باب نائون : عابد جو گم ٿيڻ
هو اهو دل ڏاريندڙ احوال پاڻ سان کڻي آيا، جو ٻڌي هنن ٻنهي ڀائرن کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ننڍڙي راشد کي به ڏٺو هئائون، جو هاڻي مڪتب ۾ پڙهڻ ويندو هو. سڄو ڪم ڪار نوڪر هلائيندا هئا. دڪان به انهن جي بلي هوندو هو، تنهنڪري فائدو پورو سورو نڪرندو هو. زاهد اکين کان ويهي ويو هو، ۽ پٽن جي جهوراڻي هن کي بلڪل ضعيف ڪري ڇڏيو هو. هن کي ڪابه ڳالهه ڪانه مٺي لڳندي هئي.
هو، جيڪي به ٻاهران شهر ۾ ماڻهو ايندا هئا، انهن کي دعوت ڏيندو هو، ته من انهن مان ڪو پٽن جو احوال مليس: هنن سڀني تي هو اهو بار رکندو هو، ته جيڪڏهن ڪڏهن به هنن يک ڪو پتو پوي ته هن کي اطلاع ڏين؛ مگر انهيءَ مان به ڪجهه نه وريو ۽ هن جو ڏک ڪڏهن به نه گهٽيو. بعضي راشد اچي ڀرسان ويهندو هوس، ته هن کي ڇاتيءَ سان لائيندو هو، مگر پوءِ وٺي دانهون ۽ ڪيڪون ۽ روڄ ۽ راڙو ڪندو هو؛ جنهنڪري اها ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته راشد هن وٽ وڃي ئي نه. ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ سڏيندو هوس؛ ته پوءِ ضرور هن کي وڃڻو پوندو هو. پر جي ويندو هو ته اهائي حالت ٿيندي هئي ـــــ اهو احوال انهن ماڻهن آندو.
هي ٻيئي ڀائر اهي ڳالهيون ٻڌي تمام غمگين ٿيا ۽ ويهي پاڻ ۾ پهه پچائڻ لڳا ــــ هڪڙي کي سفيد پوش جي لنءُ لڳل هئي، ٻيو وري بادشاهه سلامت کي ناراض نٿي ڪري سگهيو. اهو خيال آين ته ڪيئن به ڪري هو پنهنجي پيءُ کي ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي گهرائي وٺن؛ مگر جيستائين پاڻ ٻيئي يا منجهائن ڪو هڪڙو نه وڃي، تيستائين انهن جو اچڻ ٺهي ئي نه پيو. کين ته گهڻو ئي خيال ٿيو، مگر حامد جي زال به هاڻي کين گهڻو تنگ ڪرڻ لڳي، ته ڪيئن به ڪري هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ملي.
آخر خيال ڪيائون، ته ڪي ماڻهو انهن ڏانهن تسليءَ واسطي ضرور موڪلجن ۽ پنهنجو سمورو احوال پنهنجي پيءُ ڏي ۽ پنهنجن عزيزن ڏي لکن ۽ هنن جي دل کي تسڪين ڏين. وري ائين پيا سمجهن ته متان انهيءَ مان هنن جي دل کي يقين نه اچي ــ نيٺ انهيءَ ڳالهه تي بيٺا، ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو احوال ضرور موڪلين. ٻنهي ڀائرن ڪجهه ڏينهن پاڻ ۾ ردوڪد ۾ وڃايا، ته ڪير خط لکي. نوبت آخر حامد تي آئي، جنهن هي خط پنهنجي ڪعبي ۽ قبلي والد بزرگوار ڏي لکيو:
”قبله گاها! اقدامبوسيءَ بعد عرض ته اول ته اسان عاصين ۽ گنهگارن کي پنهنجي ڪيل خطا جي معافي ملي، جنهن جا اسين ٻيئي ڀائر دست بسته خواستگار آهيون. بيشڪ اسان جو گناهه وڏو آهي ۽ اسان پنهنجي والدين ۽ ٻين عزيزن کي سخت رنج ڪيو آهي، مگر ’ازخوردگان خطا و از بزرگان عطا.‘ توهين اسان تي پدري شفقت ڪري اسان کي معافي ڏيو، ڇاڪاڻ ته جيسين اوهين اسان کي سچيءَ دل سان معافي نه ڏيندؤ، تيسين اسين پاڻ اچي پيش پوڻ جا لائق نه ٿينداسين.
