ناول

جهان آرا

هي مشهور ناول ”جهان آرا“ 1931ع ۾ ڇپيو هو. 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇپايو ويو ۽ هيل تائين ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن. هي ڪتاب انٽرميڊييٽ جي نصاب ۾ شامل هجڻ ڪري شاگر دوست ان جي گهُر ڪري رهيا هئا ته ڪتابي صورت ۾ ۽ پي ڊي ايف ۾ رکيو وڃي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي به موجود آهي. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب کي سهيڙي اسان ڏانهن موڪليو.
Title Cover of book جهان آرا

باب ستون : عابد جي بادشاهه سان ملاقات

ڳچ ڏينهن گذري ويا. شغل ۽ شادمانا پورا ٿيا. ٻين بادشاهن جي سفير به مبارڪباد ڏيئي موٽي ويا. بادشاهه سلامت به فارغ ٿيو ۽ هڪڙي ڏينهن حامد کي حڪم ٿيو ته هو مون کي ساڻ وٺي، حضور ۾ حاضر ٿئي. مون ته ڪڏهن به بادشاهن سان محفلون ڪين ڪيون هيون. درٻار واري موقعي تي پڻ آءٌ حامد جي چوڻ تي ويو هوس، پر اتي گهڻا ماڻهو هئا. اڄ ته شاهي حضور ۾ رڳو حامد سان گڏ وڃڻو هوم، تنهنڪري ڏاڍيون دليون هينم، مگر ڇاڪاڻ ته ٽاري نه سگهيس، تنهنڪري لاچار تيار ٿيس.
نيٺ اسان ٻيئي، بارگاهه معليٰ ڏي سوار ٿي وياسين. واٽ تي آءٌ نه ڪڇان نه پڇان. فقط اهي ڌنوَ ڌَئيندو پيو وڃان ته آءٌ بادشاهه کي ڪيئن پيش ايندس، ۽ هن سان ڪهڙي نموني سان گفتگو ڪندس. اهي خيال ڪندو، موڙهو سوڙهو، وڃي محلات جي در تي پهتس. ٿوريءَ ئي دير ۾ اسان ٻنهي ڀائرن کي سڏ ٿيو ۽ اسين ٻيئي شاهي حضور ۾ با ادب حاضر ٿياسين.
بادشاهه سلامت اسان جي گهڻي مرحبا ڪئي ۽ اسان ٻنهي کي پنهنجي ڀرسان جاءِ ڏنائين. خيروعافيت پڇي، مون ڏي مخاطب ٿي چي ائين ته ”ميان محمد عابد آءٌ اوهان کي ڏسي تمام خوش ٿيو آهيان. وزير صاحب اوهان جو سمورو احوال مون کي ڏنو آهي ۽ اوهان جي والد بزرگوار جي سوڳواريءَ جي پڻ مون کي خبر آهي. آءٌ جيڪر اوهان کي اجازت ڏيان ته سال کن ڀلي پنهنجي آقا سان ملي، پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي ساڻ وٺي اچو. انهيءَ ۾ هو به خوش ٿيندا ۽ اوهين به راضي رهندؤ، پر آءٌ ڪجهه وقت وزير صاحب کي ڇڏي نه سگهندس، ڇاڪاڻ ته هن کان سواءِ ملڪ جو ڪاروبار چڱيءَ طرح نه هلي سگهندو. منهنجو هن تي تمام گهڻو ڀروسو آهي، ۽ سڄيءَ سلطنت جو نيڪ ۽ بد هن جي ذمي آهي.
”بهتر ائين ٿيندو ته اوهين هتان ڪجهه سپاهه ۽ گهوڙيسوار ساڻ ڪري، پنهنجي وطن وڃي هنن سڀني کي وٺي اچو. آءٌ توهان جي رهائش وغيره جو جوڳو بندوبست ڪندس. توهان کي هر طرح خاطري ڪرڻ گهرجي ته آءٌ توهان کي پنهنجن پيارن عزيزن وانگر ڪري رکندس، توهين مون کي پنهنجن قريبن جيان آهيو، جو مون کي ڪوبه عزيز قريب ڪونه آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيستائين شهزادو عاقل ۽ بالغ ٿئي، تيستائين ضروري آهي ته وزير صاحب اسان وٽان هڪدم به نه وڃي. مون کي يقين آهي ته اوهين منهنجي راءِ سان شامل ٿيندؤ. توهان پاڻ اهو سمورو ڪم لاهي موٽي اچو ته آءٌ اوهان کي لشڪر جو سپهه سالار ڪندس.“
مون ۽ حامد نِوڙي سلام ڪيو ۽ شڪرانو بجا آندو. تنهن کان پوءِ مون عرض ڪيو ته ”جهان پناهه! حضور جو حڪم برچشم آهي، ليڪن قصوروار اسين ٻيئي آهيون، جن پنهنجي والدين ۽ ٻين عزيزن کي رنج ڪيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اسان ٻنهي تي فرض آهي ته اسين وڃي معافي پِنون ۽ تنهن کان پوءِ هنن کي هيڏي آڻڻ جي ڪوشش ڪريون. حضور انور کي روشن هوندو ته آءٌ ڪنهن خاص ڪم جي خاطر نڪتو آهيان ۽ اهو ارادو مون ڪيتري به ڪوشش ڪئي آهي ته تبديل ڪريان، مگر نٿو ٿي سگهي. جيسين آءٌ انهيءَ سفيد پوش کي هٿ نه ڪندس، تيسين مون کي ڪوبه آرام ڪونه ايندو. مون کي جيڪڏهن سلطان جهان پناهه جي عنايت سان اها آس مهيا ٿي پوندي ته پوءِ آءٌ واپس وڃي سگهندس، اڳ ۾ منهنجو وڃڻ محال آهي. دل ته گهڻو ئي ٿي چويم ته ائين ڪريان، مگر ائين ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳيم. آءٌ انهيءَ ڪري لاچار آهيان ۽ اوڏانهن وڃڻ کان قاصر.“
بادشاهه سلامت کي ان سفيد پوش شخص جي خبر ڪانه هئي، تنهنڪري مون کان ان جي حقيقت پڇيائين، جا مون سموري بيان ڪري ٻڌائي. تنهن کان پوءِ بادشاهه سلامت حيران ٿي فرمايو ته ”اوهان ٻنهي جي قسمت ۾ ٻن فقيرن گهڻو حصو ورتو آهي. انهن مان هڪ ته منهنجو بزرگ ڀاءُ نڪتو، جو جڏهن حامد کي رونق آباد وٺي آيو، تڏهن هڪ سفيد پوش فقير سان مليو هو.. مون کي انهيءَ سفيد پوش ۾ اهو شڪ آهي، ته هو متان منهنجو ننڍو ڀاءُ هجي، ڇاڪاڻ ته هو ٻيئي دنيا جي خيالن کان آزاد هوندا هئا ۽ سدائين فقيرن جي صحبت ۾ رهندا هئا. اسان جو والد بزرگوار انهيءَ ڳالهه تي سخت رنج هوندو هو، مگر هو نه مڙيا ۽ آخر الاجي ڪاڏي جو ڪاڏي هليا ويا.
