ناول

جهان آرا

هي مشهور ناول ”جهان آرا“ 1931ع ۾ ڇپيو هو. 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇپايو ويو ۽ هيل تائين ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن. هي ڪتاب انٽرميڊييٽ جي نصاب ۾ شامل هجڻ ڪري شاگر دوست ان جي گهُر ڪري رهيا هئا ته ڪتابي صورت ۾ ۽ پي ڊي ايف ۾ رکيو وڃي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي به موجود آهي. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب کي سهيڙي اسان ڏانهن موڪليو.
Title Cover of book جهان آرا

باب ٻارهون : زاهد کي خط پهچڻ ـــ اميد

اڄ ته نااميديءَ جو لوهائون ڪوٽ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيو. پر اهو ڪهڙو غنيم چڙهي آيو، جنهن اهڙي زبردست فتح ڪئي؟ اڄ ته ڄڻ يعقوب کي مصر کان خبر آئي ته سندس يوسف، جنهن جي رت ڀريل قميص کيس ڏيکاري ويئي هئي، اهو ڪنهن به درندي جو شڪار نه ٿيو هو؛ بلڪ هُو ته مصر جو بادشاهه هو ـــ اڄ زاهد کي به خبر پهتي ته سندس نونهال پٽ رونق آباد جو وزير آهي؛ ۽ نه عدم جي ملڪ جو مهمان.
جڏهن زاهد، حامد جو خط پڙهايو، تڏهن خوشيءَ منجهان سندس رڳ رڳ بهار ٿي ويئي. هن کي پنهنجي يوسف جو پهراڻ پهچي ويو ۽ اهڙي ته خوشي ٿيس جو دل ڌڙڪڻ لڳس. آهستي آهستي اندر ويو ۽ پنهنجي گهر واريءَ کي خبر ڏنائين. راشد جي ماءُ کي به مبارڪ چيائين.
سندس گهر واريءَ کي پڪ نٿي ٿي، پر جڏهن خبر پيس ته ڪي خاص گهوڙيسوار اهو خط کڻي آيا هئا، ۽ انهن جي زبان ئي ٻي هئي ۽ يقين هو ته ڪنهن دوست دلداريءَ ڏيڻ واسطي ڪو ٺاهه نه ٺاهيو هو ـــ جيئن اڳي گهڻن ئي ڪيو هو ـــ ته ڏاڍي خوش ٿي. سڄي گهر ۾ عيد ٿي ويئي! مبارڪن جي ڌم مچي ويئي ۽ زاهد ته ڄڻ ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي. هاڻي عابد ۽ حامد سان ملڻ جي اميد ٿين. راشد جي ماءُ کي به پنهنجي پتيءَ ۽ ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي سان ملڻ جي گهڻي خوشي ٿي. انهيءَ سٺيءَ خبر هنن کي تهتاز ڪري ڇڏيو ۽ سڀ غم لهي وين. راشد جا ٽپا ڏيڻ ۽ خط کي هر هر چمڻ ته ڪير ڏسي ها!
اهڙا سدورا قاصد ته شل ڪنهن وٽ اچن. زاهد ته انهن مبارڪ قاصدن تي جان ۽ جسو قربان ڪرڻ لڳو. هو ته پرينءَ جي پار کان پرت جو پيغام کڻي، ورهه ۽ وڇوڙي جو داغ ميٽڻ آيا هئا. رٺل رانجهن جي سنيهي آڻڻ واري جي ڪيئن نه عزت ۽ تعظيم ٿيندي؟ پر هنن شهسوارن جي نه رڳو زاهد ۽ هن جي گهر جي ڀاتين عزت ڪئي ٿي، بلڪ سڄي شهر جي سکرن به هنن جي تعظيم ڪئي.
شهر جي ماڻهن جو حامد جو احوال ٻڌو، سو ڏاڍو خوش ٿيا. حامد جو استاد آيو ۽ اچي خط پڙهيائين. حامد جا اکر سڃاتائين ۽ پنهنجي شاگرد جو اهڙي اوج تي پهچڻ جو احوال ٻڌي گد گد ٿي ويو ـــ اهو ته قدرت جو قانون آهي ته جڏهن ڪو شاگرد ڪنهن سٺي درجي تي پهچندو آهي ته استاد کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي؛ پر جي شاگرد رلي خراب ٿي ويو ته هن کي سخت ڏک ۽ رنج پهچندو آهي. سچي اُستاد جي حالت ته اها ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ گهڻن شاگردن کي، جن کي استاد سندن چڱائيءَ واسطي کڻي تنبيهه ڪئي هوندي يا ڪندو هوندو، اهڙي قسم جو احساس ۽ پروڙ نه پوندي آهي. هو پنهنجي استاد کي خواهه مخواهه دشمن سمجهندا آهن.