”اسان جي قسمت اسان جي هٿ ۾ نه هئي. ڪنهين به انسان جي قسمت پنهنجي هٿ ۾ نٿي رهي. جي انسانن جي قسمت پنهنجي قبضي ۾ هجي، ته هينئن پنهنجن پيارن کان جيڪر نه وڇڙن. اسان ٻيئي ڀائر قسمت جي زبردست پنجي ۾ اچي وياسين ۽ تنهنڪري اوهان جي خدمت ۽ زيارت کان محروم رهياسين. اهڙيءَ حالت ۾ اسان ڪريون سو ڪريون ڇا؟ دل ۾ ته رات ڏينهن اهائي تمنا آهي ته اچي آستان بوسي ڪري معافي وٺون، مگر قسمت نٿي ڇڏي.
قسمتِ بد کان، زماني ۾ ڪڏهن مون کي نصيب،
آستانِ يار جي، هرگز جبين سائي نه هئي.
عابد به اڃا اچڻ جهڙو ڪين آهي. هن کي جنهن ڳالهه ڇڪيو آهي، اها اڃا تڪميل کي نه پهتي آهي، تنهنڪري هو به لاچار آهي. پنجون سال آهي جو هو مون وٽ رهي ٿو.
”قبله گاها! اسان ٻنهي توهان جو رنج پنهنجي سر تي کنيو آهي. جناب والده صاحبه به اسان تي بيحد رنج هوندي ۽ ٻيا عزيز ۽ قريب به اسان جي نالائقيءَ ۽ ناخلفيءَ تي افسوس ڪندا هوندا، مگر جيتوڻيڪ وڏا عاصي آهيون، تڏهن به اسان جي دلين ۾ اوهان سڀني واسطي تمام گهڻي سڪ ۽ محبت آهي. بادشاهه سلامت جي خدمت مون کي نٿي ڇڏي، نه ته ڪجهه وقت آءٌ اچان. هن جي اها خواهش آهي ته اوهين سڀ هيڏي اچو. اسين جيتوڻيڪ توهان جي هيڏي اچڻ ۾ ازحد خوش ٿينداسين، پر اهو چڱو نه آهي ته بيفرمان اولاد ڏي پيءُ ــ ماءُ پاڻيهي هليو اچي. نافرمان اولاد جو فرض آهي ته اول هو وڃي پنهنجي ماءُ ــ پيءُ کي راضي ڪري انهن کان معافي وٺن.
”اسان کي خيال آهي ته جلد اچي قدمبوسي ڪريون. جڏهن هيترو وقت گذريو آهي، ته باقي وقت به گذري ويندو ۽ اسين اميد ته روبرو اچي معافي پننداسين؛ جا اميد ته اوهين مهرباني ڪري اسان کي ڏيندؤ. تنهن کان پوءِ اميد آهي ته اوهين سڀ گڏجي اسان سان هيڏي ايندؤ. آءٌ هينئر رونق آباد ۾ وزيراعظم آهيان ۽ بادشاهه سلامت جو اهو خيال آهي ته هو عابد کي لشڪر جو سپہ سالار مقرر ڪري، مگر عابد جو خيال نٿو ٻَجهي.
”اسان ٻنهي جو هيڏي اچڻ، اسان جي وس ۾ نه هو ۽ نڪو اسان ڪو اهڙو ارادو ڪيو هو، ته ايترو وقت اسين اوهان جي سايي کان پري رهون؛ پر، ’هو مقدر ۾ مقرر، ڪنهن جي خود رائي نه هئي‘، وارو مثال آهي، تنهنڪري مون کي قوي اميد آهي ته اوهين اسان ٻنهي کي معافي ڏيندا ۽ جناب والده صاحبه ۽ ٻين عزيزن ۽ قريبن کان پڻ معافي وٺي ڏيندا. برخوردار محمد راشد کي اسان سڀني جي پاران گهڻو پيار ڪندا ۽ کيس ماجد جي طرفان گهڻا سلام ڏيندا، جو نه رڳو سندس سڳو سوٽ آهي، بلڪ سڳو ماسات به آهي.