”مون کي هاڻي اهو گمان آهي ته اهو سفيد پوش شايد منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته هن جي واسطي ڪا سخت ڳولا ڪجي. توهين هاڻي مهرباني ڪري هتي رهو ۽ ڪاڏي به انهيءَ جي ڳولا واسطي نه وڃو. آءٌ پنهنجا ماڻهو ڀڄايان ٿو، ۽ پڻ ڀر وارن بادشاهن کي لکان ٿو ته جيڪڏهن اهو سفيد پوش هنن کي لڀي ته مون کي اطلاع ڏين.
توهين خاطر جمع ڪريو ۽ هي پنهنجو ملڪ سمجهو. مون کان جيڪا خدمت ٿي سگهندي، سا اَوس ڪندس.“
اسان ٻنهي بادشاهه سلام جي اهڙين مهربانين جو اعتراف ڪيو ۽ حامد چيو ته ”حضور فيض گنجور! جڏهان ڪر هي نڌر نماڻو حضور جي خدمت ۾ رهيو آهي، ته جيڪا به عنايت بادشاهه جهان پناهه جي هن پنهنجي حقير خادم تي ٿي آهي، اها ڪا وسرڻ جي ڪانه آهي. نه رڳو ائين، مگر منهنجي عزيزن کي نوازي، منهنجي جا عزت ۽ وقعت حضور والا ڪئي آهي، اها يقين آهي ته حضور پُرنُور جي طرف مون کي زياده ڇڪيندي. آءٌ نه رڳو حضور عاليءَ جو زرخريد ٻانهون آهيان، مگر ڳُڻن ڳڌو به آهيان. زر خريد ٻانهي کان ڳُڻن ڳڌو ٻانهون زياده سهڻي خدمت ڪندو آهي. مون کي اميد آهي ته جيسين منهنجي رڳن ۾ ساهه آهي، تيسين حضور پُرنُور جي خدمت اهڙي ته ڪندس جو اميد آهي ته حضور جن خوش ٿيندا. آءٌ حضور جن جو ۽ حضور شهزادي صاحب جو فدائي آهيان ۽ اهڙو ته صادق ۽ سچو فدائي آهيان، جيئن پتنگ شمعِ تي هوندو آهي، يا بلبل گل تي، يا قمري سور تي. مون کي پنهنجي ربّ تي ڀروسو آهي ته جيسين مون ۾ جان آهي، تيسين هو مون کي نمڪ حلال ڪري هلائيندو.“
بادشاهه سلامت مرڪي فرمايو ته ”اسان کي اوهان جي صداقت تي پورو يقين آهي. جڏهان ڪر اسان اوهان جو عمدو ڪم ۽نيڪ خدمت ڏسڻ لڳا آهيون، تڏهانڪر اسان کي يقين رهيو آهي ته اوهين بيشڪ شريف آهيو: شريفن کان سواءِ ٻئي مان صداقت ڳولڻ سراسر حماقت آهي. آءٌ انهن بادشاهن منجهان نه آهيان، جن وٽ بنسبت شريفن جي، رذيلن جو قدر زياده هجي. مون وٽ شريف، شريف آهي ۽ رذيل، رذيل ۽ ذليل. اهو ئي سبب آهي جو مون وٽ رذيل نوڪر ۽ ڪميڻا ماڻهو موجود نه آهن.
جيڪڏهن آءٌ ڪنهن جي ڪميڻپ ڏسندس ته منهنجو فرض آهي ته هن کي سزا ڏيان ۽ پوءِ اهڙي شخص جي سزا مون وٽ تمام گهڻي آهي.