زاهد جي خوشيءَ ۾ سڄو شهر خوش ٿيو. سڀ ماڻهو هن کي اچي مبارڪون ڏيڻ لڳا. زاهد جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا گهنجَ ۽ نراسائيءَ جون ليڪون، هاڻي ڏسڻ ۾ ڪين پئي آيون. اُميد ۽ آسري جي ڪري هن جي حياتي هاڻي روشن ٿي پيئي هئي. درد ۽ غم جي اونداهي ميٽجي، هاڻي سوجهرو ٿي پيو هئس. اهڙيءَ نيڪ خبر جي سڳنڌ هن کي پئي واسيو ۽ هاڻي اها اُڪير ۽ اُڪنڍ هيس ته جلد پنهنجن نورچشمن کي هٿ ڪري؛ ويل اکين جو نُور لهي. هو خدا جي مٺڙي نالي تان صدقي پئي ويو، جنهن هن جي ويل دلڙي ورائي وڌي هئي. هو پاڻ کي اَڀاڳي سڏڻ جي عيوض ڀاڳ وارو سڏڻ لڳو. غيب کان مدد ملي هيس، جنهنڪري هو شڪرانو ڪرڻ لڳو.
قاصد جي هيترو مفاصلو لتاڙي آيا هئا، تن ڪجهه ڏينهن ساهه پٽيو. پوءِ هو عاجز ۽ ملول ٿيڻ لڳا ۽ وطن جي سڪ ۾ من ڀرجي آين. اکين مان ڳوڙها ڳڙي آين. مارئيءَ وانگر ملير جي محبت ماندو ڪري ڇڏين ۽ پنهنجن پهنوارن جي پياس اُڃائي ڇڏيو هونِ. اهڙي حالت ۾ هنن خيال ڪيو ته ڪيئن به ڪري هو وطن واپس وڃن.
هڪڙي ڏينهن سڀ سنڀري موڪل وٺڻ لاءِ زاهد ڏانهن ويا. موڪل گهريائون، مگر زاهد ڪجهه ڏينهن منت ڪري ٽڪاين. نيٺ ته اهي ڏينهن به پورا ٿيا ۽ زاهد کي موڪل ڏيڻي پئي. زاهد سکر ۽ هوند وارو ماڻهو هو. هن پنهنجن پيارن جي پار کان آيل قاصدن کي عمدا تحفا ۽ سهڻيون سوکڙيون ڏنيون ۽ خوب پهرايو ـــ هو انڪاري هئا، پر زاهد زور ڪري ڏنن.
عابد ۽ حامد واسطي به پدري شفقت جي ڪري ڪجهه تحفا موڪليا ويا. ماجد ۽ سندس ماءُ ڪو زاهد کان وسري ڪين ويا. هنن جي واسطي ته تمام وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتي شيون موڪليون ويون. ماجد جي واسطي اطلس؛ ڪيمخاب ۽ ابريشم جا ڪپڙا ۽ ڪيترا رانديڪا پڻ موڪليا ويا. سندس ڏاڏيءَ پڻ کيس اهڙيون ساڳيون شيون موڪليون، ۽ پنهنجي نُنهن ڏي به سوغاتون موڪليون. پٽن ڏي به دعا سان گڏ ڪجهه تحفا موڪليائين. ڀيڻ، ڀيڻ ڏي سوکڙيون موڪليون. راشد کي پنهنجو سوٽ ڏاڍو ياد هو، ۽ دل ائين پئي چيس ته ماجد سان اجھ ملي ته سڀاڻي تي نه رکي. هن وٽ جيڪي به پنهنجيون سٺيون شيون ۽ رانديڪا هئا، سي هن سڀ چڱيءَ طرح ٻڌي، پنهنجي پياري سوٽ ڏي موڪليا؛ ۽ پڻ ان کي، توڻي چاچي، چاچيءَ ۽ پيءُ کي پنهنجا هٿ اکري خط لکيا، جن ۾ هن پنهنجي محبت ۽ اشتياق چڱيءَ طرح ظاهر ڪيو. زاهد پٽن ڏي هن ريت خط لکايو:
