ناول

جهان آرا

هي مشهور ناول ”جهان آرا“ 1931ع ۾ ڇپيو هو. 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇپايو ويو ۽ هيل تائين ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن. هي ڪتاب انٽرميڊييٽ جي نصاب ۾ شامل هجڻ ڪري شاگر دوست ان جي گهُر ڪري رهيا هئا ته ڪتابي صورت ۾ ۽ پي ڊي ايف ۾ رکيو وڃي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي به موجود آهي. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب کي سهيڙي اسان ڏانهن موڪليو.
Title Cover of book جهان آرا

باب ڇهون : عابد جو احوال

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اسين سڀ اٿياسين. بهار جي موسم هئي ۽ ڏکڻ جي هير پئي جسم ۽ جان کي تازو ڪيو ۽ فرحت بخشي. لطيف مالهي هميشه ٻه وڏا گلدستا ۽ هڪ ننڍو کڻي ايندو هو. اڄ پنهنجي معمولي روش جي خلاف، هڪ وڏو گلدستو وڌيڪ کڻي آيو. حامد پڇيس ته ”ڇو، اڄ هڪ وڌيڪ آندو اٿئي؟“ چيائين ته حصور انور جن ارشاد فرمايو ته اڄ کان وٺي هڪ ٻيو به وڏو گلدستو کڻي وڃ، ۽ اهو اسان جي طرفان ميان محمد عابد کي پيش ڪندو ڪر.
آئون ته حيرت ۾ اچي ويس ته ڇا آءٌ، ڇا بادشاهه دوران جي عنايت؟ بيشڪ حامد جي ڪهڙي به سٺي ۽ آتم خدمت هجي، مگر هرهڪ ڳالهه ۾ ايترو خيال ۽ هر نقطهء نظر تي ايترو ويچار، ۽ هر ڪنهن بشر جي ايتري تعظيم ڪرڻ، اها ته مَدَڪي صفت چئبي ۽ ڪوبه بشر ڪڏهن به ايترو توجهه ڪري نه سگهندو. خصوصاً بادشاهه گهڻو ڪري عيش پسند هوندا آهن، ۽ انهن کي انهن ڳالهين ڏانهن ڪوبه خيال نه ٿيندو آهي. ازان سواءِ ڪنهن کي دل ۾ ٿيندو ته بادشاهه عاليجاهه اسان جو ڇو خيال نه ڪيو؟
مگر هي بادشاهه ته پنهنجي ساري رعيت ۽ جملي خدام جو مالهي آهي، ۽ هنن جي دلين کي اهڙي ته آبياري ڪري تر ۽ تازو ٿو ڪري، جنهن جو ڪو آنت ڪونه آهي. هُو نه ڪنهن ذاتي عيش ۾ مشغول آهي ۽ نه اجاين خيالن ۽ اجاين ڪمن ۾ محو. هو ته انهيءَ ۾ آهي ته ڪيئن به ڪري پنهنجي رعيت ۽ نوڪرن چاڪرن کي عيش ۽ آرام ۾ رکي، جو هُو سندس سايي هيٺ امن ۽ امان ۾ رهي، هن کي دعائون ڪن، جو به خادم حسن خدمتي ڪري ٿو، انهيءَ جو هو به ائين خيال رکي ٿو، جيئن ڪنهن خاص محبت ۽ دوست جو، يا جيئن پنهنجي عزيز يا اولاد جو.
تحقيق بادشاهه، ربي سايو آهي ۽ انهيءَ سايي هيٺ سڀ امير ۽ فقير گذارين ٿا، مگر ربّ جي ربوبيت، ڪڏهن قهر ۽ جبر مان ظاهر ٿئي ٿي، ته ڪڏهن وري رحم ۽ سخا جي پَلٽ ٿئي ٿي. هت آهي رحم ۽ سخا، لطف ۽ ڪرم جي پلٽ، پر پلٽ به پلٽن جهڙي ۽ بادشاهه سلامت جو عالي وجود، انهيءَ سخا جا عجيب ۽ نجيب نشان ظاهر ظهور ڏيکاري رهيو آهي.
