ناول

جهان آرا

هي مشهور ناول ”جهان آرا“ 1931ع ۾ ڇپيو هو. 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇپايو ويو ۽ هيل تائين ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن. هي ڪتاب انٽرميڊييٽ جي نصاب ۾ شامل هجڻ ڪري شاگر دوست ان جي گهُر ڪري رهيا هئا ته ڪتابي صورت ۾ ۽ پي ڊي ايف ۾ رکيو وڃي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي به موجود آهي. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب کي سهيڙي اسان ڏانهن موڪليو.
Title Cover of book جهان آرا

باب چوٿون : حامد جو احوال

موٽيس ته ڏسان ته حامد دالان ۾ ويٺو اخبار پڙهي. آءٌ به اتي ويهي ويس ۽ ڀاڄائي به پنهنجي ڪڪي کي کڻي آئي. مون ”ماجد، مامد!“ ڪري سڏيس، ته هُو مون ڏي اُلر ڪرڻ لڳو. مون اڃا ڏانهنس هٿ ڊگهيريو ئي ڪين، ته هو هڪدم مون ڏي هليو آيو. هن کي ڪهڙي خبر، ته آءٌ سندس چاچو هوس، پر رت آخر رت آهي ۽ ڪيئن به هجي ته رت کي ضرور ڇِڪي اچڻي آهي. مون ويهي ٻار سان وندر ڪئي، تان جو رات ٿي ۽ دسترخوان وڇائجي ويو ۽ کانو اچي ويو. کانو کائي، ٻار دائيءَ جي حوالي ڪري، اسين ٽيئي يڪ جان ٿي ويٺاسين، ته ويهي هڪٻئي کي حال احوال ڏيون . حامد چوي ته ”ادا، توهين پنهنجو حال ٻڌايو،“ مگر مون زور ڪيو ته اڳ ۾ پاڻ پنهنجو احوال ٻڌائي، جو نيٺ هن قبول ڪيو ۽ اسان سنڀري ويٺاسين هن جو احوال ٻڌڻ.
حامد چيو ته ”ادا، جڏهن آئون اوهان وٽ هوندو هوس، تڏهن منهنجي هڪڙي فقير سان تمام گهڻي صحبت هوندي هئي. شام جو آءٌ مڪتب کان فارغ ٿيندو هوس، ته سڌو انهيءَ الله لوڪ وٽ ويندو هوس. هن جي صحبت مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، ۽ هو صاحبِ ڪمال به مون تي گهڻو راضي هوندو هو. انهيءَ ڳالهه جو ذڪر مون ڪنهن به بني بشر وٽ نه ڪڍيو، ۽ ڪنهن به مٽ مائٽ يا عزيز خويش کي انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪانه هئي. آءٌ انهيءَ فقير کي تمام بزرگ ۽ سهڻي هستي سمجهندو هوس، ۽ جا گهڙي آءٌ وٽس هوندو هوس، سا پنهنجي واسطي سعادت ليکيندو هوس. فقير صاحب ايڪانت پسند هوندو هو. مگر آءٌ جڏهن به وٽس ويندو هوس ته مون کي تمام گهڻو قرب ۽ پيار ڏيندو هو. آءٌ ڏهن ورهين جي ڄمار کان وڃي هن فقير جي صحبت ۾ رهيس، ۽ هن جي ٿوري گهڻي خدمت ڪندو هوس. پنج سال برابر هن فقير جي صحبت ۾ رهيس، مگر پنهنجو ڪم ڪار اهڙو باقاعدي ڪندو هوس، جو اوهان سڀني کي ڪوبه شڪ يا شبهو ڪونه هوندو هو.
