باب ٻيو : دربار عالي
جڏهن اسين محل جي دروازي تي پهتاسين ته خوب تماشو ڏٺوسين. دروازي کي قسمين قسمين جهالرن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو هو ۽ ٻه چوبدار زري ۽ زربفت پايو، سونيون عصائون هٿ ۾ جهليو بيٺا هئا. اسان اتي گاڏيءَ تان لٿاسين ۽ اڳتي وڌياسين ته چوبدارن نوڙي سلام ڪيو. ساڻن گڏ ٻه خليق ۽ حسين نوجوان بيٺا هئا، جن پڻ نوڙي سلام ڪيو ۽ انهن مان هڪڙو اسان جو پيشوا ٿي دربار معليٰ ۾ هليو. واٽ تي جيڪا آرائش ۽ رونق لڳي پيئي هئي، تنهن جو بيان ڪرڻ سٿرو ۽ سهنجو نه آهي: چوڌاري جهنڊين جِي جهرمر ۽ گلن جي گلڪاري لڳي پيئي هئي. رستي جي وچ تي حلواڻ ۽ ڳاڙهي بنات جا ڪپڙا وڇايا پيا هئا. خير، هلندي هلندي، دربار عاليءَ ۾ پهتاسين.
شاهي دربار لڳي پيئي هئي ۽ سوين امير باادب پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺا هئا. بادشاهه سلامت جن اڃا تخت تي جلوه افروز ڪونه ٿيا هئا، ۽ شهزادي عاليجاهه وٽ حرامسراءِ ۾ هئا. اسان دربار ۾ پهتاسين ته سڀئي امير باادب اٿي کڙا ٿيا. تسليم ۽ آداب جو هل مچي ويو ۽ اسان جهان پناهه، بادشاههِ دوران جي تخت مبارڪ جي سڄي پاسي کان ويٺاسين. آءٌ اتي زياده حيران ٿيس، پر چوڻ لڳس ته خدايا، تنهنجا لک بار شڪرانا آهن، جو تو منهنجي ڀاءُ جي ههڙي عزت ڪئي آهي، ضرور هو ڪو خاص وزير آهي، جنهن ڪري هن جي تعظيم ٿي آهي، ۽ منهنجي به عزت هن جي ڪري ئي ٿِي آهي، نه تو مون جهڙي مسڪين ۽ غريب الوطن کي ڪير پڇي ها؟
حامد به گهڻي خُلق سان سڀني کي پيش آيو ۽ جيڪي امير ڀرسان ويٺا هئا، تن سان منهنجو تعارف ڪرايائين. هنن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ تعظيم ڏني ۽ آءٌ به انهن سان سندن عهدي مطابق باعزت پيش آيس. ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهه سلامت جن درٻار عاليءَ ۾ رونق اَفروز ٿِيا. سڀ حاضرين اٿي کڙا ٿيا ۽ بادشاهه سلامت تي تصديق ٿيڻ لڳا، جيئن بلبل گل تي ٿئي يا پروانو شمع تي. حامد اڳتي وڌي حضور انور جو خير مقدم ڪيو ۽ سرڪار معليٰ تخت شاهيءَ تي جلوه اَفروز ٿيا. تنهن کان پوءِ حامد مون کي حضور انور جي اڳيان پيش ڪيو ۽ عالي بارگاهه ۾ عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا! هِي منهنجو ڀاءُ عابد آهي، جو ڪيترن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ اڄوڪي سدوري ڏينهن مون سان مليو آهي. هي سڀ شهزادي عاليجاهه، عفت پناهه، بخت بلند جو ستارو آهي، جنهن اسان سڀني جا درد دور ڪيا آهن، ۽ اسان سڀني کي هر طرح خوشي بخشي آهي.“ حضور انور جن تمام خوش ٿيا ۽ مون کي گهڻيءَ تعظيم سان ويهڻ جو ارشاد فرمايائون. اتي چؤطرف ”مبارڪ، مبارڪ“ جو آواز اچڻ لڳو ۽ بادشاهه سلامت جن سڀني جي عاليشان مرحبا ڪئي.