”خدا جي مهر ۽ فضل سان اوهين شريف ۽ شريفن جو اولاد آهيو. اوهان ڏانهن منهنجو بلڪل سهڻو خيال آهي. مون کي اوهين اهڙا پيارا آهيو، جهڙو ڪنهن کي پنهنجا جان جگر عزيز يا پيارا ڀائر هجن. آءٌ اوهان کي انهيءَ ئي نگاهه سان ڏسان ٿو، ۽ نه ڪنهن ٻيءَ سان. انهي ڪري جيڪڏهن آءٌ اوهان کي وڌيڪ قرب يا محبت ڏيندس ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اوهين مون کي ازحد پيارا آهيو ۽ مون کي قوي اميد آهي ته اِهو پيار هميشه رهندو.“
آءٌ بادشاهه سلامت جا اهي سهڻا سخن ٻڌي اهڙو ته خوش ٿيس جو اکين مان آب اچڻ لڳم. زبان سان ڪجهه به چوڻ جي طاقت نه رهيم، مگر دل اهي آلاپ کڻي شروع ڪيا هئا، جو ڪو ٻڌڻ وارو هجي. اسان نيٺ بادشاهه سلامت کان موڪلائڻ لڳاسين، مگر اسان کي اجازت نه ملي.
انهيءَ وقت محرر سڏيا ويا، جن مختلف بادشاهن ڏي خط لکيا. انهن بادشاهن واسطي سوکڙيون پاکڙيون پڻ گهرايون ويون ۽ هڪدم سفير روانا ڪيا ويا. گهوڙيسوارن کي حڪم ڏنو ويو ته آسپاس سفيد پوش جي ڳولا ڪن. ننڍن علائقن ۾ جتي جتي سرڪاري حاڪم مقرر هئا، انهن ڏي پڻ اهڙي قسم جي فرمائش لکي ويئي. غرض ته ٻن ڪلاڪن جي اندر جيڪي به انهيءَ ڳالهه بنسبت حڪم احڪام ڪڍڻا هئا، اهي ڪڍيا ويا.
آءٌ غريب هن کان وڌيڪ ڪهڙي ڳولا ڪريان ها؟ دل ۾ آيم ته اهڙي ڳولا ۾ ته ضرور هي فقير ڪٿي به هوندو ته لڀي سگهندو. خير، اهي سڀ ماڻهو روانا ٿيا ۽ بادشاهه سلامت کي اسان وٽ ويٺي گهڻو وقت ٿيو هو. انهيءَ ڪري اسين اجازت گهرڻ لڳاسين، مگر حڪم ٿيو ته کانو کائي پوءِ وڃون.
ٿوريءَ دير ۾ دسترخوان وڇايو ويو. ڪئين قسم جا کانا اچي ويا: ڪورما، ڪباب، ڪوفتا، قسمين قسمين ٻوڙ، پلاءُ، برياني، حلوو ۽ چاشني، تتر، ڪڪڙيون ۽ رانون پڪل، مربا ۽ چٽڻيون، سڀ دسترخوان تي آندا ويا. نان ۽ پراٺا به جام هئا. چانديءَ ۽ سونجي ورقن جي ڪمي ڪانه هئي. سُڪا ۽ آلا ميوا به چڱيءَ تعداد ۾ رکيا ويا هئا.
اسان جا هٿ ڌئاريا ويا ۽ بادشاهه سلامت پاڻ به دسترخوان کي شرف ڏنو. طعام اڳيان ڏسي بک ئي لهي وئي ۽ هرهڪ شيءِ مان ٻه يا ٽي لقما مس کنياسين ته وڌيڪ اشتها بلڪل ڪانه رهي. نيٺ ماني کائي بس ڪئيسين ۽ هٿ ڌوئي ويهي ڪجهه سوپاري چٻيسين.
ٿوري وقت کان پوءِ، بادشاهه سلامت اسان کي عمديون خلعتون پهرائي اجازت ڏني. اهڙي شاهاڻي شفقت جو شڪريو ادا ڪري، اسان موڪلائي اچي سوار ٿياسين. ساري واٽ اسان پاڻ ۾ ڪابه گفتگو ڪانه ڪئي ۽ بلڪل چپ رهياسين. دل ۾ اسان ٻنهي کي اهو خيال هو ته بادشاهه سلامت جي عنايت جي ڪا حد ڪانه هئي، ۽ هن جيڪا شفقت اسان تي ڪرڻ فرمائي هئي، اها ايتري ته گهڻي هئي جنهن جو عيوضو ڏيڻ اسان جي طاقت ۽ لياقت کان ٻاهر هو.
گهر جو پهتاسون ته ڇا ڏسون ته اتي به شاهي دسترخوان تي جيڪو طعام هو، اهو موجود هو. گهر جي ماڻهن به اسان جي انتظار ۾ ماني ڪانه کاڌي هئي، نه پنهنجي نه بادشاهه سلامت وٽان آيل. مان ته حيران ٿي ويس ته هيءَ هيڏي نوازش جا اسان تي ڪئي ٿي وڃي، اها ته ڪا ڌڻيءَ جي ڏياري آهي، نه ته ڪيئن ائين ٿئي!
حامد مون کي موڙهل ڏسي سڄي ڳالهه سهي ڪري ويو. مون کي چيائين ته ”ادا، اوهان اڃا گهڻيون عبرت جهڙيون ڳالهيون ڏسندؤ. هي اسان جو بادشاهه اسان سڀني نوڪرن تي تمام مهربان آهي. هو اسان کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهي ٿو ۽ اسين سڀ هن کي پنهنجو مربي سمجهو ٿا. اهوئي سبب آهي جو جيڪي به نوڪر آهن، اهي هن جي مٿان جان تائين نثار ڪرڻ واسطي تيار آهن. اهو بادشاهه جو پنهنجن نوڪرن ۽ رعيت جو گهڻو خيال ڪري ٿو، اهو پاڻ به خوش آهي. هن کي ڪڏهن به اهو خيال ڪونه ٿيندو ته ڪوبه غنيم هن تي حملو ڪري ايندو، ڇاڪاڻ ته عادل شهنشاهه واسطي ساري رعيت لشڪر آهي.“
مون کي به يقين ٿيو ته سچ پچ آهي به ائين، ته هي بادشاهه پنهنجن نوڪرن تي تمام گهڻو مهربان آهي- اتي خيال ٿيو ته بعضي ڪي نوڪر انهيءَ مهربانيءَ جو وجهه وٺي رعيت کي تنگ ڪندا آهن. گهڻن هنڌ ته ائين ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر هت الاجي قصو ڪيئن آهي. آخر سڀئي نوڪر ته ڪي نيڪ نيت به ڪونه هوندا!
