باب يارهون : جهان آرا ۽ جهان خان مڪتب ۾
اهوئي سلسلو رهيو. نيٺ بادشاهه خيال ڪيو ته جهان خان کي آخر ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سلطنت جو ڳرو بار کڻڻو آهي، جنهنڪري هن کي علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. جاهل بادشاهه مان ڪهڙي خوبي رسڻي آهي؟ دنيا ۾ علم سکڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي ـــ بادشاهن ۽ اميرن جي اولاد لاءِ. جيڪڏهن انهن کي تعليم ۽ تربيت نه هوندي، ته هو دنيا ۾ ڪهڙو سوجهرو ڪندا؟ پوءِ هنن ۽ وحشين جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت ٿيندو؟ بلڪ انهن جاهلن کي وري جو اَڻ مَئِي دنيا مٿي اچي ويندي، پوءِ ته هُو ڪنهن به طرح باز اچي نه سگهندا. هو اهي وحشتناڪ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا جو سڄو ملڪ تنگ اچي ويندو.
اَڻ گهڙيل ڪاٺ، ڪڏهن به دروازي يا دريءَ، ميز يا ڪرسيءَ جو ڪم ڏيئي نه سگهندو. اهو ضروري آهي، ته ڪاٺ کي پهرين گهڙجي، پوءِ ان کي چيرجي. چيري پوءِ ان مان جيڪي ٺاهڻو آهي انهيءَ موجب ٽڪرا ٽڪرا ڪجي. تنهن کان پوءِ ان کي رندي سان صاف ۽ لسو ڪري جيئن ملائڻو هجي، تيئن ميخن سان ملائجي. جڏهن ميز يا ڪرسي ٺهي وڃي، پوءِ جتي ضرورت هجي، اتي رندي سان زياده لسو ڪجي. پاوا ته اڳيئي جنڊيءَ جو تاب جهلي آيا هوندا. جڏهن سجھو ڪم پورو ٿي ويو هجي، تڏهن روغن سان صاف ۽ ’پلئسٽر آف پئرس‘ سان پالش ڪري ان کي چمڪايو وڃي. جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٿي ٿيون وڃن، ته شيءِ ڪهڙي نه پيئي سيبائي ۽ دل کي وڻي؟ ماهيت ۾ ته اصل ڪاٺ آهي.
انسان کي به اڻگهڙيو ڪاٺ بڻجي هلڻو نه آهي. هن کي به چڱيءَ طرح گهڙڻ گهرجي ۽ جڏهن هن کي چڱيءَ طرح علم جي جنڊيءَ تي چاڙهبو، رندو هڻبو، پالش ڪبو ۽ پوءِ ماهر استاد هن کي تربيت جي ميخن سان جَڙيندو، تڏهن هو هڪ چڱو انسان بڻجي پوندو. انسان جي تعليم ۽ سڌاري جي ڪوشش تمام ضروري آهي. علم کان سواءِ ماڻهو آهي جهڙو انڌو: هو اکين سان کڻي ڏسي به سگهندو هجي، پر دل جي اکين سان ڏسي نه سگهندو، ته ڪهڙو فائدو؟
هي ته هڪڙي رواجي ماڻهوءَ واسطي اهم ۽ ضروري آهي، ته هو علم حاصل ڪري، پاڻ کي چڱيءَ طرح هلائي سگهي؛ پر اهو ماڻهو جنهن کي نه رڳو پاڻ کي هلائڻو آهي، بلڪ هو لکن ۽ ڪروڙن جانين جو محافظ ۽ هلائيندڙ ٿيڻو آهي، انهي واسطي ته فرض آهي، ته هُو علم حاصل ڪري ۽ اهو علم، جو کيس پنهنجي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ڪارائتو ثابت ڪري. جهان خان به ڪنهن ڏينهن تخت تي ويهندو ۽ تاج پهريندو؛ تنهنڪري ضروري آهي ته هن کي اُها سکيا ملي، هُو اهو ادب ۽ اها تهذيب حاصل ڪري، ۽ هن کي ائين گهڙي، رندو هڻي ۽ روغن ڏيئي چمڪائجي، جو هو هڪ عمدو نمونو ٺهي وڃي.