هاڻي منهنجو خيال ڪجهه دربار عاليءَ جي آرائش ۾ گم ٿي ويو. ڇا ڏسان ته بادشاهه سلامت جي سنگ مرمر جي سفيد تخت تي عجيب زريفت ۽ ڪيمخاب وڇايا پيا آهن، ۽ ٽن پاسن کان عاليشان طول به رکيا ويا آهن، جن مان هڪڙي تي حضور پُر نُور جن ٽيڪ ڏيو ويٺا آهن. مٿان بخمل جو شاميانو تجمل ڪيو بيٺو آهي، جنهن تي زريءَ ۽ سلمي جو ڪم تمام عجيب ۽ عمدو ٿيل آهي. منجهس سونا شمعدان محض سونهن جي خاطر ٽنگيا پيا آهن ۽ چوڌاري مزيدار جهالر جهلي رهي آهي. تخت جي هيٺان قيمتي ايراني قالين وڇايا پيا آهن. امير ۽ درباري سڀ پڻ عمدن ايراني قالينن تي ويٺا آهن. اڳيان چاندي جي گلاسن ۾ گلدستا رکيا ويا آهن ۽ انهن جي ڀرسان اگربتيون پييون ٻرن. مٿان تمام عمدو منقش شاميانو ٽنگيو پيو آهي، جنهن ۾ ننڍڙا چانديءَ جا شمعدان پيا لٽڪن. چوڌاري گلن جون ڪونڊيون رکيون آهن، ۽ گلاب- دانين جي آبپاشيءَ ۽ ڇڻڪار سڄيءَ دربار ۾ هڳسان پيدا ڪري ڏنو آهي.
بادشاهه سلامت جن سڀني کي مبارڪ باد چئي فرمايو ته ”اڄ اسان سڀني جي خوشيءَ جو موقعو آهي، جو هيترن سالن کان پوءِ ڌڻيءَ اسان کي نوازيو آهي، ۽ هن سلطنت کي وليعهد عطا فرمايو آهي. لک بار شڪرانا انهيءَ قادر ڪارساز جا آهن، جنهن پنهنجو لطف ۽ ڪرم، عطا ۽ احسان، اسان نڌر نماڻن تي ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ئي خدا ۾ اميد آهي ته هيءَ خوشي دائم قائم ڪندو (اُتي سڀ آمين چوڻ لڳا). مون کي چيو ويو آهي ته نجومين کان اسطرلاب جي وسيلي شهزادي جو مستقبل مقرر ڪرائجي، مگر منهنجو ڀروسو انهيءَ مستقبل جي مالڪ تي آهي ۽ منهنجو تڪيو انهيءَ ئي ربّ رحيم تي آهي. ڌڻي پنهنجي مهر سان هن کي حيات اَبدي بخشيندو ۽ صالح ڪندو. انسان جي توڪل پنهنجي ربّ تي هجي ته بهتر. اهڙي ٻي ڪابه ڳالهه نه آهي. اهوئي ربّ آهي جنهن اسان کي نراسائيءَ ۽ نااميديءَ مان آس ۽ اميد بخشي آهي ۽ آءٌ توڻي اوهين، جيڪي به منهنجا مصاحب آهيو، اسان کي گهرجي ته انهيءَ قادر مطلق جا ٿورا مڃيون ۽ شڪرانا بجا آڻيون.