مون اهو ذڪر حامد سان ڇيڙيو، مگر هن جواب ڏنو ته ”جيتوڻيڪ هي بادشاهه پنهنجن نوڪرن تي گهڻو مهربان آهي، پر بيدار به هڪ ئي آهي. هرهڪ کي هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هنن واسطي ڪابه شڪايت پهتي ته هو تمام سختيءَ سان پيش ايندو. هو سڀ ڪنهن جو ڪم پاڻ تپاسيندو آهي ۽ ڪم جي تفحص وقت هو اهڙو ته سخت هوندو آهي، جو سڀني جي حياتي پيئي ڪنبندي آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو هن جي دهشت کان بي ايماني ڪري نه سگهندو آهي- سڀ نوڪر هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ۽ سمجهي ويا آهن، تنهنڪري هو رعيت آزاريءَ کان بلڪل پري آهن.“
آءٌ اتي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ عجز ۽ نياز سان عرض ڪرڻ لڳس ته ههڙي رعيت پرور ۽ عادل بادشاهه کي خدا شل سدائين توفيق بخشي ته هو پنهنجي رعيت امن ۽ امان ۾ رکي، دعا کٽي. اهڙي بادشاهه مان ڪير ناراض هوندو؟ هو پنهنجا فرض بخوبيءَ سرانجام ڪري ٿو، جنهنڪري ڌڻي هن تي سدائين راضي آهي. اهو بادشاهه جيڪو پنهنجي رعيت جي اهڙي پالنا ڪري ٿو، جيڪو انهيءَ تي مهربان ۽ ايماندار عملدار مقرر ڪري ٿو، جيڪو هميشه باقاعدي هنن جو ڪم تپاسي ٿو ته متان ڪنهن سان ظلم يا بي ايماني ٿيندي هجي، يا ڪنهن سان خاص رعايت ڪئي ويندي هجي ۽ جيڪو سڀني جي داد رسي ڪرڻ واسطي پنهنجي ڪمر ڪشيو بيٺو آهي، اهو پنهنجو دين ۽ دنيا ٻيئي ٺاهي ٿو. اهڙي بادشاهه جي زيارت ڪرڻ ئي اڪبري حج آهي ۽ هن جي نوڪري ڪرڻ عزت ۽ شرف جو سبب آهي. خدا شل اهڙي همدرد ۽ مهربان بادشاهه کي هميشه دنيا جي گردشن کان بچائي ۽ دائما هن جو سايو هن جي رعيت تي قائم هجي. باب اٺون

لطيف مالهيءَ جو گهر ۽ جهان آرا جي تربيت
لطيف جيتوڻيڪ بادشاهه جو مالهي هو ۽ هن وٽ ڪا دنيا ۽ دولت ڪانه هئي، تڏهن به هو سٺو وقت گذاريندو هو. هن جي گهر ۾ تمام گهڻي خوشي هوندي هئي ۽ هو سڀ ڀاتي پنهنجي سادي گهر ۽ سادي گذران تي راضي هوندا هئا. هڪ پاڻ، ٻي سندس سوڀيا ۽ سونهن ڀري زال ۽ ٽين سندن ڌيءَ جهان آرا، جا هينئر سال کن جي ٿي آهي ۽ هاڻي ڪي ڪجهه بيهي سگهي ٿي يا ريڙهيون پائي ٿي ۽ جا سندن خوشي ۽ راحت وڌائي ٿي، اهي فقط ٽي ماڻهو لطيف جي گهر ۾ هئا.
لطيف سڄو ڏينهن باغ جو ڪم ڪندو هو، سندس زال به بعضي بعضي کيس مدد ڪندي هئي. منجهند جو گهر مان ماني ٽڪر ٺاهي، ڌيءَ کي ڪڇ تي کڻي باغ ۾ ايندي هئي ۽ ٽيئي گڏجي ڊاک جي مَنَهن هيٺان ويهي ماني کائيندا هئا، ۽ هڪٻئي کي انهيءَ باغ ۾ ڏسي پاڻ به پيا باغ باغ ٿيندا هئا. جهان آرا ڪڏهن رانديون پيئي ڪندي هئي، ته ڪڏهن وري راند ڪندي ڪندي ڌڪا کائيندي هئي، پوءِ ڪڏهن مالهي وڃي کڻندو هوس ته ڪڏهن پاڻيهي روئندي روئندي هلي ايندي هئي ۽ هي ٻيئي ويٺا کلندا هئا. هن جي واسطي جهان آرا هڪ سٺي ۾ سٺو رانديڪو هوندي هئي. ڪڏهن هن سان مسخريون ڪندا هئا، ڪڏهن هن کي روئاڙي پيا خوش ٿيندا هئا، ۽ ڪڏهن ته وري هن کي ڇاتيءَ سان لائي پيا گهمندا هئا.