اها سکيا ڪا هڪ ڏينهن ۾ ميّسر نه ٿيڻي آهي؛ اها سالن جا سال گهُري، ڪئين ماهر پنهنجو مٿو ماريندا. حڪيم سنائي غزنويءَ جي قول وانگر ته ’ڏينهن جا ڏينهن بيشمار انتظار ڪڍڻ کان پوءِ، مينهن جو ڦڙو سپن ۾ داخل ٿي، سچو موتي بنجي پوي ٿو هفتن جا هفتا کپن ته ڪپهه پيدا ٿئي، پڃجي سٽ ٿئي ۽ تنهن کان پوءِ يا ته ڪنهن سهڻي ماڻهوءَ جي سينگار جو ڪپڙو ٺهي پوي، يا ڪنهن شهيد جو ڪفن ٿئي؛ مهينن مٿي مهينا کپن، جو رڍ جي اُن مان ڪنهن بزرگ جو خرقو ٺهي يا گڏهه جو رسو جڙي؛ صديون کپن، جو سج جي اثر ڪري ڪو اصل پٿر بدخشاني لعل ٿي پوي يا يمني عقيق بڻجي پوي‘ ــ ساڳيءَ طرح سالن جا سال کپن، جو ڪو ٻار پنهنجي سٺيءَ طبع جي ڪري عالم ۽ عاقل فائق ۽ اضل ٿئي، جنهن جي گفتگو تي سوين حيران هجن ۽ جنهن جي ڪردار تي سندس عزيز ۽ خويش ناز ڪن.
علم پرائڻ ڪو سٿرو ڪم نه آهي: ٿلهي تي ويهي ڄنگهن لوڏڻ ۾ علم حاصل ٿي ڪونه سگهندو. تنهنڪري، جهان خان واسطي ضروري آهي، ته هو هاڻي علم حاصل ڪري ۽ ننڍي لاڪرئي انهيءَ ڳالهه جي پٺيان لڳي ته چڱو ـــ پر ڌار جيڪڏهن استاد اچي پاڙهيس ها ته اهو نوڪر بڻجي پويس ها. تنهن کان سواءِ ٻين ٻارن سان گڏ پڙهڻ ۾ ريس ۽ شوق پيدا ٿو ٿئي؛ خود استاد کي پاڙهڻ مان لذت اچي ٿي. هرهڪ ٻار کي علم حاصل ڪرڻ واسطي گڏ پڙهڻ ۾ زياده اُمنگ پيدا ٿي پوي ٿي. پهرين تعليم ته سڀني ٻارن کي ساڳي ئي ملڻي آهي. اڃا ڪي سال ته جهان خان کي لکڻ، پڙهڻ ۽ حساب سکڻا آهن، جي ٻين سان گڏ سکندو ته بهتر.
انهيءَ ڪري بادشاهه سلامت هن کي هڪ سٺي مدرسي ۾ موڪليو، جتي گهڻو ڪري سٺيءَ تعليم جي ڪري اميرن جا ٻار پڙهندا هئا. بادشاهه کي اهو به خيال آيو، ته جيڪڏهن جهان آرا به ساڻس گڏ ويندي ته پاڻ وڌيڪ شوق ٿيندس؛ تنهنڪري ٻنهي کي گڏ ساڳئي مدرسي ۾ موڪليو ويو.
هنن ٻنهي کي مدرسي تائين ڪا بگي يا سواري ڪانه ملي ۽ نڪو ڪو نوڪر ڪتاب کڻڻ واسطي مليو. بادشاهه کي اهو يقين هو، ته ائين علم حاصل ٿي نه سگهندو. ائين وڏن ماڻهن جي اولاد جا خيال خراب ٿين ٿا: هو پنهنجن هم سبق شاگردن جي صحبت کان عاري رهن ٿا. هنن جي دماغ کي اجايا وڏائيءَ جا خيال وڪوڙي وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن سواري دير سان آئي، ته مدرسي ۾ به دير سان ويندا. سبق جو خيال هنن کي پورو سورو هوندو آهي:هو رڳو پنهنجيءَ وڏائيءَ ۾ پورا هوندا آهن. ڪلاس ۾ به ٻين شاگردن سان گڏ ويهڻ نه چاهيندا آهن، ۽ انهن کان پاڻ کي اُتم سمجهي رواجي طرح نه ويهندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه به پرائڻ محال آهي. جنهن ماڻهوءَ علم جي نهٺائيءَ جو پهريون سبق نه سکيو، اهو ڄڻ ڪجهه به نه سکيو ـــ آخر استاد خود به ڪي امير يا بادشاهه ڪونه هوندا آهن. هو گهڻو ڪري غريب ۽ رواجي ماڻهو هوندا آهن، جيتوڻيڪ کڻي هو علم ۽ فضيلت جا بادشاهه هجن. انهيءَ حالت ۾ اهڙن ماڻهن کي استاد جي اها عزت نه هوندي، جيڪا هئڻ گهرجي.
