ناول

جهان آرا

هي مشهور ناول ”جهان آرا“ 1931ع ۾ ڇپيو هو. 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇپايو ويو ۽ هيل تائين ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن. هي ڪتاب انٽرميڊييٽ جي نصاب ۾ شامل هجڻ ڪري شاگر دوست ان جي گهُر ڪري رهيا هئا ته ڪتابي صورت ۾ ۽ پي ڊي ايف ۾ رکيو وڃي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي به موجود آهي. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب کي سهيڙي اسان ڏانهن موڪليو.
Title Cover of book جهان آرا

باب چوڏهون : عابد جو سفيد پوش سميت اچڻ ۽ ٻنهي ڀائرن جي ڳوٺ جي تياري ۽ واپس رونق آباد اچڻ

عابد ننڊ مان اٿيو ته ڇا ڏسي ته اهو ڳنوار سندس ڀرسان ويٺو آهي. ڳنوار کي ڏسي ٽپ ڏيئي اٿي ويٺو. ڳنوار چيس ته ”ابا، مس اسان جي يادگيري ڪيوَ. ڀلا ڀاءُ وٽ عيش ۾ ويهجي ويؤ ۽ پنهنجي زبردستي هلائڻ لڳؤ. اسان کي پنهنجو حُليو بدلائڻو پيو ۽ توهان جي ڊپ کؤن هاڻي هي ويس اختيار ڪيو اٿئون.“
عابد جان کڻي ڏسي ته مار! هي ته اهوئي سفيد پوش هاڻي ٻئي پوش ۾ آهي. هڪدم اٿي پيرين پيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. فقير به کڻي ڀاڪر وڌس ۽ پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ته گڏيا جيئن ڪي ورهين جا وڇڙيل ملندا آهن. فقير صاحب ڪجهه وقت طعنيبازي ته ڪئي، مگر اها طعنيبازي به محبت جو نشان هئي.
ڪجهه وقت کان پوءِ هو اٿيا ۽ هڪڙيءَ جهوپڙيءَ ڏانهن روانا ٿيا. اتي ڪجهه مانيءَ ٽڪر کاڌائون. رات ٿي هئي. هڪٻئي کي سڀ حال احوال ڏنائون. عابد، فقير کان بادشاهه جي رشتي بنسبت پڇيو. فقير پهريائين ته انڪار ڪيو، مگر نيٺ سچي ڪرڻي پيس ته هو بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ هو. عابد ٻڌايس ته بادشاهه جي ڏانهنس ڪيتري حب هئي. اهو به ٻڌايائينس ته سندس وڏو ڀاءُ ڪيئن فوت ٿيو هو ۽ انهيءَ جي دعا سان بادشاهه کي هڪڙو پٽڙو ڄائو هو.
گهڻي رات تائين حال احوال ڏيئي سمهي پيا. صبح جو اٿيا ۽ شهر جون ڳئون اچڻ لڳيون. هي ٻيئي جهنگ ۾ ڳئون چارڻ ويا. ائين ڪجهه ڏينهن گذرين. عابد جي دل هاڻي وطن واسطي وڌيڪ تانگهڻ لڳي. فقير کي عاجزي ڪيائين ته هن سان گڏ رونق آباد هلي. فقير کي گدائيءَ جي شاهي ترڪ ڪرڻ ڏکي ٿي لڳي ۽ وري پنهنجي اصلوڪي هنڌ ۽ اسلوڪي حالت ۾ گُذارڻ اهنجو پئي لڳس؛ مگر جنهن ماڻهوءَ کي سندس ايتري حب هئي ۽ جنهن ايڏا ڪشالا ڪڍي نيٺ کيس هٿ ڪيو هو، انهيءَ کي انڪار ڪرڻ به مشڪل پئي نظر آيس ـــ نيٺ هائو ڪيائين ۽ هو ٻيئي پنهنجا معمولي ويس ڍڪي روانا ٿيا.
هينئر نه جوڳي ٿي جان کي جلائڻو هونِ، ۽ نڪو خاص حُليو اختيار ڪرڻو هونِ. جڏهن هنن کي وڃڻو ئي رونق آباد هو ته ٻِي رونق وٺڻ مناسب نه سمجهيائون. هاڻي نه فقير کي پاڻ لڪائڻو هو ۽ نه هُو جتي ڪٿي تيز سواريون هٿ ڪري، ورهيه کن ۾ تکي ۽ ڪَٺن مسافري پوري ڪري اچي رونق آباد پهتا ۽ سڌو حامد جي گهر آيا.
