باب تيرهون : جهان آرا پردي ۾
نيٺ ويچار ڪري وڃي حامد کي چيائين، جنهن سڄي ڳالهه ٻڌي کيس پهرين ته وعظ ۽ نصيحت ڪئي ته سندس خيال سڀ بيجا هئا ۽ ماڻهن جو سدائين اهو ڪم ئي رهيو هو ته وتن رڳو ڊنگ ڊاهيندا. انهن جو خيال ڪرڻ اجايو هو، ۽ لطيف جي ائين ڪرڻ مان جهان آرا جي تعليم کي نقصان جو انديشو هو. تنهن هوندي به نوَ ورهيه ڪا ايڏي وڏي عمر ڪانه هئي، جو خواهه مخواهه اهڙي سلڇڻي ٻار کي پردي ۾ بند ڪجي.
حامد گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو، پر لطيف هڪ تي ٿي بيٺو. مجبور ٿي حامد بادشاهه سلامت کي عرض ڪرڻ واسطي وعدو ڪيو، ۽ لطيف اهو وعدو وٺي گهر ويو. حامد کي تمام گهڻا خيال وڪوڙي ويا ـــ دل ائين هرگز نٿي باسيس ته ڪو جهان آرا پردي ۾ ويهي پنهنجي تعليم کي قطع ڪري، ۽ جهان خان جي صحبت ٽوڙي. هن جي دل مان اميد ڇڏائي نه ويئي هئي. خيال هوس ته من ڪنهن ڏينهن ڪو چڱو گهاٽ گهڙجي پوي، مگر لطيف جو رايو موٽائڻ مشڪل ٿي لڳس. آخر هو پيءُ هو ۽ تنهنڪري وارث ۽ وس وارو.
حامد بادشاهه سلامت سان اهو ذڪر ڪيو ۽ هن کي سڄي حقيقت پيش ڪئي. اهڙيءَ حقيقت ملڻ سان بادشاهه سلامت کي ڪوبه چارو ڪونه هو ــــ جيتوڻيڪ هن جي دل کي اها ڳالهه نه پئي وڻي. مجبور ٿي بادشاهه سلامت به هائو ڪئي، ۽ لطيف کي اجازت ملي ته جهان آرا کي ڀلي پردي ۾ ويهاريو وڃي.
لطيف، جهان آرا کي پردي ۾ ويهاريو. هاڻي هوءَ گهر کان ٻاهر نڪرڻي نه هئي. چنڊ کي گرفت ٿيندي آهي ته ٿورو وقت؛ سج وٺبو آهي ته جلد ئي خلاص ٿيندو آهي، مگر هي سج ۽ چنڊ هميشہ واسطي وٺجي ويو. هاڻي هن جي روشنائي ۽ چمڪ، گرميءَ ۽ تاب مان ڪنهن کي به فائدو نه پهچڻو آهي. گهر جي چوديواري هن جو گذرگاهه بڻڻو آهي ۽ انهيءَ مہ لقا جو ديدار ڪنهن کي به نصيب نه ٿيڻو آهي.
جهان خان کي اڪيلو مدرسي وڃڻو آهي. جهان آرا جي لاثاني صحبت جنهن جي ڪري هن جو جوهر زياده تيز ٿيو هو، هاڻي هن کي ميّسر نه ٿيڻي آهي. هو تمام مونجهو ٿئي ٿو. جهان آرا جي يادگيري هن جي دل تان نٿي وڃي. ڪجهه وقت لاءِ ته هن کان ڪوبه ڪم ڪار ڪونه ٿو پڄي ۽ هُو پنهنجي اڪيلائي برداشت نٿو ڪري سگهي. هيترن سالن جي صحبت هڪ لحظي اندر پوري ٿي وڃي ٿي. تمام گهڻو ڏک ٿئيس ٿو، مگر لاچار آهي ـــ هن جي وس ۾ هجي ها ته ائين هرگز ڪرڻ نه ڏئي ها.
خير ڪجهه عرصو گذري ٿو؛ ٻيا سنگتي ساٿي ملنس ٿا؛ اڳيون خيال ميٽجي وڃيس ٿو ۽ هاڻي هو پنهنجي ڪم ڪار تي به محڪم آهي ۽ سنگتين سان به خوش پيو هلي. ڪڏهن ڪڏهن جهان آرا جي يادگيري پئي پويس، جنهنڪري ڪجهه وقت ڏک به پيو ٿئيس ۽ پاڻ کي اڪيلو به پيو سمجهي؛ مگر جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن جهان آرا ڄڻڪ هن جي دل جي پٽيءَ تان ميٽجي وڃي ٿي.