فقيرن جي صحبت هڪ اُتم صحبت آهي، ۽ جي هُو ڪنهن کي به نوازڻ تي اچن ته هنن جي واسطي مشڪل نه آهي. جڏهن آءٌ پندرهن ورهين جو ٿيس ته هڪڙي ڏينهن فقير صاحب مون کي چوڻ لڳو ته ”ابا، جيڪا تو منهنجي خدمت ڪئي آهي ۽ جنهن خلوص ۽ محبت سان تون مون سان هليو آهين، انهيءَ جو اُجورو توکي الله سائينءَ وٽان ضرور ملندو، مگر جي منهنجيءَ حياتيءَ ۾ اهو نه مليو ته مون کي ڪهڙي فرحت ايندي؟ منهنجي اهائي مرضي آهي ته آءٌ توکي ڪنهن چڱي هنڌ ڏسي وڃان! خبر نه اهي ته حياتي ڪيتري آهي ۽ جيترو جلد ائين ٿئي اوترو چڱو. پر بابا، توکي باقي گهڻو پڙهڻو آهي؟“
مون عرض ڪيو ته ”قبلا، مون اوهان بزرگن جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو مون کي اُجورو ملڻ گهرجي. پاڻ، وقت بوقت هن گولي تي اوهان جي هزار بار عنايت آهي، جنهن جو رڳو مناسب طرح شڪريو ادا ڪرڻ اَهنجو آهي. باقي خداوند ڪريم اوهان کي حيات اَبدي بخشي ۽ اوهان جو سايو شل سدائين اسان نڌر نماڻن تي هجي، ڇاڪاڻ تي سائينءَ کان پوءِ اسان جي ڪهڙي زندگي ٿيندي؟ خدا شل اسان کي سائينءَ جي هٿن ۾ سُرهو ڪري ته بهتر. باقي رهي پڙهڻ جي ڳالهه، اها به داتا جي هٿ ۾ آهي: اڄ بند ڪرايو، تڏهن به وس وارا آهيو، ۽ جي اڃا هلايوس، تڏهن به مالڪ آهيو. مون کي جنهن علم جي ضرورت آهي، اهو شل اوهان بزرگن جي مهر سان ڌڻي مون کي عطا ڪري. مون کي ته صرف پنهنجي آقا جي منهن مبارڪ جو مصحف پڙهڻو آهي ۽ سائينءَ جي دل ۾ جو خزانو موجود آهي، اُتاهون جيڪڏهن ڪو هڪڙو موتي به هٿ اچي وڃيم، ته اهڙي سعادت ٻي ڪهڙي ٿيندي؟“
اتي فقير صاحب مشڪي فرمايو ته ”بابا، هاڻي توهان تان پڙهڻ ڳڙهڻ معاف آهي. هاڻي اهو وقت جيڪو اوهين مڪتب ۾ وڃو ٿا، اُهو به اسان وٽ ايندا ڪريو.“ آءٌ به حڪم جي تعميل خاطر، مڪتب کي خدا حافظ پڙهي، فقير صاحب جي خدمت ۾ رهيس، پر جا تعليم مون کي اتان نصيب ٿي، اها آءٌ اڃا پندرهن سال مڪتب ۾ رهان ها ته به نصيب نه ٿئيم ها، تاريخ منطق، ماليات، سياسيات ۽ علم اَدب ۾ جو بهرو مون کي پنهنجي مربيءَ کان عطا ٿيو، اهوجيڪر ڪٿؤن به نه مليم ها. فقير صاحب ته ڪو وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ رڳو ڳالهين مٿان ڳالهيون ڪندي، هو ڪيترا نُقتا مون کي اهڙيءَ طرح ته سمجهائيندو هو، جو هڪدم منهنجي دل تي چهٽي ۽ چنبڙي ويندا هئا. ڇهن مهينن جي تعليم منهنجو دماغ بلڪل چِٽيءَ طرح کولي ڇڏيو. جڏهن فقير صاحب کي منهنجي علمي لياقت ۽ فضيلت تي پڪو ويساهه ٿيو، ته مون کي چيائين ته ”بابا، هاڻي هتي رهڻ اجايو آهي. ڪيترو به ماڻهو قابل هجي ته به پنهنجي وطن ۾ هن کي