باب پنجون : زاهد جي حالت
اهڙين حالتن ۾ اميد مان به نااميدي ٿيو پئي، پوءِ انسان کي اهڙيءَ ڳالهه تي ڪيترو ڀروسو ٿيندو؟ ڀروسو انهيءَ ڳالهه تي هوندو آهي، جا پڪي هجي، ۽ جنهن ۾ نه ڀؤ نه ڀولو. جنهن ڳالهه تي انسان جي دل سدائين بيد جي وڻ وانگر پيئي ڌڏي ۽ ڪنهن ڳريءَ لغزش ۾ اچي وڃي، ته اهڙيءَ حالت ۾ اميد جو تسلط هوندو، يا نااميديءَ جو؟ پر اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن اميد جو قطرو به کڻي هجي، ته به انهيءَ کان نراسائي بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو هڪ مَنو ته هوندو. هونئن جو ڪڏهن ڪنهن خيال ۾ هجي ڪڏهن ڪنهن ۾، ڪڏهن ڪهڙي برج تي هجي ڪڏهن ڪهڙي تي، ۽ ڪڏهن ٿورڙي وقت واسطي ڪجهه اميد ۽ آس آهي، ته ڪڏهن وري هڪدم نراسائيءَ جي نينهن ۾ انسان گرفتار ٿيو وڃي، ۽ اهڙيءَ حالت کي وڃيو پهچي، جتان هن جو ڀرڻ محال ٿيو پوي، تنهن کان ته انسان ڇُٽي پوندو.
ويچاري زاهد سان به اهائي ويڌن هئي. ڪڏهن ته اها خبر پيئي پويس ته حامد خوش خورم آهي ۽ خدا جي فضل ۽ ڪرم سان هن جي حالت ممتاز آهي. پوءِ ته اهي خيال، اميدون ۽ آسرا پيا دل ۾ سمائجنس ته ”الحمدلله، جي ائين آهي ته ڌڻي جلد اسان سان ميلو ڪندس ۽ اسان کي کيس ڏسي پنهنجا ڏک ۽ درد ميٽي ڇڏينداسين.“ اڃا انهن خيالن ۾ هجي ته يڪدم هڪ موتمار خبر پئي پهچيس، جا سندس هيانءُ ئي کايو ڇڏي- جي، حامد ڪنهن جهاز تي سوار هو، جو ڪنهن ٽَڪر سان لڳي ڀڄي، پرزا پرزا ٿي پيو، ۽ سارو اسباب سمنڊ جي تري ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ ماڻهو سمنڊ جي مڇين ۽ مانگرن جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ حامد به هو.چي، حامد ڪنهن تمام گهاٽي جهنگ مان پئي لنگهيو، جتي ڪنهن شينهن اُتس حملو ڪري، ڦاڙي پرزا پرزا ڪري، کائي ڇڏيس: چي، رستي تان پئي ويو ته واٽ تي ڪا ڦورن جي ٽولي هن سان ملاقاتي ٿي ۽ هن کي ماري، سڀ نقدي پئسه ڪڍي، هُو رمندا رهيا!
اهڙي نموني جون ڪيئي خبرون پئي آيون، جن ويچاري زاهد جي دل کي پئي ڏکويو، ۽ هن کي نراسائيءَ جي نِير سان پئي رڱيو. تڏهن به بعضي بعضي ائين به پئي خيال ڪيائين ته من ائين نه هجي. ڌڻي مالڪ آهي ۽ انهيءَ ربّ رحيم مان ڪير اميدون لاهيندو؟ هُو ته ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ ڌُوڙ مان ڌن، اوندهه مان سوجهرو، ڏک مان سک، تڪليف مان تفريح ۽ نراسائيءَ مان آس ۽ اُميد پيدا ڪيو ڇڏي- اهڙن خيالن ۾ ويچارو ڇا ڪري؟ ڪاڏي ٿي ڪاڏي وڃي! اولاد سان ڪنهن جي نه خاطر هوندي! ۽ اهڙيءَ حالت ۾ اهو ڪهڙو مائٽ هوندو، جنهن جي دل مان آهون ۽ دانهون نه پيون نڪرنديون هونديون، ۽ هُو جَرَ پاڻينِ جا نه پيو وهائيندو هوندو؟ ڪنهن چيو نه آهي ته:
”لاله جي دل تي داغ، جي آهي ته هڪڙو آهي،
آهن هزار داغ، هن دل داغدار تي.“
حضرت يعقوب جو پٽ، لاثاني يوسف هن کان گم ٿي ويو، ته جيتوڻيڪ هُو خدا جو پيارو پيغمبر هو ۽ اگرچ پيغمبرن تي هر حالت ۾ فرض آهي صبر ۽ شڪر ڪرڻ، تڏهن به هُو انهيءَ فراق ۾، اکين مان آب وهائي، آخر نابين ٿي پيو، ۽ جڏهن حضرت يوسف جي ملاقات جي پڪ پيس ۽ يقين ٿيس ته گم ٿيل يوسف وري شان ۽ شوڪت سان واپس اچي ٿو، ۽ جڏهن سندس موڪليل قميص مان يوسف جي پگهر جي بوءِ کيس آئي، ته خوشيءَ وچان، ۽ خدا جي ڪرم سان، هن جون ٻيئي اکيون وري روشن ٿي پييون!