وري جهان آرا جي حالت ڏسجي، ته هن کي ته ڄڻ خبر ئي ڪانه پيئي پوي ته هي ڇا ٿيو. هوءَ ڏاڍي تعجب ۾ آهي ته هي ڇا ٿيو، ڇو ٿيو، ۽ ڪيئن ٿيو! ڪڏهن جهان خان ياد پيو اچيس؛ ته ڪڏهن استاد پيا دل تي چڙهيا اچنس؛ ڪڏهن حامد جي يادگيري پيئي پويس ته ڪڏهن بادشاهه سلامت جي. ڪڏهن ته وري اهڙيءَ ڌُن ۾ ويٺي هجي جو ڪو خاص خيال ڪونه هجيس ۽ هوءَ نسيان ۾ گرفتار هجي. اڪيلائپ ۾ هوءَ پاڻ کي زياده تنها ۽ خالي پيئي سمجهي. اهڙي حالت ۾ ڪجهه ئي نه پيو سُجهيس ته هوءَ ڇا ڪري!
ماڻس ڪڏهن ڪڏهن اچيو ڀر ۾ ويهيس ۽ سندس مُوڙهٽ جو سبب پڇيس، مگر هوءَ ڇا سلي؟ نڪي ڪا خاص سلڻ جي ڳالهه به هجيس جو کڻي ماءُ کي ٻڌائي. لطيف هن کي ايترو موڙهل ڏسي بعضي سختيءَ سان به پيو پيش اچيس. اتي هن جي حالت رحم جهڙي ٿيو پوي. هڪدم اکين مان آب جاري آهي ۽ دل تي ڏک جو انڌوڪار اچي وڃي ٿو.
اهڙيءَ حالت ۾ هوءَ ڪاڏي ٿي ڪاڏي وڃي. ڪوشش ته گهڻي پيئي ڪري ته سڀ ڳالهيون جيڪر دل تان لهي وڃنس، مگر اهو مشڪل هو. هن جي دل تي تمام گهڻو ڏک بيٺل هو ۽ اوچتو ئي اوچتو جو بند ٿي هئي، سو قيدين کان گهٽ پنهنجي حالت نه پئي سمجهيائين. هن جي دل جي سلي کي گهُڻو وٺي ويو هو ۽ هن جو بدن هاڻي ضعيف ٿيڻ لڳو. جهان خان جي تصوير هن جي اکين اڳيان پئي ڦِري ۽ اهڙو جو ڄڻڪ هن کي ڪو ڀوت لڳي ويو هو، جنهن کان هوءَ پاڻ ڇڏائي نه پئي سگهي.
گهڻوئي عرصو گذري ويو: سالن جا سال لنگهي ويا، مگر اهو جهوراڻو نه ويس. وڏي مصيبت ته اها هيس جو ڪنهن سان پنهنجو درد به اوري نٿي سگهي ـــ جڏهن صفا بالغ ٿي ۽ جوانيءَ جا جوهر تيز ٿيا: ساري رنگت بدلي، ۽ هوءَ زالن جهڙي زال ٿي، ته دل جا اُمنگ زياده اُڀريس ۽ پنهنجي لالڻ جي لوُن ۽ يادگيري وڌيڪ ٿيس.
انهيءَ وقت ڪو جهان آرا کي ڏسي ها! سج ۽ چنڊ به هن جي سونهن جي اڳيان شرمندا هئا. سونهن ۽ سوڀيا ۾ ته جهڙس ڪونه هو، مگر جهنگلي گلن وانگر کيس جهنگ ۾ ئي ڪومائجي وڃڻو هو. اهڙي سهڻي گل کي سنگهڻ يا ڇُهڻ ڪنهن کي به نصيب نه ٿيڻو هو. باوجود انهيءَ جوانيءَ ۽ جمال جي سندس منهن مان نراسائي نروار هئي، ۽ سندس نراڙ تي موڙاهٽ ۽ پيشانيءَ جا گهنج ظاهر هئا. هن کي ڪابه خوشي ڪانه هئي ۽ هن ائين ٿي سمجهيو ته هن جي قبضي مان ڄڻ سموري خوشي هلي ويئي هئي؛ ۽ اهو انسان جيڪو سڄي جهان جو سينگار هو، اهو پنهنجي واسطي ”عين عذاب“ هو.
جهان آرا کان نه رڳو پنهنجو هار سينگار وسري ويو هو، بلڪ هن کان پنهنجو پاڻ ئي دل تان لٿل هو. هينئر جهان خان واسطي اڳئين کان زياده محبت هيس، ۽ فراق جي ڦٽن سندس دل ۾ زياده تپش ۽ جلڻ پيدا ڪئي هئي. اها باهه پئي ڀڙڪي، اهو جوش ۽ جولان طاري هو، اهو امنگ برپا هو، جنهن جي ڪابه حد ڪانه هئي. اهڙيءَ حالت ۾ جي ڪو دل جليو ڀرسان هجيس ها ته ضرور جلي ڪباب ٿي وڃي ها؛ مگر اهڙي آڙاهه جي ويجهو ڪوبه ڪونه هو.