”اڄوڪيءَ خوشيءَ ۾ اسان هي اعلان ٿا ڪريون ته اڄ کان وٺي هڪ مهينو سڀڪو امير يا فقير اسان جي شاديخانن يا بورچيخانن تان گهربل ڪچو سيڌو يا رڌل طعام وٺي. جيڪو ماڻهو پنهنجي هڪ دمڙي به هن مهيني ۾ خرچ ڪندو ته اسان کي سخت رنج پهچندو ۽ جيڪڏهن اسان جي ڪارندن انهيءَ ڪم ۾ ڪابه گهٽتائي ڪئي ته هنن کي جوڳي سيکت ڏني ويندي. تنهن کان سواءِ جيڪي به سرڪاري ملازم آهن، انهن کي ٽن مهينن جو پگهار انعام طور شاهي خزاني مان ڏنو ويندو، ۽ اسان جي جن به مصاحبن اسان کي وقت بوقت نيڪ صلاح پئي ڏني آهي ۽ جن صاحبن عدالت يا روينيو يا ضابطي يا تعليمات جي ڪمن ۾ ايمانداري ۽ جفاڪشي ڏيکاري آهي، انهن کي سرڪاري دربارشاهيءَ جي برخواست ٿيڻ تي جوڳا انعام، تمغا ۽ آفرين ناما عطا ڪندي.
”هن کان سواءِ، سڄي ملڪ تان هن سال سڀ محصول ۽ ڍل معاف آهي. اسان جي ملازمن تي فرض آهي ته هو ڪنهن به رعيتي ماڻهوءَ سان سختيءَ سان پيش نه اچن ۽ هنن جي چڱيءَ طرح خاطرخواهه عدالت ۽ خدمت ڪن. اسان جو جيلن تي حڪم ڪيو وڃي ته جيڪي به قيدي پنجن سالن کان مٿي سزا ڀوڳي چڪا آهن، انهن کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ۽ جن جو گناهه هلڪو آهي سي پڻ رِها ڪيا وڃن. باقي جيڪي بچن انهن تان به ٻن سالن جي قيد جي گهٽائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي هڪ مهينو سٺو کاڌو ڏنو وڃي.
اهڙيءَ شاهاڻي شفقت جو سڀني اعتراف ڪيو ۽ سڀ گڏجي بادشاهه سلامت ۽ شهزادي عاليجاهه کي دعائون ڪرڻ ۽ خوشيءَ وچان نعرا هڻن لڳا. شاعرن پنهنجا شعر پيش ڪيا، جن کي خوب داد ڏنا ويا. گوَين واه جون تانسين واريون تانون هنيون ۽ عجيب ٺمريون ۽ غزل ڳايا، خوب جهمريون لڳيون. مطلب ته جيڪي به خوشيءَ جا ترانا هئا، سي ٻڌايا ويا ۽ سڀني ماڻهن واسطي هڪ عجيب عيد ٿي وئي. اتي حاضرين سڀئي حامد ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ سَس پُس ڪرڻ لڳا ته ”اوهين مهرباني فرمائي ٻه- چار ڪلما، اسان سڀني جي طرفان بارگاهه عالي ۾ چئو.“ اتي حامد اٿيو ۽ پهريائين دربارين ڏي نظر ڪري ۽ پنهنجي ڪُڙتي کي درست ڪري، بادشاهه جهان پناهه کي نوڙي سلام ڪري، الف قد ٿي بيٺو. سڄيءَ دربار ۾ چپ چپاپ لڳي وئي ۽ سڀ گوش ڏئي باادب ويٺا هئا.
حامد بارگاهه عاليءَ ۾ عرض ڪيو ته ”شهنشاهه عاليجاهه، جهان پناهه، اسين سڀ حضور اَنور جا خادم بارگاهه عاليءَ ۾ پنهنجي خوشيءَ ۽ مسرت ملهائڻ، ۽ پنهنجي قبلي ۽ ڪعبي بادشاهه معظم ۽ مرڪم جي ڪمال مهربانيءَ ۽ شفقت، لطف ۽ ڪرم جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪريي بجا آڻڻ واسطي حاضر ٿيا آهيون. جهان پناهه، حضور جي سلطنت جي دور ۾، اسين سڀ حضور اَنور جا خادم ۽ تمام رعايا، پنهنجي محسن مالڪ جي احسان جي زير بار آهيون ۽ حضور عفت پناهه جي اَيام شاهيءَ ۾، جيڪي به اسان کي ۽ جملي رعيت کي سک ۽ آسائشون نصيب ٿيون آهن، انهن جو اقرار ڪرڻ واجب ۽ شڪريو ادا ڪرڻ ضروري آهي.