خير، لطيف مالهي گلدسته پيش ڪري سلام ورائي هليو ويو. هڪ گلدستي سان حامد جي ميز کي سينگاريو ويو، هڪ سندس گهر واريءَ کنيو، هڪ مون تي باقي هڪ ننڍو حامد جو دائيءَ جي حوالي ڪيو ويو. مان ڪجهه وقت ته پنهنجي گلدستي ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوس ۽ ڪوبه خاص خيال ڪونه هوم. آخر نرگس جي نيڻن جي نماڻائيءَ، لاله جي لالائيءَ، چنبيليءَ جي چوپچو، چمپڪ جي چمڪ، سورج مکيءَ جو سوز، ڪرنٻي جي ڪرنن، موتيي جي موتين ۽ مالهائن، منهنجي آبدار اکين کي انهن جي نينهن جي ناوڪ ۾ ڦاسايو، ۽ انهن جي مشاهدي منهنجي من کي ماندو ۽ منهنجي دل جي طنبور جي تارن کي خوب واڄٽن سان وڄايو.
گلن ۾ به جيڪو خدا داد حسن موجود آهي، اهو اهڙو ته زبردست آهي جو هنن جي چمڪاٽ، انسان جي عقل ۽ هوش کي چماٽ هڻي، مات ڪيو ڇڏي. وري جڏهن هر ڪنهن قسم جا گل گڏجي، هڪ گلدستي ۾ ٻَڌجي وڃن ٿا، ته انهن جي اهڙي جوڙ جي جنسار تي ته هوند هزار جانيون قربان ۽ ٻلهار ٿي وڃن. ڀلي ته ڪوبه اهڙي سهڻي ۽ من موهيندڙ اتفاق تي هلان ڪري، پر جڏهن ويجهو ايندو ته ڏسندو ته هت به هٿن جون صفايون لڳيون پيون آهن. سڀيئي گل هڪٻئي جي بچاءَ ۾ جوڌن جوانن وانگر جڪڙيا بيٺا آهن، ۽ اهڙي اتفاق تي ڪير نه دهلجي ويندو؟ نه رڳو ائين، پر اهڙيءَ حالت ۾ سڀڪو اچي سلامي ٿيندو، ۽ انهيءَ اتفاق مان خوشبوءِ ۽ هُڳسان حاصل ڪري، پنهنجي دل کي خوشيءَ ۽ راحت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو.
اتي خيال آيم ته انسان به گلن جي مثال آهن. سچ پچ ته هُنن مان گلن کان به وڌيڪ خوشبوءِ اچي ٿي، جنهن سان نه تاتار جو مشڪ بيهي سگهندو ۽ نه استنبول جو عطر. پر جيڪڏهن هو گڏجي ڪنهن هنڌ جماعت يا جلسو ڪن ٿا ته انهن جي اهڙي ميڙ مان اها لذت اچي ٿي، جا هونئن ڪجهه به ڪجي ته حاصل ٿي نه سگهندي. جيڪڏهن دنيا ۾ هر مذهب، هر فن ۽ هر قوم جا ماڻهو گڏ ٿين، ۽ پاڻ ۾ ڀائپيءَ کان به وڌيڪ سلوڪ ڪن، يعني ته مختلف گلن وانگر پاڻ ۾ ملي هڪ گلدستو ٺهي پون ۽ پاڻ ۾ ميل جول ڪري يڪدل ٿي وڃن، ته جيڪر هماليه جهڙي زبردست جبل کي به ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏين، ۽ انهن ريزن ريزن سان خوب پنهنجون سڙڪون کڻي سينگارين.
مگر افسوس جو ساريءَ مخلوقات جي اشرف مظهر، پاڻ ۾ جنگيون ۽ فساد ڪري، پاڻ کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. ڪيتري به ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، ته به هو هڪٻئي کان پري پيا گذارين. هڪٻئي سان ٻانهن ٻيلي ٿي گذارڻ جي عيوض، هو هڪٻئي کي ناس ڪرڻ جو ساز ۽ سامان تيار ڪري رهيا آهن. جي انسانن ۾ اتفاق ۽ اتحاد هجي، ۽ جي هو پنهنجا اجايا ضد ڪڍي يڪمشت ٿي هلن، ته جيڪر آخرين نتيجو تمام سهڻو ۽ سڦلو نڪري پوي. پوءِ انهن انسانن مان انهيءَ کان به وڌيڪ عنبرين بوءِ اچي، جيڪا ڪنهن گلن جي گلدستي مان اچي ٿي.
هت ڪو عيسائي آهي ته ڪو يهودي، ڪو مسلمان آهي ته ڪو هندو، ڪو آتش پرست آهي ته ڪو سورج پرست، ڪو پٿر جا بت ٿو پوڄي ته ڪو وري انساني بتن تي ٻلهار پيو وڃي، ڪو وادي نشين آهي ته ڪو جبلن جي چوٽين تي مڪين آهي، ڪو اُوچيون محلاتون ٺاهي هن دنيا جي جنسار ۾ خوب غرق آهي ۽ ڪو ته دنيا جي عيش ۽ آرام، راحت ۽ نعمت کي ترڪ ڪري، جنهن پاسي ڏانهن سج آهي، اوڏانهن وقتي اولو ڪري، پنهنجي جسماني قيد جا ڏينهن گذاري رهيو آهي ۽ فقط پنهنجي ميهر يار سان تار لائي رهيو آهي- آهي ته سچ سڀني کي پنهنجي يار جي تار، پوءِ ڪنهن کي گهڻي ۽ گهاٽي ڪنهن کي ٿوري ۽ اڻپوري.