”آخر ۾ اسين وري به معافيءَ جا عرضدار آهيون. زياده خير والسلام.
بنده حامد“
اهو خط لکي، بند ڪري، مراسلو وجهي، حامد هڪ گهوڙيسوار جي جمعدار کي ڏنو ۽ هن کي ڪجهه پئسا ڏيئي، پتا نشان سمجهائي، حڪم ڏنائين ته چار ڄڻا گهوڙيسوار ساڻ ڪري وڃي، ڇاڪاڻ ته مسافري لنبي هئي ۽ شايد واٽ تي تمام گهڻيون تڪليفون درپيش اچن. اهو به حڪم ڏنائين ته هو پاڻ سان تراريون وغيره کڻي وڃن، متان ڪي ڦورو هنن کي واٽ تي ورائين، جو گهڻن هنڌ رستي تي اهو خوف به هو. بعضي ڀيانڪ مرون به رستي تي ملندا هئا، تنهنڪري پڻ احتياط ضروري هو.
جمعدار خط وٺي، سموريون فرمائشون سمجهي، سلام ڪري هليو ويو. اسين ٻيئي ڀائر ويهي رهياسين ۽ ويهي اهي ويچار ڪياسين ته هن خط جو نتيجو ڇا نڪرندو ۽ هو سچ سمجهندا يا نه؟ خير، ڪجهه وقت اهي ڳالهيون ڳڻي ۽ پهه پچائي، حامد ته پنهنجي ڪم ڪار کي وڃي لڳو ۽ آءٌ اڪيلو رهجي ويس.
هن اڪيلائيءَ ۾ جيڪي منهنجي دل تي خيال آيا، اهي اڳي ڪڏهن به نه آيا هئم. پيءُ ــ ماءُ جي سڪ ۽ عيال جي وڇوڙي منهنجي دل کي هينئر اهڙو ته موم ڪيو، جو مان اوڇنگارون ڏيئي ويهي روئڻ لڳس. منهنجي روئڻ تي حامد ۽ ڀاڄائي، توڻي ننڍڙو ماجد سڀ ڊڪندا آيا. ماجد ته کڻي مون کي ڀاڪر وڌو ۽ هنن ٻن به مون کي گهڻو سرچايو. کڻي جو مٿي نهاريان، ته ڇا ڏسان ته هو به جر پاڻين جا پيا هارين. هڪ کي پيءُ ــ ماءُ جو خيال هو ته ٻئي کي پنهنجي ڀيڻ ۽ چاچي جو اوراڻو هو. نيٺ اسان ٽيئي چڱو موچارو ماتم ڪري سامت ۾ آياسين. ماجد به اسان ٽنهي کي روئندو ڏسي پاڻ به روئڻ لڳو. هن کي به پرچايوسين ۽ پوءِ هٿ منهن ڌوئي ماٺ ڪري ويٺاسين.
دل کي گهڻو خيال بيٺو هو ۽ هڪٻئي سان ڳالهايوسين ئي ڪين. آءٌ ته انهيءَ ويچار ۾ محو هوس ته منهنجي قسمت ڪيئن ڦِري، جو آءٌ سفيد پوش جو شڪار ٿيس، جنهن کي ڳولڻ واسطي خود زماني جي بادشاهه ڪيتري ڪوشش ڪئي، جا ڪارگر نه ٿي. خدا ڄاڻي الاجي حيات به آهي يا مماتيءَ وارن سان ميلو اٿس. وچ تي آءٌ رُلي دربدر، خاڪ بسر ٿيو آهيان، جو پنهنجن پيارن کان وڇڙي، وتان ٿو ڀٽڪندو. اگرچ هي به ته ڀاءُ جو گهر آهي ۽ منهنجي هر طرح خاطري ٿئي ٿي، پر آخر ته پنهنجو وطن ۽ پنهنجو گهر ۽ عيال ته سڀڪنهن کي پيارو هوندو.