”منهنجا پيارا جگر بندو! اوهان جي پيار ۽ پياس جي پيغام، سڪ ۽ سچائيءَ جي سنيهي، خير ۽ خوشيءَ جي خبر ۽ محبت ۽ موهه جي مڪتوب؛ منهنجي ماندي من کي قرار ڏنو. اوهان جي درد، منهنجيءَ دل کي اوندهه ۽ ماتم سان پُر ڪري ڏنو هو، ۽ نااميديءَ ۽ نراسائيءَ مون تي نه رڳو سخت حملو ڪيو هو، مگر ان سان گڏ مون کي بلڪل پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو هو. اوهان جي والده به وِره ۽ وڇوڙي وچان ڪنهن به وندر جي ويجهو نه هئي. ۽ هن جي حالت مون کان به وڌيڪ خراب هئي. اسان ائين سمجهيو ويٺا هئاسين ته يا ته اوهين نافرمان ۽ ناخلف ٿي الائي ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ وڃي گرفتار ٿيؤ، يا ته خدانخواسته تقدير اوهان کي الائي ڪهڙي بحر ۾ اڇلايو هو، جتان عبور ڪرڻ اوهان کي اهنجو پئي لڳو ـــ انهيءَ کان وڌيڪ خوفناڪ ڳالهيون اسان جي دل تي هيون، مگر خدا جو شڪر آهي جو اسان جا اهي سڀ خيال خام ٿيا ۽ منهنجا نورچشم بلڪل نرمل ۽ نروار نڪتا، جنهنڪري نااميدي ۽ نراسائي، اسان وٽان پنهنجو سارو اسباب کڻي رمندي رهي.
”آءٌ پنهنجي بختاور ۽ روشن اقبال اولاد جي سموري خبر پڙهي ۽ ٻڌي از حد خوش ٿيس. ساڳيءَ طرح اوهان جا سڀ عزيز ۽ دوست به اهي خبرون ٻڌي تمام مسرور ٿيا. اسان سڀني خدا جي درگاهه ۾ شڪرانو بجا آندو ۽ پاڻ اها دعا گهري ته شل اوهان کي ڪوسو واءُ نه لڳي. اسان کي اوهان جي ملڻ جي تمام گهڻي حب آهي: آءٌ ته جيڪر هڪدم هليو اچان ها، ۽ سڄي ڪٽنب کي پاڻ ان کڻان ها؛ ڇاڪاڻ ته جي موسيٰ جبل تي نه ويو ۽ جبل موسيٰ ڏي ويو ته هڪ ئي ڳالهه آهي ـــ موسيٰ واسطي طوُرسينا تي معراج لکيل هو ۽ هن کي اهو ضرور ميّسر ٿيڻو هو، پوءِ ڀل ته هو پاڻ وڃي يا ڪو طوُر وٽس اچي. مگر آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ لاچار ۽ نابين آهيان. راشد اڃا ننڍڙو ٻار آهي. اهڙيءَ حالت ۾ زنانا ماڻهو ساڻ ڪري، اهڙي دور دراز سفر تي هلڻ نٿو جڳائي ــــ نه ته اسان سڀني کي جيڪا سڪ آهي، انهيءَ جو اندازو ڪرڻ محال آهي.
”تنهن کان سواءِ، اسان جي پنهنجو گهر ٻار ڇڏي اوهان وٽ اينداسين ته گلا ٿيندي: چوندا ته ڪي اهڙا سڃا ۽ بکيا هئا، جو هاڻي پٽن جي روشن اقباليءَ جي خبر پئي اٿن، ته سڀ اوڏانهين سڻڀا ٽُڪر کائڻ لاءِ ڀڳا آهن. خود اوهان جي به شڪايت ٿيندي ته نابين پيءُ کي رلائي ماريو اٿن ـــ اهي سڀ خيال ڪري، لوڪ جي طعنن ۽ تنڪن جو ويچار دل ۾ رکي، اسان ايڏاهين اچڻ کان عاري آهيون. خود اوهان به اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته ائين ڪرڻ مناسب نه ٿيندو.
”توهين ائين هرگز نه سمجهجو ته اسان کي اوهان جو خط پهتو ۽ اسان جي سڪ پوري ٿي ـــ هرگز نه. اسان اوهان جي ملڻ لاءِ پريشان آهيون ۽ اسين هاڻي اوهان جي ملڻ جي ئي اميد ۾ جيون ٿا: اسان کي قوي اميد آهي ته اوهين جلد اسان سان ملي اسان کي نهال ڪندؤ.