”غريب پرور، حضور جي بادشاهيءَ ۾ سڄيءَ رعيت کي جو آرام ۽ عيش نصيب آهي ۽ جيڪي دعائون حضور انور کي اسين خادم ۽ ساري رعيت ڪري رهيا آهيون، انهيءَ کان ٻيا بادشاهه محروم آهن. ساري ملڪ ۾ سانت لڳي پيئي آهي ۽ رعيت، چورن يا ڌاڙيلن، خونين يا بدمعاشن، لچن يا لفنگن کان آجي ۽ آزاد آهي. سڀ پنهنجي ڪمن ۽ ڪارين کي جهٽيا ۽ چنبڙيا پيا آهن، ۽ ڪوبه سائل اُتاهون بي مراد نٿو موٽي، پوليس پنهنجو ضابطو حضور جي سايي هيٺ تمام عمدو ۽ تحسين جوڳو رکيو ويٺي آهي، ۽ رعيت ۾ امن امان آهي. روينيو عملدار، شهنشاهه جهان پناهه جي هشمت ۽ رعب کان مرعوب ٿي، پنهنجن معمولي ڪمينين حرڪتن ۽ رعيت آزاريءَ کان خداحافظ پڙهي، رعيت سان ڪمال همدرديءَ سان پيش اچن ٿا، ۽ هنن جي ڪارسازيءَ ۾ رات ڏينهن ڪوشش وٺي پاڻ کي پنهنجي عهدي جا لائق ثابت ڪري رهيا آهن. اعليٰ تعليم يافته عملدار جتي ڪٿي مقرر آهن، جن سڀني حضور انور جي احتشام هيٺ پنهنجا پنهنجا فرض باخوبي پئي بجا آندا آهن.
”حضور انور جي خاص لطف ۽ مهربانيءَ سان سٺا سٺا واهه کوٽايا ويا آهن ۽ هنڌ هنڌ پاڻيءَ جون نهرون جهلڪا ڏيو پييون وهن. چؤطرف آباديءَ جي بوءِ اچي ٿي ۽ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ اهڙيءَ سهڻيءَ آبياريءَ ڪري خوش پيا نظر اچن. هاري توڻي زميندار سڀ خوش آهن، ۽ نه داروغن جي دانهن آهي، نه سرويرن ۽ منشين جي مروڙ.
”جا خاص دلچسپي حضور انور جي تعليم جي صيغي سان آهي، اُها انهيءَ مان ظاهر آهي ته حضور جي آيامڪاريءَ ۾ هنڌ هنڌ مڪتب ۽ مدرسا برپا ٿيا آهن، جتي سٺا سٺا اديب ۽ سائنسدان، مورخ ۽ منطقي مقرر آهن، ۽ هر صيغي ۾ ڪمال درجي جي تعليم ڏني وڃي ٿي. رعيت علم جي تحصيل ڏانهن تمام گهڻو مائل آهي ۽ تعليم جا شائق هرهنڌ ڪماليت حاصل ڪري رهيا آهن. علم جي وسيلي ساري ملڪ ۾ سوجهرو ۽ روشني پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري رعيت مشڪور ۽ ممنون آهي.
”ازان سواءِ، هر فرقي جا ماڻهو حضور عدل پرور جي رعيت آهن، مگر انهن ۾ ڪنهن به قسم جو جهيڙو يا جنگ ڪانه آهي. هو سڀ هڪٻئي سان نيڪ صحبت ۾ رهن ٿا، ۽ منجهن ڀائرن کان به وڌيڪ محبت آهي. سڀڪنهن فرقي جي ماڻهن جا حق تسليم ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن کي به ڪا ٿوري ئي شڪايت ڪانه آهي. ڪوبه ماڻهو بيڪار نه آهي ۽ سڀ ڪنهن کي پنهنجو پورهيو ڪار هيو ۽ سٺو گذران نصيب آهي، انهيءَ ڪري ساريءَ سلطنت جا ماڻهو خوش گذران آهن، ۽ منجهن حسد يا بغض جي ڪابه بوءِ ڪانه آهي.