اهي خيال ڪندي هڪڙو خيال اچي منهنجي دل کي قابو ڪرڻ لڳو ته جيڪڏهن گهر ويٺي ميهر ملي وڃي ها ته پوءِ دلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پوڻ، ڪُنن جي خوف ۽ خطري جو ڪوبه خيال نه ڪرڻ، پنهنجي عزت ۽ ماڻهن جي چؤپچو جي پرواهه نه ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين جو ضرور ئي ڪونه هجي ها. آءٌ رڳو گهر ويٺي پيو ”ميهر ميهر“ ڪريان. پنهنجو ميهر ٻيا لهي ڪونه ڏيندا، پاڻ کي ئي درياءَ ۾ گهڙڻ گهرجي. جڏهن سر تان آسرو لاهي درياءَ ۾ گهڙبو، تڏهن ته ساهڙ سنوت ڏيندو.
اهو خيال منهنجي دل تي ٻَجهي ويو ۽ مون ارادو ڪيو ته هاڻي سفيد پوش جي پٺيان مون کي پاڻ وڃڻ گهرجي ـــ مگر پنهنجو ارادو پورو ڪرڻ ڏکيو پيو لڳيم. گهڻوئي خيال ڪيم ۽ آخر انهيءَ ڳالهه تي آيس، ته موڪل ته ملندي ڪانه، تنهنڪري ڪنهن ڏينهن وجهه وٺي هليو وڃان؛ پر اِهو وجهه وٺان به ڪيئن؟ ڪڏهن به ٻاهر نڪرندو هوس ته سواريءَ کان سواءِ نه ويندو هوس. ويچار ڪيم، ته بنا سواريءَ مون کي نوڪر ئي نه وڃڻ ڏيندا. منهنجي پٺيان گهوڙيسوار لڳندا. مون کي هٿ ڪرڻ لاءِ حامد به ويهن ئي نُنهن جا زور لائيندو. بادشاهه به منهنجي لهڻ واسطي وس ڪندو ۽ پوءِ شايد هو مون کي لهي وجهن ۽ انهيءَ وڃڻ مان ڪهڙو فائدو پوندم؟
اهي ڌُنڌَ ويٺي ڌُنيم ۽ نيٺ اهو خيال ڪيم ته پوشاڪ بدلائي، پوءِ شايد وڃي سگهان، ته ٿي سگهي ٿو. پر مصيبت اها هئي، ته اها پوشاڪ ٺهرايان ڪيئن؟ ڪوبه ماڻهو ڪونه سجهيم، جنهن ۾ ڪا اميد رکي سگهان، ته هو ڪو اهو ڪم ڪندو ۽ ڪندو به ائين، جو حامد کي خبر ئي نه ڏيندو. نيٺ خيال ڪيم ته لطيف مالهي هڪ سادو ماڻهو آهي. هن جو حامد سان گهڻو تعلق ڪونه آهي ۽ نڪي هو سمجهندو ئي ته مون کي اها خاص پوشاڪ ڇا جي ڪري گهرجي. هو مون کي ضرور اهو ڪم ڪري ڏيندو.
شام جو سوار ٿي باغ ۾ ويس ۽ لطيف سان مليس. هن کي رواجي طرح چيم ته ”هي پئسا اٿيئي. جوڳين جي پوشاڪ ٺهرائي پاڻ وٽ رک، آءٌ پاڻيهي اچي کڻندس.“ مون هن کي معمولي طرح اهو ڪم چيو ـــ خاص انهيءَ ڪري، ته جي چوندوسانس ته ڳجهو رکي، ته هو شايد خيال ڪري ته ڇو، ۽ پوءِ ڪنهن سان ڳالهه ڪري وجهي ـــ بسمون، صندل وغيره هٿ ڪرڻ جو به هن کي سمجهايو ويو.