جهان آرا جهڙو پُرنُور انسان دنيا جي پيٽ مان خير ڪي ڄائو هو؛ مگر انهيءَ شمع مان نُور جي ملڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي. هوءَ زندگيءَ جي ساز ۽ سامان کان هاڻي بلڪل نراس هئي ۽ پنهنجي حياتيءَ تان آسرو لاهي ڇڏيو هئائين. انهيءَ ڌُن هن کي تمام تنگ ڪيو هو، ۽ سيني جي سوز هن جي جگر ۽ ساري جسم کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو هو.
ظاهر پئي ڏسڻ ۾ آيو ته جهان آرا لاچار هئي ۽ هن کي ڪا جگر جي بيماري وٺي ويئي هئي. هوءَ هاڻي بستري داخل ٿي ۽ دل ۾ يا ته جهان خان جو خيال هئس، يا ته موت جي تمنا هوندي هيس. لطيف ۽ سندس گهر واريءَ سمجهيو ته هوءَ سخت بيمار آهي؛ ۽ پاڻ به ائين پيئي ظاهر ڪري. طبيب گهرايا ويا جن علاج شروع ڪيا، مگر هو روز نجهرڻ لڳي. ملان موراڻا پڇايا ويا، جن فالون وڌيون، تعويذ ڦُل ڪيا، ڌوپ واس ڏنا؛ مگر ڪوبه فائدو ڪونه پيو؛ نه جگر جي گرمي نڪتي، ۽ نڪو جنّ يا ڀوت ظاهر ٿيو.
جهان آرا جي حالت زياده خراب ٿي ويئي. لطيف کي هاڻي جهوراڻو ٿي پيو ۽ سندس گهر واريءَ ته خوب ماتم برپا ڪري ڏنو. خليل به هاڻي وڏو ئي ٿيو هو. هن کي به پنهنجي ڀيڻ جو خيال گهڻو هو. سڄو گهر انهيءَ ۾ هو ته ڪيئن به ڪري هوءَ تندرست ٿئي.
لطيف شاهي حڪيم کي سڄو ذڪر ٻڌايو. هن نبض ڏٺي، مگر ڪابه بيماري ڏسڻ ۾ ڪانه آيس. بلڪل حيران ٿي ويو ۽ ڳچ وقت ته ماٺ ۾ اچي ويو. دل جي راز جي خبر ته ڪنهن به حڪيم کي ڪانه پوي. هُو تمام منجهي ويو ۽ لطيف کي چيائين ته ”ظاهر ڪابه بيماري ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. بهتر ائين ٿيندو ته جوگندراناٿ نجوميءَ سان صلاح ڪجي.“
جوگندراناٿ سان صلاح ڪئي ويئي. جنهن جهان آرا جي تقويم ٺاهي تيار ڪئي، ۽ ڪن نحس تارن تي تهمت رکي. عطارد ۽ ڪيوان جي نحوست تمام گهڻي هئي ـــ جهان آرا جي قسمت تي ڪڪر اچي ويو هو، ۽ هن جي زندگيءَ جي ڌار تمام ڇوٽي ٿي ويئي هئي ۽ هن جي حياتي باقي بلڪل ٿوري ٻڌائي ويئي ـــ اصلوڪو درد نه طبيب سمجهيو ۽ نه تارن جي ڄاڻندڙ پنهنجي علم جي وسيلي هٿ ڪيو.
اهو ٻڌي لطيف ته وائڙو ٿي ويو. گهر ۾ جڏهن ڳالهه ڪيائين ته اهڙو حشر برپا ٿي ويو، جو الامان و الحفيظ! سندن روڄ ۽ راڙي خود انهن نحس تارن کي جنبش ۾ آڻي ڇڏيو. ماءُ پنهنجين رڙين سان آسمان کڻي مٿي ڪيو. خود عطارد ۽ ڪيوان تائين هن جون رڙيون پهتيون. خليل به وڏو ئي ماتم ڪيو. جهان آرا کي به سڄي خبر پيئي، پر هن ڪڇوئي ڪين ـــ هوءَ ته جيئڻ کان تنگ هئي، انهيءَ ۾ هئي ته جي سندس حياتيءَ جو ڌاڳو ڪپجي پئي ته چڱو؛ ڇاڪاڻ ته اهڙي جيئڻ مان هن کي ڪوبه فائدو ڪونه هو ۽ ڪوبه مزو نه پئي آيس.