ياد رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ جيڪو به مذهب آيو آهي، انهيءَ جو آخرين مقصد ۽ نشان آهي حق کي ڄاڻڻ ۽ حق جي پرستش ۽ پوڄا ڪرڻ. سڀڪو ماڻهو، پوءِ هو ڪهڙي به فرقي جو هجي، حق جو طالب آهي، رڳو رواجن ۽ رسمن ۾ اختلاف آهي. ڪو مسجدن ۾ سجدا پيو ڏئي، ڪو ديول ۾ پوڄا پيو ڪري، ڪو ٽڪاڻن ۾ پيو مٿو ٽيڪي، ته ڪو وري آتشڪدي ۾ پنهنجي پاڻ کي، حق جي ڳولا ۾ پيو پچائي. آخر ته سڀني جو نشان هڪ آهي. سمجهجي کڻي ته حق جي بارگاهه هڪڙي بادشاهه جي دربار جي محل وانگر آهي. هن کي ڪيئي دروازا آهن، جي سڀ کليل آهن ۽ جن تي ڪو دربان به مقرر نه آهي، جو ڪنهن کي اچڻ کان روڪي. پوءِ سڀڪو سندس جيءُ چاهي ته ڪنهن به دروازي کان وڃي درٻار ۾ شامل ٿئي. آخر ته سڀ انهيءَ حقيقي مالڪ وٽ پهچندا.
ڪاشي ڏي ڪي سڪايل ٿا وڃن، ته اتي وڃي گنگا جي جَل سان پاڻ کي پوتر ۽ پاڪ ڪن ۽ ڪجهه اتاهون پِي پنهنجي اُڃ لاهين. پوءِ ڪي دکن کان اچن ٿا ته ڪي اتر هندستان کان، ڪي اولهه سنڌڙيءَ کان ٿا وڃن، ته ڪي اوڀارون پيا اچن، ڪي ريلن، موٽرن ۽ گاڏين ۾ سوار ٿي پيا وڃن، ته ڪي وري سڪ منجهارؤن پيرين پنڌ، ڪي ويجهاهين هنڌ کان ٿا اچن ڪي ڏورانهان ڏيهه، ڏاگهن تي چڙهي ڏونگرن تان لتاڙيندا پيا وڃن، ۽ نيٺ وڃي، ديدار ڪري، پاڻ کي اڳين گناهن کان پيا آجو ڪن. آخر ته سڀ پنهنجي منزل مقصود تي پهچن ٿا. ساڳيءَ طرح جي مڪي وڃبو يا جيروسلم (بيت المقدس) يا روم.
آخر ته سڀڪو پنهنجي پنهنجي مقصد تي پهچڻ واسطي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هر ڪنهن جو آخرين نشان اهو ساڳيو آهي. پوءِ فقط ٿورين ڳالهين تي پاڻ ۾ لڙي، فرقيبنديءَ جو شڪار ٿيڻ اجايو آهي. مگر خبر نه آهي ته انسان ڪڏهن اهي خيال ڇڏيندا ۽ ڪڏهن هڪٻئي سان ملي ڀائن وانگر هلندا! لڙاين ۽ خانه جنگين مان ڪجهه به پراپت ٿي نه سگهندو، مگر يڪشت ٿي رهڻ سان سڀڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو.
آءٌ انهن ويچارن ۾ هوس ته حامد چيو ته ”ادا، اڄ توهان مهر ڪري پنهنجو ۽ ابي سائينءَ ۽ اما سائڻ جو احوال ٻڌايو. مون کي تمام گهڻي سڪ آهي ۽ وڌيڪ ترسي نه سگهندس.“ آءٌ سجاڳ ٿيس ۽ پنهنجو احوال هن ريت شروع ڪيم:
”ادا، اهي درد جا داستان جيڪڏهن نه پڇو ها ته چڱو هو. منهنجي دل ته نٿي باسي جو آءٌ اوهان کي ڪي اهي ڏکن ۽ ڏاکڙن جا ڏوهيڙا، ۽ محنت ۽ مشقت جون مرليون ٻڌايان، مگر پڪ اٿم ته اوهان هرگز نه مڙندؤ، تنهنڪري لاچار سرسري احوال عرض رکان ٿو.