ويچارو زاهد به يعقوبيءَ ۾ گرفتار هو. هن کي رات ڏينهن، نه ننڊ هئي نه آرام، ۽ ڪابه راحت ۽ خوشي نصيب نه هئي. هو سدائين انهيءَ سوز ۽ فراق ۾ پيو پچندو ۽ پڄرندو هو ۽ رات ڏينهن رڳو روئندو ۽ رڙندو هو- هن کي نه حامد جي قميص پئي پهتي، ۽ نه هن جي موٽڻ جي ڪا خبر پئي ملي. هو ته ڪاڪ جا ڪانوَ اُڏائي اُڏائي ٿڪجي پيو هو، مگر فائدو ته ڪوبه ڪونه پئي ٿيس. نراسائي بلڪل ويڙهي ويئي هيس، ۽ رات ڏينهن رڳو پنهنجيءَ دل سان جهيڙو ۽ جهوراڻو هوس- اهڙيءَ حالت ۾ وري آقي باقي هڪڙو ٻچو اکين اڳيان هوس اهو به گم ٿي ويو ۽ عابد به حامد وارو پيچرو وٺي ويو! مصيبت تي مصيبت اچي ويئي، ۽ الوداع ۽ الفراق جو نعرو لڳي ويو.
ويچاري زاهد جي حالت اڳيئي خراب هئي ۽ هاڻي ته ويتر خراب ٿي ويئي. دنيا دورنگيءَ قهر ۽ ستم جو ساز ۽ سامان کڻي کڙو ڪيو، ۽ ڪابه دلداري ۽ ڪوبه دل کي آرام نصيب ڪونه هوس. آه ۽ زاري، روڄ ۽ راڙو لڳي ويو ۽ سڄو گهر هڪ ماتمخانو بڻجي پيو- اگرچ هينئر زاهد جي واسطي عابد جو سلڇڻو نونهال پٽ راشد، هن جي هِنئين جو هار ۽ اکين جو ٺار هو، مگر مڙس جي دل ڇڄي پيئي هئي! هن کي ماتم کان سواءِ ڪوبه ڪم ۽ ڪار ڪونه هو ۽ هُو رات ڏينهن پئي ڳريو.
”هاءِ قسمت، تنهنجي شومي، تو ڪيو مون کي خراب!“ اهو ئي آواز هو جو ننڍو توڻي وڏو، زاهد جي زبان مان پيو ٻڌندو هو. سچ پچ جڏهن انسان جي قسمت خراب ٿي ٿئي، ته هُن کي رُڳي پنهنجي قسمت روئڻي ٿي پوي. هُو ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه واسطي مجرم بڻائي نٿو سگهي، ۽ نڪي پنهنجي مالڪ ۽ خالق کي هُو ڪو ڏوهه ڏيئي سگهي ٿو. ويچارو زاهد به ڪاڏي وڃي؟ هن کي به پنهنجي قسمت روئڻي آهي- ۽ روئڻي به ائين اٿس جو زمين ۽ آسمان هڪ ٿي وڃي. هو پنهنجي آه آسمان تي پهچائڻ گهري ٿو، ۽ جي واٽ تي بادل آهن ته زور سان پڪاري چوي ٿو ته ”هٽو ۽ انهيءَ کي مٿي وڃڻ جو رستو ڏيو.“
ڇا نراسائيءَ ۾ انسان کان اهڙي زبردستي پهچي سگهي ٿي، جو هڪ ڪڪرن تي به حڪم پيو هلائي؟ ڇو نه، نراسائيءَ کي اها طاقت آهي، جو انسان کي هڪدم اهڙو تيار ڪيو ڇڏي، جو هو شينهن سان به مقابلو ڪري سگهي ٿو. هُو اڳيئي پنهنجي جُثي ۽ جان کان بيجان ٿيو وتي، پوءِ هُو، تار هجيس يا تانگهو، گهڙي پوندو، ۽ يا ته گهوتن ۾ گهوتا پيو کائيندو، يا ته وڃي ڪنڌيءَ تي سنئون ۽ سڌو پهچندو ۽ پنهنجي ميهار سان رهاڻيون ڪندو.