گهر ۾ اسباب پورو سارو هون: ٻه کٽولڙا هوندا هئن، جن تي پاڻ سمهندا هئا، هڪ ننڍڙو پينگهو، جنهن ۾ جهان آرا کي آرام ڪرائيندا هئا، ڪجهه رکيون ۽ گودڙيون، جن جي وسيلي هو پاڻ کي سيءَ کان بچائيندا هئا. هڪڙي ڪاٺ جي پيتڙي، جنهن ۾ سڀني جا ڪپڙا ۽ پڻ سندن ساري دولت رهندي هئي، هڪ ٺڪر جي دانگي، هڪ ٺڪر جو ڪُنو ۽ ڪجهه ٿورا برتن، جيڪي سندن بورچيخاني جا زيب ۽ زينت هئا. هڪڙو تڏو، جنهن تي هو چلهه جي چوڌاري ويهي آسائش ڪندا ۽ ماني کائيندا هئا، اِهائي دنيا ۽ اهائي دولت هنن وٽ هوندي هئي، مگر جيڪي به هونِ انهيءَ جي هُو چڱيءَ طرح نگهباني ڪندا هئا ۽ انهيءَ کي هُو سدائين صاف رکندا هئا.
جيتوڻيڪ هُو غريب هوندا هئا، تڏهن به هنن جي گهر ۾ گند ڪچرو ڪونه هو. جهڙيءَ طرح هُو باغ جي صفائي ڪندا هئا، تهڙيءَ طرح پنهنجي ننڍڙيءَ لانڍڙيءَ کي به صاف رکندا هئا. هنن جي لانڍيءَ کي فقط هڪ ٻرٽ هو، ٻيو در نه دري. ڇِت ڪکائين هئس، جنهن ۾ لئي جا پڃر، باهڻ جا وَرا ۽ مٿان ٽُئا ڏنل هئا.ڀتيون اوڏڪيون هيون. ڇت ۽ ڀت جي وچان گهڻيون ئي ڳڙکيون هيون، جن مان هوا توڻي روشنائي اڻمئي پيئي ايندي هئي. ٻاهر صحن ۾ هڪ گُندڙو پيو هو، جنهن ۾ ڪجهه اَن رکيل هو. پڌر به اهڙو ئي صاف هو، جهڙو اندران گهر. بيشڪ غريباڻو خسخانو هو، جو خود هنن جي ملڪيت نه هئي، بلڪ بادشاهه جي هئي ۽ مالهيءَ واسطي ٺهيل هئي. مگر انهيءَ ۾ اندر ايتري ته خوشي هئي، جو محلاتن جي خوشي هن جي اڳيان شرمندي هجي.
هُو انهيءَ ساديءَ زندگيءَ ۾ ايترو ته خوش هوندا هئا، جو هنن مان ڪنهن به قسم جو ڪڏهن به دک ڪونه بکندو هو. هنن کي ڪا دنيا ۽ دولت جي لالچ ڪانه هئي. جيڪي به هنن کي بادشاهه سلامت وٽان پگهار طور ملندو هو، اهو هنن جي احتياجن واسطي ڪافي هوندو هو. پاڻ ڪي ڪجهه پاڇي رکندا ويندا هئا. زال ۽ مڙس ڪڏهن به اهو خيال ڪونه ڪندا هئا، ته ڪو هنن وٽ دنيا ۽ دولت ڪانه هئي ۽ نه ڪا هئڻ کپندي هئي. هُو پنهنجيءَ حلال جي ڪمائيءَ تي راضي رهي ۽ قناعت ڪري، سدائين خوش گذاريندا هئا.
اڄڪلهه ته دنيا ۾ اها حالت آهي ته جيترو به ماڻهن کي گهڻو هوندو، اوترو هنن ۾ طمع وڌيڪ هوندي. جيئن دولت گهڻي، تيئن خوشي گهٽ ۽ ماڻهو زياده دولت کي هٿ ڪرڻ واسطي ماندا هوندا ۽ پاڻ کي پيا سخت پتوڙيندا. اهڙا ماڻهو هرگز قانع ٿي نٿا گذارين ۽ افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي، ته پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري ته هُو ڪڏهن خوش نٿا رهن.
سچي خوشي ڪا دنيا ۽ دولت تي منحصر نه آهي. جيئن گهڻي دنيا هوندي، تيئن لازم آهي ته وڌيڪ چنتا ۽ ڳڻتي هجي. ويچارن غريبن وٽ مسڪينيءَ ۽ تنگدستيءَ جي دولت کان سواءِ ڪوبه قاروني گنج ڪونه هوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ به هُو وتن خوشيءَ جا خزانا لُٽيندا. جيڪي غني ۽ مالدار آهن، اهي ڏسبو ته ڏاڍا ڏکي ٿا گذارين. هنن کي اهو ڀروسو اصل ڪونه آهي ته ڪو اها اُڏامڪ دولت جا ڪڏهن ڪنهن وٽ ڪڏهن ڪنهن وٽ، جا سدائين پَر ڪريو پيئي اُڏامي، اها ڪا وٽن هميشه هوندي. پوءِ هو سدائين انهيءَ فڪر ۾ ٿا گذارين ته ڪيئن هن کي پاڻ وٽ رکن ۽ ڪيئن وڌائين، ته ڪڏهن به هن ۾ گهٽتائي نه ٿئي. جنهن ماڻهوءَ کي ايتري چنتا هوندي، ان کي ڪهڙو آرام هوندو ۽ هو رات جو سپنا ئي اهڙا پيو لهندو، جي هن کي پيا تنگ ڪندا، هو ويٺي ويٺي ڳڻتين ۾ اچي ويندو ۽ چوندو ته ”هاءِ! هيءَ منهنجي دولت ڪيئن ٿيندي؟“
اهڙي اڀاڳي واسطي اها دولت ٿي يا ڪا مصيبت؟ خوشيءَ جڙي ٻي دولت ڪانه آهي. سڀ کان وڌيڪ دولتمند اهو ماڻهو آهي، جنهن کي سچي خوشي نصيب آهي، پوءِ هن وٽ ڪجهه هجي يا نه. هو بلڪل لاپرواهه آهي. تنهنڪري خواهه مخواهه دولت جي ڪڍ لڳي، خوشي جهڙي دولت وڃائي ڇڏڻ چڱي ڳالهه نه آهي. تنهن هوندي به ڏسجي پيو ته ماڻهو اجايو گهڻي دولت جي پويان لڳي، پنهنجي حقيقي خوشي مات ڪيو ڇڏين ۽ پاڻ کي هروڀرو پيا دُکي ڪن.