خيال آيس ته پنهنجو سڄو قصو ماءُ ــ پيءُ کي ٻڌائي ـــ نه رڳو حياءُ منع ڪيس، مگر ٻيون ٻه ڳالهيون به مانع هيس: هڪ ته اهو خيال آيس ته جي ڳالهه ڪڍندي ته ڪو جهان خان کيس ملي ڪونه پوندو. هُو بادشاهه جو پٽ هو ۽ پاڻ غريب مالهيءَ جي ڌيءَ هئي؛ ٻي ڳالهه اها هئي ته سندس ماءُ ـــ پيءُ ڇا سمجهندا. سندن ٿوروئي گمان سندس عزت ۾ خلل وجهي ها، تنهنڪري ماٺ ۾ هئي ۽ ايندڙ مصيبت واسطي منتظر. رات ڏينهن ۾ اهو خيال هئس ته
پنهل ري پهت ٻيو ڪهڙو اٿئي ڀنڀور سان ڀوري،
جيئين ڇو ٿي جتن ڌاران، محبن ريءَ مرڻ گهرجي.
انهيءَ ڪري هوءَ رات ڏينهن موت کي پڪاريندي هئي ته اچي انهن جهڳڙن کي ختم ڪري ـــ مصيبت زدن، ظلم رسيدن ۽ بيواهن واسطي انهيءَ مِٺي موت کان سواءِ ڪو چارو ڪونه هو، ۽ هن جي واسطي اهو مٺو موت جيترو جد اچي ها اوترو بهتر هو.
جهان آرا هاڻي نراسائيءَ ۽ نااميديءَ جي زبردست موج ۽ گرداب ۾ هئي؛ انهيءَ موت کي پنهنجو حبيب ۽ طبيب ۽ درد جو دارون سمجهائين ٿي. انهيءَ موت ۾ ئي اميد هيس ته فراق جي ڪاري ڪارونڀار مان ڪڍي، من دل جي صدمن ۽ جگر جي جولانن کان بچائي، ڏکن ۽ ڏوجهرن کان آرام ڏئيس.
جهان خان ۽ جهان آرا جي حالتن جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي: جهان آرا جنسِ لطيف يعني عورت جي وفاداريءَ جو مجسم پُتلو آهي. هن جو جهوراڻو بند ٿيڻ وارو نه آهي. جهان خان، جيڪو جنس ذڪور يعني مردن مان هڪ آهي، انهيءَ جي حالت ڏٺيسون ته ڪيترو وقت جٽاءَ ڪيائين. اڃا به ويچاريءَ عورت تي اهو بدنما داغ ڏنو وڃي ٿو ته هوءَ بيوفا آهي! شيڪسپيئر کي قبر جي تاريڪيءَ کان ڪڍي ٻاهر ڪريو ۽ پڇوس ته ”اهڙيءَ حالت ۾ به تون چوندين ته بيوفائي ۽ عورت هڪ چيز جو نالو آهي؟“ سعدي کي به هن دنيا جي ميدان ۾ آڻي پڇوس ته ”اهڙيءَ حالت ۾ چئي سگهندو ته عورتن جو ڪم بيوفائي آهي؟“
اي بيوفا مرد؟ لکين به تون ته پڙهين به تون. قلم تنهنجي هٿ ۾ آهي، پوءِ ڇو نه تون پنهنجي ساراهه سان ڪاغذ ڪارا ڪندين. تو ويچاريءَ عورت تي زبردست ظلم ڪيو آهي، ۽ پنهنجي نابڪاريءَ ۽ بيوفائيءَ جو ته ڪوبه داستان ڪونه لکيو آهي: مگر ياد رک ته هوءَ ضعيف آهي ۽ ضعيفن سان ظلم چڱو نه آهي. ڪنهن دل جليي چيو آهي ته ”ضعيف جي دل تي محبت گهڻو وقت اثر ڪري ٿي ۽ انهيءَ جو ڳرو بار آخر هن کي نوايو ڇڏي.“ جڏهن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ محبت پيدا ٿيو پوي ته جيڪو ٻنهي ۾ زياده زور وارو آهي، انهيءَ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي، جڏهن هُو انهيءَ محبت کان پاڻ کي آزاد ڪرڻ چاهي ٿو ته مصيبت اچيو ويچاري ضعيف جي گردن تي پوي. جهان خان به جيڪڏهن جهان آرا وارو شيوو اختيار ڪري ها ته سڀڪجهه ٿي پوي ها، ۽ شايد اهڙو رستو گهَڙجي پئي ها جو هُو ٻيئي پاڻ ۾ هميشه واسطي گڏ هجن ها ــــ مگر افسوس جو ائين نه ٿيو.