گهڻي عزت نصيب نه ٿيندو. ’گهر جو پِير، چُلهه جو مارنگ،‘ هڪ مشهور پهاڪو آهي. گل جيستائين باغ ۾ هوندا اهن، ته کڻي ڪيترو به خداداد حسن ۽ هُڳسان هجين ته به ڪنهن جي گلي جا هار تڏهين ٿيندا، جڏهن اُتاهون ڇِنا وڃن. سمنڊ جي تر ۾ قيمتي ۽ سهڻا موتي هوندا آهن، مگر انهن جي عزت ۽ قدر تڏهن ٿيندو، جڏهن اُتاهون ڪڍيا وڃن. پوءِ هو بادشاهه جي تاج ۾ سونهن، يا راڻين جي ڳچيءَ جا زيور ٿين.“
مون عرض ڪيو ته ”قبلهء عالم، مون کي سائينءَ جو حڪم برچشم آهي، پر البت پيءُ ماءُ کي ڇڏڻ ڏکيو ٿو لڳيم. هو موڪل ته هرگز ڪانه ڏيندا.“ اتي فقير صاحب ڪجهه وقت مونن ۾ مينهن هڻي ويٺو ۽ صبر ۾ رهيو. جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين ته چيائين ته ”بابا، جڏهن هو وري توکي گهڻن سالن کان پوءِ ڏسندا ته سمورو ڏک لهي ويندن.“ مون اتي ماٺ ڪئي ۽ دل ۾ اهو پهچايم ته هاڻي جيڪا هن الله لوڪ جي مرضي هوندي، ائين ڪندس.
اسان صبح جو رواني ٿيڻ جو قصد ڪيو. آءٌ سڄي رات پنهنجي گهر هوس. صبح جو ٻه- چار ڪپڙن جا ويس کڻي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيس. فقير صاحب به پنهنجو خرقو ۽ ڪشتو کنيو، ۽ اسان سفر ڪندي ڪندي اچي رونق آباد پهتاسين ، جتي هڪڙيءَ سراءِ ۾ منزل ڪئيسين. رات جو خوب آرام ڪري، صبح جو اٿي شهر جي رونق ڏٺيسين، ۽ وري به اچي سراءِ ۾ ٽڪياسين.
اسان اڃا سراءِ پهتاسين ئي مس، ته هڪڙو ماڻهو سفيد پوش اسان وٽ آيو ۽ اچي فقير صاحب سان مليو. هنن ڳچ وقت پاڻ ۾ ملاقات ڪئي ۽ هو رڳو مون ڏي نهاري هليو ويو. مون کي طاقت نه هئي ته آءُ فقير صاحب کان پڇان ته هي ڪهڙو شخص هو، ۽ نه اڄ تائين مونکي ڪو انهيءَ ماڻهوءَ جو پَرو پيو آهي. فقير صاحب مون کي چيو ته ”بابا، انشاءَالله ڪم ٿي پوندو.“ مون کي ته درحقيقت ڪنهين به ڳالهه جو فڪر ڪونه هو- ۽ اسان اتي ڪجهه کائي آرام ڪيو. جان جو جاڳيس ته ڏسان ته فقير صاحب آهي ئي ڪونه، ۽ نه خرقو آهي نه ڪشتو. پرائي ملڪ ۾ آءٌ ته وائڙو ٿي ويس ۽ ڪابه خبر ڪانه رهيم ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي. سراءِ ۾ توڙي شهر ۾ ڀٽڪڻ لڳس، ۽ سڀڪنهن کان ڏس پتو پڇڻ لڳس، مگر ڪوبه مون کي دڳ لائي نه سگهيو. اهڙيءَ حالت ۾ مون واپس موٽڻ جو خيال ڪيو- ۽ اڃا انهيءَ فڪر ۾ هوس ته مون کي ساڄي ڳل تي هڪ سخت چماٽ لڳي ۽ آواز ٿيو ته ”اٿي همت ڪر ۽ همت سان سچو ڄڳ پنهنجو ڪر!“ همت ڪيان ته سهي، پر ڪيان ڪيئن؟ خيال ڪيم ته هت نه واقف نه وَڙو، نه يار نه دوست، ڪير مون کي مدد ڏيندو ۽ آءُ ڇا ڪري سگهندس؟ تنهن کان سواءِ جنهن شخص تي ٽيڪ هئي، اهو به ڇڏي ويو!