سڄي گهر ۾ انيڪ خوشي برپا ٿي ويئي. حامد ته ٺهيو پر ماجد جو ننڍڙو ڀاءُ جنهن کي اڃا ڪابه خبر ڪانه هئي، اهو به ڏسجي ائين پيو ته ڏاڍو سرهو هو. حامد جي زال عابد کي ڏاڍا ڏوراپا ڏنا ۽ رُني، مگر عابد چيس ته ”هاڻي جلد وطن هلنداسين ۽ تون پنهنجيءَ ڀيڻ سان اول خير ته جلد ملندينءَ.
اهو ٻڌي هوءَ ڏاڍو خوش ٿي. فقير صاحب، عابد ۽ حامد، ٽيئي گڏجي بادشاهه وٽ آيا. بادشاهه سلامت اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. هڪدم ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي ڀاءُ سان اوڇنگارون ڏيئي رنو. گهڻيءَ مشڪل سان ٻنهي کي پرڀايو ويو. تنهن کان پوءِ عابد سان ڀاڪر پائي مليو ۽ هن کي نراڙ تي خوب چميون ڏنائين. عابد جي ڪري ئي هو پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ سان مليو هو، پوءِ ڪيئن نه هو عابد سان گهڻي قرب ۽ محبت سان ملي؟
چارئي ويٺا. ڪجهه وقت ماٺ هين. نيٺ جهان خان آيو جو چاچي کي اچي پيرين پئي مليو. هن به کڻي ڇاتيءَ سان لاتس. آخر هن جو به اولاد اهوئي هو. پوءِ جهان خان عابد سان مليو. تنهن کان پوءِ بادشاهه کي عرض ڪيائين ته قبلهء عالم، اندر حرمسراءِ ۾ سڀ ماڻهو تمام منتظر آهن ۽ عرضدار آهن ته چاچو سائين اندر آندو وڃي.“ بادشاهه، عابد ۽ حامد کي ڪجهه وقت رخصت گهري پنهنجي ڀاءُ کي اندر وٺي ويو ــــ ڪلاڪ کن کان پوءِ ٻيئي ٻاهر آيا.
بادشاهه سلامت، عابد کان سمورو احوال ورتو ۽ اهڙو ته خوش ٿيو، جنهن جي ڪا حد ڪانه هئي. هن جي سپہ سالاريءَ جي پرواني جو حڪم ڪيائين؛ مگر عابد عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، حضور جو حڪم اکين تي آهي، مگر هاڻي جيئن حضور جو ميلو پنهنجي پياري ڀاءُ سان ٿيو آهي، تيئن جيڪر اسان ٻنهي ڀائرن کي به اجازت ملي ته وڃي پنهنجي پيءُ ماءُ، عزيز خويش ۽ آل عيال سان ملون ته بهتر؛ هُو به تمام رنج هوندا ۽ اُنهن کي راضي ڪرڻ اسان جو فرض آهي.“
بادشاهه سلامت وڏيءَ خوشيءَ سان اِجازت ڏنين، مگر ٻنهي ڀائرن کان اهو انجام ورتائين ته جلد ۾ جلد هو پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي وٺي واپس ايندا. سوارين جو انتظام ڪيائين، تنبو ۽ طولان ڏنائين، رسالي جو حڪم ڏنائين ته ويهارو کن ماڻهو هٿيارن سوڌا ساڻن وڃن، سيڌو سامان پڻ ڏنائين. مطلب ته سموري سنبت ڄڻ ته کيس ڪرڻي هئي سا ڪيائين. ٻن ــ ٽن ڏينهن اندر سمورو انتظام ٿي ويو ۽ قافلو تيار ٿي هليو.