بادشاهه اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي هنن کي مدرسي ڏانهن موڪليون. مدرسي جي مدير کي گهرائي حڪم ڏنائين ته جهان خان سان ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي، ۽ هن کي عام ٻارن وانگر هلايو وڃي. فرمايائين ته جيڪڏهن هن سان ڪابه رعايت ٿي، ته سمجهبو ته هن سان دشمني ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهه تي سخت رنجش پيدا ٿيندي ــ اهو شرط مڃيو ويو. جهان خان ۽ جهان آرا روز گڏجي مدرسي ۾ ويندا هئا ۽ گڏ موٽندا هئا. ويندا هئا ته به پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا ويندا هئا ۽ موٽندا هئا تڏهن به ائين. ڪڏهن سبق جي ڳالهه ڪندا هئا، ڪڏهن استادن جي ۽ ڪڏهن وري پنهنجي همسبق سنگتين جي ــ هنن جي پٺيان پري کان هڪ خاص ايماندار نوڪر هنن جي جاچ رکندو ايندو هو.
جهان آرا ۽ جهان خان کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو موٽندا هئا ته به گڏجي ويهي پڙهندا هئا. ڪا دقت هوندي هين، ته ڪنهن کان به پڇي حل ڪندا هئا. ٿوري ئي عرصي ۾ هُو سڄي ڪلاس جي ٻارن کان گوءِ کڻي ويا، ۽ پنهنجي استاد جا دلخواهه شاگرد بڻجي پيا؛ هُو پڻ ڏانهنِ زياده توجهه ڏيڻ ۽ هنن ٻنهي جي لياقت تي فخر ڪرڻ لڳو.
سڄي مدرسي ۾ هنن جي هوشياريءَ ۽ قابليت جي خبر پکڙجي ويئي. سڀ استاد ڏاڍا خوش ٿيا، ته جيڪڏهن سچ پچ جهان خان ڪو چڱو نالو ڪڍيو، ته هنن تي بادشاهه سلامت ڏاڍو راضي ٿيندو، ۽ کين چڱو انعام ڏيندو.
جهان خان ۽ جهان آرا جلد ئي فارسيءَ ۾ چڱا ماهر ٿي ويا. حساب به چڱا ايندا هئن؛ خاص ڪري جهان خان ته حسابن جو ڪوڏيو هو. سڀ استاد ائين چوندا هئا، ته رياضيءَ ۾ اهڙو شاگرد هنن نه ڏٺو نه ٻڌو. جلد عربي سکڻ شروع ڪيائون، ۽ صرف ۽ نحو جا قاعدا ۽ گردان به برزبان ڪري ڇڏيائون. حافظو ته اهڙو سٺو هونِ، جو ڪجهه به ياد ڪرڻو هوندو هونِ، ته ويرم ئي ڪانه ڪندا هئا. خدا سمجهه وري اهڙي سٺي ڏني هينِ، جو استاد هڪ دفعو سمجهائيندو هونِ، ته دلين تي نقش ٿي ويندو هون ـــ ڪيئن نه پوءِ اهڙا شاگرد جلد سکن ۽ پنهنجن استادن جو فخر ۽ ناز ٿئين؟
بعضي بادشاهه سلامت حساب وٺندو هونِ ۽ سندن ڪم ڏسي دل ۾ گهڻو خوش ٿيندو هو. ڪڏهن حامد به سندن امتحان وٺندو هو، ۽ هُو به هنن جي هوشياري ۽ قابليت ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيندو هو. لطيف کان خبر پئي هئس؛ ته عابد جي جهان آرا سان ڏاڍي محبت هوندي هئي؛ تنهنڪري هن کي ڏسي خوشي ٿيندي هيس ـــ جهان آرا مان گويا هن کي پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ جي بوءِ ايندي هئي ۽ هن کان اهائي سڪ لهندي هئي.
ڳچ ڏينهن گذريا، جهان خان ۽ جهان آرا جي قابليت وڌيڪ شهرت وٺندي ويئي. شهر ۾ ٻيا به مدرسا هئا جن ۾ گهڻائي قابل شاگرد هئا؛ اهي بعضي پاڻيهي، بعضي پنهنجن استادن سان گڏجي، هن مدرسي ۾ ايندا هئا ۽ اچي ڀيٽ ڪندا هئا، مگر هنن ٻنهي کان ڪير گوءِ کٽي؟ رفتي رفتي اها خبر بادشاهه سلامت کي پهتي، جنهن انهن سڀني شاگردن ۽ استادن کي سڏايو ۽ پنهنجي روبرو امتحان وٺرايو. حامد موجود هو، جنهن هنن جو امتحان ورتو. هي ٻيئي ڄڻا ڏاڍو چمڪيا ۽ سڀني کي شهه ڏيئي ڇڏيائون. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو:جهان خان جي استادن کي خلعتون ۽ انعام ملي ويا؛ ٻين شاگردن ۽ استادن کي به نوازيو ويو ـــ ۽ حڪم ڪيو ويو ته اهي سڀ قابل شاگرد هڪ هنڌ ڪٺا ڪيا وڃن ۽ انهن کي قابل استاد ڏيئي عمدي ۾ عمدي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ۽ انهيءَ مدرسي جو سڌو تعلق وزير صاحب سان رهي.