”منهنجا پيارا ڀاءُ، جڏهان ڪر توهين اسان کي جدائيءَ جي جولانن ۾ بيتاب ۽ بي آب ڪري هليا ويؤ، تڏهان ڪر ته اسان جي گهر ۾ حضرت يعقوب وارو ”بيت الحزن“ (ماتمخانو) بڻجي ويو. انهيءَ ماتمخاني ۾ سڄو گهر ماتم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي درد جا دونهان دکائي ويهي رهيو. وِره جي برهه جي بازار گرم ٿي ويئي، وڇوڙي جي نينهن جي ناؤڪ اسان جو سينو ۽ جگر شگاف ڪري ڇڏيو، واويلا جي ڌم مچي ويئي ۽ سڄو شهر نوح خوانيءَ ۾ شامل ٿي ويو.
”ويچاري امڙ ته سڄو ڏينهن صبر ۾ هوندي هئي، ۽ ڪنهن سان به نه ڳالهائيندي هئي ۽ هوءَ پنهنجي من جي مونجهه ۾ گذاريندي هئي ۽ پنهنجي دل سان جهيڙو جهڳڙو لڳو پيو هوندو هوس. هن جي انهيءَ ماٺ مان اهي ته بيان پيا بکندا هئا ۽ اهي باب پيا ظاهر ٿيندا هئا ۽ اها فصاحت ۽ بلاغت پيئي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جو سوين ڪتاب لکجن ته به پوري نه پون.
بيشڪ انسان کي جڏهن سخت ۾ سخت ڌڪ لڳي ٿو، ته پوءِ هن کان نه ڪُڇڻ ٿو پڄي ۽ نه پڇڻ. هو پوءِ خوشيءَ جي زبان سان اها گفتگو ڪري ٿو، جنهن تي تڪلم ۽ گويائي خود حيران آهن، ۽ جڏهن به هو ڪنڌ کڻي ڪجهه زبان هلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تڏهن شرمساريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب نٿو ٿئين. اها آهي مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جي آخرين منزل ٻڌوڪين اٿوَ ته:
قطعو
’خموشيءَ ۾ لڪل آهن هزارين خواهشون دل جون،
غريبن جي مٿي تربت سدائين گل ڏيو آهي.
هزارين حسرتون آهن، دل بيتاب جي اندر،
نٿو ڪڇجي، مگر ڏاڍو صبر جو هل پيو آهي.
سڄوئي کيت خواهش جو، ويو خس ٿي ادا هاري،
هينئر تو جهار جهرڪيءَ جو، اجايو غل وڌو آهي.
جتي آهي رڳي واري ۽ بربادي سندو ڪلر،
اتي ”رفعت“ ڪڏهن سبزي، نه ٻوٽو گل ٿيو آهي.‘
”ادا توهان هت اچي عيش ۽ آرام ۾ ويهي رهيؤ ۽ نه خبر ڏِنوَ نه چار. اسان ته هزارين حيلا هلايا، ڪئين قاصد ڀڄايا، ڪئين هنڌ پچايا، مگر ڪوبه پتو ڪونه پيو: گهر جو سارو ڪاروبار منهنجي هٿ ۾ هو ۽ دڪان جو ڪم به منهنجي گردن تي، مگر يڪدل ۽ هزار آفت، ڪنهن کي منهن ڏيئي ڪنهن کي ڏيان؟ بابو سائين ته بلڪل ڪم کان ويهي رهيو. هن جي محبت جيڪا اوهان سان هئي، اها ڪا اوهان کان ڳجهي نه آهي. گهڻائي ماڻهو اچي پيا دلداري ڏينس ۽ پرڀائينس، مگر ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. جن جي هنجن مان هوت ٿا وڃن، انهن کي ئي سور جي سڌ هوندي. جنهن کان پنهنجو يوسف جدا ٿيو هوندو، انهيءَ کي ئي خبر هوندي. هن جي دل کي تمام گهڻو صدمو پهتو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مون کي پٽڙو ڄائو. انهيءَ ۾ بابي سائينءَ پنهنجو ساهه کڻي وڌو، مگر انبن جي بوءِ ڪا انبڙين مان ايندي؟