گهوڙيسوار اڳ اطلاع واسطي موڪليا ويا هئا. قافلو به تيز هليو ۽ ستت ئي اچي سڀ پنهنجي منزل مقصود تي پهتا. ٻيئي ڀائر اچي پنهنجي والد جي قدمن پيا ۽ هن کي ڳلي لڳا. زاهد جي خوشيءَ جو پيمانو پُر هو. اڄ هن جي دل جون اميدون پوريون ٿيون هيون. ٻنهي پٽن ۽ پوٽن ۽ پنهنجي ڀائٽيءَ ۽ ننهن سان ميلو نصيب ٿيو هوس. هو انهن سڀني تان قربان ٿيڻ لڳو. اڄ هن جي ويل دلڙي وري هئي ۽ هن کي پنهنجا اکين جا ماڻڪ عطا ٿيا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ يعقوب وانگر پنهنجي اکين جي نُور سان پنهنجا نُور نظر ڏسندو ڇا؟ ڇو نه؛ ڌڻيءَ جي قدرت جا نيارا کيل آهن. پنهنجي اولاد جي ميلي جي خوشيءَ ۾ هن جون ٻيئي اکيون روشن ٿي پييون ۽ هُو هاڻي چٽين اکين سان سڀني کي ڏسي سگهيو! سڄي هٿ جي چيچ ماجد سان هوس، کٻي ڪلهي تا واجد، ۽ کٻي پاسي انهن جي ماءُ؛ پٺيان حامد ۽ عابد پئي آيس، تان جو هو گهر ۾ اندر گهڙيو. راشد سڀني جي اڳيان خوشيءَ مان ٻهڪندو پئي ويو.
ٻيئي ڀينر پاڻ ۾ ڳِلي لڳي مليون. حامد ۽ عابد کي ماءُ خوشيءَ منجهان نرڙ تي ۽ اکين تي چميون ڏيئي ملي. پنهنجن پيارن پوٽن کي ڀاڪر ۾ کڻي کنيائين. عابد جي زال پنهنجي ننڍي ڏير سان ملي ۽ پنهنجن پيارن ڀاڻيجن کي ڇاتيءَ سان لاتائين. انهن مان هن کي پنهنجي پيءُ جي سڪ ۽ آسيس پئي آئي.
سڄي گهر ۾ عيد ٿي ويئي. زاهد جون اکيون کليل ۽ روشن ڏسي، سڀ شوق ۽ خوشيءَ وچان شڪرانا ڪرڻ لڳا. نه رڳو اڄ زاهد جي گهر ۾ عيد هئي، بلڪ سڄو شهر خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. ٻاهر ماڻهن جا حشام اچي گڏ ٿيا. مٽ مائٽ سڀ اچي حاضر ٿيا. مبارڪباد جي ڌم مچي ويئي. ٿورو وقت اندر ويهي، زاهد ٻنهي پٽن ۽ راشد ۽ ماجد سوڌو ٻاهر آيو. حامد ۽ عابد پنهنجا پراڻا سنگتي ۽ ساٿي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا.
شهر جي ماڻهن کي گهڻن قسمن جي خوشي هئي. هڪ حامد ۽ عابد جي مرتبي جي خوشي بلڪ فخر هونِ، ۽ ٻيو ته پنهنجي دل گهريي زاهد جي خوشيءَ ۾ هو خوش هئا. وري جو ڏٺائون ته زاهد کي اکين جي ويل روشنائي واپس مِلي، سو هُو ڏاڍو گد گد ٿيا. سڄو شهر پلٽجي پيو هو. بگل ۽ باجا بنا ڪوٺڻ جي اچي ويا هئا ۽ ڏاڍي رونق لڳي. ديڳيون چڙهي ويون ۽ عجيب جشن نظر آيو.
اندر گهر ۾ به سڄي شهر جون زالون اچي وييون. سهرن ۽ ڳيچن جي ڌم ڌما لڳي ويئي. فقير فقرا دان وٺي دعائون ڪندا ويا. زاهد ۽ شهر جي ماڻهن خوشيءَ ڪرڻ سان ڪين گهٽايو. گهر گهر شادي ٿي ويئي. دعوتن جو وسڪارو لڳي ويو. ڪجهه ڏينهن اها خوشي هلي ـــ نيٺ جشن جو جوش هٽيو، مگر زاهد جي خوشي نه گهٽي؛ هُو خوشيءَ وچان ڄڻ جوان ٿي پيو هو.