زاهد جي انهيءَ حال تي سڀني ماڻهن کي ڏک هو، هُو تمام چڱن ۽ سکرن ماڻهن مان هڪڙو هو. ۽ هن سڄي شهر ۽ راڄ سان چڱو منهن ڏنو هو. سڀ ڪنهن فرقي جا ماڻهو هن وٽ اچي هن کي دلداري ڏيندا هئا. مگر هن کي ته هيڪاري مصيبت پئي لڳندي هئي. شهر جي ماڻهن ويچارن گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو ۽ جتي به سندن واقفيت ۽ آسنائي هئي، ساريءَ هِند ۽ سنڌ ۾، هنن ڳولا ڪئي. ڪٿي پنهنجا خط موڪليائون، ته ڪٿي پنهنجا قاصد ۽ ڪٿي ته وري پاڻ پئي ويا، مگر ڪنهن به قسم جي خبر ڪانه پئي پوين. ويچارن گهڻائي وس هلايا ۽ پئسا هاريا، مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو.
ڀلا اهڙي چڱي ماڻهوءَ سان هُو ڪيئن نه اهڙو قدم کڻن؟ هن به سڄي شهر تي هٿ ڏنا هئا ۽ سڀني سان چڱيون وکون کنيون هيون. ساري شهر جا ماڻهو هن کي عزت ۽ مانُ ڏيندا هئا ۽ سڀني جي دلين ۾، هن واسطي تمام گهڻو وَقار هوندو هو. ازان سواءِ، هن شهر جا ماڻهو نه حاسد هئا نه طامع، ۽ نه منجهن ڪو بغض يا ساڙو هوندو هو. سڀني ماڻهن ۾ اتفاق هوندو هو، ۽ هو هڪٻئي سان اوکيءَ ويل مددگار ٿي بيهندا هئا ۽ نيڪ ۽ بد، خوشيءَ ۽ غم ۾ هڪٻئي تي جان به نثار ڪرڻ واسطي تيار هوندا هئا.
پوءِ ڇو نه هو پتنگ وانگر پنهنجي شمع جي چوڌاري طواف ڪري پاڻ کي پچائينِ ۽ پياري زاهد تي جان فدا ڪن؟ ويچاري شمع، پتنگ جي فراق ۾ صبح جو وسامي وڃي ٿي يا هن جي روشنائي منتقل ٿي وڃي ٿي: اگرچ ظاهريءَ طرح هن کي ڪوبه احساس ڪونه آهي ۽ هوءَ پتنگ جي ڀٽڪڻ پچڻ ۽ پڄرڻ جي ڪابه پرواهه نٿي رکي. زاهد جو حال شمع وانگر نه آهي. هن ۾ احساس جو مادو آهي ۽ هو ازحد شڪرگذار آهي، پر ڇا ڪري؟ هو پنهنجو ڏک ميٽي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ انسانذات جي همدردي گهڻو ڪري ڏک جي چوٽ کي ڌڪ هنيو ڇڏي، مگر هي اهو زبردست ڌڪ آهي جو ڪوبه بني بشر ڪهڙي به ڪوشش ڪري ته گهٽجي نٿو سگهي. زاهد جي بي نشان زخم جو مرهم فقط قدرت جي دستگيريءَ تي منحصر آهي، ۽ جي اتاهون ڪو علاج ٿيو ته بهتر، نه ته هي مرض لا دوا آهي ۽ انهيءَ جو علاج ڪوبه حاذق حڪيم ڪري نه سگهندو.