”آءٌ ٻيو اوهان کي ڇا لکان؟ فقط ايترو وري زور ڏيندس ته اوهين جيترو جلد ٿي سگهيوَ، اوترو جلد ايندا، جو انسان جي حياتيءَ تي ڀروسو نه آهي. اسان ٻيئي تمام ضعيف ۽ نحيف ٿي ويا آهيون ۽ رات ڏينهن اوهان جي جدائيءَ جي جلڻ اسان کي جلائي ڇڏيو آهي. تنهن کان سواءِ، ماءُ جنهن جي پيرن جي تريءَ هيٺان بهشت آهي، انهيءَ جي رضامندي ۽ خوشيءَ جو اوهان کي وڌيڪ خيال رکڻو آهي. ماءُ جهڙو قرب ۽ پيار ڪنهن کان به ملڻو نه آهي: ماءُ ئي بک ۽ ڏک سر تي کڻي پنهنجو ٻار پالي ٿي. هن جي ئي پياريءَ گود ۾ ٻار پلجي وڏا ٿين ٿا. تنهنڪري اوهان تي ضروري آهي ته اوهين جلد کيس ملي هن کي خوش ڪيو، ـــ ماءُ جي خوشي ربّ جي خوشي آهي.
”پياري ماجد سان ملڻ جي به ڏاڍي حب آهي. اميد ته اوهين سڀ خوش خورم هوندؤ ۽ جلد اسان سان ملندؤ.
ـــ ويراڳي، زاهد“
اهو خط بند ڪرائي زاهد انهن سوارن جي حوالي ڪيو، جي خط ۽ سوغاتون کڻي روانا ٿيا. انهن جي وڃڻ تي زاهد کي البت خيال ٿيو ۽ هو اڳئين وانگر جيڪر و ماتم برپا ڪري ڏئي ها، مگر هاڻي دل کي تسلي هئس ۽ اميد هئس ته هو پنهنجا پيارا پٽ وري ڏسندو ـــ اهوئي سبب هو جو هاڻي خوش گذارڻ لڳو ۽ جڏهن به پٽن جو خيال پوندو هوس ته چوندو هو ته ”خدا جي فضل سان جلد ميلو ٿيندو“.
بيشڪ نااميدي کي تمام زبردست طاقت آهي ۽ جڏهن هوءَ اها طاقت ڪم آڻي ٿي ته ٻيون سڀ طاقتون مات ڪيو ڇڏي. شل نه نراسائيءَ سان ڪنهن جو پابند اَٽڪي؛ پوءِ ان کان ڇٽڻ انسان کي محال ٿيو پوي: هو ڦٿڪندو گهڻو ئي، مگر هن جو ڦٿڪڻ اجايو آهي. هتي نه پڄي سگهجي ٿو ۽ نه وري ڀڄڻ واسطي ڪو گهٽ گهيڙ آهي. جڏهن انسان انهيءَ ڄار ۾ ڦاٿو ته اتانهون نڪرڻ آسان نه آهي.
اهڙو انسان هڪڙي جهاز جي مثال آهي، جو ڪنهن وڏي سمنڊ تي زمين جي نشان کان گهڻو پري آهي ۽ ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏي پيو وڃي. اونداهي رات آهي، ۽ انهيءَ ڪاري ڪارونڀار ۾ چوطرف کڻي جو نهارجي ته آسمان ۾ ڪو تارو به ڪونه آهي. جنهنڪري ڪا اميد ٿئي ۽ هن کي ڏسي خوشي حاصل ٿئي. اهڙي انڌوڪار ۾ ڪجهه زبردست طوفان برپا ٿي ويو هجي: سڄو سمنڊ تلاطم ۾ اچي ويو هجي ۽ ماڻهو سڀ خوف ۾ پيا ڏڪندا هجن؛ جهاز هيٺ مٿي لهرن ۾ پيو لرزي، ۽ شايد ڪنهن ٽَڪر تي جلد لڳي پرزا پرزا ٿي پوي يا اونڌو ٿي ٻڏي وڃي. هزارها جانيون سمنڊ جي مڇين ۽ مانگرن جو شڪار ٿي وڃن ۽ سمورو قيمتي اسباب به سمنڊ جي تري ۾ وڃي پئي ـــ اڃا اها مصيبت پئي هلندي هجي، ته آسمان ۾ سخت گجگوڙ ۽ کِوڻ پيدا ٿي پوي. هڪدم سخت ۾ سخت بارش اچي ڪِريٖ ۽ انهيءَ سان گڏ بجلي جهٽڪا پيئي هڻي، سڀ خلاصي ۽ ٻيا ماڻهو هينئر پنهنجي حياتيءَ کان نااميد هجن ۽ پڻ جهاز جو ڪپتان پنهنجي حڪومت کان هٿ ڌوئي سڄي جهان جي حاڪم کي ٻاڏائيندو وتندو هجي. سڀ ماڻهو ويچارا دانهون ڪندا هجن ۽ پنهنجي مالڪ کي عجز ۽ نياز سان پيا وينتي ڪندا هجن، ۽ اها خبر ڪانه پوندي هجين ته جهاز ڪاڏي جو ڪاڏي پيو وڃي، ۽ باقي ڪيترو وقت آهي جو هو سڀ هلاڪ ٿين.