لطيف جي گهر به جيڪا خوشي آهي سا ڪنهن امير کي به نصيب نه هوندي. هنن کي معمولي خوشي ته ڪانه آهي، بلڪ سچي خوشي. لطيف کي دنيا ۽ دولت آهي ئي اها. هو پنهنجي لانڍيءَ جي ننڍڙيءَ دنيا جو خودمختيار بادشاهه هوندو هو، جنهن تي ڪوبه حملو ڪونه ڪندو هو. نه هنن وٽ ڪي ٻيا ماڻهو ايندا هئا ۽ نه هو به ڪاڏي ويندا هئا. هو پنهنجيءَ ۾ مست هوندا هئا ۽ پنهنجي ننڍڙيءَ سلطنت جو ڪوبه الڪو ڪونه هون.
جهان آرا ننڍي ئي کان زِيرڪ ۽ چالاڪ ڏسڻ ۾ پئي آئي. انهيءَ ننڍيءَ عمر ۾ سندس سونهن ۽ سوڀيا اهڙي هئي، جو يقين هو ته وڏي هوندي ته جهڙس ٻيو ڪونه لڀندو. ڪڏهن ڏسبو هو ته لطيف هن کي ڪلهي تي کڻي، باغ ۾ آڻي، ڪنهن چڱيءَ هنڌ ويهاري، پاڻ پيو پنهنجو ڪم ڪندو هو ۽ هوءَ انهيءَ جاءِ تي پيئي رانديون ڪندي هئي. هن کي ڪو اميرن ۽ سکرن جي ٻارن وانگر ڪي رانديڪا ڪين هوندا هئا، جن سان هوءَ کيڏي ها، مگر سڄو باغ هن جي واسطي هڪ رانديڪو هوندو هو.
ڪڏهن ته ڏسبو هو ته ڪهن ڪسيءَ جي مٿان ويٺي پاڻيءَ ۾ هٿن ۽ پيرن سان ٿاڦوڙا هڻي ۽ پاڻي، جو مٿي چڙهيو پيو اچي ۽ وري ڪسيءَ ۾ پيو ڪِري، ان کي ڏسي خوشيءَ ۽ حيرت وچان پئي ٻهڪي. ڪڏهن ته اتانهون مٽيءَ ذرو کني، وتي ان مان رانديڪا ڍاهيو پاڻ کي وندرائيندي، ڪڏهن ته وري ڏسجي، ته گلن ۾ پيئي گهمي ۽ اها خبر ئي ڪانه اٿس، ته ڪو هوءَ پاڻ خود هڪ ٻهڪندڙ مکري آهي ۽ ڪنهن ڏينهن اهو گل ٿي پوندي، جو اِهي گل پڻ هن جي گَلي جي پرستش ۽ پوڄا ڪرڻ واسطي هرا بڻجڻ جي خواهش ڪندا.
گلن جي آبياري به لطيف پيو ڪري ۽ جهان آرا جي پالنا به لطيف جي حوالي آهي. زندگي گلن کي به پاڻي هوئي ٿو ڏئي ۽ موتيي ۽ گلاب، چنبيلي ۽ چمپڪ کي تر ۽ تازي ڪرڻ جي به هن کي ئي ڌُن لڳي پيئي آهي. آخر ته سڀڪو گل پنهنجي پنهنجي چمڪ ڏيکاريندو ۽ پنهنجو پنهنجو واس ڏيندو، مگر جهان آرا جي چمڪ ۽ خوشبوءِ نرالي ٿيندي. مالهي ته ساڳيوئي آهي، مگر جنس جنس جو ڦير آهي، ۽ جڏهن جهان آرا ٽڙي گل ٿي پوندي ۽ پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ کي پهچندي، ته نرگس ۽ ريحان هن جي حسن تي شيدا ۽ حيران ٿي پوندا.
ڪڏهن ڪري ائين پيو ڏسجي ته جهان آرا ڪنهن ڏاڙهونءَ جي درخت هيٺان وڍي آهي ۽ اتي پيئي ٿي کيڏي ۽ خوش ٿئي. ڏاڙهونءَ ته اڃا رڳا گل ڪڍيا آهن، جن مان ڪي ڇڻن پيا ۽ ڪي پختا ۽ مضبوط بيٺا آهن. هيٺ به هڪ اَناري گل آهي ۽ ان مان اهائي لالائي پئي ڏسڻ ۾ اچي، جا حيران ڪريو ڇڏي، پر اڃا ڪٿي ڳالهه ٿي!
وري جو کڻي نهارجي، ته جهان آرا انب جي درخت هيٺان پيئي ٽِلي ۽ ڪِريل پن کڻي پئي انهن سان رانديون ڪري، اها ته بلڪل خبر ڪانه هيس، ته ڪنهن ڏينهن منجهس انب کان به وڌيڪ رس ۽ ميٺاج پيدا ٿيندو. انهيءَ عمر ۾ ڪنهن کي اهڙي خبر پئجي سگهندي؟ نه رڳو ائين، مگر ٻيا ماڻهو به انهيءَ جذبن، جولانن ۽ اُمنگن جو شڪار هوندو.