انهيءَ حالت ۾ زاهد اهڙو ته غم ۽ ماتم ٿو ڪري، جو هن جا ٻيئي نُور نظر تي گهڻي وقت کان هن کان جدا ٿي ويا آهن، مگر هاڻي اکين جا تارا به اجازت گهري رهيا آهن ته ”هاڻي اسان جو هتي رهڻ اجايو آهي. اسان هاڻي ڇا ڏسون ۽ ڇا پسون؟ اي بدنصيب زاهد، اسان جي رهڻ مان توکي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ پاڻ تون پنهنجي اکين جا ماڻڪ نه ڏسندين، ته هيڪاري ڏک ٿيندءِ تنهنڪري هاڻي اسان به رخصت ياب آهيون.“
اڃا زاهد وٽان ڪوبه جواب ڪونه مليو آهي ته اکيون جواب ڏيئي ويهن ٿيون ۽ نيڻن جا نار بند ٿي وڃن ٿا ۽ آقي باقي ماتم جي زياده ڌم مچي وڃي ٿي. سڄو شهر نوح خواني ڪري ٿو ۽ عبرت ۾ آهي ته هي ڪهڙي ويڌن ٿي! ننڍڙو راشد ”ڏاڏا، ڏاڏا“ پڪاريندو اچي ٿو، مگر هو بدنصيب پيرسن هاڻي هن کي ڪيئن ڏسي! زاهد هاڻي پنهنجي سٺي خوشي وڃائي ويهي رهي ٿو ۽ هاڻي انهيءَ هر دلعزيز موت جو منتظر آهي، جو تڪليف ۽ تصديع ۾ گذارڻ وارن کي اچي آزاد ڪندو آهي. هُو انهيءَ آخرين دوست کي گهڻو سڏي ٿو، مگر هن کي ڪوبه جواب ڪونه ٿو ملي ۽ هُو تمام پريشان ٿو گذاري ۽ ٻيو ڪوبه وسيلو نه ڏسي، پنهنجي قادر ڏي متوجهه ٿئي ٿو ۽ الاهي بارگاهه ۾ ملتجي ٿئي ٿو.
سائينءَ جي سرڪار مان نااميد ٿي موٽڻ جو کوڙو ئي نٿو لڳي. هو ته ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ هن جو رحم ۽ ڪرم ساري جهان تي آهي. فقط اهو ضروري آهي ته بندو پنهنجي مالڪ ڏي هٿ کڻي عاجزي ڪري. زاهد به هاڻي پنهنجي ساري ڪاروبار انهيءَ ٻاجهاري ٻهڳڻ تي رکي آهي، جنهن جي درٻار مان ڄاڻ سخا جو سنيهو زاهد جي ڪن تي پيو ۽ ڄاڻ هن جي مئل دل جيئري ٿي. ڌڻيءَ جا تماشا وتن ساريءَ دنيا ۾ گشت ڪندا ۽ پنهنجي داتا جو گنج تقسيم ڪري، بيواهن جي واهه پٽيندا. هاڻي دربار الاهيءَ جي رحمت ۽ سخا جو دروازو کلي ٿو ۽ اوچتو هڪڙو درويش سَين هڻي هي غزل پڙهي ٿو:
جانِ من ايندا پرين آخر، پيارا غم نه ڪر،
هي الم پورو سگهو ٿيندو، پيارا غم نه ڪر.
تو نه ڄاتو يوسفم ڪنعان ڏي هو موٽيو،
ٿي سندس يعقوب لئي راحت، پيارا غم نه ڪر.
ڪاروان ايندو مٺا پرين سان ڀرجي سيگهڙو،
سربان جو سڻ صدا آواز، پيارا غم نه ڪر.
تو پچايو پاڻ کي آهي عجيبن لئي عجب،
پڻ عجيبن تات تنهنجي آ، پيارا غم نه ڪر.
”رفعتا“ ڏي تون مبارڪ، دل منجهان کي دوستن،
سي سڄڻ سهڻا اچن ٿا، ڪو پيارا غم نه ڪر.