هفتو کن لطيف انهيءَ ڪم ۾ ورتو. هفتي کان پوءِ جڏهن باغ ۾ ويس، ته لطيف چيو ته ”سائين سڀ ڪجهه تيار آهي. مون کي پنهنجي لانڍيءَ ڏي وٺي ويو. سندس گهر واريءَ اٿي سلام ڪيو. خليل به ڏٺم. جهان آرا حرمسراءِ ۾ هئي. سڀ ٽپڙ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. باقي ڪجهه رهيل هئا، اهي به چيامانس ۽ وري آءٌ سوار ٿي واپس آيس. ٻئي ڏينهن خبر ورتيم ته سڀ سامان تيار هو.
هاڻي خيال ڪيم، ته جيڪڏهن باغ تائين سوار ٿي ويندس ته پوءِ ڪم ڪين ٺهندو. حامد سواريءَ کان سواءِ مون کي ڪاڏي به وڃڻ جي اجازت نه ڏيندو. نيٺ خيال ڪيم ته شهر جا ماڻهو ته عام طرح گهڻو ڪري مون کي ڪونه سڃاڻن. هڪڙي ڏينهن صبح جو بگيءَ تي سوار ٿيس ۽ بازار ۾ ويس. اتانهون بگيءَ واري کي حڪم ڏنم ته هو واپس وڃي، جو آءٌ ٻه ــ ٽي ڪلاڪ رکي پاڻيهي موٽندس. بگيءَ واري زور ڀريو ته هُو رهي ــ کڻي ڪيترو به وقت لڳي، ڇاڪاڻ ته هن کي خيال هو ته متان ڪو سخت پڇاڻو ٿئيس ــ مگر منهنجو حڪم به هن کي ضرور مڃڻو پيو، هُو لاچار واپس ويو. آءٌ تمام تيزيءَ سان لطيف ڏانهن ويس ۽ سڄو سامان وٺي آءٌ پاڻ کڻي آيس. هن گهڻو ئي زور ڪيو ته پاڻ کڻائي اچيم، مگر مون هن کي صفا روڪي ڇڏيو. نيٺ هو اتي رهي پيو ۽ آءٌ اهو سامان کڻي سڌو شهر ۾ آيس، جتان ڪنهن بگيءَ تي سور ٿي ڀر وارا ننڍڙا ڳوٺ لتاڙي هڪ چڱيءَ وسنديءَ تي آيس، جتي پڻ سواريون ملي سگهيون ٿي. اتانهون ٻي سواري هٿ ڪيم ۽ سڌو اڳتي رخ رکيم ـــ اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن صبح تائين آءٌ گهڻو ئي پنڌ ڪري هليو ويس.
اڃا باک نه ڦُٽي هئي، ته آءٌ هڪڙي واهڻ جي نزديڪ آيس، جتي انهيءَ سواريءَ کي ڇڏيم. اتانهون ٿورو اڳتي هلي، جوڳيءَ وارو لباس ڪڍي پاتم:لڱن تي بسمون لاتم، پيشاني صندل سان چِٽيم، بيراڳڻ جو بيک ڪيم. ڪفني ڳچيءَ ۾، سڄو انگ ڀڀوت ڪري هليس. هٿ ۾ وٽو جهلي، ڪڇ ۾ سونٽو ڪري، چيلهه ۾ چمٽو چُهٽائي، زنجيرن سان ڪِشتو ڪَڙي، در در بين وڄائيندو ۽ پانڌي پڇائيندو پيو وڃان. پيرن ۾ گهنگهرو وجهي هيڏي هوڏي بازارين ۾ گهڻ گهڻ ۽ ڇم ڇم لايو پيو هلان. تخت هزاري ڇڏي، گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي، هاڻي خوب ساجن جي ڪڍ لڳس ۽ عشق جا واڄٽ وڄائيندو ويس. اهو هنڌ ۽ مڪان نه ڇڏيم، جتي پنهل جي جاچ نه ڪيم. مون کي ناٿ سان ناتو نباهڻو هو، تنهنڪري ڪيچيئڙن ڪاڻ ڏاڍا ڏونگر ڏوريم، گهڻائي ڀاڻ ڀيٽيم ۽ طالب تياڳي ٿيس.