ڪير نه اهڙيءَ سلطنت ۾ خوش هوندو، جتي شينهن ۽ ٻڪري پاڻ ۾ ڳيچ ڳائيندا پيا وتن؟ خدا اهڙي عادل رعيت پرور بادشاهه کي سدا سلامت ۽ خوش رکي، جنهن پنهنجي رعيت تي ايتري ڀلائي ڪئي آهي (سڀ آمين چون ٿا). جهان پناهه، آءٌ حضور جي سڀني خادمن ۽ ساريءَ رعيت جي طرفان، حضور انور جي اهڙين شفقتن ۽ مهربانين جو مڪمل اعتراف ۽ ازحد شڪريو ادا ڪريان ٿو. پڻ حضور کي يقين ڏيان ٿو ته اسان سڀني جو روح، شهنشاههِ عالي آهي، جنهن کان سواءِ اسان سڀ جيڪر بيجان بت هجون. خداوند ڪريم اسان آڌينن تي شل سدائين اهو ربي سايو رکي ۽ حضور کي پنهنجي نيڪ نيتيءَ جو بهرو عطا فرمائي (آمين جو نعرو لڳي ٿو).
”الحمد الله، جو اڄوڪو متبرڪ ڏينهن اسان سڀني جي واسطي نيڪ اڀريو، ۽ هن سلطنت عاليءَ جي دائمي بقا جو سلسلو نمودار ٿيو. حضور انور جن کي ته ضرور مسرت ۽ خوشي ٿي هوندي، مگر جا خوشي اسان سڀني کي ٿي آهي، انهيءَ جو به اندازو ڪرڻ محال آهي، خداوند ڪريم هن نيڪ مظهر شهزادي کي حضور انور ۽ جملي سلطنت واسطي سعيد ۽ نيڪ ثابت ڪندو (سڀ آمين پڪارين ٿا)، هن سلطنت آَبد قرار کي هميشه بارونق ڪندو (آمين)، ۽ حضور شهزادي صاحب کي عمر دراز بخشيندو ۽ نيڪ ۽ صالح ڪندو (آمين). آخر ۾ آءٌ وري به حضور انور، رعيت پرور جي شڪر ادائي ڪريان ٿو ۽ مبارڪ باد پيش ڪري ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ سوال ڪيان ٿو ته ’گلِ اقبال تو دائم شگفته باد‘.“
سڀ حاضرين آمين چوڻ لڳا، ۽ بادشاهه سلامت کي ڏسي پيا حامد ڏي ڏسن، ۽ حامد ڏي نهاري پيا بادشاهه سلامت جو فرحت بخش ديدار ڪري خوش ٿين. حامد به سلام ڪري ويٺو. بادشاهه سلامت جن خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن ۽ سڀني ڏانهن متوجهه ٿي، سڀني کي آفرين ۽ تهنيت پيا ڪن. مون به ڪورنش بجاءِ آندي ته حضور انور جن مون ڏانهن مشڪي نهاريو ۽ فرمايو ته ”اسان اوهان کي ڏسي ازحد خوش ٿيا آهيون، ۽ اميد آهي ته ڪنهن خلاصي وقت وري ملنداسين. اوهين اسان جا خاص مهمان آهيو، ۽ جي سرڪاري مهمان خاني ۾ رهو ته به وس وارا آهيو. سرڪاري اصطبل مان اوهان لاءِ خاص بگي صبح ۽ شام ايندي، ۽ توهان هواخوري ڪري، پنهنجي دل بهلائجو.“ مون نِوڙي سلام ڪيو ۽ منهنجي چپن مان فقط هي لفظ نڪتا ته ”حضور جي عنايت.“