نيٺ مون خيال ڪيو ته ويٺي وڌندس ته ڪونه، سو اٿي سرڪاري دفتر ڏانهن روانو ٿيس ته ڪنهن نوڪريءَ جي تلاش ڪريان. هيٺين ڪامورن سان مليس، مگر ڪٿئون به دلاسو ڪونه مليو. آخر وزيراعظم وٽ ويس. هن مون سان ڳچ وقت گفتگو ڪئي ۽ مون کان انيڪ سوال پڇيا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته هن مون کي پنهنجو خاص منشي مقرر ڪيو. اڃا هفتو کن گذريوئي ڪين، ته هو مون تي تمام راضي ٿيو ۽ منهنجي ڪم جي ساراهه سڀني درٻارين ۽ خود بادشاهه سلامت سان به ڪيائين. مون کي هڪدم اضافو مليو ۽ ساري دفتر جو ڪم منهنجي سپرد ڪيو ويو. منهنجو پير هاڻي ارڙهن ورهين ۾ هو، مگر آءٌ سڀني سان اهڙي مزي ۽ محبت سان پئي هليس، جو سڀ مون ڏانهن راضي هئا ۽ ڪوبه مون تي رنج نه هو. وزير صاحب کي پُٽاڻو اولاد ڪونه هو ۽ هُو مون تي ايترو ته مهربان ٿي ويو، جو مون کي کڻي پنهنجو پُٽيلو ڪيائين. هن کي جاچيندو هوس ته سچ پچ پنهنجي پيءُ جون سڪون لاهيندو هوم، ۽ آءٌ ايترو به محسوس ڪندو هوس ته هن جي شڪل منهنجي پيءَ سان گهڻي لڳندي هئي. ساڳيءَ ريت هو به مون کي چتائي ڏسندو هو، پر ڪڇندو ڪين هو. اتي ڪجهه سال گذري ويا ۽ آءُ بادشاهه سلامت جي خاص درٻارين ۾ شمار ٿيندو هوس، ۽ مون کي نائب وزارت جو عهدو مليو. ڪجهه عرصو گذريو ۽ مون پاڻ کي ايترو ته لائق ثابت ڪيو، جو مون کي وزير اَمور خارجه مقرر ڪيو ويو ۽ بادشاهه سلامت ۽ ٻين بادشاهن جي وچ ۾ جيڪا به خط و ڪتاب هلندي هئي، يا جيڪي به سياسي معاملا هوندا هئا، اُهي آءٌ طع ڪندو هوس، ۽ وزراءِ جي مجلس ۾ منهنجيءَ راءِ کي گهڻو وزن ڏيندا هئا.
اتي ٻن- چئن- دوستن مون کي شاديءَ جي ترغيب ڏني، مگر آءٌ جو وزيراعظم صاحب کي پنهنجي حقيقي والد کان گهٽ نه سمجهندو هوس، تنهنڪري مون چيو مانِ ته پاڻيهي هُو منهنجو بندوبست ڪندو. هنن اهو مذڪور وڃي اتي ڪيو. تنهن تي جواب ملين ته ”آءٌ پاڻ انهيءَ ويچار ۾ آهيان ۽ اميد ته جلد اهو بندوبست تمام خاطريءَ جهڙو ڪندس. مون کي فقط هڪ خاطري کانئس ڪرڻي آهي ۽ جي اها پوري ٿي ته پوءِ هڪدم اهو انتظام ڪبو. توهين مهرباني ڪري هن کي مون ڏانهن موڪليو.“ هنن يارن اچي مون سان ڳالهه ڪئي ۽ مون ترت حڪم جي تعميل ڪئي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ته وزير صاحب مون کي ڀاڪر پائي کڻي ڳلي لاتو ۽ مون سان گفتگو شروع ڪيائين.
