِي ڪريم ﷺ جن جي مسلمانن کي عبادت جي هدايت
[/b]حضرت عمر بن سعد بن ابي وقاص کان روايت آهي ته مون پنهنجي والد ۽ سندس دوستن کان ٻڌو هو ته اسان جي پياري نبيﷺ جن جي وقت ۾ ٻه ڀائر هوندا هئا جن مان هڪڙو ٻئي کان وڌيڪ پرهيزگار هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻئي ڀائر هڪٻئي جي پٺيان فوت ٿي ويا. ماڻهن نبي صلعم جن کي ٻڌايو ته انهن مان هڪ وڌيڪ پرهيزگار هو. جنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا هُو نماز پڙهندو هو؟”
ماڻهن جواب ڏنو “جي حضور، هُو نماز جو پابند هو.”
پاڻ سڳورن فرمايو “نماز هڪ اهڙي صاف ۽ پاڪ ندي آهي جيڪا توهان جي گهر جي بلڪل اڳيان وهي ٿي ۽ جيڪو ماڻهو ان نديءَ مان پاڻ کي ڏينهن ۾ پنج ڀيرا پاڪ ۽ صاف ڪري ٿو سو گندو ڪيئن ٿو رهي سگهي. نماز مرتبو وڌائي ٿي.”
حضرت ابو هريره کان روايت آهي: هڪ قبيلي جا ٻه ماڻهو پاڻ سڳورن وٽ آيا ۽ اسلام قبول ڪيائون، پوءِ منجهانئن هڪ جنگ ۾ شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو هڪا سال پوءِ طبعي موت مئو. طلحه بن عبيدالله ٻڌايو “ مون خواب ۾ ڏٺو ته جيڪو طبعي موت مئو هو سو جنت ۾ شهيد کان اڳ ۾ داخل ٿيو. مون کي ان تي حيرت ٿي ۽ مون ان جوذڪر پياري نبي ﷺجن سان ڪيو. جنهن تي پاڻ فرمايائون “طبعي موت مرندڙ هڪ سال وڌيڪ رمضان جا روزا رکيا ۽ ٻئي کان فرض ۽ سنت جون ڇهه هزار رڪعتون وڌيڪ پڙهيون هيون.” هڪ ٻي حديث پاڪ آهي “نماز انسان ۽ جنت جي وچ ۾ فاصلو گهٽائي ٿي ۽ ان جي ڪري هُو اڳ ۾ جنت ۾ داخل ٿيو.”
حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمايو “اسين سڀ پاڻ سڳورن سان گڏ مسجد ۾ نماز جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو کانئس هڪ گناهه ٿي ويو آهي پر پاڻ سڳورن ان تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. نماز کان پوءِ ساڳيو ئي شخص ٻيهر چوڻ لڳو ته کانئس گناهه سرزد ٿيو آهي، جنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو“ڇا تو هينئر اسان سڀني سان گڏجي وضو ڪري نماز نه پڙهي آهي؟” جنهن تي ان شخص وراڻيو “جي حضور بلڪل پڙهي آهي.” پاڻ سڳورن فرمايو “اها نماز تنهنجي ان گناهه جو ڪفارو آهي.”
حضرت عبدالله بن عمر کان روايت آهي: هڪ شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو “اي پيارا نبي ﷺ سڀ کان فائديمند شيءِ ڪهڙي آهي؟”
پاڻ سڳورن فرمايو “نماز.”
ان شخص وري پڇيو “۽ نماز کانپوءِ؟”
پاڻ سڳورن فرمايو “نماز.”
ان شخص وري پڇيو “نماز جي ادئيگيءَ کانپوءِ؟”
پاڻ سڳورن وري فرمايو “نماز.”
هڪ شخص پاڻ سڳورن کان جهاد جي اجازت وٺڻ آيو. جنهن پاڻ سڳورن فرمايو “نماز کان پوءِ جهاد في سبيل الله اچي ٿو.”
ان تي اهو شخص چوڻ لڳو “منهنجا پوڙها ماءُ ۽ پيءُ به آهن.”