تنهن کان پوءِ، خلعتن جا بُجڪا اچي ويا ۽ انهن سان گڏ نقد پئسا ۽ ڪجهه هيرا ۽ جواهر. بادشاهه سلامت سڀني کان اڳ منهنجي ڀاءُ کي خلعت پهرائي،۽ ڪيمخاب ۽ زربفت عطا ڪيا. هڪ سائي پَٽ جي ڳوٿريءَ ۾ ڪجهه اشرفيون، هيرا ۽ جواهر ڏيئي، حضور عاليءَ فرمايو ته ”اوهان جي خدمتن ۽ ڪوششن جيڪا ترقي اسان جي سلطنت کي بخشي آهي، انهيءَ جا اسين تمام گهڻو معترف آهيون، ۽ اوهان جي نيڪ نيتيءَ جا ثناخوان. اميد ته ربّ جي بارگاهه مان اوهان کي سٺو بهرو عطا ٿيندو.“ حامد نِوڙي سلام ڪري عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، هي سڀ حضور پُرنُور جو اقبال آهي، نه ته بندي کي ڪهڙي طاقت آهي!“
تنهن کان پوءِ بادشاهه سلامت مون کي به اهڙيءَ طرح نوازيو، ۽ سڀني اميرن ۽ دَبيرن کي پڻ خلعتون ۽ انعام ڏنا، ۽ پنهنجي خاص منشيءَ کي حڪم فرمايو ته ”ڀر وارن بادشاهن کي مبارڪ باديءَ جا خط، رسمي سوکڙين سان گڏ وڃن، ۽ هنن کي دعوت ڏجي ته هو اسان سان انهيءَ خوشيءَ ۾ اچي شامل ٿين. بادشاهه سلامت جن اٿڻ تي هئا، ته هڪ چوبدار اچي حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”جهان پناهه، انور جان ڪڃري ملتجي آهي ته کيس اندر سڏيو وڃي ته هوءَ شهزادي جي خوشيءَ ۾ غزل ڳائي، انعام وٺي، خوش ٿي، دعائون ڪري واپس وڃي.“ اڄوڪي ڏينهن ته بادشاهه سلامت سڀني کي راضي رکڻ وارو هو، تنهن هڪدم حڪم ڏنو ته ”ڀلي.“ هڪ لمحي ۾ انورجان حاضر ٿي ۽ توڙي سلام ڪري بادشاهه سلامت ۽ اَمراءُ کي مبارڪباد چوڻ لڳي. سندس سپڙتائن به خوب مبارڪباد جو غل مچايو، ۽ جلد ئي سڀ سنڀري ويٺا، ۽ انور جان غزل شروع ڪيو:
غزل
چهچايو بلبلن اندر چمن ٿي عيد اڄ،
شاهزادي جي ڄمڻ جي در صحن ٿي عيد اڄ.
ناز جي اڄ آ کُلي، بازر سڄي اي شاهه من،
مه جبينا، مه لقا، در انجمن ٿي عيد اڄ.
صد مبارڪ! صد مبارڪ! شاهه عاليجاهِ ما،
درمڪان و لامڪان، دشت و دمن ٿي عيد اڄ.
صد مبارڪ! صد مبارڪ اي اميرانِ وطن،
باغ ۽ بستان ۾ آ پُر جشن ٿي عيد اڄ.
”رفعتا“ سهرا ٻڌي شاههِ زمن کي ڪر نذر،
در يمن آبي محن، بهرِ سخن ٿي عيد اڄ.
انور جان اڃا غزل پورو ڪندي پئي ويئي ته چؤطرف واه واه اچڻ لڳي، ۽ سڀ حاضرين تحسين ڪرڻ لڳا. بادشاهه سلامت انور جان ۽ سپڙ تائين کي خوب پهرايو ۽ سٺا انعام ڏيئي، پاڻ حرمسراءِ ڏي منزل انداز ٿيا، ۽ ٻيا سڀ پنهنجن پنهنجن جاين ڏي روانا ٿيا.