چوڻ لڳو ته ”بابا، مون کي هڪ ڀاءُ زاهد نالي هوندو هو ۽ هن کي ٻه پٽڙا هئا. آءٌ کانئس رُسي هت آيس ۽ ٿوري وقت ۾ خدا جي فضل سان هن عهدي تي مقرر ٿيس. مون پنهنجي وڏي ڌيءُ سندس پٽ عابد کي ڏني هئي. انهيءَ کي به اتي ڇڏيم ۽ ڪيترائي سال ٿيا آهن ته مون کي سندس ڪوبه پتو ڪونه آهي. هاڻي البت دل ڇڪيون پئي ڏئي.“
آءٌ اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويس، ۽ عرض ڪيم ته ”قبلا، هڪڙي زاهد جو پٽ ۽ عابد جو ڀاءُ ته آءٌ به آهيان، ۽ ننڍو هوس ته منهنجو چاچو برابر اسان وٽان رسي ويو هو ۽ اڄ تائين بابو سائين انهيءَ ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ پيو جهڄندو ۽ جهرندو آهي. هاڻي ته ويتر آءٌ به هليو ويو آهيان، سو هن جو الاجي ڪهڙو حال هوندو!“
اتي هو اٿي مون کي ڀاڪر پائي، نراڙ تي چميون ڏيڻ لڳو ۽ چيائين ته ”برابر، آءٌ تنهنجو چاچو آهيان.“ اسان ٻنهي کي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ڪجهه وقت ته ماٺ هئي. نيٺ چيائين ته ”چڱو، هاڻي تياري ڪجي ته آءٌ توکي تنهنجيءَ سڳيءَ سؤٽ سان پرڻايان.“
اتي حامد جي زال اَڇانگ ڀري اُٿي ته ”ڇا توهين ٻيئي منهنجا سؤٽ آهيو ۽ هاڻي مان پنهنجي وَڏهر ڀيڻ سان به ملي سگهنديس!“ خوشيءَ وچان ٽنهي کي اکين مان آب پئي آيو ۽ ڪجهه وقت ته هيءُ رقت آميز ڳالهه بند ٿي ويئي. نيٺ حامدشروع ڪيو ته ”پوءِ اهو راز ٻئي ڏينهن تي چاچي سائينءَ، حضور بادشاهه سلامت ۽ وزراءِ جي اڳيان کوليو ۽ هو سڀ تمام خوش ٿيا. منهنجي شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي، جا جلدئي وڏن شادمانن سان ٿي گذري. مهينو کن گذريو ئي مس ته چاچو سائين اسان کي وڇوڙي جي داغ سان رڱي، بقا جي ملڪ ڏي راهي ٿي ويو. اسان کي تمام گهڻو صدمو پهتو ۽ منهنجي ٽيڪ به هلي ويئي. آءٌ بلڪل نراس ٿيس ۽ ڊپ هوم ته هاڻي ضرور ڪي حاسد پيدا ٿيندا. مگر ڌڻيءَ جي مهر ٿي ۽ هفتي کان پوءِ بادشاهه سلامت مون کي پنهنجو وزيراعظم مقرر ڪيو، ۽ سڀ امير ۽ وزير تمام خوش ٿيا. ڪنهن کي به حسد يا بغض ڪونه ٿيو ۽ مون مان سڀ بلڪل خوش هئا ۽ اڄ تائين راضي رهندا آيا آهن.