”مون کي اڳيئي پنهنجي سر گهڻو خيال هو. مگر هنن ٽنهي کي ڏسندو هوس، تڏهن ته هيڪاري ڏک ٿيندو هوم. پر ڇا ڪجي، ڪوبه چارو ڪونه هو. آخر هڪڙي ڏينهن دڪان تي هڪ سفيد پوش شخص آيو، جنهن جي منهن ۾ اهڙيءَ طرح ته نُور پئي چمڪيو، جو مون کي پڪ پئجي ويئي ته هو ڌڻيءَ جو ڀلارو ٻانهون آهي. مون هن کي تعظيم ڏيئي ويهاريو ۽ هن جي ٿوري گهڻي خدمت ڪئي. مان هن کان حال احوال پڇڻ لڳس، مگر هن مون کي ڪوبه احوال خاطريءَ جهڙو نه ڏنو. مون سمجهيو ته هو پاڻ کي لڪائي ٿو. مون کي همت نه ٿي جو مان هن کان وڌيڪ پڇان. توهان جو احوال پڇيومانس ۽ پَتا نشان ڏنامانس. هو رڳي مرڪي ماٺ ڪري ويهي رهيو. فقط ايترو چيائين ته ’گهر ويٺي ميهر ملي ها، ته ڇو مهراڻ جي موجن سان منهن ڏجي ها.“ خير، هو ٿورو وقت ويهي هليو ويو ۽ وري سڄي شهر ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
”مون کان ته سارو ڪم ڪار وسري ويو ۽ پيءُ- ماءُ جو خيال به ڇڏي ويو. منهنجي دل ۾ ته ڪي اهڙا گهاوَ وجهي ويو جو ڇٽڻ جا نه هئا. آءٌ تمام حيران ۽ پريشان ٿيس ۽ هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ لڳس، مگر ڪو فائدو ڪونه پيو. هو ته الاجي ڪاڏي رمندو رهيو، مگر مون کي رڻ ۾ رلائي ويو.
”اتي مون خيال ڪيو ته آءٌ ضرور هن کي ڳولي لهان، پر اهو خيال دل تي چڙهي آيم ته ابي امان جي حالت الاجي ڪهڙي ٿيندي. هو اڳيئي ڦٽيا ويٺا آهن، ويتر آءٌ به جو هليو ويندس ته نهايت ئي پريشان ٿيندا. تنهن کان سواءِ مون کان وڌيڪ هنن جي خدمت ڪير ڪندو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ مان انهن کان جدا ڪيئن ٿيان؟
”اهي خيال ڪري وري انهيءَ ارادي کان پاڻ کي روڪيان ته گهڻوئي پيو، پر جيئن پاڻ کي وڌيڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪيم، تيئن منهنجي واسطي وڌيڪ مصيبت پيدا ٿيو پئي وڃي. نه رات جو ننڊ پيئي اچيم ۽ نه ڏينهن جو آرام. وائڙن وانگر وتان هلندو. خلق جي خواريءَ کان به پيو ڊڄان، ته چوندا ڇا ته هنن ٻنهي ڀائرن سان ڪهڙي ويڌن ٿي! گهڻوئي پاڻ کي روڪيم مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو ۽ آءٌ ڏاڍو تنگ ٿي پيس. ٻيو ڪونه چارو ڪوبه سجهيم ۽ آءٌ به وٺي نڪتس!
”سال کن ته مون کي به رلندي ٿيو آهي. جتي وڃان ٿو اتي ڪوبه پتو يا نشان ڪونه ٿو مليم. گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو اٿم، گهڻائي ڏونگر ڏوريا اٿم، گهڻائي لڪ لنگها اٿم، مگر مايوسي روز وڌندي پيئي وڃي. توهان جي ڳالهه مان سمجهيم ته اوهان هت اچڻ سان هڪ سفيد پوش سان ملاقاتي ٿيا هُئو. مون کي قوي گمان آهي ته اهو ئي سفيد پوش آهي جنهن مون کي رلايو آهي، مگر توهان به ته وري ڪڏهن ئي ڪونه ڏٺوآهي، ۽ نه توهان کي خبر آهي ته هو هتي ٿو رهي يا زمين جي ڪنهن ٻئي خطي ۾.
”خير وري به هيئن ته ٿيو ته اسين انهيءَ ڪري ئي پاڻ ۾ ملياسين، مگر هاڻي جيستائين آءُ هن کي ڳولهي لهان، تيستائين مون کي آرام ڪونه ايندو. دل ته گهڻوئي ٿي چوي ته اڳ ۾ بابي جن کي وڃي اوهان جي خبر ڏيان، پر قسمت جو ٻئي پاسي آهي. چڱو ائين ٿيندو ته اوهين به مون کي مدد ڏيو ته آءٌ انهيءَ شاهباز کي ڳولي وٺان، پوءِ اميد ته سڀ سڻائي ٿي پوندي.“