پاڻ سڳورن فرمايو “ته پوءِ بهتر آهي ته وڃي والدين جي خدمت ڪر.”
اهو شخص چوڻ لڳو “مون کي قسم آهي خداءِ بزرگ ۽ برتر جو جنهن اوهان کي نبي ڪري موڪليو آهي ته آئون والدين کي ڇڏي جهاد ۾ ضرور شرڪت ڪندس.”
جنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو “اهو منهنجو حڪم نه پر تنهنجو فيصلو هوندو.”
عمر بن مراه کان روايت آهي: هڪ شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: “اي خدا جا پيارا پيغمبر ﷺ جيڪڏهن آئون لا الهٰ الالله محمد الرسول الله دل سان چوان، پنج وقت نماز پڙهان، روزا رکان ۽ خيرات ڏيان ته پوءِ مون کي ڪهڙو مقام ملندو؟”
پاڻ سڳورن فرمايو “صديق ۽ شهيد جو درجو ملندو.”
انس بن مالڪ کان روايت آهي: جنهن وقت پاڻ سڳورن جي هن فاني دنيا مان برقعو مٽائڻ جو وقت آيو ان وقت سندن زبان مبارڪ تي هي لفظ هئا “نماز ۽ اهي جن کي توهان جوابده آهيو تن جي فرض ادائيگيءَ تي مڪمل ڌيان ڏيو.” پاڻ سڳورا آخر وقت تائين اهي اکر اچاريندا رهيا.
حضرت علي عليه السلام کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ ڪاغذ ۽ قلم آڻڻ لاءِ چيو. پاڻ ڪجهه لکائڻ چاهيو ٿي ته ڪجهه هدايتون ڏئي وڃن ته جيئن کانئن پوءِ امت گمراهه نه ٿي وڃي. پر وقت تمام گهٽ هو ان ڪري مون عرض ڪيو ته يا رسول الله توهان چئو آئون ياد ڪري وٺندس.
پاڻ سڳورن فرمايو “آئون توهان کي هدايت ڪري ٿو وڃان ته نماز ۽ زڪوات کان پري نه ٿجو ۽ انهن جو خيال رکجو جن جي سار سنڀال توهان جي ذميواري آهي.”
هڪ ٻي روايت آهي ته پاڻ سڳورن تي غشي طاري هئي جڏهن ٿورو هوش آيو ته فرمايائون “جيڪي لالهٰ الاالله محمد الرسول الله دل سان چون ٿا تن تي دوزخ حرام آهي.”

[b]3. الله ﷻ کان سواءِ ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪو
[/b]شيطان انهن جو ئي دوست بڻجي ٿو جيڪي عبادت نٿا ڪن. هن هڪ ماڻهو ڏٺو جنهن ڪڏهن به سجدو نه ڪيو هو تنهن کي شيطان چيو “مون سڄي ڄمار عبادت ڪئي رڳو هڪ ڀيرو خدا جي حڪم تي آدم کي سجدو نه ڪيم ته مون کي جنت مان نيڪالي ملي ويئي. تون جيڪو ڏينهن ۾ پنج ڀيرا خدا کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪرين ٿو مون کي حيرت آهي ته تنهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو.”
اهي جيڪي خدا جي عبادت نٿا ڪن تن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته هو ڪهڙي نعمت ضايع ڪري رهيا آهن. اهو ڏينهن ڪو گهڻو پري ڪونهي جڏهن کين ان جو حساب ڏيڻو پوندو پر ان وقت سندن هٿ پير ٻڌل هوندا ۽ هو ڪجهه به نه ڪري سگهندا. عبادت کان سواءِ وحدت تي ايمان ئي مڪمل نٿو ٿئي. جيڪي ان کان انڪار ڪن ٿا تن کي شايد اهو احساس ئي نه آهي ته هو ڪيڏي وڏي غلطي ڪري رهيا آهن ۽ ان جي بدلي کين جهنم جي باهه جو کاڄ بڻجڻو پوندو. سجدو ئي ٻانهي کي خدا جي قريب تر ڪري ٿو.