اڃا فقير غزل پڙهي پوروئي ڪين ڪيو ته زاهد جو ڄڻ ته هيانءُ ئي ڇڄي پيو ۽ هو زارو زار روئڻ لڳو. انهن لفظن ڪجهه اميد ۽ آسرو ته ڏيکاريو هوس، پر هن جي حالت هينئر اهڙي هئي جواميد جو ڳروبار به هو کڻي نه پئي سگهيو. آخر دل جهلي لٺ هٿ ۾ کڻي، ڀِت جو پاسو وٺي ٻاهر نڪري آيو، جتي هڪ ويهڻ جي ڪوٺي ۽ دالان هوس. اُتي هن فقير کي وٺي ويٺو ۽ هن جي واسطي ڪجهه مانيءَ ٽڪر گهرايائين، جو کاڌو ۽ پوءِ پاڻ ويهي رهاڻيون ڪرڻ لڳا. فقير جي صحبت مان زاهد کي لذت اچي ويئي. ڀلا خدا جي نيڪ ٻانهن ۽ الاهي عشق جي مخمور بندن جي رهاڻ مان به لذت ۽ مزو نه ايندو ته ٻيو ڪنهن جي صحبت مان ايندو؟ هي فقير ڪو رواجي پينو نه آهي، بلڪه هُو هڪ مردِ خدا آهي، جنهن واسطي فقر، فخر ۽ ڏاج هو. اهڙي مرد جي صحبت ته ٽامي کي سون بڻايو ڇڏي ۽ پارس پٿر وارو ڪم ڏيئي سگهي ٿي.
زاهد جي دل تي تمام چڱو اثر ٿي ويو، جو هو ڳچ وقت تائين هن فقير کان حال احوال وٺڻ لڳو ۽ پڻ اهو به پڇڻ لڳو ته هن ڪهڙين ڪهڙين ولايتن ۾ سير ڪيا آهن. هن جو مطلب اهو هو ته هو عابد ۽ حامد جو ڪو پتو لهي، جو هن کي اُڻتڻ ئي اها هئي- اها ته خبر ڪانه هئس، ته انهن ٻنهي جي جدائيءَ جو ڪارڻ ئي هي فقير بي پير آهن. آخر اشارن ۾ فقير صاحب جواب ڏيڻ لڳو، ۽ اشارا به اهڙا هئا جو زاهد کي گهڻي تسڪين اچي ويئي. فقير صاحب موڪلائڻ لڳو، مگر زاهد زور ڀريس ته ائين هرگز نه ٿيندو، ۽ فقير صاحب کي ڳچ ڏينهن رهائي ڇڏيائين.
جيڪي ڏينهن فقير صاحب زاهد وٽ رهيو، اهي ڏينهن زاهد جي طبيعت ٻي ٿي پيئي ۽ هو هاڻي گهڻو خوش گذاريندو هو. فقير جي صحبت مان هن کي پنهنجي وڇڙيل پٽن جي بوءِ ايندي هئي، ۽ هو انهيءَ ڪري فقير صاحب کي اجازت ڏيڻ کان عاري هو. مگر آخر فقير صاحب به زور ڀريو ۽ زاهد ڏٺو ته هاڻي هن کي وڌيڪ روڪڻ نه ٺهندو، تنهنڪري هن کي اجازت ڏنائين، پر حامد ۽ عابد جو سنئينءَ سڌيءَ طرح پڇيائينس ته ”مهرباني ڪري چٽيءَ طرح خبر ڏيو ته هو ڪٿي آهن، هاڻي ڇا ٿا ڪن ۽ مون سان ڪيئن ۽ ڪڏهن ملي سگهندا؟ توهين ته خدا جا نيڪ ٻانها آهيو ۽ اوهان کي ضرور زياده خبر آهي، جا اوهان جي گفتگو منجهان ظاهر آهي. وڙ ڪري ڪا خبر به ڏيوم ۽ مون کي انهن سان ملائڻ جي تڪليف به وٺو،جي نه ته آءٌ هرگز اوهان جي دامن نه ڇڏيندس ۽ ضرور اوهان جي چرنن ۾ گذاريندس، ڇاڪاڻ ته مون کي اوهان ۾ ئي اميد ۽ آسرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آءٌ اوهان کي اهڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ڇڏيان؟“ اتي فقير صاحب هن کي تسلي ڏني ۽ چيائينس ته ”اوهان بلڪل خاطري ڪيو ۽ صبر ۽ شڪر ڪيو. صبر برابر ڪؤڙو آهي، ليڪن ڦل مٺو اٿس ۽ تحمل ۽ صبر جهڙي ٻي مفيد شيءِ ڪانه آهي.“ ائين چئي هو اجازت پذير ٿيو ۽ زاهد وري ماتم برپا ڪري ڏنو.