اهوئي خيال هوم، ته من ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا پرين وٽئون ڀَلي ڀاڄي نصيب ٿئيم. لوڪ جا سڀ لاڳاپا لاهي، جتن سان جيئڙو کڻي جڙيم. ڄڻ گولن جي گولي ٿي، ٻانهپ واري ٻولي ڪري، آءٌ عيبن هاڻي ننڊ نهوڙي، خان ٻاروچي جي ڳولا ۾، ڳوٺن جا ڳوٺ لتاڙيندو پئي ويس، ته ”اي سهڻا سڄڻ جيتوڻيڪ مون ۾ ”عيب اپار“ آهن، تڏهن به مون کي هيئن نه ڇڏج. دل ۾ آرزو ته اها اٿم، ته ساري ڄمار، پنهنجي هوت ٻاروچي کان ڌار نه ٿيان ۽ هن تي پاڻ کي گهوري، نثار ۽ ٻلهار ڪري ڇڏيان.“
سر تي سوز ۽ فراق جا بار چاڙهيو، جانب جي جار دل ۾ ڪيو، شهر ڀنڀور جي ماڻهن جا مهڻا جهليو، وِرهه جون واڳون هٿن ۾ کنيو، برهه جي بازار مان لنگهي، ڪيچ ڏي ڪاهيو پيو وڃان، مگر پنهل جي پرچار ڪانه پيئي پويم. واٽ تي گهڻن هنڌ پوٿيون پٽايم ۽ ڪانگ اڏايم، مگر فائدو ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پايو، پورهيائت ٿي، ڪيچ ۾ هزارين هاجون ڪندو، انهيءَ لالڻ تي پنهنجي لڄ رکيو، ٻاروچي جي ٻاجھ لاءِ هِتي هُتي واجهه وجهندو پيو وڃان. اها اميد هنئين تي تري آيم ته جن محبت جو مچ مچايو آهي، درد جو دونهون دُکايو آهي ۽ نينهن جو نشان لڳايو آهي، اهي ڪيئن نه توڙ نباهيندا!
اهي خيال ڪندو. ڏاڍا ڏونگر ڏوريم ۽ ڪشالا ڪٽيم؛ پورب جا پنڌ پڇايم ۽ هنگلاج جا هنڌ، مگر جيئن اڳتي هلندو وڃان ته معمولي طرح ته جيڪر نراسائي ۽ نااميدي ڳاري ڇڏيم ها، مگر هت ته قصو ئي ٻيو هو. جيئن گهڻا ڏک پيو ڏسان، تيئن زياده اميد پيئي ٿئيم. جيئن وڏي ۾ وڏا برپٽ پيو لتاڙيان، جتي نه اَنّ ملي نه پاڻي، تيئن ائين پيو سمجهان ته ڄڻ پنهنجي منزل کي ويجهو پيو سمجهان. ائين برابر آهي ته جيئن منزل ڏورانهين هوندي آهي، رستي جي مسافري وڌيڪ ڪٺن لڳندي آهي، بک ۽ ڏک گرفتار ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن جيڪر آخر انهيءَ مقصد کي پهچبو، ته تمام گهڻي ۽ گهاٽي خوشي ٿيندي. مگر آءٌ ته اهڙي منزل ته اکين سان ڏسان ئي ڪونه پيو، پوءِ به دل کي راحت پئي آيم.
اهڙيءَ حالت ۾ سمجهيم ته هينئر اميد جو دروازو ۽ آسري جو ايوان شايد پيش اچڻو آهي. زياده اورچ ٿي هلڻ لڳس، تان جو هڪ هنڌ آيس، جتي هڪ سبز چراگاهه نظر آيم، جنهن تي ڏٺم ته هڪ ماڻهو ڳئون پيو چاري. ڳنوار کي ڏسي هيڪاري خيال آيم ته الاجي انهيءَ شخص سان ڪڏهن ملاقي ٿيندس، جو سچائيءَ ۽ حق جي راهه ۾ منهنجي به ائين پالنا ڪندو، جيئن هي ڳنوار پنهنجي ڳئن جي ٿو ڪري. اهو خيال ڪري آءٌ ان سبزيءَ تي پري ليٽي پيس، جتي ننڊ کڻي ويم.