اهي والدين جيڪي پنهنجي اولاد کي نماز جي تلقين نٿا ڪن يا ان کان غافل رهن ٿا يا کين چون ٿا نماز نه پڙهي ته ڪا ڳالهه نه آهي سي وڏي غلطي ڪري رهيا آهن. اهڙن والدين کي پنهن جي گناهن سان گڏ اولاد جي گناهن جو به حساب ڏيڻو پوندو.

[b]4. عبادت
[/b]ڪلام الله پاڪ عبادت تي زور ڀري ٿو ۽ واضح ڪري ٿو ته جيڪي عبادت نٿا ڪن سي جهنمي آهن. خدا کي ڪنهن جي به سجدي جي ضرورت نه آهي ۽ نه هُو ڪنهن جي عبادت جو محتاج آهي. عبادت جو حڪم خود بندي جي ڀلائيءَ لاءِ ڏنو ويو آهي. عبادت جي ضرورت اسان کي آهي ڇو ته اهو ئي ڇوٽڪاري جو رستو آهي. اسين روحاني طور تي بيمار بڻجي چڪا آهيون. جيڪڏهن خدا جي پناهه ۾ وينداسين ته ان ۾ اسان جي بهتري آهي. عبادت اسان کي خدا جي پناهه ۾ ڏي ٿي. عبادت خدا جي شڪر ادا ڪرڻ جو هڪ مناسب طريقو آهي. اسان کي جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ٽافي به ڏي ٿو ته اسين سندس ٿورا مڃيون ٿا ته پوءِ افسوس آهي جو اسان وٽ ان خدا جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ وقت نه آهي جنهن اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو. خدا اسان کي انسان بدران ڪتو يا ٻلو به بڻائي سگهيو ٿي ۽ کيس ان کان روڪڻ وارو ڪوبه نه هو. اهي مالڪ جا احسان آهن جنهن اسان کي انسان بڻايو. ڪائنات جي هر شيءِ پنهنجي خالق جي شڪرگذار آهي ۽ سندس عبادت ڪندي رهي ٿي ته پوءِ آخر انسان ان کان پري ڇو آهي؟ ڪو شخص عبادت نه ڪري ۽ چوي ته هُو صرف پنهنجي پاڻ کي تڪليف ڏئي رهيو آهي ٻين جو ان ۾ ڇا وڃي. اهڙن ماڻهن کي عرض آهي ته هڪ موسيقي جو شو ٿي رهيو هجي جنهن ۾ سوين سازندا شامل هجن ۽ سندن ڪاڪردگيءَ مان لطف وٺڻ لاءِ ماڻهو به اچي گڏ ٿين. جنهن وقت اهو شو شروع ٿئي ان وقت رڳو هڪ يا ٻه سازندا شراب جي نشي ۾ هجن ۽ ٻين کان مختلف وڄت شروع ڪن ته ڇا ان جو اثر سڀني سازندن تي نه پوندو؟ ان غلط انداز جي ڪري عام ماڻهو بي لطف نه ٿيندا؟ هاڻي ڪو ڪيئن ٿو دعويٰ ڪري ته سندس شراب پيئڻ جي ڪري رڳو هُو پاڻ متاثر ٿيو آهي؟ يقيني طور ان جو اثر سڀني تي پوي ٿو. سو جيڪڏهن ڪو شخص عبادت کان انڪار ڪري ٿو ته ان جو اثر به ٻين ماڻهن تي پوي ٿو. هاڻي ان شخص کي ان جي سزا ته لازمي ملندي.