جهان آرا انهيءَ باغ کي سچ پچ پنهنجي واسطي رانديڪو سمجهندي هئي. ڪڏهن ته ڪسيون، گلن جا ٻوٽا، ڏاڙهونءَ ۽ انب جا وڻ ڇڏي، صاف ۽ سئين سڙڪن تي پيئي گهندي هئي، ۽ رستي جي ڀر تي رکيل گلن جي ڪونڊين مان هٻڪار ۽ هُڳسان پئي حاصل ڪندي هئي. ڪڏهن وري ڏسجي پيو، ته سائي گاهه تي پيئي ليٽيندي هئي- مطلب ته باغ ۾ اهو هنڌ ڪونه هو، جنهن تي جهان آرا جو قدم نه آيو هو.
اچي به ڇو نه؟ قدرت جي من موهيندڙ ۽ نرمل نظارن کي هن جي پالنا ڪرڻي هئي. جهان آرا جي آئيندي صورت ۽ سيرت انهيءَ ئي ميل جول تي منحصر هئي. حقيقي تعليم ۽ تربيت به هن کي اتانهون حاصل ٿيڻي هئي، ۽ پاڪائيءَ ۽ آزاديءَ جا خيال جيڪي هن جي ايندڙ زندگيءَ ۽ زيست جو زيور بڻبا، سي پڻ هن کي اتانهون ئي ملندا.
دنيا ۾ تعليم ۽ تربيت رڳو گهر يا درسگاهن يا سنگتين ۽ ساٿين مان نٿي ملي. قدرت جا جيڪي به تماشا آهن، سي سبق کان خالي نه آهن ۽ اهي نظارا اسان کي تمام پاڪ ۽ سهڻي تعليم ۽ تربيت عطا ٿا ڪن. آسمان جي تارن جي جهڳمڳ ڪيئن نه اسان جي دلين کي روشن ڪريو ڇڏي! ڇا انهن مان اسان ڪوبه سبق ڪونه ٿا وٺون، يا وٺي نٿا سگهون؟ ڇا سج، چنڊ، تارا، ۽ ڪَتيون ۽ خود آسمان اسان جي واسطي هڪ روشن ڪتاب نه آهي؟ ڇا گهٽ ۾ گهٽ انهن مان اسين اهو سبق نٿا پرايون، ته ڪيئن نه هو پنهنجي پوري وقت تي پنهنجو ڪم سر انجام ڪن ٿا، ۽ اسان کي به ائين ئي ڪرڻو آهي؟ ڇا تارن جي جهڳمڳ اسان کي اهو نٿي سيکاري، ته اسين انسان، جيڪي هن زمين جا روشن ستارا آهيون، اهي به پاڻ ۾ ملي جُلي، اها جهڳمڳ لايون، جو آسماني ستارا به اسان تي فخر ۽ ناز ڪن؟ چنڊ، پهرينءَ تاريخ کان وٺي پنهنجو اوج شروع ڪري، چوڏهينءَ تاريخ پنهنجيءَ ڪماليت کي پهچي، وري مهيني جي آخر ۾ گهٽجي ناپيد ٿو ٿئي، اها انساني حياتيءَ جي تصوير نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڇا وڻ ۽ ٽڻ، گل ۽ ٻوٽا، باغ ۽ بستان، پوکون ۽ راهيو، جهنگ ۽ جبل، درياءَ ۽ سمنڊ ۽ جيڪي به قدرت جا عجيب کيل آهن، انهن مان انسانن کي ڪوبه سبق نٿو ملي؟
ها، انهن سڀني مان اسان انسان گهڻوئي ڪجهه پرائي سگهون ٿا، مگر اسان پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ۽ اسان سڀني شين کي حقير سمجهي، هنن ڏي ڪوبه توجهه ڪونه ٿا ڪريون. اهي شيون ته درحقيقت اسان جي روح جي رهاڻ هئڻ گهرجن، ۽ اسان کي گهرجي ته رات ڏينهن اسان انهن سان رهاڻ ڪري، پنهنجي ماندي من کي تازو ڪريون.
جهان آرا جو گهڻو وقت ننڍي هوندي کان ئي باغ ۾ گذردو هو ۽ باغ جي سبزي ۽ تازگي هن کي هميشه تازو ۽ خوش رکندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن لطيف سندس ڀرسان ڪم لاهي اچي ويهندو هو ۽ پنهنجو ٿَڪ، پنهنجي پياريءَ ڌيءَ جي ڏسڻ سان لاهيندو هو. بعضي لطيف جي زال به اچي ويهندي هئي- پوءِ ته هو سمجهندا هئا ته هو ساريءَ دنيا جا مالڪ هئا.
ڪجهه عرصو گذريو، جهان آرا ٽن سالن جي ٿي: هيڏي هوڏي پنهنجي مرضيءَ سان پيئي گهمندي ۽ ڦرندي هئي. لطيف کي خدا جي مهربانيءَ سان هينئر پٽڙو به ڄائو. جهان آرا، پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ خليل کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي هئي. ڪڏهن ڏيندا هئس ته هنج ۾ کڻي ويهندي هئس. ڪڏهن چيچ کان وٺي پيئي کيڏائيندي هئس. جي سمهيو پيو هوندو هو ۽ هوءَ پنهنجي ماءُ کي نه ڏسندي هئي، ته محبت کان هن جو سمهڻ نه وڻندو هوس، ۽ بعضي هن کي چهنڊڙيون پائي جاڳائيندي هئي. پوءِ هن جي جاڳڻ تي ماڻس ڊڪندي ايندي هئي، مگر پنهنجي سلڇڻيءَ ۽ سوڀيا واريءَ ڌيءُ کي ڪجهه به نه چوندي هئي.