شاهي حڪم موجب هڪدم هڪ ننڍو مدرسو برپا ٿي ويو ـــ تمام ماهر عالم مقرر ڪيا ويا؛ سڀ تيز ۽ زِيرڪ شاگرد گڏ ڪيا ويا ـــ مدرسو ڏاڍي رونق وٺي ويو ۽ سڀڪو ڏسڻ لڳو ته هاڻي هن ڪسوٽيءَ ۾ ڪير ٿو زياده چمڪي. جهان خان ۽ جهان آرا جي طبع ۾ جو جوهر هو انهيءَ سان ڪير پڄي سگهندو؟ جهان خان ته خير، هڪڙي بادشاهه جو پٽ هو، جنهنڪري اهڙو تيز نڪتو هو، پر هوءَ غريب مالهيءَ جي ڌيءَ به ته ڪيئن ٿي اُڏاڻِي؟
هاڻي هو تواريخ، علم ادب، منطق ۽ فلسفن جا ڪتاب به پڙهڻ لڳا. هئا سي نوَن سالن جا، مگر علم ۾ يڪتا گوهر هئا. هو ٻين سڀني شاگردن کي لتاڙي پاڻ اڳتي وڌي ويا. هنن ۾ ايتري ته سمجهه ۽ هوشياري هئي، جو ويهن ورهين واري طالب علم ۾ نه هوندي. حامد سدائين هنن جي سنڀال ڪندو هو، ۽ هنن جي هوشياري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو.
خدا جي قدرت، جو هن ٻنهي کي شڪل ۽ شبيهه به اهڙي سهڻي ۽ شاندار عطا ٿيل هئي جو جهڙنِ ٻيو ڪونه هو. قد سروَ وانگر ڊگهو ۽ سڌو، بدن مضبوط ۽ ڊولائتو، اکيون نرگس وانگر نشيدار ۽ ڪاريون جهڙا ڀؤنر، ڀرون جاڙا جهڙو مسجد جا محراب، پيشاني کليل، چپ سنهان ۽ سهڻا، نڪ چهنب وارو ڊگهو، ڏند موتين جهڙا دلبند، چهرو گول ۽ ڪنول گل جهڙو، ڳچي ڊگهي ۽ سهڻي ـــ مطلب ته ٻيئي چوڏهينءَ جا چنڊ هئا.
خدا اهڙيءَ سهڻيءَ صورت سان گڏ، جا سهڻي سيرت عطا ڪئي هئن، اها ته ڪنهن ٻئي کي نصيب نه هئي. هو تمام سهڻن لڇڻن وارا هوندا هئا ۽ سڀڪنهن کي پيا سيبائيندا هئا. سونهن ۽ سوڀيا سان گڏ جيڪڏهن انسان جا لڇڻ به سهڻا ٿا ٿين ۽ من موهڻي منهن سان گڏ جيڪڏهن سيرت به سهڻي شامل آهي ته ڪهڙو نه مزو! انهن ٻنهي شين سان گڏ ڌڻيءَ وري هنن کي علم به سٺو عطا ڪيو هو، تنهنڪري هنن ۾ ڪابه ڪمي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي.
ڪير نه انهن ٽنهي ڳالهين جي اهڙي سهڻي ميلاپ تي خوش هوندو؟ بادشاهه سلامت ته قادر جي قرب تي قربان ۽ ٻلهار ويندو هو. مالهي ۽ سندس زال به تمام خوش ٿيندا هئا، حامد ته انهن کي ڏسي اهڙو خوش ٿيندو هو، جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هنن سان گڏ گذاريندو ۽ پاڻ وندرائيندو هو. ڏاڍي خواهش هوندي هيس ته جيئن جهان خان ۽ جهان آرا پاڻ ۾ گڏ گذارين ٿا، تيئن جيڪر وڏي هوندي به هو هڪ جسم ۽ هڪ جان ٿي وڃن ــــ مگر هو اهڙي ڳالهه ڪڍي نٿي سگهيو: خيال هوس ته گهڻا ماڻهو نه چاهيندا ته بادشاهه جو پٽ مالهيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪري. خود بادشاهه کي شايد اها ڳالهه نه وڻي. انهيءَ ڪري هو ماٺ ۾ رهيو.