[b]5. بريڪ فيل ٿيڻ
[/b]آئون ٻارهن ورهين جو هئس ته هڪ ڀيري هارونئي ۾ گرم چشمو ڏسڻ لاءِ ويس. تن ڏينهن ۾ جبل جي ورن وڪڙن واري رستي تي گاڏي هلائڻ هر ڊرائيور جي وس جي ڳالهه نه هئي. بهرحال اسين به هڪ بس ۾ چڙهي پياسين ۽ ان ۾ ڪجهه ٻيا ڪٽنب به سوار هئا. ڪجهه پنڌ کان پوءِ جابلو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ بس جبل جي ورن وڪڙن واري رستي هلڻ لڳي. اسين جبل تي چڙهي رهيا هئاسين. اسين تِڏ وانگر هڪ ئي انداز ۾ ڳائي رهيا هئاسين. خدا جو شڪر هو ته ان وقت روڊ تي ڪا گهڻي ٽريفڪ نه هئي. رستو تمام سوڙهو هو ۽ ڪنارا بلڪل کاڌل هئا. هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي اونهي کاهي هئي. مون کي نظارن موهي وڌو هو سو دل ۾ اها خواهش پئدا ٿي رهي هئي ته اهو سفر نه کُٽي ۽ جيئن جو تيئن جاري رهي. جبل جي هوا بلڪل صاف هئي ۽ ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو. اوچتو مون دانهن ڪري ساٿين کي ٻڌايو “ڏسو هو صنوبر جو وڻ بلڪل گنجي جبل تي بيٺو آهي ۽ هيٺ پاڙ ۾ به پٿر جون ڇپون آهن ڪٿي به مٽي نظر ڪانه ٿي اچي.”
ان تي ڀر ۾ ويٺل هڪ جهوني چيو “ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي هتي اوهان کي اهڙا وڻ جام نطر ايندا جيڪي پٿر جي ڇپن تي بيٺل هوندا.”
مون چيو “حيرانيءَ جي ڳالهه ڇو نه آهي؟ اهي سڀ خدا جا خلقيل نظارا آهن جيڪي اسان کي سندس قدرت کان واقف ڪن ٿا ته مالڪ ڪيئن نه هڪ ايڏي وڏي وڻ کي هڪ پٿر جي ڇپ تي بيهاري ڇڏيو آهي!”
هو چوڻ لڳو “ڇڏ يار ان ۾ خدا جي قدرت وري ڪٿان آئي؟”
مون چيو “ته پوءِ پٿر تي صنوبر جو اهو وڻ ڪنهن خلقيو آهي؟”
هن چيو “توهان هر شيءِ ۾ خالق کي ڇو ٿا ڳوليو؟ اهي ٻاراڻيون ڳالهيون آهن.”
مون چيو “جيڪڏهن خدا نه خلقيو آهي ته پوءِ اهو صنوبر جو وڻ ڪنهن پئدا ڪيو؟”
هو چوڻ لڳو “ڪو پکي صنوبر جو ٻج پنهنجي چهنب ۾ کڻي اڏاڻو هوندو ۽ اهو ٻج سندس چهنب مان نڪري وڃي پٿر تي ڪريو هوندو. اتفاق سان پٿر ۾ ڪو ڏار هوندو ٻج ان ۾ ڦاسي پيو هوندو، هوا جي ڪري ان جي مٿان مٽي پئجي وئي هوندي ۽ برسات پوڻ تي اهو ڦٽي پيو هوندو. اهڙيءَ طرح اهو وڌي وڏو وڻ ٿي ويو هوندو.”
مون چيو “هلو اهو ٺيڪ آهي ته بلڪل ايئن ئي ٿيو هوندو، ان جو ڪو به خالق نه آهي، پر سوال اهو آهي ته ان جي سارسنڀال ڪنهن ڪئي؟”
هن چيو “اڄ جي جديد دور ۾ انهن ڳالهين جي ڪابه اهميت نه رهي آهي. ڪوبه خالق نه آهي.”
مون چيو “ايترو پوڙهو ٿي ڪري اهو ڪيئن ٿو چوين ته خدا نه آهي، آئون خدا جي موجودگيءَ جا هزارين دليل ڏئي سگهان ٿو.”
اسان جي گفتگو آهستي آهستي بحث ۾ تبديل ٿيڻ لڳي. اسان جو آواز به اوچو ٿيڻ لڳو. پوڙهو هاڻي تمام وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو. منهنجو آواز به وڌڻ لڳو. ڪجهه ٻيا ماڻهو به آهستي آهستي اسان جي ڳالهين ۾ دخل ڏيڻ لڳا. اهو بلڪل واضح هو ته پوڙهو انتهائي پڙهيل لکيل شخص هو ۽ هُو واحد شخص هو جيڪو خدا جي وجود کان انڪاري هو. اسان جو بحث هاڻي تمام وڌي ويو هو ۽ ٻيا ماڻهو به هاڻي اها ڪوشش ڪرڻ لڳا ته ڪنهن طريقي سان اهو بحث ختم ٿئي.
