نئين ڇاپي جي پهرئين ايڊيشن جو پيش لفظ
زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن، سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان ۽ نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو، نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَوَن اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهين لکيائي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهين معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پوراءُ ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وِٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾، بورڊ طرفان پنج ڪتاب، گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر ۽ گل ڦل شروع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، ۽ ان ساڳئي سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب ٿي، 1956ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو هي چوٿون ڇاپو هاڻي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي اصلوڪن ناولن منجهان هڪڙو آهي، ۽ زبان ۽ پلاٽ جي لحاظ کان هڪ مڪمل ۽ ڪامياب ناول آهي. جيتوڻيڪ عام پڙهندڙن لاءِ ان ۾، هڪ حد تائين فقير پرستيءَ جا سڌا سبق موجود آهن، تنهن هوندي به ڪتاب ۾ جابجا جيڪي ناصحانه محقولا ۽ ادبي املهه ماڻڪ پکڙيا پيا آهن، تن ان کي سنڌي ادب ۾ تحقيق هڪ لافاني جڳهه ڏني آهي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب جي لائق مصنف جي لائق پٽ محترم ظفرالحق صاحب، سپرنٽيڊنٽ پوليس، دادو (سنڌ) جو شڪريو ادا ڪرڻ آئون پنهنجو فرض ٿو سمجهان، جو هن صاحب پنهنجي علمي ذوق ۽ ادب شناس نگاهه جو ثبوت ڏيندي، پنهنجي والد مرحوم جي هن ادبي شاهڪار کي ٻيهر ڇاپي پڌري ڪرڻ جي اجازت وڏيءَ خوشيءَ سان بورڊ کي ڏيڻ فرمائي آهي. اميد آهي ته سنڌ جي ٻين فوت ٿي ويل عالمن ۽ اديبن جا وارث پڻ ساڳيءَ طرح پنهنجن بزرگن جي قلمي توڙي ڇپيل علمي ۽ ادبي خزانن کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ سان تعاون ڪرڻ فرمائيندا.
اعزازي سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سنڌ.
15- مارچ 1965ع