گهڻا ڏينهن گذريا ۽ هڪڙي ڏينهن آءٌ جو گهر کان ٻاهر نڪران ته جان ڏسان ۽ ته ٻاهر فقير صاحب ويٺو آهي. آءٌ وڃي قدمن پيومانس ته هن به مون کي ڀاڪر پائي نراڙ تي چمي ڏيئي چيو ته ”هاڻي ته بس: هاڻي بابا اسان جو فرض پورو ٿيو ۽ اسان کي موڪل ڏيو ته وڃي پنهنجي يار سان رهاڻيون ڪريون.“ مون پيرين پئي عرض ڪيو ته ”قبلا، هن نڌر ۽ عاجز کي ائين نه ڇڏجو ۽ هن محتاج جي لڄ رکي هاج پوري ڪجو ۽ ضرور پاڻ سان نجو. اڳئي هڪ صدمو پهتل آهي ۽ توهان به گهڻو وقت وساري هليا ويا هئو. قسمت سانگي اڄ هتي آيا آهيو ۽ ڀلائي ڪري ڪجهه وقت ته رهو، ته بندو به ڪا خدمتگذاري ڪري.“ فقير صاحب ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ اچي ويو. پوءِ چيائين ته ”ابا، اسان جي حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو آهي ۽ موت کان ڪنهن به نبيءَ يا وليءَ، فقير يا امير، شاهه يا گدا کي ڪڏهن به مهلت نه ملي آهي. خدا کي ته وڏي طاقت آهي، جيئن چاهي تيئن ڪري سگهي ٿو، مگر هن گڏهڙيءَ کي وڌيڪ بوجو نه کڻڻو آهي ۽ نه کڻي سگهندي. هاڻي اوهين خوشيءَ سان موڪل ڏيو ته تمام چڱو.“
مون ته آه ۽ زاريءَ سان هڪواريءَ ته کڻي آسمان ئي مٿي تي کنيو، مگر هو يار مڙڻ وارو نه هو. اتي مون عرض ڪيو ته ڀلا پڇاڙيءَ ۾ مون سان هڪ ڀلائي ته ڪريو. اسان جي بادشاهه سلامت کي اولاد ڪونه آهي. نوازش ڪري بارگاهه ربيءَ ۾ عرض ڪيو ته ڌڻي هن کي هڪ فرزند ارجمند عطا ڪري، جو هن سلطنت، جنهن جي آءٌ نمڪخور آهيان، انهيءَ جو سلسلو هميشه تائين قائم رهي. اِتي فقير صاحب مُرڪيو، جنهن مان مون هڪدم سمجهيو ته هن جي دل ۾ منهنجي واسطي اڃا به ڪو ٻيو خيال هو. آءٌ عاجزيءَ سان عرض ڪرڻ لڳس ته ”قبلا، اها نوازش ضرور ٿئي. هي بندو زياده بار کڻڻ جو لائق نه آهي. مهر ۽ لطف ڪري درگاهه حق جي التجا ڪيو ته هي عرض قبول پوي.“ فقير صاحب ارشاد فرمايو ته ”چڱو، اسان کي بادشاهه سلامت وٽ وٺي هلو.“
اسين هڪدم سوار ٿي محلات وٽ پهتاسين ۽ عرض ڪرايوسين. بادشاهه سلامت اسان جي ڪمهلي اچڻ تي حيران ٿي ويو ته خدا ڄاڻي شل ڪو خير هجي. حڪم ٿيو ته حرمسراءِ ۾ پردو ڪيو وڃي ۽ هڪدم فقير صاحب کي پٺتي ڇڏيم. بادشاهه سلامت ڌرتيءَ جو مون کي ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ته ”وزير صاحب، ٻيو ته سڀ سک سانت آهي؟“ مون ساري حقيقت پيش ڪئي ۽ جيتوڻيڪ بادشاهه سلامت جن جي توڪل فقط پنهنجي ربّ تي هئي، تڏهن به منهنجي عرض تي فقير صاحب جي اندر اچڻ جي طلب ڪيائين. آءٌ ٻاهر آيس ۽ فقير صاحب کي اندر وٺي ويس. جان اندر لنگهيس ته ڇا ڏسان ته سلطان عالم، فقيراڻي لباس ۾، فقير صاحب جي استقبال واسطي دروازي تي منتظر بيٺو آهي! آءٌ ڏسي حيران ٿي ويس- پاڻ فقير صاحب جي تمام گهڻي تعظيم ڪيائون ۽ مون ڏي مخاطب ٿي فرمايائون ته ”ابا، فقيرن کان پنڻو هجي ته پينو ٿي سندن پيش اچجي.“
