باب ٽيون : بادشاهه سلامت جو باغ- ڊاک جو مَنهن
اهڙي عجيب ۽ پُر زينت باغ ۾ وري جي ڊاک جا مَنهن آهن، انهن جي رونق به پنهنجي آهي. انهن جي هيٺان ويهڻ يا سمهڻ ۾ جا فرحت انسان کي اچي ٿي، انهيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! مگر اڄ جو هڪ حسين نوجوان عورت هڪڙي مَنهن هيٺان تڏي تي ليٽي پيئي آهي، سو سڀ ڪنهن کي اهو ئي خيال هوندو ته اهڙي فرحت بخش هنڌ تي ضرور هوءَ خوشيءَ وچان گد گد هوندي، پر جان جو ڀرسان ويس ته هڪ سنهون آلاپ ٻڌڻ ۾ آيم، جنهن ڄڻ ته هن جو هيانءُ ئي چيري پئي ڇڏيو.
اي درد! تون ڇو اهڙو بيدرد ٿيو آهي، جو جتي ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته توکي اندر اچڻ لاءِ نه در آهي نه دري، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ضرور اندر هليو اچين! ڀلا توتي ڪهڙو فرض يا قرض اچي پيو آهي، جو تون انهيءَ ڳالهه تي محڪم ٿي بيهين ٿو؟ جڏهن ويچارا انسان تنهنجي انهيءَ بيجا روشن تي توکي سدائين پيا نندين، ته پوءِ ڇو تون پنهنجي اجائيءَ هوڏ تان نٿو لهين؟
اڃا آءٌ انهن ئي ويچارن ۾ هوس، ۽ اهو خيال پئي ڪيم ته اهو انسان جيڪو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيان جي ڪري پاڻ ٻين جو درد به دفعي ڪري ڇڏي، اهو ڪيئن پاڻ ڪنهن درد ۾ ڦاٿل آهي، ته ايتري ۾ هڪ گُهٽيل رڙ ٿي، جنهن تي ڏسان ته هڪڙي ماڻهوءَ کي رنبو هٿ ۾ آيه ۽ ڏانهنس ڊوڙندو پيو وڃي. آءٌ جو ڀرسان موجود هوس، ويجهو ٿيس ۽ هڪل سان انهيءَ ماڻهو کي چيم ته ”ادا، جيڪا مدد گهرين سا آءٌ توکي ڏيان، تون رڳو حڪم ڪر.“ انهيءَ تي هن چيو ته ”سائين، منهنجي زال ويم جا سور پيئي کائي، آءٌ هت اڪيلو آهيان، سو جي توهين مهرباني ڪري ڪا دائي گهرائي ڏيو ته احسانمند رهندس.“
آءٌ هوس ته واقف ڪين، پر هڪدم بگيءَ تي سوار ٿيس ۽ پنهنجي ڪوچبان کي چيم ته ”ڪنهن چڱيءَ دائيءَ جي گهر هل، جو هن باغ ۾ ڪنهن مالهيءَ جي زال ويم تي ويجهو آئي آهي، ۽ هن جو مڙس اڪيو آهي، تنهنڪري اسان کي ضرور هن کي مدد ڏيڻ گهرجي.“ ڪوچبان هڪدم گهوڙن کي ٽاپ ٽاپ ڪرائي اچي هڪڙي گهر وٽ پهتو، جتان دائيءَ کي پاڻ سان وٺي اچي باغ ۾ پهتاسين. ويچارو مالهي اسان جا شڪرانا مڃڻ لڳو ۽ پڻ سندس زال ڏاڍو خوش ٿي ۽ دعائون ڪرڻ لڳي. مون کي اڃا ڪجهه وقت باغ ۾ رهڻو هو، سو مالهيءَ کي چيم ته ”بابا، آءٌ ڪجهه وقت اڃا به هت باغ ۾ آهيان ۽ توهان کي ڪابه ضرورت هجي، ته آءٌ مهيا ڪرڻ واسطي تيار آهيان. سڀ ڪنهن انسان جو فرض آهي ته هو ٻئي انسان کي اوکيءَ ويل مدد ڪري، نه ته هو انسان سڏجڻ جولائق نه آهي.“
مالهيءَ چيو ته ”سائين مهرباني.“
ائين چئي هو سلام ڪري، پنهنجي گهر واريءَ جي ڀرسان ويو، جتان هڪ لحظي اندر ’اَوان، اَوان‘، جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ خبر پيئي ته مالهيءَ کي ڌيءَ ڄائي آهي، مگر ڏسڻ پسڻ جهڙي. مون سندس ماءُ جو ماهتاب جهرو منور منهن ته اڳيئي ڏٺو هو، مگر هاڻي هن شمسي شعاع جي زيارت لاءِ پڻ دل ۾ شعلا پيداٿيم. ٿوريءَ دير کان پوءِ مالهي ڀڄندو آيو، چي، ”سائين، تڪليف معاف ڪري ڇوڪرِ جي ڪَن ۾ بانگ پڙهو ته مهرباني.“ مون ته اڳيئي واجهه پئي وڌا، سو هي موقعو وٺي ويس. ڏسان ته سندس ماءُ هاڻي فرحت سان مَنهن هيٺان تڏي تي سنئين سڌي ليٽي پيئي آهي، ۽ ٻار کي دائي وهنجاري رهي آهي. ماءُ کي ڏسي ڌيءَ ڏي نهاريان، ڌيءُ ڏي نهاري ماءُ ڏي ڏسان- ڪا عجيب قدرت هئي، ڪو اِلاهي حسن جو تجلو هو، يا بجليءَ جي چمڪ هئي، غرض ته ٻنهي جي حسن منهنجي عقل ۽ هوش تي مهر هڻي ڇڏي ۽ آءُ هاڻي وائڙن وانگي نهارڻ لڳس.