ستن- اٺن مهينن کان پوءِ، هو ويهڻ جهڙو ٿيو. پوءِ ته هيڪاري جهان آرا واسطي مزو اچي ويو. سڄو ڏينهن ڀاءُ سان خوش هوندي هئي ۽ هن کي پيئي راند روند ڪري ريجهائيندي هئي. هوءَ ايترو ته پنهنجي ڀاءُ جو خيال ڪندي هئي، جو سندس ماءُ کي پڪ هوندي هئي، ته سندس ننڍڙو ٻچڙو ڀيڻ وٽ بلڪل خوش هوندو.
آخر خليل ريڙهيون ڏيڻ ۽ کٽولي کي وٺي بيهڻ لڳو. جهان آرا به چئن سالن جي ٿي. عابد ڪڏهن ڪڏهن باغ ۾ ويندو هو ته جهان آرا کي ڏسندو هو. هوءَ به پنهنجي ماءُ- پيءُ کان سواءِ فقط عابد کي پنهنجو مائٽ ڪري سمجهندي هئي، ۽ هن سان تمام گهڻي گستاخ هوندي هئي. عابد جيڪڏهن ڪجهه پئسا يا رانديڪا هن جي واسطي آڻيندو هو ته لطيف اصل نه وٺندو هو. لطيف کي اهو خيال هوندو هو ته ڪنهن جو به ٿورو کڻڻ نه گهرجي: هو غريب هو، مگر لالچي اصل نه هو.
لطيف کي پنهنجي عزت ۽ خودداريءَ جو گهڻو خيال هوندو هو، تنهنڪري جيتوڻيڪ هو سمجهندو هو ته عابد جي ڏانهنس سچي محبت آهي- ۽ خاص ڪري جهان آرا سان ته هن جي گويا پدري شفقت آهي- تڏهن به هو اها ڳالهه اصل گوارا ڪري نه سگهندو هو، ته ڪو هن جو ئي احسان يا ٿورو کڻي.
بيشڪ، انسان مسڪين ۽ ڪنگال هجي، مگر جيڪڏهن هو انهيءَ حالت هوندي به خودداريءَ جو مادو رکندو، ته سڀڪو پيو هن کي چاهيندو- عزت وارو ماڻهو اهو آهي، جو پنهنجيءَ ڪمائيءَ تي ڪفايت ڪري، ۽ ڪنهن ۾ به ڪابه لالچ نه رکي: اهو ماڻهو سدائين سکي گذاريندو. هو لوڪ جي طعنن ۽ تنڪن کان آزاد هوندو. هو جتي به ويندو، اتي هن کي عزت ۽ مانُ ڏيندا ۽ سڀ ڪنهن هنڌ هن کي پيا ڀانئيندا. هو پنهنجو ڪنڌ سدائين اوچو جهليندو ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندو، جيتوڻيڪ هو گهٽ درجي جو هوندو.
لطيف کي جيڪي به ماڻهو چڱيءَ طرح سڃاڻيندا هئا، اهي هن کي ديانتدار، سمجهو ۽ خوددار ڄاڻي، هن کي گهڻي عزت ڏيندا هئا. ڪوبه ائين ڪونه سمجهندو هو ته هو مالهي آهي، ۽ تنهنڪري ڪو نيچ ماڻهو آهي- انسان ڪهڙو به نيچ ڌنڌو اختيار ڪري، مگر جيڪڏهن هو چڱيءَ طرح پنهنجو اهو سادو سودو پورهيو ئي ڪندو، تڏهن به هن کي جَڳ کان پيو مانُ ملندو. لطيف جي هلت ۽ ڪم ڪار اهڙو تحسين جوڳو هوندو هو، جو هن جي سٺيءَ روشن تي بادشاهه به خوش هوندو هو- ۽ هن کي انعام ڏيندو هو.
بادشاهه سلامت به هڪ ڏينهن پاڻ باغ ۾ تشريف فرما ٿيو. اتي جهان آرا ڏٺائين ۽ سمجهيائين ته هوءَ سٺن لڇڻن واري سونهن ڀري ڇوڪري هئي. اهو به خيال پيس ته جهان خان جي همعصر آهي. جهان خان کي راند روند واسطي ڪو پنهنجيءَ عمر جو ٻيو ٻار ڪونه هو. بادشاهه سلامت مالهيءَ کي چيو ته ”ابا، هن ڇوڪرِ کي روز، صبح ۽ شام، حرامسراءِ ڏي موڪليندو ڪر، ته هوءَ شهزادي سان راند روند ڪري.“ مالهيءَ کي اها ڳالهه نه وڻي، مگر بادشاهه جي حڪم موٽائڻ جي طاقت ڪانه هيس.
ٻئي ڏينهن کان جهان آرا اندر حرامسراءِ ۾ وڃي جهان خان سان رانديون ڪرڻ لڳي. جهان خان به سلڇڻو ۽ سوڀيا وارو ڇوڪر هو. فقيرن جي ڏياري سدائين سهڻي هوندي آهي. هنن ٻنهي جي طبيعت هڪٻئي سان اهڙي ته ملي ويئي، جو هو هڪٻئي کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. سدائين پاڻ ۾ گڏ ڏسبا هئا، ۽ جي هنن کي نه سڃاڻندا هئا اهي سمجهندا هئا ته هو ٻيئي پاڻ ۾ جاڙا ڀاءُ ڀيڻ آهن.
جهان آرا کان خليل به وسري ڪونه ويو هو، ۽ هوءَ جهان خان سان گڏ خليل کي به اچي ڏسندي هئي، ۽ ٻيئي هن کي رانديون ڪرائيندا هئا. ٿوري ئي وقت ۾ هي ٻيئي ننڍڙا شهسوار هڪ جسم ۽ هڪ جان ٿي پيا ۽ پاڻ ۾ به انت محبت ٿي پين.