مون کي برابر جواب ملي ويو ۽ آءٌ چپ رهيس. بادشاهه سلامت فقير صاحب کي مٿي ويهاريو ۽ پاڻ گهڻي ڪوشش ڪيائين ته پَٽ تي ويهي، پر فقير صاحب زور ڪري کيس پاڻ سان گڏ ويهاريو. اِتي فقير صاحب فرمايو ته. ”الحمدلله جو وري به حياتيءَ ۾ ميلو ته ٿيو. ڪڏهن ته هڪٻئي کان هڪ دم به پري نه هوندا هئاسين، پر قسمت ورهين جو وڇوڙو ڏئي ڇڏيو هو.“ اتي بادشاهه سلامت جان کڻي ڏسي ته مار! هي ته سندس بزرگ ڀاءُ آهي، جو پنهنجي والد جي زماني ۾ دنيا کي تياڳ ڏيئي فقير بڻجي، ملڪ ڇڏي ويو هو. بادشاهه سلامت اٿي کڙو ٿيو ۽ هڪدم پيرين پيو، پر فقير صاحب کڻي ڀاڪر وڌس. بادشاهه زارو زار روئڻ لڳو ۽ چيائين ته ”اوهين منهنجا ڪعبه ۽ قبلا آهيو. هي تاج ۽ تخت اوهان جو آهي ۽ آءٌ اوهان جو خادم.“ فقير صاحب کي ڀاڪر وجهي وري کٽ تي ويهاريو ۽ چيو ته ”ادا سائين، هي سلطنت ۽ هي تاج ۽ تخت خداوند ڪريم اوهان کي عطا ڪيو آهي. توهان کي جو احساس ۽ ادب منهنجي واسطي آهي، ۽ جنهن ُمنگ ۽ شوق سان اوهين مون سان مليا آهيو، انهيءَ جو نيڪ بهرو ڌڻي اوهان کي ڏيندو. منهنجي فقط اها پارت اٿوَ، ته هن منهنجي ٻچڙي تي سدائين مِهر ڪجو. خدا ڪريم، پنهنجو ڪمال لطف ۽ ڪرم ڪري اوهان جي سلسلي کي تا اَبد برقرار ڪندو، ۽ هي اوهان جي چڱي خدمت ڪندو.“ بادشاهه سلامت مون کي ڀاڪر پائي فقير صاحب ڏي مخاطب ٿيو ته ”قبلا، جي هي اوهان جو ٻچو آهي ته منهنجو به جگر جو ٽڪرو آهي. اوهين هر طرح خاطري ڪريو.“ ائين چئي بادشاهه سلامت جن، فقير صاحب کي انداز حرمسراءِ ڏي وٺي ويا، جتان گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻيئي واپس آيا ۽ رات سڄي فقير صاحب بادشاهه سلامت وٽ رهيو.
صبح جو جڏهن آءٌ سندن خدمت ۾ ويس ته فقير صاحب وري به چيو ته ”ابا، هاڻي اسان کي خوشيءَ سان موڪل ڏيو.“ مون گهڻي ئي عاجزي ڪئي مگر ڪجهه نه وريو. بادشاهه سلامت جن به آيا ۽ فقير صاحب هن کان موڪلائڻ جي ڪئي ۽ اڃا رد ڪد ۾ هئا، ته فقير صاحب جن جو روح عالم بالا ڏي پرواز ڪري هليو ويو. ۽ پاڻ سنوان کٽ تي پيا هئا. بادشاهه سلامت ۽ مون ته حشر برپا ڪري ڏنو، مگر آخر ته صبر اختيار ڪرڻو هو. فقير صاحب جي جنازي کي سينگاري پنهنجي والد بزرگوار جي ڀرسان دفن ڪيو ويو ۽ سڀ ماتمداريءَ جون رسمون پوريءَ طرح ادا ڪيون وييون.
انهيءَ ڏينهن کانپوءِ هيڪاري بادشاهه سلامت مون کي وڌيڪ محبت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ٻئي ٽئين ڏينهن مون کي هي فرزند عطا ٿيو ۽ بادشاهه سلامت جن هن تي ”ماجد“ نالو رکيو. ڏهن مهينن بعد بادشاهه سلامت کي ڌڻيءَ فرزند عطا ڪيو، جنهن جي خوشي پيا ملهايون.
”ادا سائين، هينئر رات گهڻي گذري ويئي آهي ۽ اوهانکي ننڊ کنيو بيٺي آهي. بهتر آهي ته اوهين آرام ڪيو. سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان.“