جنهن وقت اسان جو بحث خطرناڪ حد تي وڃي پهتو هو ان وقت اسان جي گاڏي جبل تان هيٺ لهڻ شروع ٿي وئي هئي. هڪ طرف گهري کاهي هئي جنهن ۾ بيٺل صنوبر ڊگها وڻ بلڪل ننڍڙا نطر اچي رهيا هئا ۽ ٻئي طرف خطرناڪ پٿرن وارو جبل هو. اوچتو گاڏيءَ جي رفتار وڌڻ لڳي. ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته گاڏيءَ جي رفتار تي هاڻي ڊرائيور ڪوبه ڪنٽرول نه رهيو آهي. اوچتو ڊرائيور پنهنجو مٿو دريءَ سان ٽڪرائيندي چيو “گاڏيءَ جو بريڪ فيل ٿي چڪو آهي.”
ان تي هر پاسي هُل مچي ويو ڪي ڪلمهءِ شهادت پڙهڻ لڳا ته ڪي چپن ۾ ڪجهه ورد ڪرڻ لڳا. خدا جو منڪر پوڙهو شخص وڏي آواز ۾ دانهون ڪرڻ لڳو “يا خدا اسان جي مدد ڪر ... يا خدا اسان کي بچاءِ.”
اوچتو محسوس ٿيڻ لڳو ته گاڏيءَ جي رفتار گهٽجي رهي آهي ۽ ڊرائيور صورتحال سنڀالي ورتي آهي. بهرحال گاڏي بيهي رهي ۽ هر ڪو پريشان هو. ماڻهن سک جو ساهه کنيو پر پوءِ به پريشاني سندن چهري تي بلڪل واضح نظر اچي رهي هئي. هر ڪو ماڻهو خدا جو شڪر ادا ڪري رهيو ته سندس جان بچي وئي. سڀئي هڪ خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿيڻ کان بچي ويا.
ڊرائيور ٽپو ڏئي سيٽ تان هيٺ لٿو ۽ پوڙهي کي چوڻ لڳو “توکي شرم اچڻ گهرجي، ٿوري دير اڳ ۾ تون چئي رهيو هئين ته خدا جو ڪو وجود نه آهي ۽ گاڏيءَ جا بريڪ فيل ٿيڻ جو ٻڌي تون ان خدا کي سڏ ڪرڻ شروع ٿي وئين جيڪو تنهنجي چوڻ مطابق موجود ئي نه آهي.”
پوءِ ڊرائيور اسان ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو “توهان سڀني کي پريشان ڪرڻ تي معافي ٿو وٺان. گاڏيءَ جا بريڪ بلڪل صحيح آهن، دراصل هن منڪر پوڙهي کي سبق سيکارڻ لاءِ مون ڄاڻي ٻجهي اها حرڪت ڪئي هئي.”
اسين جڏهن گرم چشمي تي پهتاسين ته اهو پوڙهو اڳتي وڌي مون وٽ آيو ۽چوڻ لڳو “مون کي افسوس آهي ته مون تو سان اجايو بحث ڪيو. آئون تو کان دل سان معافي ٿو گهران. دراصل مون کي به اڄ ئي اهو احساس ٿيو آهي ته خدا جي وجود تي منهنجو پختو ايمان هو پر پنهنجي غفلت جي ڪري ان کان آگاهه ٿي نه سگهيو هئس. تو منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي خدا جي وجود جو بلڪل احساس ڏياري ڇڏيو. آئون ڊرائيور جو به ٿورائتو آهيان جنهن مون کي بلڪل صحيح وقت اهو احساس ڏياريو ته خدا بلڪل موجود آهي ۽ اهوئي قادرمطلق آهي.”