اهڙيءَ زبردست ڪشمڪش ۾ ڪنهن کي اميد هوندي ته هو ٿڙي ٿڦڙي وڃي ڪنڌيءَ تي پهچندو! پر ڌڻيءَ جي اها قدرت عجيب آهي جو ايتريءَ نااميديءَ ۾ هُو ڇا ڏسندا هجن ته هڪدم آسمان صاف ٿي ويو، پرهه ڦٽي ويئي، ۽ جهاز ٿوري زخم کان سواءِ بلڪل سالم آهي؛ ڪنڌي فقط ڪلاڪن جو پنڌ آهي، ۽ بندر به هڪ عجيب ۽ پر فضا منظر آهي. چوڌاري سبزي لڳي پيئي آهي، وڻ ٽڻ راتوڪي مينهن ۾ ڌوپي صاف ٿي پيا ٻهڪن. شهر به تختگاهه شهر آهي، جنهن جون اُچيون ماڙيون اهڙي وقت تي تمام خوشنما پييون لڳن.
اهڙيءَ شديد نااميديءَ کان پوءِ جو خدا جي اهڙي نعمت عطا ٿئي ته ڪهڙي نه خوشي ٿيندي! هو سڀ ماڻهو اهڙو ته خوش هجن، جنهن جو بيان ڪرڻ اوکو آهي. خوشيءَ وچان پيا گيت ڳائين ۽ پنهنجي بچائيندڙ جا شڪرانا پيا بجا آڻين. مبارڪباديءَ جو هُل متو پيو هجي ۽ سڀ ماڻهو ائين پيا ٻهڪندا هجن، جيئن بهار جي موسم ۾ گل. باقي فقط ڪنڌيءَ تي پهچڻو اٿن، جنهن کي جلد پهچڻ جي قوي اميد اٿن، زبردست نراسائيءَ ۾ جڏهن اهڙي اميد پيدا ٿي ويئي هجي ته نااميدي ان جي اڳيان ڇا گهري؟
اها ساڳي زاهد جي حالت آهي. هُو پنهنجي حياتيءَ جي جهاز تي سوار آهي. اڃا حامد جي هجر جو طوفان برپا ٿيل پورو ئي نه ٿيو آهي ته عابد جو جهوراڻو لڳو آهي، ۽ اهڙو جو ڄڻ ته سخت بارش ۾ بجلي ڪِري رهي آهي، انهيءَ ۾ زاهد کي نابينيءَ جو زخم ته پهچي ويو آهي، پر جلد هي جو اميد جو سبز باغ حمد جي خط ۽ قاصدن جي ڪتابت پيدا ڪيو آهي، اهڙو خوشيءَ جو باغ ڪو ورلي لڀندو. اهڙيءَ خوشيءَ ۾ اميد، مڙس جي دل کي قابو ڪري ڇڏيو آهي. هن کي يقين آهي ته ڄاڻ سندس جهاز ڪنهن خوشنما بندر تي لنگر هڻندو ۽ سالن جا وڇڙيا پٽ هن کي ملندا.
پوءِ نااميديءَ کي اهڙيءَ حالت ۾ ڪهڙي طاقت ٿيندي جو انهيءَ آس ۽ اميد سان مقابلو ڪري ان کي شڪست ڏيئي سگهندي؟ هرگز ڪابه نه. هينئر اميد جي سلطنت قائم آهي ۽ نراسائيءَ کي نراس رهڻو آهي. هينئر نااميديءَ کي حڪم ملي چڪو آهي ته جلد پنهنجو ٻوري بستر ٻڌي رواني ٿي وڃي. سندس وڌيڪ رهڻ جو ڪوبه ضرور ڪونه آهي. جلاوطنيءَ جو حڪم هن جي واسطي صادر ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي هن کي هڪدم اوڏانهين وڃڻو آهي ۽ هن کي ڇا مجال آهي جو اهڙو حڪم نه مڃي؟