دائيءَ جڏهن ڇوڪريءَ کي وهنجاري بس ڪيو ته انهيءَ خلخال جي ماتم کي ۽ مون کي ڏٺائين. مون هڪ لنبي چؤڙي بانگ پڙهي ته ڀل ڪجهه وقت هي حسن جو هيج منهنجي هنج ۾ هجي، مگر آخر ته بانگ پوري ٿي ۽ مون اهو روشن چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي هٿن سان دائيءَ کي ڏنو ۽ ڪجهه پئسا ڇوڪريءَ کي ۽ ڪجهه دائيءَ کي ڏيئي روانو ٿيس. ويچارو مالهي چوڻ لڳو ته ”سائين، مون کي خبر هجي ها، ته اوهين ايتري تڪليف وٺندؤ، ته مان جيڪر اوهان کي هرگز نه سڏيان ها. اسان غريب، اوهان اميرن جو ڪيئن ٿورو لاهينداسون!“ ويچاري مومن کي خبر ئي ڪانه هئي، ته جيڪي مون ڏنو انهيءَ جو، بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ، مون کي ته اُجورو ملي ويو ۽ ڪيئن مون پنهنجي تاس ۽پياس اهڙي حسن جي مشاهدي سان مَٽائي ڇڏي هئي. چوندا آهن ته ”لعل لِڏ ۾ به نه لڪي.“ ديهائي ماڻهن ۽ غريبن ۾ به حسن ٿيندو آهي ۽ بعضي ته ديهاتي حسن پنهنجي دستوري سادگيءَ ڪري ئي زياده چُڀندڙ ٿيندو آهي. تمام سهڻي ۾ سهڻا ۽ سندر موتي سمنڊ جي اونهي تري ۾ پيدا ٿا ٿين، جتان زبردست ۾ زبردست غواص کي به انهن جي ڪڍڻ جي طاقت نه آهي. بعضي بعضي ڪيترا سهڻا سهڻا گل ۽ ٻوٽا جهنگلن ۽ جبلن ۾ پيدا پيا ٿين، جتي ڪنهن آدمزاد جوپتو به ڪونهي ۽ هو اتي ئي سُڪي سڙي برباد ٿي پيا وڃن. ڪو داد ڏيڻ وارو ڪونهي ۽ ڪو انهن کي پائڻ يا سُنگهڻ يا ڪم آڻڻ وارو ڪونهي. واهه ڙي دنيا! تنهنجي پيٽ مان الاجي ڪهڙيون ڪهڙيون نفيس شيون پيون پيدا ٿين، پر تون اها ماءُ آهين، جو اهي سڀ سهڻيون شيون ڄڻي، پوءِ خود تون ئي انهن کي مات ڪيو ڇڏين، ۽ آخر خاڪ ۾ ملائي خاڪ ڪيو ڇڏين! مٺڙيءَ ماءُ جي مِهر تو ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيڻي آهي. تون اهائي ماءُ آهين، جو پيدا ڪندڙ به آهين ۽ ماريندڙ به آهين، ۽ مارڻ کان پوءِ سانڍيندڙ به آهين!
لطيف مالهيءَ جي گهر اڄ اهو موتي پيدا ٿيو آهي، جو جيڪر ڪنهن بادشاهه جي گلي جي هار ۾ سونهي. سندس سوڀيا واري زال، جا هن مالهيءَ تي پتنگ وانگر پيئي پچي پڄري، کامي ۽ سڙي، انهيءَ کي ته ڪو اهڙو خواب و خيال به ڪونهي. هن جي خيال جو پرواز پنهنجي هم جنس کان سواءِ ٻيو ڪاڏي ويندو؟ مون کي ته گهڻائي خيال پيا ويڙهيو وڃن، ۽ هنن کي ڇڏڻ مهل مون هنن کي چيو ته ”توهان اجازت ڏيو ته مان هن ڇوڪريءَ تي ڪو نالو رکي وڃان؟“ هو ته اڳيئي مون ڏانهن گهڻو مشڪور هئا، سو هڪدم اهڙي اجازت ڏنائون. مون انهيءَ جهان جي سينگار ۽ سونهن تي نالو رکيو ”جهان آرا.“ منهنجو اهو نالو ڪڍڻ ۽ هو زال مڙس وائڙا ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته ”سائين، اسان جهنگ جي جهانگي، مزور ماڻهو، اسان کي ڪٿي ٿا اهڙا نالا سونهن! اهي نالا امير ۽ بادشاهه رکندا آهن، اسان غريبن واسطي ڪو سادو سودو نالو ڪافي آهي. اسان اهو نالو رکنداسين، ته سڄو جهان اسان تي چٿر ۽ ٺٺول ڪندو. مهرباني ڪري ڪو ٻيو نالو رکو.“ مون جواب ۾ چيو ته ”آءٌ ته ضرور اهو ئي نالو رکندس ۽ جڏهن به منهنجي اچڻ جو موقعو ٿيو، تڏهن آءٌ انهيءَ نالي سان هن پياريءَ ڇوڪريءَ کي سڏيندس. توهان کي جيڪو نالو وڻي سو رکوس. مون کي يقينآهي ته جو نالو مون رکيو اٿس، هوءَ آخر ائين ثابت ٿيندي.“ ائين چئي آءٌ اتاهون روانو ٿيس ۽ سوار ٿي پنهنجي پياري ڀاءُ حامد وٽ آيس، جتي رات جو اسان اڳيئي پاڻ ۾ پهه پچايو هو، ته هڪٻئي کي پنهنجا حال احوال ڏينداسين.