ڪجهه ڏينهن ٿيا ته بادشاهه سلامت بيچين ٿيڻ لڳو. هڪدم ٻه وڏا عهديدار ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو موڪليائين ۽ زاهد ڏي هيٺينءَ ريت خط لکيائين؛
”اخيء محترم، تسليمات بعد واضح هجي ته اوهين پنهنجو اولاد ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا هوندؤ. اوهان جي خوشي منهنجي خوشي آهي ۽ تنهنڪري لازمي آهي ته منهنجي راحت اوهان جي راحت هئڻ گهرجي. جنهن ڏينهن کان وٺي وزيراعظم ۽ ميان محمد عابد ويا آهن، انهيءَ ڏينهن کان وٺي مون کي بيقراري رهي آهي. هنن سان جيڪا منهنجي خاطر ۽ محبت آهي، اها اوهان کان ڳجهي نه هوندي. تنهن کان سواءِ خود اوهان کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿم. مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهيوَ اوترو جلد اوهين پنهنجي ساري قبيلي سوڌو اچي مون کي خوشي ۽ راحت بخشيو؛ ۽ منهنجي دعوت قبول فرمائي مون کي سرفراز ڪيو. شهزادو صاحب به وزير صاحب کي گهڻو ياد ڪري ٿو ۽ ميان محمد عابد کي به گهڻا سلام چوي ٿو.“
اهڙيءَ طرح حامد ۽ عابد کي به خط لکيو هئائين؛ ۽ سفيد پوش به عابد کي هڪ لنبو داستان لکيو هو. زاهد سمورو احوال پڙهيو. عابد ۽ حامد به پنهنجا خط پڙهيا. زاهد کي اهو خيال آيو ته ڪنهن به حالت ۾ بادشاهه سلامت کي راضي ڪرڻ گهرجي. شهر جي ماڻهن گهڻيئي مخالفت ڪئي. ڪن ماڻهن ته طعنيبازيءَ جا تير به هنيا، مگر زاهد پنهنجيءَ ڳالهه تان نه مڙيو. هو بلڪل تيار ٿي بيٺو ۽ ٿورن ڏينهن جي اندر سموري تياري ٿي ويئي ـــ پٽن کان سواءِ جو زاهد اڪيلو رهي ها، سو پراڻو وقت ڪونه ٿي سجهيس ڇا؟
بادشاهه سلامت جي قاصدن به اچي خبر ڏني، ۽ هي قافلو تمام تيز هلي اچي رونق آباد ۾ رونق پذير ٿيو. سرڪاري ڪامورا ۽ شهر جا ماڻهو استقبال واسطي شهر کان ٻاهر آيا. بادشاهه سلامت پنهنجي پاران جهان خان کي موڪليو هو. جهان خان، ماجد سان مليو ۽ راشد سان به آشنائي رکيائين. قافلو شانَ ۽ شوڪت سان شهر ۾ وارد ٿيو ۽ سڌو حامد جي رهڻ واريءَ جاءِ ۾ اچي پهتو.
سڀ اسباب لاٿو ويو. مستورات اندر جاءِ نشين ٿيون. شهر جا ماڻهو ۽ سرڪاري ملازم به پنهنجين جاين تي ويا. جهان خان، زاهد، عابد ۽ ماجد چارئي گڏجي شاهي محل روانا ٿيا، جتي بادشاهه سلامت ۽ سندس پياري ۽ محترم ڀاءُ سان مليا. پاڻ اتي کانو کاڌائون ۽ بادشاهه سلامت ٻين ڀاتين واسطي کانو اوڏانهين روانو ڪيو ــ ڪجهه ڏينهن ته بادشاهه سلامت جا مهمان هئا.
زاهد جي محبت مان بادشاهه سلامت کي پنهنجي پراڻي وزير جي بوءِ پئي آئي. عابد پنهنجي رهنما ۽ رهبر کي هميشه واسطي گڏيو، ۽ هاڻي لشڪر جي سپهه سالاريءَ جو عهدو هلائڻ لڳو. حامد پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. فقيرن جي صحبت ٻنهي ڀائرن کي جوڙي ڇڏيو هو ـــ اهو حق آهي ته سچن درويشن جي صحبت انسان کي ٺاهيو ڇڏي ۽ ٺاهي به ائين ڇڏي، جيئن ٽامي منجهان سون بنجي پوي. فقط شرط اهو آهي ته سچا فقير هجن جي ڌڻيءَ جي واٽ ۾ ڪُٺل هجن ۽ نه اهي، جيڪي ڏنڊي ڪونڊي، چرس ۽ آفيم، ڪباب ۽ شراب تي جان فدا ڪريو ويٺا هجن.